5
منان لاٿو مون سندو جئڻ آسرو. )شاهه)
ان ڏينهن زندگي موجن جي موج ۾ مگن هئي. ڀٽائي ڪو گانو ڳائيندو آفس جون ڏاڪڻيون چڙهندو، آفس اچي ويو. اتر جو آسمان صاف هو، ڪجهه اڇا بادل هروڀرون ڊوڙون پائي رهيا هئا. جهرڪين ۽ ڪٻرين جي ٻولن سان ماحول ۾ موسيقي جو سمان هو. پر هن سان اهو ائين ٿيندو؟ هو ان کان بلڪل به بي سڌ هو.
هو آفيس ۾ هو ته آفس جي ڪا ڇوڪري سندس اجازت وٺي اندر آئي.. “سر ڪا ڳالهه چوڻي آهي اوهان کي؟”
“بابا راحيلا توهان بلڪل چؤ ڇا ڳالهه آهي؟”
“سر ميڊم رميسا مجيد، منهنجي موبائيل تان ڪاڏي ميسيج ڪيو زبردستي مون کيس گهڻو منع ڪيو ته بي..” راحيلا هٻڪندي چئي وئي..
“بابا sms مون ڏانهن ڪيو هوندائين.” ڀٽائي ڳالهه نٽائيندي چيو.
“اوهان جو نمبر ته مون وٽ آهي. هي ته فون بوڪ ۾ آهي ئي نه...” هن پنهنجي موبائيل ۾ اهو پيغام کوليندي ڏيکاريو..
جنهن ۾ لکيل هو: “جان ڪلهه موبائيل ۾ چارجنگ نه هئي. سائين جن اٿيا آهن، نيرن ڪئي اٿو، پنهنجو ڌيان رکجو. تنهنجي رميسا...”
ڀٽائي جو sms پڙهيو ته ائين ٿي پيو جيئن بجلي هلي ويندي آهي هو ڪنهن ڪٽيل تار جيان لڙڪي پيو. نڙي ۾ ڪنڊا ڦاسي پيس. حواس خطا ٿي ويس.
“راحيلا توهان وڃو.” هن پاڻ سنڀاليندي چيو ۽ ڪرسي تي ڪري پيو.
“هوءَ ته مون سان کلاوڙ پئي ڪري، اوهه مان عشق ۽ افيئر ۾ فرق ڪري نه سگهيس. آءُ ڀورڙو بڻجي هن جو هر ڪوڙ ۽ دوکي کي ائين ٽاريندو رهيس. منهنجي اعتماد ۽ ڀروسي سان ايڏي راند...”
هو مٿي کي هٿ ڏئي سوچيندو ۽ بار بار اهو ميسيج پڙهندو رهيو. کيس يقين نه اچي رهيو هو ته هي هن سان ڪهڙي ويل پئي وهي... هو ان کي اڃا تائين تسليم نه پئي ڪري سگهيو.
“رميسا” هن طنز ۽ ڪاوڙ منجهان رميسا کي سڏيو..
“هي ڇاهي؟؟” هن موبائيل جي اسڪرين تي لکيل اهو ميسيج ڏيکاريو.
رميسا جيئن ئي راحيلا جو موبائيل ڏٺو.. هن باز وانگي حملو ڪري موبائيل ڦرڻ چاهي. سڄي ڦڪي ٿي وئي. ڪوڙائپ جي ڪري سندس رت به جسم جي ڪنهن ڪنڊن ۾ لڪي ظاهر ٿيڻ کان نابري واري بيهي رهيو هو.
هوءَ ڪنڌ نوايو بيٺي هئي. ڀٽائي جي اکين ۾ رت جا ڳوڙها هئا.
“تون مون سان ائين ڇو ڪيو؟” ڀٽائي سوال ڪيو.
خاموشي...
هوءَ چوري پڪڙجڻ تي بي چيني، وائڙائپ ۾ سنيڊل سان فرش کي کرڙڻ لڳي.
“مان هن کي چاهيندي آهيان.” رميسا ڳالهايو.
“هان!” ڀٽائي بي ساهي جسم سان لڏندي رڙ ڪئي. هن کي بلڪل به هوش نه هو.. “آءُ ڇا آهيان پو؟”
“رميسا مجيد صاحبه...! آءُ ڪير آهيان؟ مون کي سڃاڻو ٿا..؟”
هوءَ چپ بيٺي رهي.. جهڙي ديوار چين هجي.. هن ڪر کڻي ڳالهايو..
“هي منهنجي زندگي آهي، مان ڇا به ڪيان؟ منهنجي مرضي آهي.” زوري ڀٽائي کان موبائيل ڦرڻ جي ڪيائين.. هو حيرت ۾ رميسا کي ڏسندو رهيو، نه ڏيڻ چاهيندي به موبائيل کي ڇڏي ڏنائين. رميسا sms ميساري، راحيلا کي گار ڏئي موبائيل ميز تي اڇلي.
“مان وڃان ٿي، وري ڪڏهن نظر نه ايندم توکي..” ائين چئي هوءَ آفيس مان نڪري وئي.
ڀٽائي چؤماسي جي مينهن جيان وسي پيو. در ڏئي اچي ٻروڙٽ ڪيائين... آفيس جون ديوارون به غمزده ٿي ويون. “ايڏي وڏي ويساهه گهاتي..!!؟ منهنجي يقين ۽ محبت سان. هاڻي جيء ڪري ڇا ڪندس..” هن پاڻ کان سوال ڪيو. وري پاڻ ئي جواب ڏيڻ لڳو.. ”جيڪو هو جنهن خاطر جيئڻ جا سپنا ڏٺم اهو ته بي ايمان نڪتو.”
هوءَ ڀٽائي کي ڊيسڊيمونا لڳي. ڪوڙي... فريبي..!!
وليم شيڪسپيئر جي ناٽڪ “اوٿيلو” جي هيروئن ڊيسڊيمونا، اوٿيلو کي دوکو ڏئي ان جي دوست سان تعلقات رکي ٿي. شڪ جي بنياد تي اوٿيلو، ڪيسيو کي ماري ڇڏي ٿو ۽ چيو: ڪيسيو جي هڪ جان هن جي انتقام لاءِ ٿوري آهي. ڪاش! ان جون چاليهه هزار جانيون هجن ها. ته انهن مان پنهنجي انتقام جي اڃ اجهايان ها.”
“سنڌ ۾ ته ڇا پر اٽليءَ ۾ به غيرت جو قتل جائز سمجهيو ويندو آهي. مان هن کي ماري ڇڏيان، بعد ۾ پاڻ کي ...؟” هن سوچيو.
اهو ڏينهن هن جو آفيس ۾ گذريو سڏڪندي روئيندي.. پٽيندي.. رات جو هو گهر به نه ويو.
****
“مون سان ايڏو خلم ڪري به هن اڃا تائين معافي ته ڇا؟ رابطو به ناهي ڪيو...” ڀٽائي ان تي پريشان هو. سڦلتا آفس ۾ اندر آئي ته هو سوچن جي دنيا مان واپسي ڪري ڪرسي تي سهي ٿي ويٺو.
“توهان جي طبعيت ڪيئن آهي؟” سڦلتا پڇيو.
“آءُ بلڪل ٺيڪ آهيان.” ڀٽائي روئڻ واري آواز کي سهي ڪندي عنابي اکيون جهڪائي جواب ڏنو.
سڦلتا مرڪ جي بجلي ڪرائي.. “ها..ها.. مون سان ڪوڙ ٿا ڳالهايو توهان..”
“توهان مون کي رميسا ۽ پنهنجي باري ۾ ٻڌايو نه..؟!” سڦلتا ميار ڏيندي چيس.
“تون ڪڏهن پڇيو ئي نه..” هن مرڪندي وراڻي ڏني.
اڄ اوچتو سڦلتا هن کي غور سان پهريون دفعو ڏٺو؛ هن کي لڳو ڀٽائي هڪ شريف النفس انسان ۽ معصوم عاشق هو. مائيڪل اينجليو جي هٿن سان پٿرن مان گهڙيل خوبصورت مجسمي جهڙو..”
“مون کي نه ٻڌائيندا؟”
ٻڌايان ٿو “رميسا مون سان پيار ڪندي آهي.”
“هان!!!” هن آڱر چپن تي رکندي رڙ ڪئي. “وڏي ڪا وڻواند آهي.”
“هوءَ ڪڏهن راڌا ٿي نٿي سگهي. هوءَ هر ڪنهن جي گوپي ٿيڻ پسند ڪندي آهي. گوپي...” ائين چئي.. سڦلتا کلي پئي.
۽ ڀٽائي معصوم ٻارن جيان سندس اڳيان جهوري—روئي پيو هو. ڀٽائي کي روئيندو ڏسي سڦلتا جي چهري جا ڀاو بدلجي ويا. جيئن ٿي ڀٽائي رنو... تيئن هوءَ وئي وسامندي..
“توهان روؤ نه پليز.. خدا جي واسطي... پاڻ کي تڪليف نه ڏيو.. توهان ڪنهن جي لاءِ ٿا پاڻ کي ساڙيو.. جنهن وٽ انساني جذبا محض راند آهن.” سڦلتا منٿون ڪيس.
منش کي ساٿ
ته صرف ان جي
وجود جي
پاڇي جو ئي
نصيب ٿيندو آهي
باقي سڀ
هڪ ڀيانڪ
سپنو آهي...
ڀٽائي جا ڳوڙها ته بند ٿيا پر سڏڪن تي سڦلتا سڙي رهي هئي. هوءَ هن کي ان ڏک مان ڪيئن ڪڍي هن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو.
“ائين مٿي نه ڏسو، آسمان ۾ ڪوئي رهندو آهي ڇا؟ هن جهان ۾ هڪ اهائي ڇوڪري هئي ڇا؟ توهان بي چين نه ٿيو. ان کان وڌ ڪوئي اوهان کي ملي ويندو، اوهان بس چپ ڪيو ۽ ڏسو ان کي ملي ويندي اوهان کي..” سڦلتا چيو ته هو چپ ٿي اتان اٿي گهر هليو ويو.
***
ٻئي ڏينهن هو سخت بخار هجڻ ڪري، آفيس نه وڃي سگهيو. سندس حالت انتهائي بدتر ٿيندي پئي وئي. سڦلتا آفس آئي. هن ڏٺو ڀٽائي آفس ۾ نه هو. پڇڻ تي کيس ٻڌايو ويو ته “ڀٽائي صاحب سخت بيمار آهي.”
“هان!!” سڦلتا جو هيانءُ ڇڏي پيو.
هوءَ شام جو ڀٽائي جي گهر هلي آئي.
ڀٽائي ڪوٺيءَ ۾ بلب بند ڪيو ستو پيو هو ته هن اچي بلب ٻاريو. سڦلتا سان گڏ ڀٽائي جي ڀيڻ به بيٺي هئي. سڦلتا جي هٿ ۾ پولي جوس هئا. هوءَ هن جي ويجهو آئي، ڀٽائي کي هن جي بدن مان لوبان جي خوشبو آئي. سڦلتا سندس پيشاني تي هٿ رکيو.. رڙ ڪيائين.. “ڇوري هن کي هيڏو بخار آهي ۽ توهان هن جي سار نه لڌي آهي.”
ڀٽائي جي ڀيڻ وائڙي ٿي ٻاهر هلي وئي. ٿوري جهٽ ۾ ڊاڪٽر اچي ويو. جنهن ڀٽائي کي دوائون ڏنيون ۽ ٿيلهي هنئي. سڦلتا ڀرسان ويٺي رهي.. ڀٽائي هُن ڏانهن زرد مرڪ سان ڏٺو.
“تون ان ڇوڪري ڪري ڇو پاڻ کي ڳاري رهيو آهين، ان جو ڪو هڪ نه آهي. اهو سمجهي ڇو نه ٿو.” سڦلتا پنهنجائپ مان سختي ۾ چيس.
ڀٽائي سڦلتا کي ڏسي رهيو هو ته ٻه گرم ڳوڙها اکين مان وهي پيس. جيڪي سڦلتا تڪڙ ۾ اگهي وتس. “هاڻي توهان نه مڙندا نه؟”
“هن نفسياتي معاملن کي پيار جو نالو ڏئي مون کي تباهه ڪري ڇڏيو. اوئين به محبت کي عشق، پريم ۽ پيار جو مهذب نالو ڏنو ويو آهي. محبت مڪمل نفسياتي معاملو آهي.” ڀٽائي آهستي چيو.
“مان توهان کي رميسا بابت ٻڌائيندم، توهان جلدي ٺيڪ ٿي وڃو.” سڦلتا جهڙوڪ آٿت ڏيندي دلاسو به ڏنس.
“مون کي هاڻي ڏسيو سڄي حقيقت ..” ڀٽائي تڙپندي چيس.
“توهان جنهن لاءِ مرو ٿا، اها ڪنهن لاءِ به نه مرندي آهي، هوءَ صرف احساسن جا جنازا ڪڍندي آهي. هن جا ڳوڙها ڳوهه جا ڳوڙها آهن. رميسا پهريان ادا فريد سان پيار جو ناٽڪ ڪيو، جيڪو اسان جو مائٽ آهي. هاڻي ادا فريد چريو ٿي چڪو آهي. ڪوئي به نه ڄاڻي هن جي پاڳل پڻي جي وجهه ڪهڙي هئي.. پر مان ڄاڻان ٿي. جتي رميسا هوندي آهي هو ان جي ڀرسان اچي ويهي رهندو آهي.”
“ادا فريد مان پيٽ نه ڀريس ته راجيو کي بي وقوف ڪري ورتائين. اهو به هاڻي خوش آهي ته هن سان رميسا پيار ڪري ٿي. سو به سچو پيار... پيار ويار ڇا جو؟ هوءَ بس انجواءِ ڪندي آهي. راجيو ويچارو توهان وانگر رميسا تي انڌو اعتبار ڪندو هو پر ان کي به ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيائين. راجيو چريو ته نه ٿيو پر هن کي سمجهي ضرور ويو. پر هن کي ئي، هن جي ضرورت نه رهي ته ان کي به ڦٽي ڪري ڇڏيائين.”
پوءِ هن جي زندگي ۾ آيو شادي شده زوهيب، جيڪو به هن جي حسن تي هرک هاري بيهي رهيو ۽ ارڪو ترڪو سڀ هن تي واري رهيو آهي.”
“توهان کي خبر آهي، اهو جيڪو ميسج ڪيو هئائين، اهو زوهيب ڏانهن ڪيو هئائين. رميسا جو زوهيب سان گذريل ٻن سالن کان تعلق آهن. هو کيس ڪاليج ۾ به روز ملڻ ايندو هو.”
“زوهيب سان واسطو هوندي، توهان سان ناٽڪ ڪري رهي آهي. توهان ڪيڏا ڀورڙا آهيو، ان کي پرکي نه سگهيا.” پاڻ کي سنڀالي ان تيرنهن تالي ڇوڪري جي چڪر مان نڪري اچو.”
“ڀائو وحيد جي توهان کي سڌ هوندي.” چوندي ته ان کي ڀائو آهي پر هر وقت ان کي اهو ظاهر ڪندي آهي ته هوءَ ان تي وڏي اڪن ڇڪن آهي.”
“بس سڦلتا بس.. مون کي وڌيڪ نه ٻڌڻو آهي. هوءَ ائين هوندي، مون ته ڪڏهن نه سوچيو.” ڀٽائي بيزاري مان چيو.
“۽ ها سر هو جيڪو ساجد جنهن توهان جي نمبر تي فون ڪئي هئي، جڏهن ڳوٺ شادي تي وئي ته ان سان نيڻ ملائڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين. ان کي به پنهنجي پر ۾ اهو جتايائين ته کيس هن سان وڏو پيار اٿس.”
هاها.. هن ته پيار کي مشڪري ڪري رٿيو آهي.” روز ٿي نئون پيار ڪري..”
ڀٽائي اوڇنگارن ۾ پئجي ويو. هوءَ اٿي بيٺي، ڀٽائي جي حالت کانئس ڏٺي نه وئي ۽ چيائين: “مان وڃان ٿي توهان پريشان نه ٿيو. توهان سڀاڻي تائين ٺيڪ ٿي ويندا ۽ توهان کي ڪجهه به نه ٿيندو.” هوءَ پـٺيرو ڀٽائي کي ڏسندي هلي وئي.
ڪجهه دير بعد ڀٽائي جي موبائل جي ميسيج گهنٽي وڳي..
هن فون کڻي ڏٺي.. سڦلتا جو ميسيج هو:
“پيارا ڀٽائي! مون اوهان جي صحت جي لاءِ ڏيئو روشن ڪري رکيو آهي ۽ اوهان جلد ٺيڪ ٿي ويندا. بلڪل به پريشان نه ٿيو.” اوهان جي سڦلتا.
ڀٽائي پيغام پڙهيو ته اکيون ڀرجي آيس ۽ ٻه ڳوڙها وهي پيس. ان کان پوءِ سڦلتا ڀٽائي کي کوڙ ساترا لطيفا موڪليندي رهي هو مسڪرائيندو ۽ روئيندو رهيو.
“تون ڪيڏي سٺي آهين سڦلتا” هن کي لڳو هو رميسا جي بجاءِ سڦلتا جي چونڊ ڪري ها، پر لڳي کي ڪير ٿو روڪي سگهي. ائين سوچيندي ڀٽائي کي ننڊ اچي وئي.
***
ڀٽائي جمعي تي گرفتار ڪيو ويو هو. ان لاءِ ٻه ڏينهن پورا گُهٽ ۽ ٻوسٽ ۽ هيانءُ ڪچو ڪندڙ ڌپ واري لاڪپ ۾ سڙڻو هو. ڇنڇر آچر موڪل ڪورٽ بند هئي. مٿس ڪيس چالان ٿي چڪو هو. غنڊه گردي ۽ 13-D جو ڪيس هنيو ويو هو. سومر تي کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪندا. هو سوچي رهيو هو پر ان کان اڳ پوليس جيڪا حالت ڪئي هيس. اها ته هو پاڻ به نه پئي ڏسي سگهيو.
“هاڻي ڇا ٿيندو؟ آءُ خبر ناهي ڪيترا سال ڪاٺ ۾ پيو هوندس، سڦلتا جي شادي ٿي ويندي. هوءَ مون کي وساري ڇڏيندي. سڀ ڪجهه ڇڏائجي ويندو، جيل مان ايتري ڊگهي جدائي کان پوءِ واري زندگي ڪئين گذاريندس.” سوچن سان گڏ اکين مان ڳوڙها به ٽمي رهيا هوس.
آچر واري رات جاچ آفسر لاڪپ جي شيخن کان بيهي سڏيو هيس: “ڀٽائي ڪير آهي؟”
مئل نگاهن سان جاچ آفيسر کي ڏسي چيائين: “آءُ آهيان سائين.”
“اورتي اچ بابا، ڪجهه پڇڻو آهي.” آفيسر چيس.
بي ساهو پاڻ گهليندو اچي شيخن کي هٿ وجهي بيهي رهيو. “مون کي اوهان جي ڪيس تي جاچ آفسر مقرر ڪيو ويو آهي.”
“اوهه! ڪيس داخل ٿي ويو ڇا؟” هن مايوسيءَ مان چيو.
“ها بابا توهان ڏسڻ مان ته صفا به اهڙا نٿا لڳو. جيڪو ڪيس ۾ آهي، ڇا ماجرا هئي؟ مون کي ٻڌايو.” آفسر همدردي وچان چيو.
“سر فيڪٽري جو مالڪ هروڀرون اسان جي قوم کي گهٽ وڌ ڳالهائي گند اڇلائي رهيو هو مون صرف ان کي منع ڪيو ته هن ڪچيون گاريون ڏنيون، مون به موٽ ۾ ڏنيون ۽ وڙهي پياسين. هاڻي هن هي ڪيس ڪرائي ڇڏيو..”
“پرواهه نه ڪيو! توهان سان وڙهيا ته نه آهن نه؟؟”
“تمام گهڻو.. حالت ڏسو پيا..”
“مان جهليان ٿو. هاڻي توکي هٿ نه لائيندا.” جاچ آفسر ائين چئي هليو ويو.
ڀٽائي ڇڳل تڏي تي اچي پيو. پوري ڪمري ۾ ماڪوڙا، ڪوليون ۽ ٻيا جيت گهمي رهيا هئا. رات ٿي چڪي هئي. لاڪپ جو ڳاڙهو بلب به بند ٿي ويو. لاڪپ ۾ ڀٽائي ۽ هڪ هيروني بند هئا. اونداهه ۾ هيروني جي سگريٽ جي ڦلي جو ٽانڊو پئي چمڪيو. دونهي کان سخت نفرت هوندي به هيروني کي ڪجهه چئي نه سگهيو. روشن دان مان ٻاهرين روشني اندر اچي رهي هئي. هن جي دماغ ۾ آنڌ مانڌ هئي. جسم ۾ پٽ ڊوهه ۽ خارش به ٿي پئي هيس. ٻن ڏينهن کان وهنتو جو نه هو.
هن کي سڦلتا ياد اچڻ لڳي. “ڪئين هُو هن جا زوري چپ چمندو هئس ته هوءَ ڪاوڙجي پوندي هيس ۽ چوندي: “چريا ساهه ٿو منجهي.”
۽ ڀٽائي وري چرين وانگر سندس چپن کي چنبڙي ويندو هو. جيئن ٻار انب جي ڦار چوسيندو آهي.”
هيروني جي کنگهڻ تي هو سوچن جي تسلسل ٽٽڻ ڪري خيالن مان نڪري اچي ٿو. ڀٽائي کي اِهو احساس ٿي رهيو هو ته هو اڪيلو نه هو اتي، ڪوئي ٻيو انسان به ساڻس گڏ هو.
“ڪاش مان نه وڙهان ها! سيٺ خبر ناهي ڪهڙو حشر ڪرائيندم. سڦلتا!!؟” سڦلتا جو خيال ايندي ئي سوچون وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي ويس.
“هاڻي سڦلتا کي ڪڏهن ڏسندس. هوءَ منهنجي موبائيل تي پيغام ۽ ڪال ڪندي هوندي. رات جو ته هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کان سواءِ نه رهي سمهندا هئاسين. مون کي جذباتي ٿيڻ نه کپندو هو، درگذر ڪيان هان ته اڄ هي حالت نه ٿيم ها.” ائين سوچيندي من وگهرڻ لڳس.
وري معصوم ياد آيس...
“معصوم ئي ته منهنجي ngo واري نوڪري ڇڏائي هئي. مون کي منهنجي گهر کان ڌار ڪيو. آءُ ڪيڏو اياڻو هئم. جو هن جي هڪ چوڻ تي سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنم، هتي جديد جانورن جي شهرن ۾ اچي نڪتو آهيان. هي شهر اسان جو ڪٿ رهيو آهي؟ وري ڀٽائي کي شهر ۽ ديس جي الڪي وڪوڙي وڌو. جيڪر هي شهر مڪمل اسان جو هجي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها.. نوڪرين آمدرفت، هوٽلن، هٽن هر ڪاروبار تي ڌارين پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو آهي. معصوم مون سان بيوفائي نه ڪري ها ته هئين منهنجو حشر نشر ڇوٿي ها.”
رات جو 2 بجي جمعدار هڪ موبائيل چور کي پڪڙي آيا. جنهن جي ڪانچ لاهي مٿس سچو پترن جي ڀرمار لائي ڏني. خوف ۽ حراس ۾ ڀٽائي جي دل جو دهڪو وڌي ويو ۽ هن جو خاص عضوو سسي ڪنهن رپئي واري ٽافي جيترو ٿي ويو. ڇو جو هاڻي وجود ۾ ساهه نه هوس وڌيڪ مار کائڻ جو. بشني جون ريهون ڪيهون ۽ پوليس وارن ڪاڪن جي ٽهڪڙن جي واڄن سان سڄو ٿاڻو وڄي رهيو هو. ڀٽائي ويو پئي ڊپ ۾ سوڙهو ٿيندو.
رميسا ڪوهيري جي ڌنڌ ۾ ڪٿ وڃائجي وئي هئي. ڀٽائي جي زندگي هاڻ سڦلتا هئي. جنهن کيس نئون جنم ڏئي پنهنجو پورو جنم ارپي ڇڏيو هو.
ڀٽائي اها ngo واري نوڪري ڇڏي ڏني هئي. جت رميسا هن کي رت جا ڳوڙها واهيا هئا. هن جلدي اتان استعيفا ڏئي اهو شهر ئي ڇڏيو هو.
هاڻي ڪراچي جي موٽرن جي دونهين ۾ اچي ويو هو. هن کي هڪ ڪپڙي جي فڪٽري ۾ سپروائيزري ملي هئي. رميسا کي هو اڃا پوري طرح نه ڪڍي سگهيو هو پنهنجي دنيا مان... رميسا سان هن جو درد جو رشتو جڙي ويو هو. هوءَ هڪ اهڙو سور ڏئي وئي هوس. جنهن کي مڪمل ختم ڪرڻ ڀٽائي جي هٿ وس نه هو.
شاهه چيو آهي؛ ڏکن سکن جي سونهن. جيئن فيض چيو آهي سور جو رشتو وڏو آهي. اسٽيڪل چيو آهي: صحت مند اهو آهي جيڪو پنهنجي ماضي تي فتح حاصل ڪري ٿو.
ڀٽائي پنهنجي ماضي کي فتح ڪرڻ لاءِ دونهي جي شهر ۾ هليو آيو هو. جت ڳالهيون ٿي نه سگهنديون آهن. صرف فرض ڪيون وينديون آهن، هن شهر جو محبتون سپوزيشن هونديون آهن.
شهري ماڻهن کان ته فطرت سان رهڻ وارا ماڻهو بهتر آهن. انهن جا جذبا فطري هوندا آهن ۽ انهن جو اظهار به فطري هوندو آهي. سندن طبعيت ۾ فطرتي رنگ شامل هوندا آهن. فطرت سان مشهابت رکندڙ سڦلتا کي هو ڳوٺ ۾ ڇڏي هت روزگار لاءِ آيو هو.
روز فڪٽري ويندو هو. شام جو دير سان گهر موٽندو سڦلتا هرپل موبائيل تي پيغام موڪلي خيريت معلوم ڪري، پيار ڏيندي رهندي. هن کي اهو به ياد نه رهندو ته هو روز اڻ ڳڻيا پيغام اماڻيندي رهندي هئي.
ان ڏينهن ڏاڍو خوشگوار صبوح هو. ساگر جي ڪناري اڏيل شهر تي آسمان ۾ ڪڪر ڪارن وانگر ڊوڙي رهيا هئا ۽ هارونن جي آوازن وانگر مينهن ڪڻيون وسي رهيون هون. ڀٽائي کي آفس پهچندي پهچندي ڪافي دير ٿي وئي هئي.
فيڪٽري ۾ گهڻائي ڌارين جي هوندي هئي. ڀٽائي اصل رهاڪو هو جيڪو سپروائزري جي عهدي تي هو. مئنيجر پنجابي ۽ پٺاڻن جي اڪثريت هئي. هو پنهنجو ڪم سچائي ۽ اورچائي سان نڀائيندو هو. جئين ئي هو پهتو ته سيٺ فرقان کيس آفيس ۾ سڏايو..
“توهان سنڌي ايڏا ڪم چور ڇو آهيو؟” سيٺ دٻائيندي چيس.
ڀٽائي پڇا ڪئي.. “سر ڇا ٿيو آهي؟”
“سڀ سنڌي حرام خور، نمڪ حرام، نڪما ۽ سست هوندا آهيو، توهان کي شرم حيا ناهي.” سيٺ گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيو.
“پر... ڀٽائي ڳالهائڻ جي ڪئي..”
“توهان ۾ غيرت نه آهي. توهان وڃي گڏهه اٺ هڪليو.. چڱائي ته توهان سان ڪڏهن نه ڪجي.”
“بس..!” ڀٽائي رڙ ڪئي. “توکي ڪو حق نه آهي ته تون سڀن کي گڏي ڳالهاءِ ۽ پوري قوم تي گند اڇلاءِ. مون کي منهنجو قصور ٻڌايو وڃي. مان تنهنجو ملازم آهيان مون کي ڳالهاءُ. قوم کي نه ڳالهاءَ.” ڀٽائي جو پارو چڙهي ويو.
سيٺ ڪرسي تان اٿي بيٺو..“ڇا ڪندين؟ ... ماءُ جا... ڀيڻ کي...” هن جي گول تارن ۾ رت ڀرجي آيو هو.
ڀٽائي تپي باهه ٿي ويو. هُن بدحواسي ۾ ويٽ پيپر کڻي سيٺ کي وهائي ڪڍيو. جيڪو هن کي اک جي هيٺيان لڳو. سيٺ ڪچيون گاريون بڪڻ شروع ڪيون. تيز آوازن ۾ رڙيون ڪرڻ لڳو. اک جي هيٺيان ڳٽي جو چپڙ چيرجي ويس. رت ڪپڙن تي وهي وڏا نشان ٺاهي ڇڏيا.
ڀٽائي تيش ۾ اچي ويو. سڄي آفس جو سامان کڻي سيٺ کي چوٽڻ لڳو. جلدي ۾ آفيس جي حالت اجڙيل شهر جهڙي ٿي پئي. چوڪيدار، گارڊ ۽ پنجابي مينئجر اندر آيا. ڀٽائي کي گارڊن سوگهو ورتو. سيٺ ۽ پنجابي مئنيجر هن کي زوردار ٿڦڙ هنيا. پوليس جهٽ ۾ آئي. جيڪا ڪٽيندي ڀٽائي کي کڻي هلي وئي.
پنجابي مئنيجر مسڪرائي رهيو هو. سيٺ وڏي پوليس عملدار کي پنهنجا ڌڪ ڏيکاريا. جيڪو هن جو ويجهو دوست به هو. پورا ٽي ڏينهن ڀٽائي گلوب ٽائون ٿاڻي جي لاڪپ ۾ بند رهيو. لاڪپ ۾ هڪ هيروئني اڳ ۾ ئي بند هو. چوڌاري سگريٽن جا ٽوٽا ۽ کوکا ڦهليل هئا. پئخاني کي در اڌ ڀڳل لڳل هو. پوري ڪمري ۾ ڪاڪوس جي بوءِ جو واسو هو. سو وولٽ جو ڳاڙهو بلب ڊم ٻري رهيو هو. پکو نه هو. گرمي گهٽ ۽ موتمار بدبو.. مٿان پوليس جي مار تي ڀٽائي بي ساهه پيل هو ڪنهن اجائي سامان جيان...
***