4
رميسا جڏهن ڀٽائيءَ کي ڏسندي ته هرڻي جي اکين جيان هن جون اکيون روشن ٿي وينديون هون.
تون لاثاني هئين. توکي دنيا جي هر حسينه تي عظمت ۽ فضيلت هئي. ڀٽائي رميسا کي سامهون ايندو ڏسي سوچي رهيو هو.
رميسا کي انڊيگو ويس پيل هو. سندس شخصيت Prismatic ٿي لڳي.
“مون توهان کي اي ميل ڪئي هئي توهان ڏٺي؟”ڀٽائي انتظار مان پڇيو.
نه مون اي ميل نه کولي آهي.” رميسا چيو.
هي اي ميل جي پرنٽ آهي توهان جي لاءِ، ڀٽائي پتلون مان ڪجهه پنا ڪڍي رميسا ڏانهن وڌايا.
“اوهه.. توهان لکي ويا.” هتي پڙهان؟”
“جئين اوهان جي دل..” رميسا پنا پرس ۾ رکي ڇڏيا. “گهر آرام سان پڙهندس.”
ان شام جو رميسا جا موبائيل تي پيغام...
Bhattia:
Received:
Wah! Zuberdast.
I love you, I kiss you.
21 August 2008
07: 35PM
Received:
Na jane us ke dil me,
Mehfilen abad hon kitni,
Ekela jo bhi betha ho,
Use ekela naheen kehte.
21 August 2008
07: 45PM
Rumesa:
Sent:
Um, ilu, email letter
Bohat acha tha.
21 August 2008
07: 47PM
***
پيار ان خوشبو وانگر ٿي ويو آهي. جنهن تي انسان زندهه نه ٿو رهي سگهي. ڇو جو اها رڳو نڪ ۾ وجهڻ جي شيءَ آهي نه ڪي خوراڪ جنهن سان انسان جيءُ سگهي.
موبائيل جي اسڪرين تي ٿيندڙ محبتن جا اظهار معمول ٿي ويا آهن. پيار ته اڄ جي جوانن لاءِ ڪو رونشو ڪو فيشن بڻجي ويو آهي، جيڪو موبائيل جي هجڻ سان ئي مڪمل ٿو ٿئي.
شام جو وقت هو. ڀٽائي جي موبائيل فون وڄي ٿي.
“بادشاهي برقرار رهي.” پريان رضا جو آواز هو.
“سائين سائين!” ڀٽائي قرب مان چيس.
“واندڪائي هجي ته چانهه جي چڪي پيون.” رضا پڇيس.
“ها آءُ اچان ٿو.” ڀٽائي فون ڪٽي ڇڏي...
رضا ڀٽائي جي ننڍپڻ جي ويجهن دوستن مان آهي. ادبي ذوق رکندڙ رضا هڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ ڇوٽو موٽو استاد آهي. هن جو وقت غيرسنجيدگي ۾ نڪري ويو ۽ هو ڪا خاشي نوڪري نه ڪري سگهيو آهي. رضا ڪافي منجهيل پئي لڳو، ٻئي ڀاڪر پائي مليا ۽ بينچن تي ويهي رهيا. ڀٽائي پڇي ورتس.. “ها سهڻا تون ايس ايم ايس تي ٻڌايو ته توکي محبت ٿي وئي آهي.”
رضا کيسي مان موبائيل ڪڍي ميسج کولي ڀٽائي کي ڏيکارڻ لڳو. جن ۾ کانئس ان ڇوڪري سوال ڪيا هئا. جنهن سبب هُو پريشان هو.
“يار! هوءَ جڏهن صبح جو ايندي آهي ته پوري ماحول ۾ لاتعداد خوشبوئون شامل ٿي وينديون آهن. مان پوري طرح سندس محبتن ۾ جڪڙجي ويو آهيان. هوءَ منهنجو جنون بنجي وئي آهي. پر منهنجي محبتن جي موٽ ۾ اها نٿي ڏئي، جيڪو هڪ عاشق جو معراج آهي.”
“جيتري قدر مون ماجدا جا مسيج پڙهيا آهن. هن ۾ مئچورٽي گهٽ آهي. هوءَ سڀ ڳالهيون روايتي ڇوڪري وانگر ڪري ٿي.” ڀٽائي چيس.
ڀٽائي کي رضا جو پيار گجگاهه لڳو ۽ رضا معصوم...
“مون کي سڀني کان مقدس ۽ عظيم مسرت ماجدا جي حسن جي تصور مان ملندي آهي. مان کيس هڪ وار به لاهي نٿو سگهان. هوءَ منهنجو منڙو آهي.”
“پيارا! اميدن تي زندگي گهارڻ به عذاب اٿئي، ڇوڪريون اميدن تي ڏاڍو جلد پاڻي ڦيرينديون آهن. تون کائنس پهرين پيار جي پڪ وٺ پوءِ پاڻ کي ايترو پريشان ڪر.” هن اکيون ۽ چپ موڙيندي چيو.
“مون کي به هن جي سچائي تي شڪ ٿيندو آهي.” رضا اداس ٿي وراڻيو.
“عورت کي سمجهڻ تمام ڏکيو ئي نه، پر ناممڪن آهي.” هي جيڪو دؤر هلي پيو، موبائيل انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي جو، ان ۾ ڇوڪريون ان وانگر تيز ٿي ويون آهن.” موبائيل جي محبت جي عمر ڪيتري آهي، نمبر بند.. پيار ختم.. جوڳي نه ڪنهن جا مٽ.” چانهه جون چسڪيون ۽ محبت جون مستيون سندن گفتگو جو موضوع رهيون.
ان دوران رضا ڏي ماجدا جا مسيج ايندا رهيا. جن جا هُو ڀٽائي جي صلاح سان جواب ڏيندو رهيو. محبت جي اڻ کٽ، ڳوڙهي ڳالهين ڪندي ڪندي ڀٽائي رضا کان اجازت ورتي. ڀٽائي ڏٺو ته رضا محبت جي نيري رنگ ۾ مڪمل طور وگهرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.
***
ڀٽائي جو رميسا ڏانهن مارننگ ميسج:
سڄي عمر گڏجي رهون ممڪن نه آ،
اڄڪلهه جيان هرهر ملون ممڪن نه آ.
ڪيڏو ڏور ڪٿي به هجون پر،
هڪ ٻئي جي دل تان لهون ممڪن نه آ.
Sent:
6:45AM
23/07/2008
رات ڀٽائي رميسا کي فون ڪئي ته ان جو نمبر مصروف هو ۽ هوءَ ڪنهن ٻئي سان ڳالهائي رهي هئي. هڪ دفعو... ٻيو دفعو... ٽي دفعا.. چار دفعا.. ڀٽائي نمبر ملائيندي درجن دفعا ٿي چڪا هئا.. پوءِ ڪلاڪ ٿي ويو.
پوءِ ٻه ڪلاڪ ٿي ويا.. ٽي ڪلاڪ گذريا. هو نمبر هڻي هڻي بيزار ٿي پيو. ٽن ڪلاڪن کان پوءِ فون بند ٿي ويو. ڀٽائي جي اندر ۾ غم جي اهڙي باهه ٻري پئي هئي، جيڪا ڪنهن آتش فشان کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏي ها.
ڀٽائي ڪلهه رات کان بي قرار هو ته ائين ڇو ٿيو. هُو جيئن آفيس پهتو ته ميز تي چٽ پئي هئي. جنهن ۾ لکيل هو: “سوري... فقط تنهنجي معصوم.” هن چٽ کي ڦڪي کل سان کڻي کيسي ۾ رکي ڇڏيو. رميسا نظر نه پئي آئي. ڀٽائي جي موبائيل جي گهنٽي وڳي... هن ڏٺو رميسا جو پيغام هو.
هزارون چهرون مين تيري مشهابتن ملين مجهه ڪو محسن!
پر دل ڪي مرضي هي اگر تو نهين تو تجهه سا بهي نهين.
Received:
9:49 AM
23/07/2008
ڀٽائي ان ڏينهن رميسا سان نه ڳالهايو..
رميسا هاڻي اڪثر ائين ڪندي هئي. هن جي فون هميشه مصروف رهندي هئي. سوري واري چٽ ڏيڻ معمول هو. هوءَ موبائيل جي بند ۽ رُڌل هجڻ جا انڌا منڊا سبب ڄاڻائيندي هئي. ڀٽائي جيڪو پيار جي سمنڊ ۾ لڙهي ويو هو. اهو ڇا ٿي چئي سگهيو، جهٽ ناراض رهندو وري پاڻ ئي پرچي پوندس.
***
هاءِ ڇا ته دؤر اچي ويو آهي!! هر دؤر جي پنهنجي تقاضا ٿئي ٿي، ماڻهو چاهي، نه چاهي ته به کيس زماني سان گڏ هلڻو پوي ٿو.
ظاهري طور ته هر شيءَ فنا آهي.
ڪا به شيءَ ناهي رهڻي... دنيا انسان کي ڪو به جٽاءُ نه آهي، ڪهڙو لمحو آخري هجي ۽ ڪنهن پل ٿو ساهه پکيئڙو جسم جو پڃرو خالي ڪري وڃي، نه ان جي ڪا پڪ آهي ۽ نه ئي ڪل... تنهن هوندي به ماڻهو بي ڍنگ، بي ترتيب زندگي گهارين پيا، کين ان جو احساس به نه آهي.
ان ڏينهن ڀٽائي کي نياز جو ڪتاب مليو، جيڪو هن تازو ڇپايو هو. ڀٽائي واپسي ۾ مهربانين جو پيغام ان کي مڪو هو.
پنهنجي زندگيءَ جي عجيب ڏکئي دؤر مان گذرندڙ نياز وٽ زندگي ۾ صرف ڌنڌ ئي ڌنڌ آهي، گهري ڌنڌ.. ڪجهه به صاف ناهي!
هو چوندو آ: “مون کي ظاهري طور ڪو رستو نظر نٿو اچي.”
هن جي ڏکن جي شروعات هن جي ڄم کان اڳ ۾ ٿي وئي هئي. سندس امڙ کي چوٿون مهينو پيٽ هو جو بابنهس کي ٻئي شاديءَ جو شُوق جاڳيو ۽ هُن اهُا ڪري به ڇڏي. سندس امڙ کي هن جي پيءُ ڪڍي ڇڏيو. هوءَ هن جي ناني وٽ اچي ويهي رهي. نياز اتي پيدا ٿيو، اتي ئي وڏو ٿيو. اتي لکيو پڙهيو.
اداسي نياز جي طبعيت ۾ ننڍپڻ کان ئي شامل ٿي وئي هئي. هو هر وقت سوچيندو رهندو هو. اداس طبعيت ڪتاب هن جي دلچسپي جو سبب بڻيا.
پرائمري ۾ پڙهندو هو، جو غيرنصابي ڪتاب پڙهڻ تي استاد دڙڪا ڏنس. ادبي ۽ رومانوي ڪتاب هن جي طبعيت کي ائين آوڙجي ويا هئا جو هن کي نصابي ڪتابن سان ڪو لڳاءُ ئي نه ٿيو، پوءِ به عجيب حيرت ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو.
هن پنهنجي زندگي جو عڪس نيئن آيل ڪتاب “سُرو وتل جسم” ۾ چٽيو آهي. اڪيلائي ۽ اداسي سان نياز جو ازلي ناتو آهي.
چوندو: “اداسي منهنجي خمير ۾ شامل آهي، اها ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي.”
امڙ جو خيال ئي هُن کي خودڪشي کان روڪيندو آيو آهي. نه ته خودڪشي حسين اپسرا جيان پاڻ سڏيندي اٿس.
چي: نه ڏينهن آجو، نه رات آجي، فڪر هزارين حيات جيجل،
نه جي هجي ها خيال تنهنجو، ڪري ڇڏيان آپگهات جيجل.
پنهنجي گهڻي اداسيءَ جي باوجود نياز کل مک ۽ خوش مزاج هجڻ جي اداڪاري ڪندو آهي.
“نياز توکي ڪتاب جون کوڙ مبارڪون.. ڪتاب تمام سٺو ڇپايو اٿئي.” ڀٽائي هڪ دفعو وري نياز کي ميسج ڪيو. نياز جي وراڻي: “مهرباني دوست.”
***
”درد پراون کي به پنهنجو ڪندو آهي. آءُ ته ان جو وڏو مائٽ هوس. هن جي مون سان گهڻي وقت کان ياري هئي. سو درد مون کي ڪئين ٿو ڇڏي سگهي.” ڀٽائي من ئي من ۾ سوچي رهيو هو.
“رميسا جو پيار منهنجي لاءِ ائين ٿي ويو آهي. جئين ڪنهن پياسي کي چئجي ته هو خواب ۾ ئي پاڻي پي پنهنجي اڃ اجهائي ڇڏي!”
ڀٽائي جي اکين ۾ سياري جي مند لهي آئي هئي. هن جي اکين مان ڳوڙها ٽپ ٽپ ڪري وهي رهيا هئا. رميسا جو فون ٻئي ڪال تي هو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو رميسا جو درد ڪنهن سان سلي.
هن سڦلتا کي ميسج ڪيو پر اوڏانهن جواب نه آيس. شايد هوءَ ننڊ پئي هئي. بيزاري جي عالم ۾ هن هيڏانهن هوڏانهن جا ميسجز ڪيا ۽ پڙهيا، ڪنن ۾ هيڊ فون هڻي هُو پنهنجي پسند جي موسيقي ٻڌندو رهيو. جڏهن ڪتين ڪر موڙيا، رات به ٿڪي موڪلاڻي جون تياريون ڪيون ته هن جو انتظار به کٽو ۽ هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون اوٻاسي مٿان اوٻاسي ٿي ڏنائين ۽ پاسي ورائي ستو ته ننڊ اچي ويس. ان کان اڳ هن رميسا جو نمبر آخري دفعو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته بند مليس.
صبح جو آفيس ۾ ميز تي رميسا جي معمول جيان چٽ پئي هئي. ڀٽائي اها چٽ پڙهي ڪاوڙ ۾ اڇلي پئي ته رميسا سامهون اچي بيهي رهي...
“منهنجا سائين معافي..”
“يار توسان مسئلو ڇا آهي؟؟ آخر تون ائين ڇو ٿي ڪرين؟” ڀٽائي کهرو ٿيندي چيو.
“او.. رات ادي سومل جي ڪال آئي هئي. ان سان دير تائين پئي ڳالهائيم.”
“تون وڏي تيرنهن تالي آهين... بس گهڻو ٿيو...”
رميسا ڍڍڪر ڏئي روئي پئي. ڀٽائي جيئن هن کي پرچائي سگهي ته هن جي قريب آيو... رميسا جي زلفن مان هڪ عجيب سڳنڌ هن کي آئي.. ۽ هوءَ بلو ليڊي سينٽ هڻي آئي هئي. هن جي محسوسات پوءِ هن جي قابو ۾ نه رهي. ڀٽائي جي نڙي سڪي وئي. رميسا پنهنجا سنهڙا گلابي چپ هن جي ڳاڙهن چپن ۾ چنبڙائي ڇڏيا.
ڀٽائي جي چهري جو رنگ ڦري ويو... رميسا جو هٿ آمجگاهه ۾ کپي ويو. هوءَ ڪاوڙ ۾ اٿي ۽ ڪرسي کي ڌڪو ڏنائين.. ڀٽائي چيو “ڪوئي اچي ويندو؟”
هن پويان هٿ ڊگهو ڪري کڙڪي کي دٻايو. ٽڙڪ جو آواز ٿيو، کڙڪي بند ٿي وئي.
رميسا پنهنجو چولو لاهي ميز تي ڦٽي ڪري ڇڏيو. ڪاري انگي ۾ اڇو ڳاڙهسرو جسم بهه وانگر لڳي رهيو هو. ڀٽائي برف جي ڳنڍي جيان ڳري ويو. پياسا پاڻي جي تلاش ۾ ڪوشان هوندا آهن، پر پاڻي کي پڻ خود پياسين جي ڇڪ هوندي آهي. “اندر جنين اڃ، پاڻي اڃيو ان کي.”
رميسا جي مک تي محبت جو نيرو رنگ نه پر ڪام جو ڳاڙهو رنگ چڙهي ويو هو. هوءَ بگهڙ جيان کيس چنبڙي وئي. هوُ ٻئي سمجهي نه رهيا هئا ته هو ڪٿي ڪٿي چمي رهيا آهن. ڀٽائي جا هٿ ارُهن ۾ ائين هئا، جيئن ننڍا ٻار انب پڪڙيندا آهن.
وڏا وڏا ساهه... هوائن جيان جسم مان نڪرندڙ کرڙاٽ... ۽ پوءِ رميسا جا چڪ هوءَ کيس چڪ هڻڻ لڳي... چپن ۾.. ڳٽن ۾... ۽....؟ هن کي تڪليف پئي ٿي پر هو نه ڪڇيو.
ٿوري دير ۾ جيئن ڦوڪڻي مان هوا نڪرندي آهي ته آواز ٿيندو آهي. ڀٽائي ۽ رميسا جي جسمن به اهڙا آواز ڪڍيا. ڀٽائي جي ڪاوڙ به ڦوڪڻي مان هوا جيان نڪري وئي، هُو سسيل ڦوڪڻو ٿي پيو.
****
اهو ڪلائڊس جي هار جو ڏينهن هو.
بهار پنهنجي آمد جو اعلان ڪري چڪو هو. سيارو پنهنجي آخرين هڏڪين ۾ هو.
محبت جو سفر جيڪو صدين کان جاري هو ۽ هلندو رهندو. پيار جي احساسن، جذبن ۽ اڌمن کي ڪلائڊس ته ڇا پر دنيا جي ڪا به طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي. ڪلائڊس انسانن جي دلين مان پيار ڪڍڻ چاهيو پر دنيا جي هر دل ۾ پيار جا جهرڻا وهن ٿا.
سينٽ ويلنٽائن جي پيار عام ڪرڻ واري عظيم ڪارنامي جو ڏينهن هو. اڄ ويلنٽائن ڊي محبتن جو عالمي ڏينهن هو. عاشقن جي عيد...
ان ڏينهن رميسا جو جنم ڏينهن هو. رميسا جيڪا محبتن جو سنگم هئي. ان ڏينهن محبت جي عظيم علامت ٿي رميسا ڄائي هئي ۽ هوءَ هئي به...!!
صبح جو ساجهر... ڀٽائي جو رميسا کي موبائيل ميسيج:
Rumesa:
Pochhata hai jub koe ka dinya main mohbat kahan hai,
Muskrat deta hoon main or yad aa jate ho tum.
Janam Mubarak, Mohbatoon Mubarak.
From Bhattia
Sent
07: 02AM
14-02-2009
رميسا جو جوابي ميسيج:
Bhattia-Jan:
Gali main us ke kia gae, ke khaq ho gae hon main,
Ab tu yeh hawa he aa ke uthaege mujhe.
Happy Valentine Day jana, saein.
Sender:
Rumesa:
07:45AM
ان ڏينهن رميسا کي سفيد گلابي پرنٽ جو لان جو وڳو پهريل هو. اکين ۾ ڪجل، پيرن ۾ پايل، وارن ۾ ڳاڙهي پوني وڌل هئي. رميسا جي نيڻن ۾ پيار جو سمونڊ ڇوليون هڻي رهيو هو، جيئن ساگر چوڏهين جي رات مست ٿيندو آهي اوئين بلڪل...
رميسا اعلان ڪيو.. “ابا ٻڌو ٻڌو...”
آفس ۾ پيار ڏڻ ڪري سڀن جي مک تي هڪ اڻ مئي خوشي ۽ مرڪ هئي... محبت جي نيراڻ هر چهري تي عيان هئي.
“سڀئي اهو فيصلو ڪري ٻڌايو ته چپ ڪنهن جا ڳاڙها آهن، منهنجا يا ڀٽائي صاحب جا!” بنا حجاب رميسا چوندي، سڦلتا ۽ ڀٽائي کي ڏٺو.. جيڪي مرڪي رهيا هئا.
“پهريان تون ٻڌاٰءِ.” رميسا سڦلتا جي مٿان اچي بيٺي! خود ثنائي ۾ رميسا ماهر هئي.
سڦلتا مرڪندي... ڀٽائي ۽ رميسا جي چپن کي ڏسي فيصلو ڪرڻ لڳي...
ڀٽائي ۽ رميسا زبان سان چپن کي آلو ڪيو ۽ چٽڪو ڏئي زبان اندر ڪري ڇڏي. سڦلتا به ان ڏينهن نيلوفر/چنبيلي جو گل ٿي لڳي. هن جو سڊول بت ۽ مرڪ تي چاه غب غب ٿي پئي. (ڳٽن ۾ گهٻ)
“ڀٽائي جا چپ وڌيڪ گلابي آهن.” سڦلتا کلندي فيصلو ڏنو.
“اوهه! تو دوست به مون کي ووٽ نه ڏنو.”
“تهمينه ڀلا تون ٻڌاءَ؟”
تهمينه کلي گهٽ شرمائي وڌيڪ رهي هئي. “سر جا زور ڳاڙها آهن.”
عبدالنبي سنگيتا، وجي دلشاد سڀني ڀٽائي جي چپن جي ڳاڙهاڻ جي باري ۾ ووٽ ڪيو. آخر ۾ رميسا ڀٽائي کان پڇيو.. “ڀٽائي! تون ٻڌاءَ ڪنهن جا چپ لال آهن تنهنجا يا منهنجا؟”
“تنهنجا” ڀٽائي مسڪرائي وراڻي ڏني.
“شڪر آهي ڪنهن کي ته منهنجا چپ ڳاڙها لڳا.” خوش ٿيندي رميسا سڀن کي چيو.
ڀٽائي ان ڏينهن 5 ڪلو گل گهرايا هئا. هو سڀن ۾ گلاب ورهائي رهيو هو ۽ موٽ ۾ هر ڪوئي کيس مرڪي ڏسي رهيو هو.
ڀٽائي ان ڏينهن رميسا سان ڪو جهيڙو نه ڪرڻ چاهيو نه ئي ڪو سوال، جنهن سان سندن وچ ۾ ڪا ڪوڙاڻ پوي. هن کي محبتن جي ڏينهن جي خوشي هئي يا رميسا جي ملڻ جي، يا رميسا جي سالگرهه جي...
سچ ته ڀٽائي رميسا کي پائي وڌ ۾ ڌو خوش هو. رميسا جي سالگرهه تي سڀئي هن کي تحفا ڏئي رهيا هئا ۽ ڪيڪ به ڪٽيو ويو هو.
ڀٽائي رميسا کي اجرڪ پارايو هو. هوءَ اجرڪ ۾ ائين لڳي رهي هئي جيئن آسمان ۾ چنڊ لڳندو آهي... پوءِ شاهه جو رسالو... جنهن تي ڀٽائي لکيو هو؛
محبتن جي علامت—رميسا مجيد جي لاءِ....
محبتن جي ڏينهن، محبتن مان
سندس سالگرهه تي لازوال سوکڙي...
ڀٽائي..
14-02-2009ع.
رميسا شاهه جو رسالو پڙهي، حسرت سان اٿلائي پٿلائي ڏسي رهي هئي. اکين ۾ چمڪ هيس. چيائين: “وڏي مهرباني سائين.”
سڦلتا ڦڪي ڦڪي ٿي پئي وئي ان ڏينهن... رسمي ان به سالگرهه جي مبارڪ ڏيندي، ڳل تي مٺي ڏني هيس.
ڀٽائي کي ان پل ڏاڍو ساڙ ٿيو هو.
ماڻهو ڇڊا ٿيا ته هوءَ ڀٽائي جي ڳچي ۾ ٻانهن جو هار وجهي، چوڻ لڳي: “تون مون کي صبح کان چمي نه ڏني آهي ڇو؟”
اهو ٻڌندي ئي هن جون اکيون بند ٿي ويون. هوءَ سندس پيشاني، ڳل ۽ چپ چوسڻ لڳي، هو دنيا کان ڏور آسمانن ۾ جهومڻ لڳو. هن کي وقت جي ڪل ئي نه رهي.
چمين جي چسڪن، اڄ جي ڏينهن ۾ سندن مٺاڻ ۽ رنگيني ڀري ڇڏي هئي.
رميسا چيو “اڄ جو ڏينهن منهنجي زندگي جو يادگار ڏينهن آهي.”
“تنهنجو جنم ئي يادگار ڏينهن تي ٿيو آهي. جيڪو ڪڏهن به ڪنهن کان نٿو ڀلجي سگهي.”
ان يادگار ۽ خوشگوار ڏينهن تي هنن هڪ ٻئي کان مرڪي موڪلايو هو.
***
رات جا ٻه وقت ٿيو آهي. ڪوٺيءَ جو دروازو بند آهي. ان جي باوجود به در جي وٿين ۽ گرم هوا ڪڍڻ واري پکي جي وٿين مان هوا گهوگهٽ ڪندي ڪمري ۾ اچي رهي آهي. رضا ۽ ڀٽائي هڪ ٻئي کي پٺ ڏيون ستا پيا آهن. ٻنهي مٿان سوڙيون وجهي ڇڏيون آهن. پوءِ به ڀٽائي سيءُ ۾ سوڪٽ ڪڍي رهيو هو.
اهو موڪل جو ڏينهن هو ته ڀٽائي فون ڪري رضا ڏي اچي ويو هو. اوچتو مينهن پوڻ شروع ٿي ويو هو. فيبروري جا ڏينهن هئا. سارو ڏينهن موسلا ڌار بارش وسي رهي هئي. ڀٽائي کي گهر وڃڻ جو موقعو نه ملي رهيو هو. طوفاني برسات ۾ رڪشا، بس ملڻ انتهائي مشڪل هو. سڦلتا بار بار فون پئي ڪيس ته هو مهل ۾ گهر نڪري وڃي. “مينهن بس ٿئي ته نڪران نه..” ڀٽائي هن کي جواب ڏئي.
رضا وٽ هوندي هو سڦلتا سان فون تي نه ڳالهائي سگهي ها. ان لاءِ هوءَ پريشان هئي. هوءَ رهي نه سگهندي هئي. هڪ به رات هن جي مٺن ڳالهائن ٻڌڻ کان سواءِ...
بارش به چئي رهي هئي. اڄ نه وسان ته ڪڏهن وسان...!
ان لاءِ هو رضا وٽ ترسيل هو ۽ رضا به ان رضا ۾ راضي هو. هنن گڏجي ماني کاڌي هئي. بجلي هئي ته ٽي وي پئي ڏٺائون.. بجلي هلي وئي ته ٻئي آهلي پيا. اهو رضا جي گهر جو مٿين حصي جو هڪ ويڪرو ڪوٺو هو، جنهن ۾ هڪ ويڪري لوهي کٽ، جنهن تي هو ٻئي ستل هئا ۽ ٻيو پراڻو پلنگ پيل هو. جنهن تي ڪجهه سامان ٿيلهو، ڦڻي، ڪتاب، اخبارون ۽ پينون ٽڙيل پکڙيل هئا.
ڀٽائي سڦلتا کي موبائيل پيغام اماڻي ڇڏيو ته منهنجي موبائيل جي بيٽري گهٽ آهي ۽ بجلي به نه آهي. مان مينهن سبب رضا وٽ رهي پيو هان. صبح جو بارش گهٽي ته گهر هليو ويندس. توهان پريشان نه ٿجو. موبائيل بند ٿي وڃي ته آرام ڪجو. توهان جو ڀٽائي..
رضا ۽ ڀٽائي جي اکين ۾ ننڊ ئي نه هئي. ٻئي هر هر پاسا ورائيندا رهيا. ڪڏهن هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري ته ڪڏهن پٺ ڏئي پئي ڳالهايائون.
ٻاهر بارش جو ڪڙڪيدار آواز هو، هنن جي من ۾ اٿندڙ، لڇندڙ، ڊهندڙ ۽ ٺهندڙ سوچن جا جبل ڦاٽي رهيا هئا.
هنن ڳالهائڻ شروع ڪيو..
ڀٽائي پڇڻ واري انداز ۾.. “تنهنجو پيءُ ۽ ڀائر اتي تنهنجو رشتو ڪرائڻ ۾ راضي ناهن ڇا؟”
“راضي آهن، پر وڃڻ لاٰءِ به اڃا تيار نه ٿا ٿين. ٻيو ته هوءَ به چوي ٿي جڏهن مان چوان پوءِ موڪلجان.”
“سڀ ڀائر شاديون ڪندا سکيا ٿيندا پيا وڃن، امان هجي ها ته مان ائين نه رولان ها. ڀاڄائين جي اڳيان محتاج... ڀائر ماني ٽڪر ڏين..”
“رضا! مون به جڏهن تنهنجي ماجدا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، توڙي مان هن سان نه مليو آهيان. پر هوءَ مون کي شوخ ۽ چالاڪ طبعيت لڳي هئي. روايتي ڇوڪري..”
چوڻ لڳي: “مون سڦلتا سان ملاقات نه ڪئي آهي. مون هُن کي جنم ڏينهن تي فون ڪئي هئي. هوءَ سٺي ڇوڪري لڳي هيم ۽ ها توهان جي معاملي ۾ تمام گهڻي سنجيدي آهي.”
مون اتي ئي کائنس سوال ڪيو هو..“۽ توهان رضا جي معاملي ۾؟”
ته چپ ٿي ڳالهه کي گهمائي وئي ۽ چيو هئائين: “ مان هن کي چاهيان ٿي ۽ ڪيترو ۽ ڪئين اهو توهان کي ٻڌائڻ جي ضرورت نه اٿم.”
مان حيران ٿيو هوس، ان جي اهڙي روش تي...
“ماجي! منهنجي زندگي ۽ دل تي راڄ ڪري ٿي ۽ مون ۾ وسي ٿي، مان هن لاءِ ڪجهه به ڪري ويندس.” رضا چيو.
“ها هوءَ توتي گهڻو حاوي لڳي ٿي.”
“پيار ۾ ٿورو يا گهڻو حاوي هجڻ نه هوندو آهي، بس محبوب ته من ۾ وسي، زندگي پوري تي ڇانئجي ويندو آهي ڀٽائي.”
“پوءِ تون نوڪري ڇو ڇڏي؟” اتي اڃا هڪ ٻئي کي ڏسي سگهندا هئا. ۽ موقعي تي ملي ڳالهائي به وٺندا هئا.”
“آخر اهڙو ڇا ٿيو هو؟”
“مون سان جيڪو ٿيو آهي، اهو درد ٻڌائيندم! ته توهان منهنجي انسلٽ سمجهندؤ بس!!” رضا ڳوري آواز ۾ چئي ويو ڄڻ لفظ نڪري نه پئي سگهيس.
ڀٽائي جي من ۾ عجب سوال پيدا ٿي رهيا هئا، جيڪي هُو پڇڻ کان سواءِ رهي نه پئي سگهيو.
“ڀلا تون ماستري ڇو ڇڏي؟” ڀٽائي پڇيو.
رضا وراڻيو.. “آفس ۾ اسان جي پريت جو هُل هُلي ويو هو. هن چيو مان نوڪري نه ڪندس.”
پڇيومانس “ڇو؟”
چوڻ لڳي “منهنجي عزت خراب ٿي ٿئي، تنهنجي ڪري..”
“ات ئي چوڻ لڳي.. رضا تون منهنجي عزت خاطر نوڪري ڇڏي ڏئي. مان توسان فون تي رابطي ۾ هوندس ۽ ملندي به رهندم.”
“پوءِ؟؟” ڀٽائي پڇيس.
“پو مون توکي به ٻڌائڻ بنا نوڪري ڇڏي ڏني. جنهن کي اچي ٻه مهينا ٿيا آهن. بيڪار آهيان.” هن مايوس ٿي وراڻيو.
“ماجي چوي ٿي، اسان ڌارين ذات ۾ سڱ نه ڏيون. تنهنجو منهنجو ميل نه ٿيندو.”
ڪڏهن چوندي: “پنهنجي ڀاڄائي کي موڪل.” وري چوندي “نه نه ..” رضا جو سڏڪو نڪري ويو جنهن کي هو ڪيتري دير کان دٻائي ڳالهائي رهيو هو.
“رضا فرينچ ۾ چوڻي آهي: “توهان پنهنجي يقين سان پهاڙن کي به لوڏي سگهو ٿا.” هي ته رشتيداري آهي. اگر سچائي ۽ محبت ٻنهي پاسن ڏانهن هوندي ته ٿيندو.”
“تون هن کي سمجهاءَ. راضي ڪري سنجيدو ٿي اڳتي قدم وڌاءَ. ائين نه ٿئي جو تون پاڻ کي هڪ طرفي محبت ۾ ڳاري ڇڏين. هڪ طرفو پيار اذيت ناڪ هوندو آهي. ان مان نڪري اچ يار!” ڀٽائي نرمائي سان رضا کي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو..
ڪجهه پل سناٽو ڇانئجي ويو.
رضا وهاڻي ۾ منهن وجهي ڇڏيو. ڀٽائي سڌو ليٽي اونداهي ۾ ڇت ۾ ڏسڻ لڳو.
رضا اٿي در کوليو. اوچتو وڄ وراڪو ڪيو ته نيري روشني اچي ڪمري ۾ ڪري، رضا جي منهن تي محبت جي نيراڻ سان ملي وئي.
هُو منهن اگهي.. سڻڪ ڪندي.. وري سوڙ ۾ گهري آيو. ٻاهر برسات وسڻ بند نه ڪيو هو، ائين ڀٽائي کي ننڊ وٺي وئي ته رضا هن کي جاڳائڻ مناسب نه ڄاتو..
****