ناول

ڀٽائيءَ جو عشق

تخليقي ناول ”ڀٽائيءَ جو عشق“ پنهنجي جوهر ۾ هڪ خوبصورت رومانوي ڪهاڻي رکي ٿو، جنهن ۾ نه رڳو سماج جا ابتڙ ٿيندڙ عڪس پيش ڪيل آهن جنسيات کان پوءِ، قومي ۽ شخصي ڀڃ ڊاهه کان وٺي معاشرتي مسئلن کي به نظرانداز ناهي ڪيو ويو. هوش محمد ڀٽي جي ٻولي نهايت سرل ۽ هر پڙهيل فرد کي سمجهه ۾ ايندڙ آهي. سندس پهرين ناول ۾ منظرنگاريءَ کان وٺي ڊائيلاگ تائين پختگي هوش محمد ڀٽي جي ناول تي گرفت موجود آهي.
Title Cover of book ڀٽائيءَ جو عشق

8

To, safalta@yahoo.com
04 جولاءِ 2009ع
لانڍي جيل—ڪراچي
منجهند 12 وڳي
دلبر جاني سڦلتا
جيئي لطيف، سلام
ڪلهه شام ڀائو ۽ بلاول ملاقات تي آيا هئا. ڀائو چيو ته اڱاري تي ضمانت جو آرڊر نڪرندو. سامان، جوس بوتلون ۽ ٻيو کوڙ الائي ڇا ڇا ڏئي هليا ويا ۽ مان رهجي ويس اڪيلو...! سڀ اردو ڳالهائيندا آهن. توکي ته خبر آهي منهنجو پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتي سان ڪيترو لڳاءُ آهي. هروڀرون به انهن سان سنڌي ڳالهائيندو آهيان. ان جي اثر هيٺ اچي، اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. بور ايترو ٿو ٿيان جو ان جي ڪا حد ئي نه آهي. جيل زمين تي ٻيو دوزخ جو قسم آهي. قيدين تي هر لحاظ جو ظلم ڪيو وڃي ٿو، تنهنجا ڪهڙا حال احوال آهن؟ ڳوٺ ڪئين آهي؟ منهنجي سڦلتا جو خيال رکندي آهين!؟ مان بلڪل ٺيڪ آهيان. جيل جي ماحول ۾ ڏاڍو تنگ آهيان. هت وقت ڏاڍو آهستي ٿو گذري ۽ اهو وقت گذارڻ گهڻو ڏکيو آهي. تنهنجون سڀ ادائون، تنهنجا سڀ نخرا ڏاڍا ياد پون ٿا ته اکيون نم ٿي وڃن ٿيون. ڇا ڪيان، ڪيئن تنهنجو آواز ٻڌان؟ تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آهي، بس اي ميل ئي ڪري سگهان ٿو. اڄ مون کي تنهنجي مرچن واري ماني بي حد ياد اچي رهي آهي. سڄو ڏينهن ڪجهه نه کائيندو آهيان. گهر جون ۽ تنهنجون ڳالهيون بار بار ذهن ۾ ڦرنديون رهنديون آهن. نيرن ۾ بسڪٽ ۽ جوس پئيندو آهيان. رات جو چانور پچرائيندو آهيان ۽ منجهند جو به ڪا نه ڪا سبزي هوندي آهي، گهٽ ڳالهائيندو آهيان. سڄو ڏينهن توکي اي ميل ڪرڻ جي لاءِ موقعو ڳوليندو رهندو آهيان. تنهنجي هڪ اي ميل آئي هئي. پڙهي روئي پيو هوس. سڀ قيدي مون کان خط ۽ درخواستون لکرائيندا آهن. ۽ مٿو کائي ويندا آهن. ڪافي سارا سنڌي دوست ٿي ويا آهن. پر جيل ۾ ڪهڙو گهر ٺاهڻو آهي؟؟ جلدي دعا ڪر ته آزاد ٿيان. ۽ اچي توسان ملان، تنهنجا پير چمان. چمڻ جي ڳالهه تان تون sms تي چڙي پوندي آهين. خبر ناهي ته تون منهنجي انهن ڳالهين کي ڪئين سمجهندي آهين. پر مان تنهنجا پير چمندس اهو واعدو رهيو. پيار توکان به نه گهران ته ٻيو ڪير هوندو ڀلا منهنجو؟ هاڻي آءُ توکي ايترو چوندس، تون منهنجي آهين ۽ مان تنهنجو آهيان. خبر ناهي منهنجو توتي ڪيترو اختيار آهي اها توکي خبر.. باقي جيڪو آهيان. جيئن تنهنجي اڳيان آهيان. اهڙو ئي آهيان. منهنجي خوشين جو وقت هميشه مختصر رهيو آهي. هاڻي اڃا تنهنجي ملڻ جي خوشين کي مڪمل طور انجواءِ نه ڪيو هئم. جو جيل منهن ڏسڻو پيو ۽ اسان جو رابطو ڪٽجي ويو جلدي اسين ملنداسين ۽ ميلا ٿيندا. سڀ ڏک سور ڏور ٿيندا ۽ تون ڏکاري نه ٿجان. ڇو جو توکي خوشيون ڏيندس. ڏک پري رکندس توکان، ۽ هڪ شعر ڏاڍو ذهن تي تري پيو اچي اهو لکان ٿو پوءِ وري ڳالهايون ٿا.
يادون ڪي سلگتي رات مين هم دل تهام ڪي رويا ڪرتي هين،
بڙي حسرت تصوير تيري، اشڪون سي بهگويا ڪر تي هين.
تنهنجو
ڀٽائي...
From: bhattia@yahoo.com
***


To, safalta@yahoo.com
05 جولاءِ 2009ع آچر
سينٽرل جيل لانڍي-
سهڻي سڦلتا
سلام محبت..
خبر اٿئي برداشت جو مادو پورو ٿيندو پيو وڃي، ڇو ته منهنجي روز مرهه جي زندگي تبديل ٿي وئي آهي. هتي هاڻي من نٿو لڳي. بوريت، بوريت بس رڳو بوريت... الائي ڇو لکڻ جي وسيت به ڇڏائي وئي اٿم. لفظن کي نچائيندو آهيان. پر لفظ به نخرا ڪرڻ لڳا آهن، پوءِ به انهن کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪيان پيو. شريف ماڻهو هتي سزا يافته ڏوهارين ۾ ڦاٿو آهيان. جڏهن هٿڪڙيون لڳيون هيم ته منهنجي ڪرائي تي نشان پئجي ويا هئا. گرمي آهي ڏاڍي.. رات جو بجلي ويندي آهي ته وڏو آزار ٿي ويندو آهي. جنهن پاسي نظر کڻندو آهيان ته نظرون توکي ڳولڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. پر رڳي اڇا، ڀورا، ڏاڙهين وارا، وڏن وارن وارا قيدي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جڏهن بئرڪ جو در کلندو آهي ڏيڍ ڪلاڪ جي لاءِ ته ٻاهر نڪري ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي تنهنجي ۽ پنهنجي باري ۾ ويهي سوچيندو آهيان. پراڻيون ڳالهيون، جهيڙا، ڪاوڙ، تنهنجو روئڻ، کلڻ سڀ خيالن ۾ آڻي پاڻ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان پو به ناڪام ويندو آهيان. ڇو ته منهنجو پنهنجو پاڻ تي وس نه ٿو هلي. ڪلهه 4 بجي عرفي ۽ سمي ملاقات تي آيا هئا. سچ پچ ته هيترن ڏينهن ۾ ڪلهه ڏاڍو کليو هيس. انهن ٽهڪن ۾ ڪا به سچائي نه هئي. ڪا خوشي نه هئي. اهو صرف ناٽڪ هو. سمي کي ڏيکارڻ جي لاءِ ته ٺيڪ ٺاڪ آهيان. منهنجي ٽهڪن ۾ لڪيل اداسي ۽ اونداهي کي سمي سمجهي ورتو هو، سمي جو منهن لهي ويو هو. هن جي چهري تي پريشاني جا چٽا پٽا آثار گهمندي ڏٺا هئا. زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لمحا به اچي ويندا آهن ته انسان سمجهي نه سگهندو آهي ته هو ڳالهائي، کلي، روئي، يا وري چپ رهي. ڪلهه مون سان به اها ويڌن هئي. مان صمي ۽ عرفي کي گلي لڳائڻ پيو چاهيان. پر وچ ۾ جيل جون لوهي ڄاريون هون ۽ انهن ڄارين جي ديوارن مون کي نهوڙي ڇڏيو هو. ٻئي ڄڻا مون کي بجا ڏئي رهيا هئا. مون انهن جي دل جي الجهن کي پرکي ورتو هو. هنن کي منهنجي لاءِ ڳڻتي هئي. کوڙ ساريون ڳالهيون ٿيون ۽ هو هليا ويا. رهجي ويس هيڪلو آءُ... هيڏا ماڻهو هوندي به ائين لڳندو اٿم، ڄڻ ڪنهن ويران برپٽ ۽ صحرا ۾ اچي ويو هجان! اڳ ۾ تنها هئس. هت ته تنهائي پنهنجون سڀ حدون پار ڪري پهچي وئي آهي. مون تي ٻه ڪيس آهن. جن مان هڪ جي ضمانت ٿي وئي آهي. باقي هڪ ڪيس رهيل آهي. اڄ آچر موڪل آهي ان ڪري اڄ جو ڏينهن فوڪٽ ۾... سڀاڻي سومر تي ٿيو ته ٿيندو يا نه ته وري اڱاري تي پڪ سان ضمانت ٿي ويندي.!! سوچيان ٿو ته سمي کي منهنجي لاءِ ايتري پريشاني ٿي وئي ته منهنجي سڦلتا ته ڏاڍي نازڪ دل آهي. اگر ان پنهنجي ڀٽائي جي باري ۾ ٻڌو ته هو جيل ۾ آهي ته ان جي ڪهڙي حالت ٿيندي؟ سڦلتا اهو سوچيندو رهندو آهيان ته اسان جي دلين ۾ جڏهن ايڏو پيار هو هڪ ٻئي جي لاءِ، ته اسين ڇو رميسا جي پٺيان ڀڄندا رهياسين. ڇو اسان حياتي جا هيترا خوبصورت پل وڃائي ڇڏيا.. ڇو اسان کي ڌڻي سائين ايترو وقت هڪ ٻئي جي محبتن کان اڻ ڄاڻ ۽ پري رکيو. هاڻي هي پيار، هي محبتون شل قيامت تائين قائم رهن. اڄ بجلي 11 بجي صبح کان وئي آهي 2 ٿي رهيا آهن ته نه آئي آهي. مون کي ذرو به سڪون نه آهي. مڇي وانگر ڦتڪي رهيو آهيان. تنهنجي لاءِ گهر وارن لاءِ ۽ پنهنجي ننڍڙي ڀائيٽي لاءِ. آزادي آزادي آهي. ۽ قيد ته نسورو نڀاڳ آهي. ڇا ڪيان؟ پريشان آهيان. پاڻي به نه آهي. وهنجڻ جي سهولت به نه آهي پيئڻ جو پاڻي ٿڌو نه آهي. اڄ سڄو ڏينهن بجلي نه ڏٺي. ٿوري دير لڊو کيڏيو. وقت ته جيئن بيهي رهيو آهي. خبر ناهي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ پراميد آهيان نااميد ناهيان. توهان منهنجي لاءِ دعا ڪجو. وري پوءِ ڳالهائينداسين. هي شعر تنهنجي لاءِ..
اکين ۾ ٿي ويهه ته آءُ واري ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه آءُ نه پسان ڪي ٻيو. شاهه
تنهنجو ڀٽائي..
قيدي—لانڍي جيل ڪراچي.
Sender: bhattia@yahoo.com
****


سڦلتا جو صبح سان ڀٽائي ڏانهن اماڻيل موبائيل ميسيج:
Safalta:
Main jewan tere naal, jewan din char pwae, Jewa so sal,
Tere kadmaoo wich mar jaw ate dinya deve msial.
Recived: 09:12AM
09/08/2008
***
ڀٽائي جو سڦلتا ڏي فاروڊ ميسيج:
“دوستن کان سواءِ زندگيون ۽
ويساهن کان سواءِ محبتون
بي مقصد هونديون آهن.” ا—ج
Sent: 11:48AM

****


ڀٽائي ڏينهن جي ڪمن، ٿڪاوٽ ۽ الجهن کان بي خوف سڦلتا جي فون جي انتظار ۾ هو ته فون جي گهنٽي وڳي.. هن فون کنئي: “سلام محبت جانان!”
“ايڏي دير ڇو ڪيئي فون ڪرڻ ۾، ها ڀائو جي ڪم ۾ هوس. ان ڪري.”
“هون..”
“ڀٽائي! اڄ جا رشتا کوکلا ڇو آهن؟ پورا.. پورا... ٻاهران سري لڳل ڪاٺ جيان مضبوط.. اندران خالي خالي..!! پوءِ اهي رت جا رشتا سڳا رشتا ڇو نه هجن؛ رضا مون سان فون ميسيج تي روز ڳالهائيندو آهي. پڇي وٺندو آهي: “ادي ڪئين آهين؟”
“پر ڪڏهين پنهنجي سڳي ڀيڻ کان فون ڪري نه اوريو اٿس: “ڀيڻ تون ڪئين آهين؟ ڪهڙي حال ۾ آهين؟ سندس ڀيڻ چري ٿيڻ جي ڪگار تي اچي پهتي آهي!! اِهو ڇاهي؟ ائين ڇو ٿو ٿئي جانان! ڇو ڇو؟”
“سڦلي رشتا رت جا ته نه ٿيندا آهن، رشتا ته احساسن سان جڙندا آهن. احساس ۽ جذبات هوندا ته غير به پنهنجا لڳندا آهن. جيڪڏهن احساس نه هوندو ته پنهنجا رت وارا عزيز به غير لڳندا آهن ۽ ڪو اُجڪو نه ايندو آهي. ها جانان تون سهي ٿي چوين..”
“اڳئي ماڻهو سڱابندي ٻڌي ۽ طاقت وڌائڻ لاءِ ڪندا هئا ۽ اڄ ماڻهو سڱابندي خاندانن ۾ جهيڙا ڪرائڻ جي لاءِ ڪن ٿا.”
“هون.. اڄ جي زندگي ۽ رشتا گهڻو عجيب نه ٿي ويا آهن، مون کي ته الائي ڇا ٿو ٿئي سوچي ڪري..؟؟” سڦلي ارمان مان چيو.
روسو اڄ جي زندگي لاءِ چيو هو:
“پراڻي زماني جي زندگي، جديد معاشرن جي زندگي کان بهتر هئي.” جديد زندگي مصنوعي بناوٽ کان سواءِ ڪجهه ناهي ۽ اها پنهنجي حقيقي پاڪيزگيءَ ۽ حسن وڃائي ويٺي آهي.”
“روسو ڇا آهي؟”
“روسو.. جان-جيڪس روسو فرانس جو فطرت پسند ڏاهو هو. جنهن صنعتي ترقي ۽ جديد سماج کي ڊاهي فطرت ڏانهن موٽڻ جو سڏ ڏنو هو. تون رڳو خاموش هوندي آهين، مان پيو ڳالهائيندو آهيان.” ڀٽائي ميار ڏني.
“نه جانان! تون ڏاهو آهين ۽ وڏا وڏا عمده خيال ونڊيندو آهين. مان ٻڌي گد گد ٿيندي آهيان. تنهنجي آواز ۾ غضب جي ميٺاج آهي.” سڦلتا پاٻوهه مان چيس.
“نه ڙي.. آواز ته تنهنجو ريشمي آهي. تنهنجي خاموشي تي شعر آيو آ ذهن تي.. عرض ڪيان..”
“ها دلبر ارشاد.. ارشاد..”
ڪتني دلڪش هي اس ڪي خاموشي،
ساري باتين فضول هون جيسي.
“واهه جانان واهه... زبردست .. هاهاها.. ” سڦلتا جا خوشي ۾ ٽهڪڙا ٻيڻا ٽيڻا ٿي ويا.
****

To, safaltta@yahoo.com
تنهنجي ياد سان شروع...
بڻيو طورسينا اسان جو هنيون،
اسان تي لٿون درد جون آيتون. س.م
سڦلتا چوندا آهن. ته ماضي ڪڏهن به مرندو نه آهي. انسان ڪيترو به ڀڄي, ان جو پيڇو نه ڇڏيندو آهي. منهنجو ماضي آهي ڏاڍو خراب خراب، ڪڏهن ڪڏهن ياد ايندو اٿم ته مونجهارو ٿيندو اٿم، سنڀالي ويندو آهيان. محبتون جنهن من ۾ جنم وٺنديون آهن اهو من پاڪ هوندو آهي، نفرت ۽ حسد کان... ان ۾ محبوب جي لاءِ بي پناهه محبت هوندي آهي ۽ ٻيون سوچون گهٽ اينديون آهن. ها ته ڳالهه پئي ڪيم، ماضي جي ته اهو ڪڏهن خوبصورت يادن جو روپ وٺي ايندو آهي ته ڪڏهن ڀيانڪ سوچن جو پاڇو بڻجي پيو ڊڄاريندو ۽ اندر اندر ۾ پيو ماريندو آهي.
پنهنجي ماضي کي نه سٺو ٿو چوان نه ئي خراب، ها ان منهنجو گهڻو وقت وڃايو آهي. ان وقت ۾ ته گهڻو ڪجهه ڪري وڃان ها. ڪڏهن وري سٺو به لڳندو اٿم، اهو سڀ طبعيتن جو دارومدار آهي. زندگي ۾ آيل محبتن جا طوفان ڪجهه خاص نه رهيا ۽ محبت ۾ مون سواءِ ناڪامي جي ٻيو ڪجهه ناهي ڏٺو.
سو ڇڏ انهن ڳالهين کي، اڄ جيڪو لکڻ وڃي رهيو آهيان ان تي هڪ وڏو داستان لکي سگهان ٿو، ان تي لکڻ جي لاءِ وقت ۽ ڪاغذن جي ضرورت پوندي. هن ٻن ڪاغذن ۾ جيترو سمائي سگهيم، رميسا جنهن جي اچڻ سان ائين لڳو هيو ته هن کان سواءِ مون کي ٻيو ڪوئي به وڌيڪ پيار نه ٿو ڪري سگهي، هن پيار ۾ ڏاڍو پيار سان مون کي ڌوڪو ڏنو. هن لاءِ فڪرمند ٿيندو ويس تان جو زندگي فضول لڳڻ لڳي ان کان بنا...!! هُن جي لاءِ اهو تماشو هو. شايد هن برقي خط ۾ ڪجهه ڳالهيون ٻيهر ٻيهر چئي رهيو هجان.
ان ڏينهن جڏهن مون رميسا جي لاءِ توکي ايترو روئيندي ۽ پريشان ڏٺو، مون کي دوستيءَ جو هڪ عظيم مثال ملي ويو ۽ ان دوستيءَ جي عظيم سفر ۾ وڏي عظمت تنهنجي آهي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن توتي حيرت ۽ ڪاوڙ ٻئي گڏ اينديون آهن. تون ايڏي وڏي ڇو آهين؟ تو ۾ ڇو ايڏيون خوبيون آهن. رميسا جي ۽ تنهنجي دوستي جنهن جي باري ۾ تون ۽ رميسا مون کي اڪثر ٻڌائيندا آهيو. اوهان جي دوستي ايڏي گهري هئي! سوچان ٿو، رميسا جڏهن پنهنجي رت جي رشتن کي ڌوڪو ڏئي سگهي ٿي، هوءَ پنهنجي رت جي رشتن جا ڪوڙا قسم کڻي سگهي ٿي ته دوستي ۽ پيار اهي هن لئه ڇا هوندا؟؟
توکي جڏهن به رميسا جي بابت ٻڌايو ته ان جي هر ڳالهه کي وساريل ڪهاڻي بڻائي ختم ڪري ڇڏيو، ڪڏهن به هن سان پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو، نه ئي رنجش پيدا ڪئي، ساڳيو پيار ۽ بهتر روش برقرار رهي. ليڪن اڄ جي دنيا ۾ ڪنهن کي تو جهڙو دوست ملڻ ڏاڍو مشڪل نه پر ناممڪن به آهي. الائي ڇو گهڻن ڏينهن کان توکي هي اي ميل نه موڪلي رهيو هوس، نيچرلي مونجهه ٿي پئي هئي، ذهن تي، سوچيان ٿو ڪهڙيون ڳالهيون لکان، ڇا لکان؟ ڪهڙي ڳالهه لکڻ بهتر هوندي!
رميسا سان تنهنجي پيار ۾ ڪڏهن به وچ ۾ نه ايندم، ان سان تنهنجي عظمت منهنجي اڳيان اڃان به وڌي وئي آهي،منهنجو هي پتر شايد عام قسم جو آهي. ڇو جو پاڻ خاص نه آهيان. ڇا تون به ڪڏهين مونکي هن اي ميل جو جواب لکندين؟ ٻيو ڇا چوان سوچيم گهڻو لکندس پر الائي ڇو منجهي پيو آهيان. توکي پاڻ جڏهن منهنجو ايترو فڪر آهي ته حساب لڳايو ته مون کي ڪيترو هوندو؟ سڦلتا جي بابت ڇا چوان؟ اها ته منهنجي لفظن کان مٿي اوچي آهي ۽ مان...؟ مان بس سمپل سادڙو آهيان.
رواجي ڳالهيون لکڻ نه ٿو چاهيان. زندگي ته اڳ ۾ ئي هنن ريتن رسمن جي ور چڙهيل آهي، جن مان اسان جند ڇڏائي ڪونه سگهنداسين. ڪاش اهي ريتون رسمون ۽ رواج نه هجن ها ته جيڪر پيار ڪرڻ وارا سک سان جيءُ سگهن ها، هاڻ ان شرط سان موڪلاڻي ته وري جلد ملنداسين. اسان جو پيار تا قيامت رهندو ان سان پڄاڻي، پنهنجو ڌيان رکجان.
تنهنجو ڀٽائي..
From: bhattia@yahoo.com
****


فون جي گهنٽي وڄي ٿي. سڦلتا جي فون آهي. ڀٽائي فون کڻڻ کان ڊڄي ٿو. اڄ سڄو ڏينهن هو ڪمن ۾ مصروف رهيو. هن سڦلتا کي جنم ڏينهن جي مبارڪ نه ڏئي، مصيبت ڳنهي ورتي هئي.
ڊڄي ڊڄي فون کڻي ٿو: “هن مهل تائين مصروف آهين؟”
“نه ڪم ته ڪونهي.”
“ته ڇو پيو جاڳين.؟”
“توکي فون ڪرڻ وارو هيس.”
“ناهي ضرورت، نه ڳالهائيندو ڪر مون سان. فون ڪٽيان ٿي پنهنجي سنڀال ڪجو.”
“پر ڇو جانان! منهنجي وهنوار ۾ ڪا ڪمي ٿي ڇا؟”
“نه بس ننڊ ٿي اچيم. ” فون ڪٽجي وڃي ٿي.
ڀٽائي وري فون ڪري ٿو، گهنٽي وڃي ٿي، پر فون نه ٿي کڄي، ڪٽجي وڃي ٿي. ڀٽائي هن کي ميسيج ڪري ٿو: “مان مڃان ٿو، منهنجي غلطي آهي، مون کان تنهنجو جنم ڏينهن وسري ويو پر توهان ته نه وسريا آهيو نه وسرندا.” ڀٽائي کي رضا فون ڪري ٻڌايو ته تون سڦلتا جو سالگرهه ڏينهن ڀلجي ويو آهين.!
“اهو ته ڪو ڊرامي يا فلم جو منظر ٿي ويو جو مون کان تنهنجو حقيقت ۾ جنم ڏينهن وسري ويو، حيرت آهي!”
“هل هاڻي هل رولڻا.. توکي ڪهڙي پرواهه..” سڦلتا جو جوابي ميسج.
هاڻي هوءَ گهڻ منٿن ايلازن ۽ عازي نيازين سان به نه ڳالهائي رهي هئي. آسمان ۾ چوڏهين جو چنڊ ائين کڙيل هو. جيئن ستارن جي جهرمٽ سان سجيل آسمان ۾ ڪو وڏو سيور ٻري رهيو هجي. سڦلتا جي مرڪ جون بجليون بار بار فون تي ٻڌڻ ۾ پئي آيون. پوءِ به هوءَ ناراض ضرور هئي. ڀٽائي هر هر معافي ٿي گهريس. ان تي هن کي سٺو لڳي رهيو هو.
“اڄ ڪاش! توسان تنهنجو جنم ڏينهن ملهائي سگهان ها!” ڀٽائي حسرت مان چيو.
“ها جانان! پر تون ڪنو رلڻو آهين. حيدرآباد ويٺو آهين.”
“ها جانان” پوءِ محبتن ۽ مٺين جي ڏي وٺ ٿي. رات گذري رهي هئي. ڀٽائي تي سڦلتا کي ٻڌڻ ۾ عجب سُرور ۽ سڪون واري ڪيفيت طاري ٿيندي پئي وئي.
“جانان، ڪريم مقصود جو دوست هوندو هو. هُو اسان جي گهر ايندو هو. مقصود ۽ اسان ڪڏهن هن کي ڌارائپ محسوس ٿيڻ نه ڏني هئي. هو جڏهن به ايندو هو. در کڙڪائيندو هو، مان در تي ويندي هئم، مون کان پڇندو هو: “سڦلتا مقصود آهي؟” هن جون اکيون هميشه جهڪيل هونديون هون. هو ڪڏهن به نگاهه مٿي ڪري نه ڳالهائيندو هو. اسان، مان ۽ رميسا جڏهن اسڪول وينديون هيوسين. ته به اگر گهٽي ۾ نظر اچي ويندو هو ته هن جا نيڻ سدائين زمين کي سجدا ڪندا ها، بجاءِ اسان جي جسم تي پوڻ جي... مان جڏهن چوندي هيس، نه ڪريم مقصود ٻاهر ويل آهي. هو انهن ئي پيرن تي واپس ٿيندو هو. مٿي نظر نه کڻندو هو. مان ڀڄي اچي امان کي چوندي هيم، “امان.. امان..! ڪريم ڪيڏو نه اخلاق وارو ڇوڪرو آهي نه.. امان چوندي ڇو امان ڇا ٿيو؟ چوندي هيم: امان ڪريم هميشه نگاهون زمين تي رکي ڳالهائيندو آهي. امان به هن جون تعريفون ڪندي نه ٿڪبي هئي.”
خاموشي....
“ڇا ٿيو چپ ٿي ويا؟” سڦلتا پڇيو.
“ها توکي ٻڌان پيو..” ڀٽائي چيو..
“ننڊ ٿو ڪرين..؟”
“نه نه ننڊ نٿي اچيم، جانان! ڏاڍو شرمسار آهيان.”
“ڪا ڳالهه ناهي منهنجا دلبر جاني..” سڦلتا پيار مان چيس.
هنن جون ڳالهيون کٽڻ جون ئي نه هون. رات کٽندي کٽندي باقي وڃي بچي هئي. هو ٻئي ائين گفتگو ۾ محو هئا ڄڻ اجهو ئي فون ملايو اٿن ۽ پوءِ ڪيڏي مهل رات جي آخري پهر ۾ سڦلتا کي ڳالهائيندي ننڊ وٺي وئي. ڀٽائي به پاسو ورائي فون ڪٽڻ بنا ئي ائين سمهي پيو، پاڻ کي اهيو محسوس ڪرائيندي ته هوءَ ان سان گڏ ستي پئي آهي.
**


ڀٽائي پنهنجي لائبريري واري ڪوٺيءَ ۾ صوفي تي ڪمبل ويڙهيو پيو هو. پوري ڪوٺيءَ ۾ هن کي سڦلتا جو ريشمي آواز ٻرندي محسوس ٿي رهيو هو. سڦلتا پنهنجي گهر جي ورانڊي ۾ اڪيلي کٽ تي سوڙ ۾ سونگڙي پئي هئي. ڀرسان وارن ڪمرن ۾ گهرڀاتي سمهيا پيا هئا.
“ڀٽائي مون کي ڏاڍو ڊڄ ٿو ٿئي؟ سيءُ به گهڻو ٿي رهيو آهي.”
زونگ موبائيل جي رات واري پئڪج ۾ ٻئي ڳالهائي رهيا ها. ٻنهي جي ڪنن ۾ هيڊفون پيل هو. پهرين ته ٿڌن ساهن ۽ لڙڪن جو سلسلو هليو. پوءِ ڀڳل ٽٽل فقرا ۽ تنهن کان پوءِ اڌورا سوال جواب ٿيا.
“اها محبت ڪهڙي جيڪا بد دعائن عيوض ملي.” ڀٽائي ٿڌو شوڪارو ڀريو. سڦلتا ڳالهائيندي رهي.
“ڇا اسان سڀن جون بددعائون وٺي پنهنجو پيار حاصل ڪري خوش رهي سگهنداسين. پيار ته خوشي جو ٻيو نالو آهي.”
“سڦلي تنهنجي پيار مون کي کلڻ ۽ روئڻ سان گڏ جيئڻ به سيکاريو آهي. پوءِ آءُ هن زندگي، پيار کي ڪيئن ختم ڪري سگهندس. ڇا جن جا اخبارن ۾ اٺ اٺ فوٽو اچن ٿا. اهي خوش رهي سگهندا هوندا. سنڌي ڇوڪري پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن جي عزت جو سودو ڪري پنهنجو پيار حاصل ڪري خوش رهي! اهو ڪڏهن نه ٿي سگهندو؟”
“ساهه! مون کي سنوارڻ ۾ تنهنجو وڏو هٿ آهي. اها سونهن، سوڀيا، اهو عشق جو درد ۽ فراق، اهي هجر ۽ وصل جون ساعتون، اهي راحتون، اهي سڙڻ پچڻ جا تجربا... انهن کي ڪئين وساريان. اهي سانڀرون ڪيئن ختم ڪيان؟ ان جو حل هڪ ئي آهي آءُ پاڻ کي ختم ڪيان.”
“ڀٽائي پيارا.. عشق موت کان وڌيڪ زروار آهي.”
“مون کي بدنام محبت نه گهرجي! محبت اها هجي، جنهن ۾ سڀن جو دعائون هجن، مائٽن جون بددعائون وٺي اسين ڪڏهن مسرتون نه ماڻي سگهنداسون.”
“محبت دماغ جو خلل آهي ۽ ان خلل جو هڪ ئي علاج آهي، محبتن جي حاصلات. باقي محبت ڪڏهن به ريتن رواجن جي غلامي نه ڪئي آهي، جي ڪندي ته اها محبت نه هوندي.” ڀٽائي چئي چپ ٿي ويو.
“جانان! انهن جون اکيون ته نه وهنديون آهن، جن جا ڳوڙها ڪوئي پيئندو آهي. منهنجا لڙڪ به تون ڪڏهن هيٺ ڪرن، ان کان اڳ پنهنجي چپن جي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيندو هيئن.!”
“جڏهن به منهنجي اکين جو سنڌو وهندو هو تنهنجا چپ بند بڻجي ويندا هئا، منهنجي لڙڪن اڳيان.”
“پوءِ ڇو منهنجي نيڻن مان اڃا به لڙڪن جو آب ختم نه ٿو ٿئي.” سڦلتا تڙپندي چيو.
هُو چپ هو، جهڙو رات ۾ ڳوٺ خاموش هوندو آهي.
“ڇا جي لاءِ مان روئان ٿي ڀٽائي.!” هوءَ ڦتڪندي چوندي رهي.
“ڇو آخر منهنجا ڳوڙها رڪجندي نٿا رڪجن!؟” مان ڪنهن کي ڏوهه ڏيان؟ قسمت تي... توتي.. ابي امان تي.. يا پنهنجو پاڻ تي.. جيڪو توکان مون کي الڳ ڪري رهيو آهي.!” سڦلتا ائين چئي وڏو سڏڪو ڀريو ۽ پوءِ ڍُڍڪر ڀري روئڻ لڳي، ڀٽائي ٿڌو ساهه ڀريو.. ۽ ٻه ٿلها ڳوڙها سندس ڳلن تان رڙهندا ڪمبل ۾ ڪري پيا، جن کي ڪمبل چوهي لڪائي ڇڏيو.
“ساهه! بڙبڙيا ڀلي ٿوري دير لاءِ جئيندا آهن، پر درياهه ۾ سڀ کان اوچا ۽ مٿي ويندا آهن.”
“محبت، موت، حسن ۽ زندگي...! اهي ڳجهارتون ڪڏهن نه ڀڃڻيون آهن، ڪير نه ٿو سمجهي سگهي ته محبت ڇا آهي؟ ان جو معراج حاصل لاحاصل، لامتناهي.. سڀ اورڻ اهوئي آهي جيڪو توهان هن پل ڳالهايو پيا..”
سڦلتا مسلسل روئي رهي هئي. ڀٽائي جي من ۾ آريون وهي رهيون هون. موبائيل جي بئٽري به موڪلائڻ تي هئي، هن سڦلتا کي چيو “منهنجو قسم اٿئي رؤ نه، ڳوڙها اگهه..”
سڦلتا روئڻ بند ڪري هُن کي چميون ڏيندي رهي... موٽ ۾ ڀٽائي به چمين جي آوازن کي وڌائي ڇڏيو ۽ فون هلندي هلندي اوچتو بند ٿي وئي.
****