ليکڪ پاران : ناول منهنجو ڪهاڻي کان پهريون عشق آهي
ناولن جي دنيا ۾ رهندي مون ناول لکڻ شروع ڪيو، جنهن کي “ٻليدان” جو نانءُ ڏنو هئم. اهو ناول هڪ شهري ڇوڪري جي ڪهاڻي هو ۽ مون ستر يا اسي صفحا لکي ڇڏيا، الائي ته ڇو لکندي لکندي اڌ ۾ ڇڏي ڏنم ۽ اهو 2002ع جو زمانو هو پوءِ ڦاڙي ڇڏيم يا لائبريري جي ڪنڊ پاسي ۾ ڪٿي پيل به هجن اهي ڪاغذ..
2014ع ۾ پيٽرڪ مديانو جي نوبل خطاب کي پڙهڻ جو موقعو مليم ۽ پيٽرڪ مديانو فرانس جي بهترين ناول نگار طور نوبل انعام ڏنو ويو هو. ان ناول لکڻ بابت چيو ته “تخليق ڪار کي ان وقت جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي ته ٿورو پڙهي وٺان، يا اڃان ٿورو وڏو ٿيان، وڌيڪ ڏاهو ٿيان ته پوءِ ناول لکندس وغيره. پر ليکڪ کي جيڪو به جنهن به وقت تخيل ۾ اچي ان کي لکي ڇڏڻ گهرجي. ٻئي صورت ۾ شيون ليکڪ جي ذهن مان نڪري وينديون آهن.
ائين ڪيڏا پلاٽ ۽ ڪردار انهن گذريل ڏهاڪو سالن ۾ آيا ۽ ذهن جي پڪڙ مان نڪري ويا. پر مديانو جي خطبي پڙهڻ کان پوءِ مون فورن پنهنجي ناول واري شعبي ڏانهن پراعتماد نموني سان اچي ويس. لکڻ شروع ڪيم. منهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسسز جي ڪم دؤران مون کي منهنجي ناول جا ڪردار ڪافي ڇڪيندا رهندا هئا. مون ان ڪم ڪندي ناول به لکي ورتو. جنهن جي خبر اگر منهنجي پي ايڇ ڊي رهبر سانئڻ ڊاڪٽر تهمينه مفتي کي پوندي ته ناراض ٿيندي. جڏهن منهنجو ناول ڇپيل ڏسندي. ڇو جو ان جو منع ڪيل هو ته تون پهريان پنهنجي پي ايڇ ڊي پوري ڪر پوءِ ٻيا ڪم ڪجان! پر ناول ته مون کان لکجي ويو هاڻي ڇا ٿي سگهندو!
ڏسان ٿو سنڌي ناول نويسيءَ جو سڄو ميدان خالي آهي. امر جليل هڪ ناول لکي ميدان کان ٻاهر پويلين ۾ ويٺو آهي، طارق عالم ابڙو هڪڙو ناول لکي شهرت ماڻي مري ويو. سراج به ناولن جي ٽريالاجي لکي ۽ پوءِ ناولن کي ڪڏهن وقت نه ڏنو. آغا سليم به ٿڪجي سمهي پيو. سنڌي ناول جي دنيا هڪ اهڙي مسافر جي تلاش ۾ آهي جيڪو هن سان توڙ نه نڀائي ته ڳپل پنڌ ڪري. سنڌي ناول نگار مون مشاهدو ڪيو آهي هڪ ناول کان اڳتي نه ٿا وڌن. خير ڪي اهڙا ناول نگار آهن جن هڪ کان مٿي ناول لکيا آهن ۽ سٺا لکيا آهن غلام نبي مغل انهن منجهان آهي.
آءُ سنڌي ناول جو جهنڊو کڻي ميدان ۾ لٿو آهيان. ناول جي دنيا منهنجي دنيا آهي. جنهن ۾ هر وقت جيئندو رهندو آهيان. ناول پڙهڻ، انهن تي ڳالهائڻ ۽ هاڻي انهن تي لکڻ مون لاءِ هڪ اهم ڪم بڻجي ويو آهي. ناول نگار، ناول پڙهڻ وارا ۽ ناولن تي لکڻ وارن سان گهڻو چاهه اٿم.
منهنجو هي Debut پهريتو ناول آهي. دنيا جو سمورو ادب عورت جي ڪري تخليق ڪيو وڃي ٿو. ان سان جڙيل محرومين ۽ حاصلات جا احساس ئي شاعري، ڪهاڻي، ناول، غزل ۽ نه ڄاڻ ڪهڙين ڪهڙين صنفن ۾ پرٽجي لازوال تخليقون ٿي وڃن ٿيون. عورت ئي ادب جي تخليق ٿيڻ جو سرچشمو آهي. دنيا جو هر تخليقي ماڻهو قدرت جي خوبصورت ترين تخليق کان متاثر ٿيڻ کان رهي ئي نه سگهيو هوندو، ته پوءِ آءٌ ڪهڙي باغ جي موري آهيان. آءٌ به انهن عورت متاثرن جي قطار ۾ پٺيان بيٺو آهيان. مون پنهنجي پهريتي ناول جو مسودو آخري محبت ڏانهن اماڻيو، هن پڙهيو. الائي ڇو منهنجي دلي خواهش هئي ته هوءَ پهريان پڙهي! هن پڙهيو پوءِ ئي آءُ اڳتي وڌيس.
اداس نسلين جي خالق عبدالله حسين چيو آهي ته “پهرين ناول ۾ هميشه غلطيون رهجي وينديون آهن.” سو منهنجو هي پهريون ناول پڙهندڙن جي نظر.. آءُ سنڌي ناول نويسيءَ ۾ پنهنجي داخلا ڪرائي رهيو آهيان. مون کان ڪي غلطيون ٿي به ويون هونديون. ڪي سٺايون به هونديون. جيڪي به پڙهندڙ دلي رايا ڏيندا، اهي به اکين تي ۽ جيڪي ساڙ ۽ بغض مان باهه ڪڍندا، هي به قبول هوندا.
[b]هوش محمد ڀٽي
[/b]حيدرآباد
2016-02-10
3788478-0333
hosh6292@yahoo.com