ناول

ڀٽائيءَ جو عشق

تخليقي ناول ”ڀٽائيءَ جو عشق“ پنهنجي جوهر ۾ هڪ خوبصورت رومانوي ڪهاڻي رکي ٿو، جنهن ۾ نه رڳو سماج جا ابتڙ ٿيندڙ عڪس پيش ڪيل آهن جنسيات کان پوءِ، قومي ۽ شخصي ڀڃ ڊاهه کان وٺي معاشرتي مسئلن کي به نظرانداز ناهي ڪيو ويو. هوش محمد ڀٽي جي ٻولي نهايت سرل ۽ هر پڙهيل فرد کي سمجهه ۾ ايندڙ آهي. سندس پهرين ناول ۾ منظرنگاريءَ کان وٺي ڊائيلاگ تائين پختگي هوش محمد ڀٽي جي ناول تي گرفت موجود آهي.
Title Cover of book ڀٽائيءَ جو عشق

7

اهو ڇنڇر جو ڏينهن هو. جيل جي ماحول ۾ روز جيان حرڪت هئي. قيدي جيڪي ڪجهه نه هوندي به سڄو ڏينهن ڪجهه نه ڪجهه پيا ڪندا هئا. گهڻا چانهه جا موالي، رڳو چانهه پيالي ڀربي ۽ خالي پئي ٿيندي هئي. ڀٽائي سڦلتا کي باٿ روم ۾ لڪي اي ميل ڪري رهيو هو ته سنتري رڙ ڪئي، “ڀٽائي ولد نورالدين.. تنهنجي ملاقات آئي آهي..”
ڀٽائي تڪڙ ۾ اچي موبائيل لڪائي ۽ خوشي مان ٽپ ڏئي اٿيو ۽ سڄو جيل لتاڙيندو اچي ماڙي تي پهتو. ماڙي تي سامهون ڀائو ويٺو هو. ٻئي ڀاڪر پائي ته مليا پر اکيون ملائي نه پئي سگهيا. ڀٽائي ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو رهيو..
“امان ڪئين آهي؟” ڀٽائي پڇيو
“امان کي اڃا ڄاڻ ناهي تنهنجي گرفتاري جي..”
“ضمانت جو ڇا ٿيو ڀائو؟ ڪو ڪيس اڳتي وڌيو يا نه؟؟” هن اداسي ۾ پڇس
“اڄ ۽ سڀاڻي ڪورٽ بند آهي. سومر تي ڪيس رکندا، اڱاري تائين حڪم نامو نڪري ويندو آزادي جو. گهٻراءَ نه ...” ڀائو دلجاءِ ڏنس..
“اندر ڪا تڪليف ته ناهي.!؟”
ڀٽائي ڪنڌ مٿي ڪري اکيون ملائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: “نه..”
..... چپ چاپ ۾ ٻئي ويٺا رهيا.. ٻين ملاقاتين جي ڳالهائڻ جا آواز... ماڙي تي قيدين ۽ ملاقاتين تي نظر رکڻ لاءِ ويٺل عمر رسيده سپاهڻ کين گهوري رهي هئي. ۽ ائين ئي سپاهڻ حڪم ڪيو: “ملاقات جو وقت ختم.” ٻنهي ڀاڪر پائي موڪلايو، ڀاڻس پيشاني چميس. هن جي دل ڀرجي آئي. پوءِ دروازي تي سامان ۽ پئسن بچائڻ لاءِ بيٺا رهيا، جيستائين ڀٽائي اندر نه ويو.
خالد پنجابي جيل جي اندرين دروازي تي قيدين جي جهڙتي تي هوندو آهي. قيدين کي ڪچيون گاريون ڏيندو آهي. هزار ڪنهن قيدي کي مائٽن ڏنو ته ان تي 200 رپيا ڪٽي 800 سؤ واپس ڏيندس. 100 تي 50 کڻندو. سامان تي اگر قيدي خرچي نه ڏنس ته سامان روڪي ڇڏيندو. 60 هزار هفتو ۽ اڍائي لک مهينو ڏيندو آهي جيل انتظاميه.. 2008ع جي شروعات ۾ جيل ۾ قيدين هنگامو ڪيو هو هن ماڙي تان چڙهي بي گناهه قيدين جي بئرڪن تي سڌيون گوليون هلايون هون. سپاهي مان ڦري جمعدار ٿي ويو. ترقي ان لاءِ ڏني وئي ته جيئن اڃا قيدين تي تشدد ڪري.
خالد پنجابي کي ڀائو ڀٽائي جي جهڙتي مان ڪجهه به کڻڻ نه ڏنو ۽ هو سامان جون ٿيلهيون لڙڪائيندو پنهنجي خولي طرف وڃڻ لڳو. اداس.. اداس.. مايوس... اڄ هن کي پڪ هئي. ته ضمانت جو خط کڻي ڀائو پڄندو پر اهڙو ڪجهه نه ٿيو.
هن سامان صديق کي ڏنو. بئرڪ ۾ هن جو دم پئي گهٽيو، هو ٻاهر تازي هوا کائڻ جي لاءِ نڪري آيو. ٽهل ڪندي هو حجم جي سيلون تي اچي ويٺو. حجم کيڪار ڪيس ته ڀٽائي، هُن ڏانهن مسڪرائي ڏٺو. حجم جنهن قيدي جي ڏاڙهي ٺاهي رهيو هو ان سان ڳالهائي به رهيو هو. هن ڪٿي پڙهيو هو ته حجم گهڻو ڳالهائيندا آهن، اڄ هن کي يقين اچي ويو هو.
“هفتي ۾ 800سؤ رپيا ڏيان ٿو. هونئن ته قانونن قيدين جي سيرب مون کي مفت ۾ ڪرڻ کپي، پر جيل انتظاميه هفتو ڳنهي ٿي. مان ڪنهن قيدي جي مفت ۾ سيرب ڪئين ڪيان؟ ٻيو ته مان مظلوم قيدي آهيان.” حجم پنهنجي منهن ٻاهر ڏسندي پئي چيو..
ڀٽائي کي غريب قيدين جا وار ۽ ڏاڙهي ياد پيا ته ڇو وڌايا اٿن. هن سوچيو ڏاڙهي ۽ وارن جو اِهو حال اٿن، ته هيٺيان سندن ڪهڙو حشر هوندو. هو اتان اٿي آيو ۽ سڦلتا کي اي ميل ڪرڻ جي لاءِ کنڊ جي دٻي مان موبائيل ڪڍي مٿان چادر وجهي لکڻ لڳو:

To, Safalta@yahoo.com
02 جولائي 2009ع
شام..
لانڍي جيل ڪراچي.

سڦلتا جيل ۾ مون کي پنجون ڏينهن آهي. انتظار انتظار روز روز اهيو آسرو آهي ته اڄ نه سڀاڻي ضمانت ٿي ويندي پر اڄ ڀائو ٻڌايو ته اڃا ٻه کان ٽي ڏينهن لڳي ويندا، پوءِ ضمانت ٿيندي. سوچيو هيم ته جيل کان آزاد ٿي لاڳيتو تو کي فون ڪندس توکي سڀ احوال ڏيندس پر نه هاڻي ته اڃا به جدائي جي ڏينهن ۾ اضافو ٿي ويو. هاڻي توسان برقي خطن ذريعي ڳالهيون ٿينديون. ڇو ته هتي موبائل فون جي ڪنهن کي به اجازت نه آهي. مان ٻه ٽي ڏينهن اي ميل ان ڪري نه پئي ڪئي جو لکڻ وقت منهنجو جيءُ ڀرجي ٿو اچي. هتي روئڻ واري تي سڀ قيدي ٽوڪون ڪندا آهن. روئڻ ته ڏاڍو ٿو اچي ۽ پريشان حد کان وڌيڪ آهيان. مان توکي ڪيئن سمجهايان ته مان ڪيئن جيل ۾ اچي ويس. بس جيڪو مقدر ۾ لکيل هوندو آهي. اهو ئي ٿيندو آهي. منهنجي مقدر ۾ پوليس جي مار ۽ جيل هئي. سو اچي وئي. مان هتي ڪنهن به لحاظ کان بهتر محسوس نٿو ڪيان. هتي گهڻي گهٽ ٻوسٽ محسوس ٿئي ٿي.. هر هڪ پل ۾ تون ۽ امان ياد اچو ٿا. مون کي امان جي به ڏاڍي ڳڻتي آهي ۽ ٻيو ڪجهه به ياد نه آهي توکان سواءِ.. ڏاڍا ابتا سبتا خراب خراب خيال اچن ٿا ۽ عجيب سوچون به پريشان حال ڪن ٿيون.
سوچان ٿو تون ڇا سوچيندي هوندين ته ڀٽائي ڪٿي آهي؟ ۽ هيترا ڏينهن پنهنجي سڦلتا کي ياد نه ٿو ڪري، فون نٿو ڪري، ميسيج نٿو ڪري. تنهنجو ڀٽائي ڏاڍو مجبور آهي. ڀٽائي تنهنجي لاءِ ڏاڍو بي چين ۽ بي قرار آهي. تنهنجي دعائن سان جلد اچي ويندس تو وٽ... مون کي ڪجهه نه ٿيندو. ڇو جو تنهنجو ڏاڍو پيار آهي مون سان. اڄ چاچو ننڍو ٻيو چاچو ان جو پٽ جاويد ڀائو وڏو منهنجي ملاقات تي آيا هئا. انهن جي اچڻ تي خوش به هيس ۽ اداس به... پر جڏهن هو سڀ موڪلائي وڃي رهيا هئا ته دل ننڍڙي ٿي وئي. ڳورن ڳورن پيرن سان واپس بئرڪ ۾ اچي ويو هيم. جوس، بوتلون، انب، ڪپڙا ۽ نه ڄاڻ ڇا ڇا ڏئي ويا پر مون ڪجهه به نه پئي ڏٺو، نه ئي مون کي ڪجهه وڻيو پئي. سڀ شيون اڳيان پيون آهن. اڄ همت ڪري توسان ڳالهائڻ ويٺو آهيان. باقي ته ڪنهن به شي ۾ دل نٿي لڳي. جيل ڪمزور ڪري وڌو آهي مون کي.. تنهنجو ڀٽائي ڪيترو معصوم ۽ حساس آهي اهو ته تون چڱي طرح ڄاڻين ٿي. بس يار تنهنجي سر جو قسم توسان ڏاڍي محبت آهي. تنهنجي ان پيار ئي ته من ۾ مانڌاڻ مچايو آهي. تنهنجون ادائون تنهنجا انداز، تنهنجي پريت ۽ تنهنجو ڏسڻ ۽ تنهنجون ڪيل مهربانيون، تنهنجي سادگي، تنهنجو چوڏهين جي چنڊ کان وڌ ٻهڪندڙ چهرو ڏاڍو ياد ايندو آهي. هر لمحو.. هر گهڙي.. انهن يادن کي ياد ڪندي ڪڏهين اکين مان پاڻي ڪڏهن چهري تي مرڪ اچي وڃي ٿي. زبان تي سڦلي سڦلي سڦلي... ئي آهي. هاڻي اونداهه ٿي وئي آهي. منهنجي وهنجڻ جو وقت ٿيو آهي. مان هاڻي فريش ٿي ڪري وري توسان ويهي ڳالهيون ڪيان ٿو. تون پليز هر پل مسڪرائيندي رهندي ڪر.
تنهنجي پيار جو قيدي
تنهنجو—ڀٽائي
From: bhattia@yahoo.com
هو سڦلتا کي اي ميل ڪري، اخبار پڙهي سمهي پيو.
***


شام جو ڀٽائي هانڊي والن سان لڊو پئي کيڏيو، هڪ قيدي آندو ويو. چيڙهه سان ڀريل وار، ننهن وڏا انهن ۾ مٽي ڪاري، ڪارا، ڪپڙن تي مٽي جا ڇو چڙهيل، اکيون ڏرا ڏئي ويل، نٻل، ساڻو ساڻو فرش تي پيل هو ڪنهن به کيس ڌيان نه پئي ڏنو. صديق اٿيو ۽ هن ڪولر مان پاڻي جو گلاس ڀري ان کي پياريو. ڀٽائي حيران پريشان ٿي ويو. “پوليس تشدد ڪيو هوندس.”
“ها ڪراٽين مان آيو هوندو.” امير بخش چيو.
“ڪراٽين؟”
“ڪراٽين هن ڌرتي تي دوزخ جو ٻيو نالو آهي. ڪراٽين ظلم جو به ساڳيو نانءُ آهي. ڪراٽين= ظلم.. ڪراٽين ۾ گاريون ڏيندا آهن. تشدد ڪندا آهن. رشتيدارن کي گهرائي انهن جي سامهون ماري ڪٽي پئسن جي گهر ڪندا آهن.”
“پهريان ڪراٽين 11نمبر بئرڪ هئي. پر انتظاميه کي ڊڄ هو ته متان ڇاپو لڳي، انهن ان کي مٽائي 13بئرڪ کي ڪراٽين بڻايو آهي. ڪراٽين ۾ قيدين کي پويان ڏنڊا کڻي ماريندا آهن. ٻهاريون ۽ پوچيون مسلسل ڏياريندا آهن.” صديق اکيون مهٽيندي چيو.. سڀ غور سان ڏسي رهيا هئا.
“ڪراٽين جو پئٽر رضا آهي ۽ ڪراٽين جا پئسا وٺڻ جي لاءِ جيل سپرينڊنٽ سپاهي رکيو آهي. هشمت نالو اٿس. ڪراٽين ۾ هڪ مهيني تائين وهنجڻ نه ڏيندا آهن. سنڌ جي هڏوکي امير بخش کي ڪراٽين ۾ تشدد ڪري هن جو پير ڀڃيو ويو. چيف صاحب.. اختر بنگالي هن کي پير ۾ سريا هنيا ها.” صديق امير بخش ڏانهن نهاريندي ڳالهايو.
“ان خالو کي ڇا ٿيو آهي، پيشي تان موٽيو آهي ته اکيون ڳاڙهيون لعل اٿس ۽ اونڌو لڳو پيو آهي.” ڀٽائي امير ۽ صديق ٻنهي کان سوال ڪيو. ان تي ٻئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا.
“خالو پيشي تي ويندو آهي ته اوڏانهن ڪجهه چرس جا ڳوڙها ڳتي ايندو آهي ۽ پوءِ هتي الٽي ڪري ڪڍندو آهي، جيل ۾ ٽيڻ اگهه تي کپائيندو آهي.” امير بخش چيو.
“اوهه... ظلم... قهر... پوءِ هنن کي ڪجهه ٿيندو ناهي؟”
“ماما هتي اِهو هر حرامي قيدي لاءِ معمولي ڳالهه آهي.” صديق کلي چيس.
ڀٽائي ميرا ڪپڙا ڪڍيا ۽ صديق کي چيو “هي ڪٿي ڌوئجن؟”
“صديق هوندي مرشد ڪپڙا ڌوئيندو!”
“هل ته ڌوٻي گهاٽ ٿا هلون.”
“ڇا جيل ۾ به ڌوٻي گهاٽ آهي؟”
“ها استاد هتي ڌوٻي گهاٽ به آهي. جنهن ۾ اڪثر بنگالي ۽ هندوستاني مهاڻا ڪپڙا ڌوئيندا آهن.”
ڌوٻي گهاٽ ٻاهران ڌوٻي گهاٽ جو ئي ڏيک ٿي ڏنو. صديق هڪ هندوستاني مهاڻي کي سڏ ڪري ڪپڙا ڏنا. جيڪو ڪارو رڏ هو. هو صبح جو ڪپڙا ڏيڻ جو چئي هليو ويو. اسان بنگالي کي پنهنجي بئرڪ ۽ بسترو ٻڌايو.
“ڌوٻي گهاٽ ۾ به جيل انتظاميه پنهنجا ماڻهو ۽ قيدي بيهاري ڇڏيا آهن. جيڪي جيل منتظمين کي 2700 سؤ رپيا مهينو ڏيندا آهن. ان کان علاوه جيل سپرينڊنٽ، جيلر، ڊپٽي جيلر، کان ويندي ايتري قدر جو سپاهين جا ڪپڙا به ڌوٻي گهاٽ ۾ اچن ٿا ۽ قيدي اهي مفت ۾ ڌوئن ٿا.” صديق ڀٽائي کي ٻڌائي رهيو هو. هو ٻئي جيل جي ڪچڙي رستي تان هلندا پئي آيا. رستي جي ٻنهي پاسي نازبوءَ جا ٻوٽا پوکيل هئا.
ڀٽائي هاڻي جيل جي سڪي ماني کائڻ شروع ڪئي هئي. ڀاڄي پنهنجي ٺاهيندا ها. ماني پچائڻ جي اجازت به نه هئي ۽ گهڻو خفو به هو. جيل جي سڪي پاپڙ ماني کائي هن جو وات پچي پيو هو. پر امير بخش کيس چوندو هو: “مرشد جيل جي ماني گهڻي کائيندا اوترو جلدي آزاد ٿيندا نه ته هي ماني توهان کي نه ڇڏيندي.”
پٺاڻ پنهنجي ٽي وي تي پشتو گانا تيز آواز ۾ ٻڌي ذهني ٽارچر ڪري رهيو هو. آواز بلند هو. ڀٽائي کي ننڊ پئي آئي. گوڙ ڪري نه سمهي سگهيو.. هن اٿي شيخن ۾ هٿ وجهي چنڊ کي تڪيو پئي.. ڏور جيل جي وڏين ديوارن جي ڪنڊن تي ٺهيل مورچن تي سپاهي بندقون کنيون چوڪنا بيٺا ها. هن جي اکين مان ٻه ڳوڙها ڪريا.. ۽ بعد ۾ لبن مان آواز نڪتو.. “سڦلتا..” پوءِ هو هيٺ ڪري منهن تي ٻانهن ڏئي ليٽي پيو.
***

To, safalta@yahoo.com
03 جولاءِ 2009ع
لانڍي جيل ڪراچي.
منهنجي راڻو سڦلتا
سلام، جيئي لطيف
تڙپ لڇ ڏاڍي ٿئي ٿي. قيد ڇا ٿيندو آهي اهو سڀ ڄاڻي ورتو اٿم. هر پل، هر سيڪنڊ ۾ اگر ڪوئي مون کي ياد اچي ٿو ته اُها تون آهين. تون ڪهڙي حال ۾ آهين ڪو علم نه اٿم. تون مون کان ايترو پري هوندي به ڄڻ ساهن ۾ شمار آهين ايترو پيار مون رميسا کي به نه ڪيو هو. توکي خبر آهي ته رميسا مون سان ڪيڏي ويساهه گهاتي ڪئي، ۽ شايد اڃا تائين ڪري رهي آهي. مان رميسا سان ڪيڏو پيار ڪيو! پر هن ان پيار کي نه سڃاتو. وري جڏهن تنهنجي لاءِ سوچيان ٿو ته هيانءُ ٿو ڦاٽي. ساهن کڻڻ ۾ مونجهه ٿئي ٿي. ڇو ته تنهنجو پيار ڏاڍو سگهارو آهي، تنهنجي پيار ۾ وڏي طاقت آهي. منهنجي پيار کان وڌ تنهنجو پيار آهي. تنهنجي ان پيار جي گهرائي کي مان ڪيترائي ڀيرا پرکي چڪو آهيان. جنهن ۾ صرف مان آهيان، تون آهين ۽ اسان آهيون. اسان جي پيار جو هي مختصر سفر ۽ هي جدائي جو هڪ هڪ پل صدي جي برابر ٿو لڳي. سڦلتا تون اداس نه ٿجان. مان جلدي ايندس. جيل جو ماحول، عام زندگي جي ماحول کان گهڻو مختلف آهي. هتي شل دشمن به نه اچي. جيل ۾ صرف پئسو ڳالهائي ٿو. ۽ هتي رڳو ڏوهاري، خوني، زاني، غنڊا، چرسي، هيروئني قسم جا قيدي آهن ۽ مان رهيس پڙهيو لکيو اديب ماڻهو. مان هتي ڪئين ايڊجسٽ ٿي سگهندس. بئرڪ ۾ لڳ ڀڳ 250 قيدي آهن. انهن 250 قيدين ۾ مان به شامل آهيان. مان ٻاهران جڏهن به جيل جي اڳيان گذرندو هيس، سوچيندو هيس شل ڪڏهين ان جو منهن نه ڏسندس. پر نه، قسمت ڇڪي آئي. سو به ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾، هتي سڄو ڏينهن بئرڪ ۾ ويٺو هوندو آهيان، صبح جو صرف ڏيڍ ڪلاڪ کن در کوليندا آهن ۽ قيدي ٻاهر نڪرندا آهن ۽ مان ٿوري دير ٻاهر جي تازي هوا ۾ چڪر هڻندو آهيان. جڏهن وري سيٽي وڄندي آهي ته وري در بند ٿي ويندا آهن. جيڪو پوءِ نه کلندو آهي. پوءِ بس سواءِ سوچڻ جي ٻيو ڪو به ڪم نه هوندو آهي.
جيل ۾ هيٺ سمهڻو پوندو آهي. مان هيٺ نه سمهي سگهندو آهيان. مون کي ننڊ نه ايندي آهي. چرسي قيدي رات جو دير تائين چرس پئيندا آهن. سڄو ماحول دونهون ڪري ڇڏيندا آهن. مان شريف ماڻهو اچي ڦاسندو آهيان. جيل جي ماني جي باري ۾ ٻڌندو هيس پر اها جڏهن پنهنجي اکين سان ڏٺي ته الٽي اچي وئي. جيل جي ماني اگر ڪتي کي ڏني وڃي ته اهو به نه کائيندو. ان جو مثال اهو آهي ته روز مان پنهنجي ماني هتي جيل ۾ ٻلي کي وجهندو آهيان پر اها نه کائيندي آهي. مون کي پنهنجو پاڻ تي حيرت ايندي آهي. ڇو جو هيترا ڏينهن ٿي ويا آهن مون کي ماني نه وڻندي آهي صرف جوس پيئندو آهيان. بک جو احساس جنم نٿو وٺي. جيڪي سنڌي قيدي آهن اهي ٻانهون ٻڌي، پيرن تي هٿ رکي زوري ايلاز ڪري ماني کارائيندا آهن. چوندا آهن گهڻو سوچ نه بس وقت گذري ويندو. انهن جون ڳالهيون ٻڌندي ئي اکين ۾ تنهنجي تصوير لهي ايندي آهي. امان جي هٿن جي ماني ياد ايندي آهي ۽ امان جيجل به ڏاڍو ياد ايندي آهي. منهنجي امان مون کي گهڻي پياري آهي. پر منهنجي نه ان کي خبر آهي نه وري توکي خبر آهي ته مان جيل ۾ آهيان. هتي وندر جي ڪا به شيءَ نه آهي مان بس چپ هوندو آهيان. ڪجهه به نه ڳالهائيندو آهيان. يا ته لکندو رهندو آهيان. يا وري اکيون بند ڪري تنهنجو چهرو تصور ۾ آڻي ان کي چمندو رهندو آهيان. ان سان ڳالهيون ڪندو آهيان.
هڪ بئرڪ ۾ 250 قيدين جي لئه هڪ باٿ روم ۽ 3 ليٽرين آهن. مان صبح جو سوير وهنجي ڇڏيندو آهيان. يا وري رات جو گهڻي دير بعد وهجندو آهيان. جڏهين باٿ روم واندو هوندو آهي. هتي قيدين کي ڪا به سهولت نه آهي. بس سڙن ٿا پيا سالن کان... ۽ خبرناهي ته مان اڃا ڪيترو ڀوڳيندس. منهنجا ڪپڙا هندوستاني قيدي مهاڻا ڌوئي ڏيندا آهن. انهن کي پئسا ڏيندو آهيان. 150رپيا. انهن کي استري ڪرڻ نه ايندا آهن. هر شيءَ مهانگي آهي. پر ڀائو جي ڪري منهنجي لئي لڳي پئي آهي. پٺاڻ قيدي آهي ان کي ماني پچائڻ لاءِ رکيو آهي. مون کي زور به ڏيندو آهي. مون توسان ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو آهي. پر ڪجهه سچ آهن.. جيڪي اڃا به مون کي ٻڌائڻا آهن، ڪجهه به لڪائڻ نٿو گهران. ڇو ته تنهنجي اچڻ سان ئي سچي خوشي ۽ محبت ملندي آهي. اها محبت مون کان ڪڏهن نه کسجان. منهنجو قسم اٿئي. جيل ۾ سڀ قيدي مون کي بي گناهه ۽ معصوم سمجهن ٿا. ۽ سڀني قيدين کي منهنجو احساس ٿيندو آهي. سڀ مون کي پڙهيل ڳڙهيل سٺو انسان مڃن ٿا. وري پوءِ ڳالهيون ڪيون ٿا. پنهنجو ڌيان رکجان ۽ ڀٽائي لاءِ دعا ڪجان.
تنهنجو قيدي
ڀٽائي..
Sender: bhattia@yahoo.com

نواز جمعدار عرف نواز بابا، جيڪو سنڌي آهي. جيل ۾ ڄاري واري ملاقات پاسي هوندو آهي. قيدين کي اگر ٿوري دير ٿئي ٿي ملاقاتين سان ملندي ته انهن کان 50 رپيا يا سؤ رپيا وٺي ٿو يا وري گولڊ ليف سگريٽن جو پاڪيٽ وٺندو. جيڪو پئسا ڏئي ته ڀلي ٽي ڪلاڪ ويٺو هجي ڪو مسئلو ناهي. جي پئسا نه ڏنا ته 10منٽ به وڏا آهن. تڙي ڏيندو “اٿو ملاقات جو وقت ختم.” سپريڊنٽ کي 10هزار هفتو ڏيندو آهي. 40 هزار مهينو ۽ وڌڪي ڪمائي پنهنجي بول ۾ هڻندو آهي.
***