3
“سلام.. سائين ڇا پيا ڪريو؟”
“وعليڪم السلام.. ڪجهه خاص نه ليٽيو پيو آهيان.” تون جوابي پيغام لکيو هو.
“اڄ اوهان شعر واهه جو ٻڌايو هو. پر اهو ڪنهن جي لاءِ هو.”
“توهان سمجهيو نه هو...؟” تون مسڪرائيندي جواب لکيو.
مون جواب لکيو هو.. “مون نه سمجهيو.! ڇا مطلب؟”
“مون جنهن لاءِ شعر لکيو هو. ان مسڪرايو به هو.” تون جواب ڏنو.
“توهان ڇا پهريو آهي.؟” تون اهو پيغام کلندي پڙهيو هو.
“سنهي ڪاٽن جو پهراڻ ۽ شلوار..” جواب موڪو هئئ.. کلندي
“واهه..وا” مون جواب موڪو هو.
۽ مان چپ ٿي سوچن ۾ هلي وئي هيس. وري ڪافي گهڻي وٿي کان پوءِ ڏوروايي جي گهنٽي وڳي هئي...
“توهان تمام گهڻا سٺا ۽ خوبصورت آهيو.” مون توکي ايس ايم ايس ڪيو هو.
منهنجون ڳالهيون توکي حيران به ڪنديون هيون ته پريشان به ٿيندو هئين. تعريف وارا اهي احساس تنهنجي دماغ تي شايد گهڻو ئي اثر ڪري ويا هئا. بعد ۾ تون وري چپ به ٿي ويو هئين.
****
ڀٽائي پنهنجي سڀاءُ ۾ نرم.. سادو.. جواني ۾ هر مرد پاڻ کي هيرو سمجهندو آهي. پر هو اهڙو بنهه هو. فطرتن سچ ڳالهائيندڙ شوبازي ۽ ٺاهه ٺوهه کان ٽاهه کائيندڙ.. هن جي من ۾ ننڍپڻ جون يادون ۽ ڏک، سور ۽ عذاب مايوسيون گڏ ڪري رکيل آهن. طبعيتن رومانوي مزاج رکندڙ. سندس هڪ خواب آهي. يا ڪا وڏي خواهش ته انتهائي خوبصورت ڇوڪري هُن کي چاهي. هُو هن جي عشق ۾ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي پوي.
ڀٽائي ڪتابن جو عاشق آهي. کيس ڪتاب ۽ ڇوڪريون ڏاڍو ڇڪينديون آهن. ڪتابن جي ڏي وٺ تي هو گهڻو خوش ٿيندو آهي. هن جي زندگيءَ ۾ ڪا خاص ترتيب نه آهي. هو اندر جي گهٽ ٻوسٽ کي وائکو ڪرڻ لاءِ لکندو آهي. قلم ۽ ڪتاب هن لاءِ زندگي جو وڏي ۾ وڏو سچ آهن.
رميسا جڏهن هن کي گهوري ڏسي ٿي ته هن جا حواس جهانورجي ٿا وڃن. رميسا ۾ کيس اها خوبتري سجهي هئي. جنهن سبب هو هاڻي هن جي لاءِ گهڻو سوچڻ لڳو هو.
اسپيني پهاڪو آهي: خدا جو حڪم آهي ته دنيا بازار آهي، ان مان جيڪو وڻي سو خريد ڪريو پر قيمت ضرور ادا ڪريو. ڀٽائي هن دنيا مان رميسا جي محبت خريدي ان عيوض هن پنهنجو پاڻ ڏنو هو. هن جي من ۾ اهو آهي هوءَ جڏهن به هن جي ٿي ته هو پنهنجو سڀ ڪجهه هن ۾ وڃائي ڇڏيندو ۽ هن وڃائي به ڇڏيو هو.
ڀٽائي جي موبائيل جي گهنٽي وڄي ٿي. هو سمجهي ويو ته ڪير هوندو!
“ڪٿي آهيو؟” رميسا جو پيغام هو.
“توهان جي دل ۾..” ڀٽائي کلندي جواب لکيو.
“مذاق ٿا ڪريو.” ٻنهي پاسي کلڻ جا آواز...
“ايتري رات ٿي وئي آهي. اوهان جاڳو ٿا؟”
“ها ننڊ نه پئي آئي... ان ڪري..!! پر تون به ته جاڳين ٿي؟”
رميسا جو پيغام.. “مون کي به ننڊ نٿي اچي.”
“ننڊ نه ڪرڻ جو ڪو خاص سبب؟”
“هميشه مون سان ائين ڇو ٿيندو آهي. ڇا درد منهنجي لاءِ ٺهيو آهي.” رميسا جو اداسي وارو پيغام اچي ٿو.
ڀٽائي ڪافي دير تائين خاموش ٿي وڃي ٿو.. “ٿڌو ساهه...”
“توهان مون کي ڪجهه ڏيندا؟” رميسا جو ميسيج..
“مون وٽ سواءِ پنهنجي ٻيو ڪجهه ناهي؟!” ٻيو درد جو واپاري آهيان. خوشيون ۽ درد گڏ ڪيا آهن. آءُ توهان کي ڇا ڏئي سگهندس.” ائين لکندي هن جون اکيون ڀرجي اچن ٿيون.
توهان پاڻي پيو. پنهنجي سنڀال ڪجو. مان فون رکان ٿي.
ڀٽائي کي سپني ۾ رميسا ياد اچڻ لڳي. اڄ هو هن کي ٻڌي اداس ٿي ويو هو. رميسا کي ڪهڙو درد ٿي سگهي ٿو؟ هو هن سان محبت جو اظهار ڪئين ڪري؟!”
***
فون اچي ٿي.. ڀٽائي فون کڻي ٿو.. رميسا پڇي ٿي، “ڇو جاڳين پيو؟”
“تون ڪهڙو ننڊ پئي آهين!”
“تون ڪلهه مون کان ڪجهه گهريو پئي. چئو ڇا پيا چئو..؟”
“مون کي اوهان جي دل ۾ جاءِ گهرجي!” رميسا رڪي رڪي ڏڪي ڏڪي چيو.
ٻئي پاسي ڀٽائي سڏڪي پوي ٿو. کيس اعتبار نٿي آيو ته رميسا ساڻس پيار جو اظهار پئي ڪري..
“توهان روئي ڇو ٿا پئو.”
“خبر ناهي الائي ڇو باقي هن دل جي سڄي جڳهه تنهنجي لاءِ حاضر آهي.”
“توهان چنتا نه ڪيو. مان اوهان کي سک ڏيندم.” رميسا تسلي ڏيندي چيو. فون رکان ٿي..
پنهنجو خيال رکجو. تون به پنهنجي سنڀال ڪجان.”
***
رات جا ٽي بجا وقت ٿيو آهي. هوا جا گهوگهاٽ پوري ماحول ۾ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. چنڊ جي روشنيءَ پوري وايو منڊل کي موهي ڇڏيو آهي. ڀٽائي پينگهي ۾ ليٽي رميسا سان ڪال تي ڪچهري ۾ مگن آهي. کين وقت جو اندازو ئي نه رهيو آهي.
رميسا ايڏو ڀٽائي جي ويجهو آئي هئي. اها ڀٽائي جي خوش قسمتي هئي يا رميسا جي ان ۾ دلچسپي پر رميسا اڳڀرائي ۾ وڌيڪ اڳتي هئي. ان تي ئي ڀٽائي سنڌرو ٻڌي بيٺو هو. ڀٽائي جي مک تي مرڪ ۽ پرسڪونيت واري ڪيفيت طاري آهي. هوڏانهن رميسا جي ٽهڪن جا جلترنگ موبائيل مان پئي ٻريا...
هوءَ ڪنهن بي چين سمنڊ جيان لڳي رهي هئي. جنهن جي اٿندڙ هر ڇولي ڀٽائي جي پياسي بنجر جسم سان ٽڪرائڻ لاءِ آتي هئي.
رميسا پڇيو: “پنهنجا ايترا ڏک ڇو ڏيندا آهن؟”
عربيءَ ۾ چوڻي آهي: الاقارب ڪالعقارب—رشتدار وڇون وانگر ڏنگ هڻندا آهن. مطلب ته پنهنجن کان ئي وڌيڪ تڪليف پهچندي آهي.”
“اوهه! اوهان ڪيڏو سهي چيو..” هنن جي گفتگو جنهن ۾ پهريان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون هون پر هاڻي اها سنجيده ٿي وئي.
“مون کي ڪوئي سمجهي نه سگهيو آهي.” رميسا مايوس ٿي چيو.
“مان هميشه سڀن سان ڀلو هلي آهيان. هر ڪنهن جو چڱو چاهيو اٿم.”
“خانداني تعلق مان پيار/پنهنجائپ، احساس ۽ همدردي کي چيري ڦاڙي الڳ ڪيو ويو آهي. هاڻي خانداني فردن جو تعلق ڏوڪڙن جي بنياد تي آهي.” ڀٽائي اوٻاسي ڏيندي چيو.
“توهان تمام سٺا آهيو. سڄي دنيا کان الڳ. منفرد سوچ جا مالڪ ۽ جدا نظريو رکندڙ.. مون کي سمجهو ٿا، ان ڪري ئي اوهان سان محبت ٿي ويم. چارجنگ ختم ٿي وئي آهي. موبائيل بند ٿي ويندي. سمهون ٿا.” ائين چوڻ بعد هن جي فون بند ٿي وئي.
رميسا جي موبائيل پيغامن جي شروعات ڀٽائي سان نهايت آساني سان ٿي هئي. بي حجاب، بي ڌڙڪ هن جون ڳالهيون هونديون هون.
Bhattia:
Tu uho shakhs ahen
Jenhn je mukhe zarurat hue.
Recived: 10: 05 PM
17 June 2008
Rumesa:
I love you.
I miss you.
Muhanja saaen!
Sent: 11:15 PM
19 June 2008
Rumesa:
Bus ean jean twan
Bina budhaan je dil me
Ache waya..!! twan budhayo mukhe
Chho tha sutha lago?
Sent: 7: 33 PM
30 June 2008
Bhattia:
Miss you, I love you.
Good Night.
Sent: 02: 07 AM
1 July 2008
ڀٽائي جو رميسا کي جوابي موبائيل پيغام...
منهنجو ساهه سمونڊ، لهرون لهرون تون،
ڪڏهن نه ڀانيو مون، پري توکي پاڻ کان.
Sent: 09:45 AM
1st July 2008
***
سڦلتا کي ڀٽائي ۽ رميسا جي هرک هارڻ جي ڄاڻ پئجي وئي هئي. هوءَ اڪثر رميسا کي ڳوليندي اچي ڀٽائي جي آفيس ۾ نڪرندي هئي ته ڀٽائي ۽ رميسا قرب ڪچهرين ۾ مست لڳا پيا هوندا هئا. پوءِ جڏهن رميسا ۽ سڦلتا هڪ ٻئي کي ٻک هڻي ملنديون هون ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي ويهنديون ته ڀٽائي کي ڏاڍو ساڙ ٿيندو هو.
رميسا رب انار هئي ته سڦلتا انگور رس هئي. ٻنهي جي حسن جا الا ڀٽائي کي ساڙي رکندا هئا. پر هو رميسا جي محبت ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو هو. سڦلتا ڏانهن سندس ايڏو ڌيان نه هو. سڦلتا ڪجهه مرڪون ونڊيون ۽ کل ڀوڳ بعد عجيب نظرن سان ڏسندي آفيس مان هلي وئي.
هستي ۽ سمنڊ هڪ جهڙا گهرا ۽ فريبي هوندا آهن. جيئن سمنڊ جي پنهنجي اندروني وسيع دنيا هوندي آهي. ائين انساني هستيءَ جي به وسيع ڪائنات هوندي آهي. هو ٻئي سمنڊ هون. ڀٽائي هڪ غواصو بنجي ويو هو. ڀٽائي لاءِ هنن کي سمجهڻ بنهه مشڪل هو.
رميسا ڀٽائي جي قريب هئي. خطرناڪ نظرن سان کيس ڏسي رهي هئي. ائين پيو ڀانسجي جهڙوڪ کائي ويندس. هوءَ ڀٽائي جي ڇهڻ سان ڀري پئي. جئين واري جو گهر ڊهي پوندو آهي.
ڀٽائي هن جو هٿ پڪڙي ڪجهه چوڻ چاهيو.
......
هن سندس چپن تي هٿ رکي چيو.. “چپ..”
ائين هوءَ چهري جي چؤڦير چپ رڳڙيندي، چپ چوسڻ ۾ جنبي وئي. ڀٽائي موٽ ۾ هنداڻي جي ڳتري جهڙن ڳاڙهن ڳٽول چپن مان امرت رس پئيندو رهيو. هن ڀٽائي جي هٿن کي وٺي پنهنجي ڪُپن تي رکيو. زور سان چپن جي چسڪن تي آواز پئي نڪتا...
ڪاري رنگ جي انگي مان ڪُپن ۾ ڀٽائي هٿ وجهڻ جي ڪئي ته رميسا هن کي ڌڪو ڏنو ۽ وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳي... وري جوش ۾ هن ڀٽائي کي ڇڪي پنهنجي ٻانهن جي گرفت ۾ مضبوط ڪري چپن ۾ انگوڙي هئني. هوءَ چنگهندي... هن جي پوري بدن کي زور سان دٻائي... چپن ۾ چڪ هڻڻ تي ڀٽائي جي رڙ نڪري وئي. “آهه..” رميسا هن کي وارن کان جهلي اڃا تيزي سان زبان کي پنهنجي چپن جي ڀاڪرن ۾ ڀري، ڪلهن کان گهڻو زور ڏنو... رميسا جو مکڙو ۽ بدن اڱرن ۾ سون جيان ٻري رهيو هو.
پاڻي جي بڙ بڙين جيان ڀٽائي ڦسي پيو ۽ رميسا هن کي ڇڏي پنهنجي انگي کي سهي ڪري ويهي رهي. ڪا دير ٻئي خاموش ڪمري ۾ موجود سامان ۽ تصويرن کي ڏسندا رهيا.
“رميسا! ايڏو جوش ۽ جنون تو ۾..؟؟” ڀٽائي سوال ڪيو.
“مون کي ڪجهه نه چوندو ڪر، پنهنجي بڪواز بند رکندو ڪر.” رميسا ڪاوڙ مان جواب ڏنو.
ان کان پوءِ هوءَا ٿي هلي وئي. آفيس وقت پورو ٿيڻ کان ٿورو اڳ۾ سڦلتا ۽ رميسا اچي ويون.
“سر! اسان ويهون؟” ٻنهي گڏجي اجازت گهري..
“ها ها.. اکين تي..” “اوهه..” ٻئي کلي پيون.
“توهان جي چاهت ڪا محبت؟ توهان شادي ته ڪئي هوندي؟” سڦلتا هجت ڪندي چئي وئي.
اتي رميسا تارا ڦوٽاري ڀٽائي کي ڪنڌ لوڏي نه نه ڪري پنهنجي بابت بڌائڻ کان منع ڪئي.
“شادي نه باقي چاهت آهي هڪڙي...!” ڀٽائي سوچيندي وراڻيو.
“نالو—ڪا نشاني..؟”
“معصوم.. دنيا جي معصوم ترين ڇوڪري..”
“هون..” رميسا شرمايو هو ۽ مرڪيو به.. ائين موڪلاڻي ٿي هئي.
***
سانوڻ رات: 11 وڳي
حيدرآباد 02 آگسٽ2008ع
سڦلتا
سلام...
هي وقت منهنجي عبادتن جو هوندو آهي. هن وقت مان پنهنجي سانئڻ سان ڳالهيون ڪندو آهيان. يا وري هن جي تصوير سامهون رکي ان جي پوڄا ڪندو آهيان. يا هن جي يادن کي ياد ڪندي، سموري رات وهامي ويندي آهي. مطلب هوءَ منهنجي لاءِ تمام ضروري آهي. جيترو ساهه کڻڻ جي لاءِ آڪسيجن ۽ جيترو توهان جي لاءِ مهدي..!!
ڪلهه اوهان مون کان منهنجي چاهت جي باري ۾ پڇي ورتو... ۽ اهو به پڇيو ته “توهان کي ڇا ٿيو آهي؟” مون کي ڪجهه نه ٿيو آهي. بس انسان آهيان، ڪڏهن چپ ٿي ويندو آهيان.. ڪڏهن وري.. آءُ ڳنڀير آهيان گهڻو..
خبر اٿؤ اڄ جا رشتا ٽشو پيپر وانگر ڳرندڙ ۽ عارضي آهن. توهان کي محبت آهي مهدي سان ۽ مون کي معصوم سان.. سڀ محبت جي رڻ جا راهي آهيون. اوهان جي محبت جي هن پيش قدمي جو آءُ احترام ڪيان ٿو. پهرين مون اوهان بابت ڪا ٻئي راءِ قائم ڪئي هئي. اڳتي هلي ڄاتم: توهان ڪيترا روشن خيال ۽ صاف دل آهيو.
توهان جي بيمار ٿيڻ جي سڌ هيم ۽ ڳڻتي به، مون کي بيمار ٿيڻ جي سبب جي ڄاڻ هئي. “توهان مهدي سان ايترو پيار ڪندا آهيو؟” مون کي يقين نه پئي آيو. جو هن جي ڪري اوهان پنهنجي اهڙي حالت بڻائي سگهو ٿا.
خير پهرين آءُ توهان کي خوش قسمت سمجهان پيو. توهان جو پيار پرڻو ٿيندو هاڻي ائين ٿو سمجهان. خوش نصيب مهدي آهي. جنهن کي توهان جهڙي پيار ڪرڻ واري ملي آهي. بس ايترو چوندس خوش رهو ۽ پريشان نه ٿيو. اهي ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن. دنياوي سوچ ۽ چوڻ تي ڪڏهن نه هلجو. مونکي خبر ناهي. ته اوهان منهنجي باري ۾ ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟
ڇو ته دنيا جي ڳالهين تي هلڻ وارا، پنهنجي خيالن کان بي سڌ ٻين جي سوچن تي هلي پوندا آهن. توهان کي ٻين جيان مون بابت ڪي غلط فهميون ضرور هونديون.
جيڪو ظاهر ۾ هوندو آهي اهو حقيقت ۾ نه هوندو آهي. سو جيڪي غلط فهميون اٿؤ اهي ڏور ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن توهان پڇيو ان ڪري اڄ هي سڀ ڪجهه لکجي ويو... باقي ڪو خاص مقصد نه هو ۽ ها توهان جيڪو مان ۽ عزت ڏني آهي ان لاء ٿورائتو آهيان. سچ ۾ توهان جي خلوص ۾ حقيقت پسندي آهي. اميد ته منهنجي ڳالهين کي سمجهي ويا هوندا. منهنجون دعائون توسان آهن. شل سدائين مرڪندا رهو. کوڙ ساريون خوشيون ماڻيو جو توهان اهي سنڀالي به نه سگهو. آخر ۾ اهو چوندس پنهنجو ۽ پنهنجي پيار جو خيال رکجو ۽ مون لاءِ خدا کان دعا گهرجو ته جيڪو چاهيان ٿو اهو ملي.
اوهان جو
ڀٽائي
****
ڀٽائي جڏهن خط سڦلتا کي ڏنو، هوءَ حيرت ۽ خوشي جي گاڏڙ ڪيفيت ۾ وڪوڙجي وئي. جلدي ۾ خط وٺي پرس ۾ رکي شرمايو هئائين. ان ڏينهن هن ڀٽائي کي پنهنجي مڱيندي جو فوٽو ڏيکاريو. ڀٽائي فوٽو ڏسي من ۾ اٻاڻڪو ٿي ويو ۽ الائي ڇو ساڙ به ٿي رهيو هوس.
“سر! ڪيئن آهي مهدي؟” سڦلتا جلدي ۾ هن جا تاثرات ڄاڻڻ پئي چاهيا.
ڀٽائي عام راوجي جواب ڏنو: “سٺو آهي سهڻو آهي.”
“ها سر! سڦلتا مهدي کي گهڻو چاهيندي آهي.” رميسا ڀٽائي جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي وچ ۾ چيو.
رميسا ڪرسي تي ويهي مسڪرايو. ڀٽائي بي دليو چيو “هان...” ۽ هو ٻئي هليون ويون.
ڀٽائي لاءِ سڀن سوچن جو انت رميسا هئي. خواب خوشيون.. پوري زندگي هئي هوءَ.. گلاب جو گل.. چي: نه نه.. هوءَ ته پورو گلشن هئي. دنيا جي سڀن خوشبودار گلن جو سنگم... خوبصورتي سان تارون تار.. ايتري ڇڪ هئي هن ۾.. جيڪا بجلي ۾ به نه هئي.
“هن هڪ نهار ۾ منهنجو سڀ ڪجهه کسي ورتو هو. هن ڪيڏيون تبديليون آڻي ڇڏيون آهن مون ۾..” هو سوچي رهيو هو.
منهنجو لب و لهجو، انداز، منهنجي چهري جي رونق ۽ چمڪ.. اها معصوم جي محبت جي ڪري آهي.”
محبت انسان جي من ۾ مهڪ بڻجي ايندي آهي ۽ پورو وجود ان سان واسجي ويندو آهي. هتي محبت اڃا تيزي وارو روپ اختيار ڪري آئي هئي. روشني.. ها معصوم جي محبت روشني هئي. جنهن ڀٽائي جي اندر جي سڄي اونداهي کي ختم ڪري ڇڏيو هو. دل ان سان پُرنور ٿي وئي هئي.
رميسا جي فون اچي ٿي..
سوچن جي ننڊ مان اٿي فون کڻي ٿو: “يا علي مدد” آهستي ڏکارو آواز ڪنن تي پويس ٿو.
کلندي جواب ڏئي ٿو؛ “مولا علي مدد”
“کلو ڇو ٿا ۽ ڇا پيا ڪريو؟”
“اوهان جي انداز تي کلان پيو ۽ توهان کي ئي سوچيان پيو.”
“او منهنجا سائين..” رميسا بي اختيار ٿي چيو.
“آوهه سائين... س...س” ٿڌو ساهه ڀري ٿو.
“توهان شاعر آهيو نه، ڪهانيون لکندا آهيو ني؟”
“هاها... ڪهانيون نه پر ڪهاڻيون لکندو آهيان. ها ڪهاڻيڪار آهيان.”
“توهان منهنجي ڪهاني لکندا نه؟ ها توهان سڦلتا جي ڪهاڻي لکي هئي. مون پڙهي هئي. جيڪا ڏاڍي سٺي هئي. مون کي وڻي هئي.”
“آءُ توتي لکندس.” ڀٽائي دل سان چيو.
“نه منهنجي ڪهاني لکو..”
“اڙي يار ڪهاني نه پر ڪهاڻي..” ڀٽائي سمجهائيندي چيو.
“ها ها ڪهاڻي منهنجا سائين”
“تنهنجو مون کي، منهنجا سائين چوڻ ڏاڍو وڻندو آهي، ڇا آءُ تنهنجو سائين آهيان؟”
“ها ڪو شڪ اٿؤ؟”
“نه نه پڪ اٿم. آءُ تو ڏي اي ميل ڪندس.”
“ڇا اي ميل؟ پر آءُ ته ڪهاني چيم...؟”
“تون ٻڌاءِ پنهنجي باري ۾.. پوءِ مان لکندس اهو ۽ ميل ڪندم.”
“سهڻا منهنجي ڪهاڻي ۾ رڳو تڪليفون ۽ سور آهن.”
“ڪهڙيون تڪليفون ۽ سور آهن؟ مون کي ڏيو پنهنجا درد تڪليفون...”
“توهان اي ميل لکندا نه پوءِ مان ان جي جواب ۾ پنهنجي باري ۾ لکندم..”
“ٺيڪ آهي. هان..”
“ها ٺيڪ آهي.”
“پر هڪ ڳالهه ٻڌايو توهان ڪهاڻيون شعر ڇو لکندا آهيو؟” رميسا سمجهه خاطر پڇيو..
گهڻي دير تائين ماٺ ٿي وئي.
چيائين: “آءُ لکندو ڇو آهيان.”
“ڇو ته رگويدن ۾ لکيل آهي ته ڳالهائڻ چاندي ۽ لکڻ سون آهي. ان لاءِ آءُ لکندو آهيان. سون ۽ چاندي جي فرق کي عورت کان وڌيڪ ڪير ٿو ڄاڻي سگهي.”
“اهو رگويد ڇاهي؟” رميسا وري سوال ڪيو.
“رگويد، سنڌو ڪناري پراچين دؤر ۾ ڏاهپ جا خلقيل ڪتاب آهن.”
اوچتو رميسا بيٽري ختم ٿي وڃڻ جو بهانو ڪري فون بند ڪري ڇڏي هئي. ڀٽائي کي ان اوچتي عمل تي حيرت ڪاوڙ ٻئي آيون. هو رميسا کي ڪافي دير تائين رات جو موبائيل تي ميسيج موڪليندو رهيو.
***
ڀٽائي جي رميسا کي اماڻيل اي ميل:
To, rumesa@yahoo.com.
سڀ ڪجهه تنهنجي نالي...
تنهنجي ڀاڪي پاتي کان پوءِ ڀنؤر ڀليا،
ڪيڏي منهنجي ڪپڙن ۾ سرهاڻ رهي ٿي.
منهنجي رميسا!
ڪلهه تو چيو منهنجي ڪهاڻي لکو. ان کان اڳ هي ڪجهه پهريون ڀيرو لکڻ جي جرئت ڪري رهيو آهيان.
محبت لفظ ئي اهڙو آهي. جنهن جي چوڻ سان ٻئي چپ ملي وڃن ٿا ۽ من ۾ خوشبو جو احساس اڀري پوي ٿو. منهنجي محبتن جو سفر تنهنجي اڳيان آهي. مون محبت ۾ هميشه ناڪامي جو منهن ڏٺو آهي. مختلف وقتن تي عمر جي حساب سان پيار ۽ محبت کي ان وقت جيئن سمجهه ۾ آيو آهي ڪندو رهيو آهيان.
پر مليو ڇا؟ بيوفائي ۽ بي رخي ۽ فريبي!!؟ انهن شين کان تون گهڻو نه ته ٿورو ضرور واقف آهين.. مان چاهيان ٿو منهنجي من ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه هجي، جيڪا تون کان ڳجهي هجي، جيڪو به هجي تنهنجي سامهون هجي ۽ اڄ مان پاڻ کي تنهنجي اڳيان پيش ڪيان ٿو.
رميسا! آءُ توکي ڪنهن فريب ۾ نه ٿو رکڻ چاهيان. مرد(ڇوڪرا) وڏا فريبي ۽ خودغرض ٿيندا اٿئي، ان جي ٿوري ڄاڻ شايد توکي هجي! مون کي خبر آهي، مون کان منهنجي جيون ۾ انيڪ ساريون غلطيون ٿيون هونديون، مون به ضرور ڪنهن جي دل ڏکائي هوندي. مون به ڪوڙ ڳالهايا هوندا. ٺڳيون ڪيون هونديون... پر سچ ۾ اهي ٿوريون هونديون.
مون ڄاڻي واڻي ڪنهن جي به دل نه ڏکائي آهي. هن وقت تائين... مون کان ڪنهن جا به لڙڪ ڏٺا نه ويندا آهن. مان هي ڪهڙيون ڳالهيون لکي رهيو آهيان. مون کي صاف صاف ۽ چٽيون ڳالهيون چوڻ گهرجن. جيڪي هي آهن ته هاڻي مون کي اهو بار بار چوڻ ۾ ڏاڍو عجيب محسوس ٿئي ٿو ته “مون کي توسان پيار آهي. روئان ٿو تنهنجي لاءِ، رهي به نه سگهندس. آءُ تنهنجي لاءِ جان ڏيندس. تنهنجي لاءِ خوشيون آڻيندس. اهي سڀ مون کي هاڻي ڪوڙ ۽ ورجاءُ لڳن ٿا.
ڇو ته جن سان مون محبت ڪئي. انهن لاءِ مون اهو سڀ عملي طور ڪرڻ چاهيو... جن لاءِ آءُ هئس. اهي منهنجا نه ٿيا.؟! مون اهو سڀ انهن کي ڏيڻ چاهيو، جيڪو هڪ سچو پريمي ڏئي سگهندو آهي. مون ڪڏهن سچائي جو منهن نه ڏٺو آهي. پلئه پئي ته بس تنهائي، سوچون، اڪيلائي ۽ اهي منهنجا ويجها ساٿي رهيا آهن.
ڪن مون سان همدردي طور پيار ڪيو. ڪن لالچ ۾ اچي، ڪن وري منهنجي خوبصورتي ۽ جسم سان ته ڪن وري نه ڄاڻ ڪيئن مون سان پيار پئي ڪيو آهي ۽ صرف پيار ئي ڪيو آهي، محبت ڪو نه ڪئي آهي. عشق نه ڪيو آهي. جيڪو پيار جي انتها آهي. مون همدردي نه پر هميشه محبت چاهي آهي ۽ اها محبت جنهن ۾ الف کان وٺي ي تائين مون پاڻ کي ڏسڻ چاهيو آهي. آءُ ڪڏهن نه چاهيندس ته توکي ڪوڙ لکان توسان فريب ڪيان. تنهنجي منهنجي ڪهاڻي ڏاڍي وڏي آهي پر جيترو لکي سگهيس لکان ٿو ۽ لکندو رهندس. ڪجهه زباني به ٻڌائي چڪو آهيان.
محبت انسان کي ٺاهيندي آهي. سنواريندي آهي. منهنجي پيار هميشه مون کي پوئتي ڪيو آهي. ڪڏهن مون پنهنجو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو، ڪڏهن مون خود کي ڪيرائي ڇڏيو، ان ڪشمڪش ۾ اڳتي وڌي نه سگهيو آهيان. هاڻي جڏهن کان اوهان هن زندگي ۾ پير پاتو آهي، تڏهن ائين پيو لڳيم، منهنجو وڃايل سڀ ڪجهه تنهنجي روپ ۾ واپس ملي رهيو هجيم. تنهنجون ڳالهيون، تنهنجون سوچون ۽ تنهنجا خيال ڏاڍا اونچا آهن. جن کي پرکي، سمجهي پاڻ کي تنهنجو ٿيڻ کان روڪي نه سگهيم. هن ايتري مختصر عرصي ۾ اسان جو هڪ ٻئي کي ويجهو اچڻ محبت جي سچي هجڻ جو چٽو پٽو ثبوت آهي. جيڪو مون کي ملي چڪو آهي.
پنهنجي محبتن جو جنم ٿي چڪو آهي پر هي سماج ريتون رسمون ۽ رشتا ناتا ان کي زندهه رهڻ به ڏيندا؟؟ الائي نه؟؟ الائي اسان جي بيوس محبت کي گهٽا ڏئي ماريو ويندو. ۽ اسان ڏسندا ئي رهجي وينداسين. جيڪو مون توکان پاتو آهي. اهو ئي سچو پيار ۽ محبت آهي. جنهن لاءِ مان ساري حياتي ڀٽڪندو ۽ تڙپندو رهيو آهيان.
دعا آهي ته اسان جو عشق شل وڏي حياتي ماڻي، جنم جنم جئيندو رهي. آءُ ته چئي چڪو آهيان تنهنجي جذبن جي سموري ڳالهه ۽ انهن جي ترجماني ڪندڙ منهنجا لڙڪ... جيڪي پل پل تنهنجي ڏور ٿيڻ جي خوف کان وهندا رهندا.. وهندا رهن ٿا. تون هميشه مون ۾ هوندين... هميشه... پوءِ اسين جتي به جڏهين به هجون... جئين هن شاعر چواڻي :
منهنجي دل سورج مکي، ساجن تون آ سج،
جاتي ڀي تون هج، منهنجو من تنهنجي طرف.
پنهنجي سنڀال ڪجان. اسان لاءِ دعا ڪجان.
تنهنجو اڀاڳو
ڀٽائي...
12 جولائي 2008ع
From: bhattia@yahoo.com
****