2
ٻئي ڏينهن تي سڀ ڪامياب ساٿي ڀٽائي سامهون هئا. هو منچ تي انهن کي ڪم ڪار جي طريقي ۽ ضروري معلومات ڏيڻ لاءِ تيار بيٺو هو. سڀن ۾ هوءَ به هئي. جنهن جي نظرن ڀٽائي جي دل جي اهڙي حالت ڪئي هئي جو دعا ڪئي هئائين ته شل انهن ۾ ٻڏي پار پئجي وڃي. اوچتو ڀٽائي جي نظر رميسا جي نظر جي رستي ۾ اچي وئي هئي. نظرن جو هڪ زبردست ميلاپ ٿيو هو. ڀٽائي گهٻرائجي نظرون هٽائي تقرير شروع ڪري ڏني هئي..
“سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ واري سال جي رٿا” اڄ جي هن تيز ترين دنيا ۾ جيڪو علم، عقل ۽ ترقي آهي اها سڀ علم جي ڪري آهي. اهو توهان سڀ ڄاڻو ٿا. پڙهڻ لکڻ سان ماڻهو علم جو دڳ پسي ٿو. ۽ ان مان ٻيا به رستا نڪرن ٿا. سڀ ڳجهه، حقيقتون ۽ سائنسز اسان جي ان آڌار تي پرکي سگهون ٿا. هن ڌرتي جي گولي تي رهندڙ جيون مان انسان ئي اشرف الجيو آهي. جنهن پاڻ ڄاتو ان سڀ ڄاڻي ورتو. پاڻ سڃاڻڻ لاءِ تعليم، علم هجڻ تمام گهڻو اهم آهي. علم سواءِ انسان انڌو آهي ۽ جڏهن انسان علم حاصل ڪري وٺي ٿو ته هن کي هڪ ٻئي اک به ملي وڃي ٿي. جنهن سان هو دنيا جي حقيقتن ، سچائين ۽ ڪوڙاين کي سمجهي سگهي ٿو. علم جي لاٽ سان هن دنيا ۾ محبت جي روشني ڦهلائي ، ڀائيچارو امن پيدا ڪري سگهجي ٿو.
“اسين دنيا ۾ ڪٿي بيٺا آهيون تعليم جي لحاظ کان؟” هونئن به اسان جي ملڪ جي باري ۾ اسان کان وڌيڪ ٻاهرين ملڪن جي رهندڙن کي وڌيڪ ڄاڻ آهي. ته اسان وٽ ڇا آهي؟ ڇا ٿئي ٿو؟ ڇا ٿيندو؟ اسان جي ڀيٽ ۾ بهترين ڄاڻ انهن وٽ آهي. اسان جا ڪم اڃا پوئتي پيل قوم وارا آهن. اسان جا ادارا جک هڻڻ ۾ پورا آهن. اسان وٽ تعليم ڪٿي پهتل آهي اهو يونيسڪو هيئن ڄاڻايو آهي..
يونيسڪو مطابق پاڪستان ۾ پڙهائي جي گهٽ شرح جا سبب جهڙوڪ گهٽ بجيٽ مختص ڪرڻ، سياسي ادارن جي کوٽ، فنڊن جي ڦهلاءُ ۾ دير ڪري اڃا تائين 50% تي اٽڪيو پيو آهي. جڏهن ته خطي ۾ پاڪستان رڳو نيپال ۽ بنگلاديش کان مٿئين درجي تي آهي. جن جي پڙهائي جي شرح ترتيبوار 49 ۽ 43 سيڪڙو آهي. ٻين پاڙيسري ملڪن جي تعليمي شرح بهتر آهي. مالديپ 96 سيڪڙو، سريلنڪا 91 سيڪڙو ۽ انڊيا 61 سيڪڙو آهي.
“پارليامنيٽري ڪائونسل آن لٽريسي ان پاڪستان” پاران اهتمام ڪيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي يونيسڪو جي نمائيندي چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ پنج ڪروڙ پنجاهه لک اڻ پڙهيل آهن. جنهن ڪري ملڪ لاءِ نئين ملينيم ترقي وارن حدفن موجب ماڻهن ۾ ناڪامي جا خطرا پيدا ٿي پيا آهن. جيڪڏهن سهي اپاءُ نه ورتا ويا ته ايندڙ سال تائين اهو انگ وڌي 61 سيڪڙو به ٿي سگهي ٿو. سنڌ تعليم ۾ سڀ کان اوچي شرح رکي ٿي جيڪا 54 سيڪڙو آهي انهيءَ پويان پنجاب 52 سيڪڙو ، سرحد 40 سيڪڙو ۽ بلوچستان جي شرح سڀ کان گهٽ 33 سيڪڙو آهي.
1973ع جي آئين ۾ ائين چيو ويو آهي ته “رياست گهٽ ۾ گهٽ ممڪن وقت اندر بي علمي ۽ ثانوي سطح تائين لازمي ۽ مفت تعليم جي بندوبست لاءِ ذميوار هوندي.”
يونيسڪو ڄاڻايو آهي ته ڪمزور تنظيمي ڍانچي گهٽ پيشوراڻي صلاحيت، تحقيق جي اڻ هوند، موافق تربيتي ادارن جي عدم دستيابي، گهٽ عوامي جاڳرتا، نظردار ي ۽ ڪارڪردگي جي جاچ جي سرشتي جي کوٽ وارن عنصرن جي ڪري پڙهائي جي شرح هيٺين سطح تي آهي.
هن ٿوري ساهي پٽي ۽ پاڻي پئي وري تقرير شروع ڪئي هئي. انهن ڳالهين مان اهو صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن اسان جي تعليم جي انتهائي اهم مسئلي ڏانهن ڌيان نه ڏنو ته دنيا جي سڌريل قومن جي قطار ۾ اچڻ ته ٺهيو پر پوئتي پيل ۽ جاهل قومن جي فهرست ۾ پهرين انگ تي اچي وينداسين. ان لئه اسان کي مضبوط ارادن سان تعليم جي مسئلي کي وٺڻ گهرجي، تعليم عام ۽ سڀن جي لاءِ ڪرڻ گهرجي ۽ “تعليم سڀن جي لاءِ” جي نعري کي عام ڪري پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪجي.
يونيسڪو جي چوڻ مطابق اسان کي خوش ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي تعليمي شرح سڀ کان وڌيڪ ڏيکاري وئي آهي. اها شرح ته سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد لاءِ چئي سگهجي ٿي. جڏهن ته 80سيڪڙو آبادي جيڪا ڪچي آبادين ۽ ٻهراڙين ۾ رهي ٿي. جيڪڏهن آبادي جي بنياد جي به ڳالهه ڪجي ته ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ سکر ۾ هڪ ڪروڙ اڻ پڙهيل ماڻهو رهن ٿا. ته پوءِ سنڌ جي ٻهراڙي جي آبادي ڪاڏي ڪيون جيڪا 4 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ٻهراڙي جي علائقن ۾ تعليمي شرح وڌ ۾ وڌ 5 سيڪڙو بيهي ٿي. ان ۾ رهندڙ عوام آهي. پڙهائي جي شرح جو ڪاٿو لڳائجي ته اهو 18 سيڪڙو بيهندو. جيڪو يونيسڪو جي ڄاڻايل 54 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ صفا گهٽ آهي.
سنڌ جي ٻهراڙي ۽ ڪچي آبادي ۾ تعليم جي حالت اڃا ڪجهه ٻئي آهي. جيڪڏهن ٻهراڙي ۽ ڪچي آبادي جي پڙهائي جي حوالي سان صحيح انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ته اسان سڀن جي لاءِ حيران پريشان ڪندڙ هوندا، اهي انگ اکر...!! ٻهراڙي ۾ پرائمري اسڪولن جي حالت بدترين آهي.اسان جي وسيلن کي ٻيا استعمال ڪري اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ اسان اصلوڪا رهواسي پوئتي پوندا پيا وڃون. هڪ ٻئي کان بي خبر اونداهي جي زندگي گذاري رهيا آهيون. اسان جون عورتون مٿي تي ٻهڙا کڻي ڪوهه پنڌ تان پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون. اسان اڃا تائين بنيادي سهولتن جي نعري ۾ الجهيا پيا آهيون.“روٽي ڪپڙا اور مڪان”.... دنيا ۾ نوان نوان نعرا اچي چڪا آهن قومون اڳتي نڪري چڪيون آهن.. اسانکي اڃا تائين “اٽي، لٽي ۽ اجهي” جو چئي رجهايو پيو وڃي. سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ غريبي جو راڪاس بڙ باڪاس موجن سان موجود آهي. اسان جا ماڻهو بنيادي سهولتن کان وانجهايل خبر نه آهي ڪهڙي ڪرشمي جي انتظار ۾ آهيون.
اسان کي هن رٿابندي جي ذريعي شهري ۽ ٻهراڙي جي تعليم کي برابر ڪرڻو آهي. اهو سڀ ڪئين ٿيندو اچو ته سمجهون.
اوهان سڀني کي مختلف ڌڙن ۾ ورهايو ويندو. “تعليمي جاڳرتا ٽيمون” جوڙي انهن ۾ ورهائي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۽ ڪچين آبادين ۾ موڪليوويندو. جيڪي ضلعي سطح تي ڪم ڪنديون. اهي ٽيمون سنڌ جي سمورن ضلعن جي ٻهراڙي ۽ ڪچي آبادي جي علائقن ۾ هرهڪ گهر ۾ وينديون ۽ انهن کي “تعليم سڀن جي لاءِ” رٿيل ڪم کان آگاهي ڏينديون. هر گهر جي مائٽن کي پنهنجي ٻارن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ لاءِ اتساهينديون. ان کان سواءِ وڏي عمر جي ٻارڙن توڙي بالغن کي تعليم پرائڻ جي لاءِ اڀارينديون.
هر هڪ جاڳرتا ٽيم کي اهڙي مهم کي پوري ڪرڻ واسطي رپورٽ ڪرڻ لاءِ ڇهن مهينن جو وقت ڏنو ويندو. اها سڀ معلومات مان توهان تائين پهچائڻ پئي چاهي. منهنجي طرفان بس ايترو ئي هاڻي توهان سوال ڪري سگهو ٿا. بعد ۾ سڀني کي ٽيمن ۾ ورهايو ويو ۽ انهن کي نالا به ڏنا ويا. مصيبت اهيا هئي ته هڪ ٽيم ڀٽائي کي به ڏني وئي هئي. جنهن ۾ هڪ حسين اتفاق اهو ٿيو هو جو آءُ به ان ۾ شامل هيس. اسان جو ٽيم جو نالو “موهن جو دڙو ٽيم” هو. اسان کي لاڙڪاڻي جي ٻهراڙي جي علائقن ۾ وڃي “تعليم سڀن لاءِ” جي جاڳرتا مهم هلائڻي هئي.
***
اها مارچ جي صبح هئي. بهار پنهنجون الوداعي ٿڌڙيون هيرون گهلائي رهي هئي. اس وڌيڪ چٽي ٿيڻ جو ڏيک ڏئي رهي هئي. پرديسي پکي پنهنجي ديس ڏانهن واپس وڃي چڪا هئا. ان ڏينهن رميسا سڦلتا سان ملي هئي. ٻنهي ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کي ڳلن تي چميون ڏنيون هيون. سندن چمين ۾ غضب جي چاسني هئي.
“تنهنجي لاءِ هڪ خوشخبري آهي؟” رميسا چيو.
“وري ڇا ٿيو ڪو ملي ويو ڇا؟” سڦلتا هٿ پڪڙندي پڇيس.
“ها يار! ڪمال جو ڇوڪرو آهي. بس ڳالهه نه پڇ... پر تون خوشخبري ته ٻڌاءَ نه پهريان...!”
“ها ٻڌاءَ”
“مون کي نوڪري ملي آهي.”
“اري واهه” مون کي خبر هئي.!”
“ngo آهي زبردست ماحول آهي. هن جي ته ڇا تعريف ڪيان. هو تمام سٺو آهي. اکيون گول مٽول.. گهريون.. ڳاڙها چپ.. ايترا ڳاڙها ته لپ اسٽڪ لڳل ڇوڪرين جا به نه هوندا آهن. ڊگهو قد.. سنهڙو سهڻو.. مٺڙو مڌر آواز، ڳالهائي ٿو ته ڪهي ٿو ڇڏي..” رميسا هيڏي هوڏي، اکيون هيٺ مٿي ڪندي سڦلتا کي ٻڌايو.
“سڦلتا توکي خبر آهي، تعارف وقت جڏهن هُن نالو ٻڌايو ته سڀ حيرانگي سان گڏ مشڪي پياسين. ڀٽائي نالو اٿس.”
“اري واهه..!” سڦلتا احساس ڪمتري ۾ هن ڏانهن ڏسي چيو. “ڀٽائي واقعي هڪ الڳ نرالو نانءُ آهي.”
“ها هُو پنهنجي نالي جيان نرالو ۽ خوبصورت لڳندو آهي.” رميسا ساراهه ڪندي نه ٿي ٿڪي..
“اڙي تون به مون سان اين جي او ۾ نوڪري ڪر. مان پاڻ اڪيلي آهيان تون هوندين ته ٻه ٿي پونداسين.” رميسا جي ائين چوڻ سان سڦلتا جي چهري تي رونق موٽي آئي. هن کي ڀٽائي کي ڏسڻ جو شوق جاڳي پيو.
ٻئي ڏينهن تي رميسا، سڦلتا کي پاڻ ساڻ آفيس وٺي آئي. سڌو ڀٽائي جي آفيس ۾ داخل ٿيون.
“السلام عليڪم سر!” رميسا سلام ڪيو.
ڀٽائي مرڪندي جواب ڏنو. “وعليڪم السلام سر”
هو رميسا سان بيٺل سڦلتا ڏانهن نهاري رهيو هو.. رميسا هڪ ئي ساهي ۾ چئي ڏنو..
“سر! هي منهنجي ويجهي سهيلي سڦلتا آهي. تمام پياري ۽ بهترين مصوره به ڪندي آهي. هي به هتي نوڪري ڪرڻ چاهي ٿي.”
“پياري اهو وري ڪيئن؟؟” ڀٽائي شرير انداز ۾ پڇيو.
ٻنهي وڏو ٽهڪ ڏنو. سڦلتا ٿورو اڳتي وڌي چهري تي مرڪ آڻي ڀٽائي کي کيڪاريو. ڀٽائي موٽ ۾ صرف مسڪرايو. سڦلتا لان جي هلڪي ڳاڙهي وڳي ۾ سچ پچ پراثر پئي لڳي. سندس هٿ ۾ موبائيل هئي. جيڪا ايتري مهانگي نه ٿي لڳي. رميسا سرمئي ويس ۾ ڪنهن سرمي داني جو ڏيک پئي ڏنو.. هن رئو سڄي بدن کي اوڍي رکيو هو. هن جي جسم جا انگ اکر سمجهڻ ڏکيا هئا. هن جو چهرو خوابن ۾ ايندڙ پرين جي مک وانگر پُرنور ۽ پرڪيف ٿي لڳو. اکيون وڏيون.. وري انهن ۾ ڪجل.. ويتر گهائيندڙ هو. اهي ڇوڪريون ته نه هيون. گلن جو ڪو باغيچو هون. جيڪو ڀٽائي جي آفيس ۾ اچي ٽڙي پيو هو. سڄو ڪمرو خوشبوءَ سان واسجي ويو هو. ڀٽائي هنن جي سوچن کان آجو ٿي سوال ڪيو..
“توهان ڇا پڙهيا آهيو؟”
“مون گريجوئيشن ڪئي آهي. فائن آرٽس ۾.” سڦلتا ورندي ڏني هئي.
“ٺيڪ آهي توهان پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايو. آءُ ڪجهه ڪيان ٿو.. سڀاڻي اچجو توهان..”
ڀٽائي جي ائين چوڻ سان ٻنهي جي مک تي مرڪ هارجي وئي. موهيندڙ ۽ ڇڪيندڙ مرڪ.. جيڪا شايد ڀٽائي کي به گهائي وئي هئي. هو ٻئي ڪنن ۾ هڪ ٻئي کي ڦسڪا هڻنديون آفيس مان ٻاهر نڪري هليون آيون.
****
اسان موهن جو دڙو ٽيم گاڏي ۾ اچي ويٺا هئاسين. اسان جي ٽيم تقريبن سڀ نوجوان هئاسين ۽ ڇوڪرين ۾ برڪت هئي. مطلب ته ڇوڪريون سوايون هيون.سڀ ٽيمون نڪتيون ته اسان به پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين. اسين علم جي جاڳرتا مهم جو اعليٰ مقصد کڻي نڪتا هئاسين. منهنجي حواسن تي تون ڇانيل هئين. پنهنجي وجود کي تنهنجي اڳيان برقرار رکڻ ڏکيو لڳي رهيو هو. پل پل ۾ وکرجندي ته ڪڏهن سميٽجندي رهيس.
مون اڳيان آئيني ۾ ڏٺو ته تون مونکي ڏسي رهيو هئين. دل ۾ پاڻ کي وڏو نصيبن واري ڀانئيو هيم. تنهنجي ٽهڪن جا پوپٽ سڄي گاڏي ۾ هيڏانهن هوڏانهن اڏري رهيا هئا. توسان سڦلتا نه ڄاڻ ڪهڙين ڳالهين تي ايڏو زور سان کلي رهي هئي. مان توهان جي ٽهڪن تي سوچي رهي هيم. ڇوڪريون ڪيڏيون زنده دل هونديون آهن.
سفر وڏو هو. سو هر ڪوئي ٿڪي پيو هو. سڀن جي مک تي خاموشي ويهي رهي هئي. مون تو ڏانهن نهاريو هو، تون گاڏي جي شيشي جي دري مان ٻاهر نهاري رهيو هئين. سڦلتا موبائيل تي پيغام اماڻڻ ۾ مصروف هئي. عيني کي ننڊ جا جهوٽا اچي رهيا هئا. مون کان کل نڪري وئي.. ڇو ته سليم کي به ڀوانٽيون اچي رهيون هيون. سليم ئي اسان سڀني ۾ وڏي عمر جو هو. پنهنجي ڪٽنب جي خوشين لاءِ هر وقت ڪوشان رهندڙ سليم، ڀٽائي کان گهڻو اڳ هن اداري جو حصو آهي. سڀئي پنهنجي ڌنُ ۾ هئا. پر منهنجي اندر ۾ صرف توکي ڏسڻ جي بي چيني ۽ بي آرامي هئي. منهنجي نظرن کي توکي ڏسڻ مان ڍؤ ئي نه ٿي رهيو هو.
ڄامشوري کان سيوهڻ پهتاسين ته سڀ چوڻ لڳا. قلندر جي درگاهه تي حاضري ڀريون... ڀٽائي ان پيرپرستي کان ونءُ ويندو آهي. پر سڀن جي اسرار ڀاڙيو ڪري ڇڏيس.
آءُ سڦلتا سان گڏ گڏ هئس. سڀ گاڏي مان لهي درگاهه طرف وڌڻ لڳا. تون اکيون بند ڪري دعا گهري رهيو هئين.. مون کي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ لعل شهباز قلندر تنهنجي سامهون ويٺو هجي ۽ تون کيس التجا ڪندو هجين.. “مالڪ تائين رسڻ جي اسان کي به ڪا رمز ٻڌاءِ، مالڪ سائين کي اسان جي سفارش ڪر ته اسان تي ٻاجهه ڪري جئين اسين دنيا جي سفر کي سٺي نموني گذاري سگهون.” سڦلتا به پاڻ تي روحاني ڪيفيت طاري ڪري اندر ۾ جهومي رهي هئي. ڀٽائي جي مک تي هڪ شرارتي مرڪ هئي، جيڪا اسان ٻنهي کي ڏسي آئي هئي. مان ۽ سڦلتا هڪ ٻئي کان وڌ آهيو.. نٽ کٽ .. نکرا ته اسان ٻنهي جو ڏاج آهن.
“معصوم گلاب هئي ته سڦلتا چنبيلي هئي. مان ڇا گهران ها. منهنجي من ۾ هڪ ئي دعا نه پر هڪ ئي لفظ هو نالو هو “معصوم معصوم...” ڀٽائي ائين سوچيو پئي.
اهو سفر حياتي جي هر ننڍي وڏي سفر کان منفرد ۽ الائي ڪهڙي سحر ۾ مبتلا ڪندڙ هو. جلد سفر پورو ٿيو ۽ اسين آفيس پهتا هئاسين. سفر به خير خوبي سان پڄاڻي تي پهتو ۽ ڪم به ڪافي اڳتي ٿيو. ٿڪل مرڪن سان سڀ پنهنجي گهر روانا ٿياسين.
****
مون ۾ ڪافي تبديليون اچي رهيو هيون. منهنجي ڳالهائڻ ۾ چرچو گهٻو اچي ويو هو. مان نچڻ ڪڏڻ لڳي هئم. پنهنجي منهن پئي ڪلام پئي ڳائيندي هئم. فلاپ گانا. نقلون ڪندي هئم. ان جو سڄو پسمنظر ڀٽائي هو. منهنجي جيون ۾ جيڪو انقلاب آيو هو. جيڪا بهارن جي آمد ٿي هئي. انهن سڀني جو سبب ڀٽائي هو. لمحو لمحو ان جي ياد سان پرڪيف ۽ مدهوشي جي عالم ۾ گذرڻ لڳو هو. صرف ڀٽائي کي سوچڻ ۾ سرور ملڻ لڳو هو. ڀٽائي جو مکڙو اکيون ٻوٽ يا کول رڳو هُو نظر اچڻ لڳو هيم. “جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون.” واري ڪيفيت ٿي وئي هئي. مان مڪمل پاڳل ٿي وئي هئس تنهنجي لاءِ.. تنهنجي خيالن مان نڪرڻ لاءِ دل نه چوندي هئي. ڀٽائي جا ڪلهه وارا ٽهڪ ۽ قربائتي انداز ۾ ڳالهايل جملا دماغ ۾ گونجي رهيا هئا. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڪا طاقت آهي، جيڪا مون کي توڏانهن گهلي رهي آهي. تون ته هئين به اهڙو ڪا به ڊنگ خان تنهنجي لاءِ چرئي ٿي پوي، مان وري به هڪ ڪمزور حساس دل رکندڙ هيس. جنهن جي حواسن تي تون ديرو ڄمائي ويهي رهيو هئين.
مون من ئي من ۾ تنهنجو نالو لکي ڇڏيو هو. ڪو نالو تون منهنجي نازڪ ۽ نفيس ادائن جي ڪري رکيو هو. منهنجي هر ادا ۾ معصوميت جي لهر هوندي هئي. تون چوندو هئين، ان ڪري رميسا نه پر معصوم... تون منهنجو نانءُ رکيو هو.
آءُ اڄ ليلن جي ڪاري رنگ جو ويس اوڍيو هو. منهنجي لبن تي هلڪي ناسي رنگ جي سرخي لڳل هئي. مون پرس به ناسي رنگ جو کنيو هو. ڪاري ويس ۾ رميسا ٻاٽ اونداهي ۾ چوڏهين جي چنڊ جو ڏيک ڏئي رهي هئي. هن جو حسن ڀٽائي تي ڏاڍو حاوي ٿيندو هو. هونئن به حسن ڀٽائي جي وڏي ڪمزوري هو. ڪا به حسين شيءَ، نظارو ڏسندو هو ته بجاءِ خوشي جي پريشان ٿي ويندو هو. دماغ ڀانڀولجي ويندو هئس.
“السلام عليڪم سر! ڪئين آهيو؟”
“وعليڪم السلام، مان ٺيڪ آهيان. توهان ٻڌايو..؟” ڀٽائي خيالن مان نڪرندي تڪڙ ۾ جواب ڏنو هو.
“مان خوش آهيان.” تبسم مرڪ سان رميسا مختصر جواب ڏئي هلي وئي هئي.
ڀٽائي جي دل جو دهڪو، ڪمپيوٽر جي پروسيسر جيان جنبش ۾ اچي ويو هو جيئن ڪنهن واڌو سرگرمي لاءِ آواز ڪندو آهي.
تعليم جاڳرتا واري مهم جو آغاز ٿي چڪو هو. تون، مان، سليم صاحب ۽ ڪجهه ڇوڪريون هيون. پاڻ سان گڏ ضروري شيون بينر، پمفليٽ ۽ چارٽ وغيره کنياسين. ڀٽائي اڳيئن سيٽ تي سائين سليم کي ويهاريو، مون کي محسوس ٿيو سائين کي اها ڳالهه نه وڻي ته تون ڇوڪرين سان ويهين.
تون جيئن منهنجي ڀر واري سيٽ تي ويٺين ته مون زبردستي کلندي تنهنجي آجيان ڪئي. تنهنجي ڀر ۾ ويهڻ تي هڪ مستي جي لهر ڊوڙي وئي جسم ۾.. ۽ خوش قسمت ڀانئڻ لڳي هئم. سليم صاحب جي حڪم تي اسين سيهڙ پهتاسين، جتي اسان جي ٽيم جي سوشل موبلائيزرس کي گهر گهر وڃي تعليم جي اهميت تي والدين خاص طور عورتن کي سجاڳ ڪرڻو هو ته هو ڇوڪرين کي وڌ ۾ وڌ اسڪول موڪلين.
منهنجون نگاهون جن کي تنهنجي ئي پياس هوندي هئي، مون چور نظرن سان توکي ڏسڻ چاهيو پر تنهنجون اڳ ۾ ئي نگاهون مون تي کتل هيون. اندر ۾ مور نچڻ لڳا. تنهنجون اهي نظرون مونکي سوچ ۾ وجهي ڇڏينديون هيون. آءُ انهي اسرار کي ڄاڻڻ لاءِ پريشان ٿي ويندي هئم. توتي ڏاڍو پيار اچي رهيو هو. تنهنجو مک اڄ، ڪالهه کان وڌيڪ موهي رهيو هو.
“توهان ايترو کلو ڇو ٿيون ڀلا؟” ڀٽائي ٽوڪ مان چيو.
ان سوال تي اسان اڃا وڌيڪ ٽهڪڙا ڏيڻ لڳاسين.
ٿوري دير بعد سڦلتا جواب ڏنو “اهو ان جي لاءِ جو اسان خوش آهيون.”
“سر ڇوڪريون چريون هونديون آهن. ڪا ڳالهه نه مهاڙ هروڀرون ڏند ڪڍنديون آهن.” عيني ائين چئي وري پاڻ ئي کلڻ لڳي. ڇوڪرين جي عجيب دنيا آهي. ڀٽائي انهن جي جواب تي بس مسڪرائيندو رهيو.
سيهڙ ۾ نج ڳوٺاڻو ماحول هو. ايترا دڪان يا وري ڪا خاص بازار نه هئي. ٻار ننگا، ميرا گدلا گهمي رهيا هئا. اسان کي ڏسي مچو ٺاهي بيهي رهيا. آءٌ ۽ سڦلتا ٻارن کي ڏسي کلي پيوسين ته وري چپ ٿي ويوسين. ڀٽائي جو سوال مون کي ياد اچي ويو. اتان کان پوءِ کوڙ سارا ننڍا وڏا ڳوٺ لتاڙي اتي جي ماڻهن ۾ تعليم سڀني لاءِ تعليم ڇوڪرين لاءِ جو هوڪو ڏيندي واپس ٿياسين.
شام ٿي وئي هئي. آسمان تي ڪجهه ڪڪر به ڊوڙي رهيا هئا. ان ڪري شام جو رنگ سرمئي ٿي ويو هو. سڀ گهڻو ڳالهائڻ ڪري چپ چپات ۾ ويٺا هئا. اهي اپريل جا ڏينهن هئا. اونهاري جي شرعات ٿي چڪي هئي. رميسا شام جيان خاموش هئي.. هن جي مک جي لالاڻ جي اڳيان شام جي سرمئي رنگ جي خوبصورتي هارائي وئي هئي ۽ ڀٽائي ان جو گواهه هئو.
***
آءُ
درد جي انهن
کوهن جي
مالڪ آهيان،
جنهن تي دنيا جو ڪو به انسان
قبضو ڪري
ونڊڻ ورهائڻ
لاءِ تيار ناهي!
اهو هڪ عام ڏينهن هو. پر تون ان کي خاص چوڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هيم. اڄ جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ ڳوٺن ۾ نه وڃڻو هو پر رپورٽون ٺاهڻيون هيون.
ڀٽائي پنهنجا قرمچي چپ مون سان مخاطب ٿيڻ لاءِ چوريا هئا.
“اوهان موبائل تي پيغام موڪليندا/لکندا آهيو؟ ڀلا توهان کي پيغام اماڻڻ ڪئين لڳندو آهي..”
“جي موبائل سٺي هلائڻ ايندي اٿم. ۽ پيغام به خاص ڪري شاعريءَ جا سٺا سٺا ، دوستن کي موڪليندي آهيان.”
مون جواب ڏنو ته تون ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويو هئين..
“پر توهان مونکي ته پيغام نه اماڻيندا آهيو؟!!” تنهنجي ان چوڻ ۾ سوال هو يا شڪايت مان اوچتي ڳالهه تي منجهي پئي هئس.
“ ها... نه... او...!! توهان جو موبائل نمبر نه اٿم، انڪري.. نه ته پيغام موڪلڻ ۾ ڪو حرج نه اٿم.”
“اڇا.... توهان جو نمبر به نه آهي مون وٽ.. هتي لکو.”
تو پنهنجي ڊائري منهنجي اڳيان کولي رکي هئي. مون چپ چپات ۾ ان تي پنهنجو نمبر سيڪنڊن ۾ لکي ڇڏيو هو. اسان جي ان ڏي وٺ کي ڪنهن به ڌيان ۾ نه آندو هو.
تون سمنڊ هئين جنهن ۾ ڇا نه ٿو سمائي سگهجي!!؟؟ تون ۾ خبر نه هيم ڇا ڇا سمايل هو. مها ساگر ۾ ڇا ڳولي ڇا سمجهي سگهيس پئي...
تون پاڻي وانگر هئين. جنهن ۾ جيڪو رنگ وجهبو آهي اهو ان جهڙو ٿي ويندو آهي. ڳاڙهو وجهو ته ڳاڙهو.. سائو وجهو ته سائو.. تون ۾ رل مل جي وڏي خاصيت موجود هئي. مان به پاڻي ۾ رنگ جيان تو ۾ رچي وئي هيس. هڪ ڳار.. رچيل ڳار ٺهي پيو هو تنهنجي منهنجي وجودن جو ڳار..
تون باهه وانگر هئين جيڪا ڇا نه ٿي ساڙي سگهي.. جنهن کي هر شيءَ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻڻ جي خطرناڪ سگهه آهي. تنهنجي حسن جي باهه جي لپيٽ ۾ مان به خاڪ ٿي وئي هيس.
***
آءُ ته هوا ۾ اڏامي رهي هيس..
دفتر ۾ توسان رلجڻ جا موقعا تمام ٿورڙا ملندا هئم. آءُ ٻيا غير واجبي جوڙڻ به نه چاهيندي هئم. جيڪو ضمير گوارا نه ڪندو هو. اڄ جو ڏينهن خوشي جو هيم، جو تو موبائل نمبر ورتو هئم. گهڻي گهڻي سرهي هيس ته هاڻي اسين گفتگو ڪري هڪ ٻئي بابت ڪجهه ڄاڻي سگهنداسين.
آفيس جي وقت کان پوءِ منهنجي اڻتڻ وڌي وئي هئي. موبائل جي پيغام جي گهنٽي تي بار بار ڇرڪي ٿي پيس. ان تجسس مان ته ڀٽائي جو هوندو پر اڃا نتظار جون ڳنڍڙيون کولڻيون هيم کوليندي رهيم.. رات جو دير سان تنهنجو پيغام آيو هو.. مون کي پاڻ تي يقين ئي نه اچي رهيو هو ته تو مونکي پيغام مڪو هو ۽ تو مون سان مخاطب هئين.
“توهان ڪئين آهيو؟” موڪليندڙ: ڀٽائي”
“مان ٺيڪ آهيان. توهان ڏيو احوال؟” مون جوابي پيغام مڪو هو.
اسان جي اها موبائل پيغام ڪچهري عام رواجي گفتگو ۾ ختم ٿي وئي هئي. ۽ تو آخري پيغام ۾ چيو ته مونکي شاعريءَ جا پيغام موڪليندي رهندي ڪر. ان کان پوءِ تنهنجو ڪو به پيغام نه آيو هو. بهرحال تنهنجي ان موٽ تي منهنجي من ۾ بهار جي مند اچي وئي هئي. مان خوش خوش توکي سوچيندي مسڪرائيندي ننڊ کي ٻکجي وئي هيس.
***
ٻئي ڏينهن جڏهن ڀٽائي آفيس آيو. اسان سُس پس ڪري رهيا هئاسين. اسان ٻئي تنهنجي اچڻ سان ڇرڪي/گهٻرائجي چپ ٿي ويوسين. توکي ائين محسوس ٿيو هو ته ڪا ڳالهه آهي. جيڪا توهان مونکان لڪائي رهيا آهيو.
گهٻرائڻ ۽ اوٻهرائي کي لڪائيندي مون توکي سلام ڪيو هو. تون رسمي سلام جو جواب ڏئي پنهنجي آفيس ۾ هليو ويو هيئن.
ان ڏينهن مون اڇو وڳو پهريو هو. جنهن تي ڳاڙهن گلابي گلن جي گلڪاري ٿيل هئي. روز وانگر اڄ به تنهنجي هٿ ۾ ڊائري هئي. جيڪا توکي ڪافي سٺي لڳندي هئي. الائي ڇا جي ڪري سڦلتا کان توکي چڙ ٿي پئي هئي. هوءَ هر وقت منهنجي ويجهو جو رهندي هئي. ڪنهن جو گهڻو مون سان گڏ رهڻ، هاڻي تون کان برداشت نه ٿيندو هو.
اوئين به ڪنهن به خيال جي معنيٰ جو دارومدار انسان جي من تي آهي. منهنجي من ۾ ته تنهنجي ملڻ جا جشن هلي رهيا هئا. بهرحال اسان جي پراسرار گفتگو تي تون گو موگو واري صورتحال ۾ هيئن. جاڳرتا مهم کان واپس ايندي اڄ شاعريءَ جو ذڪر نڪري پيو.. سڀئي پنهنجي ڏورواين (موبائيلن) تي ڪو شعر آيل پيغامن مان ڪڍي پڙهندا پئي ويا. سچ ۾ ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. شاعريءَ ڪيتري قدر نه احساسن ۽ جذبن تي اثر ڪندڙ ۽ اڀاريندڙ هوندي آهي. حواس ۽ هوش خطا ڪري عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. پر شاعريءَ موسيقي ۾ وڌيڪ اثر ڪندڙ هوندي آهي. ائين تون تي اچي تلوار لڙڪي.. “سائين هاڻي توهان شعر ٻڌايو..؟” تون خاموش ٿي ويو هئين، ڪجهه گهڙين تائين تون سڀني ڏانهن ڏسندو رهين. حقيقت ۾ تون ان وقت منهنجي پرڪيف نگاهن مان سمجهي ورتو هو ته نشو ڇا هوندو آهي..! آءُ هوش ۾ نه هيس.
پوءِ تنهنجي لبن تان اهو شعر نڪري ويو هو..
“منهنجي چپن جي خواهش آهي ڪجهه کڻن ورهائي،
تنهنجي لبن تي سرخيءَ جو ڪجهه بار ته آهي.”
مان توڏانهن نهاريو هو ۽ وري نظرون جهڪائي ڇڏيون هيون. گوڙ ۽ واهه واهه جي آوازن ۾ مون سرخ چپن تي مرڪن جا پوپٽ اڏائيندي ڏينهن جي پڄاڻي ڪئي هئي.
****