ناول

ڀٽائيءَ جو عشق

تخليقي ناول ”ڀٽائيءَ جو عشق“ پنهنجي جوهر ۾ هڪ خوبصورت رومانوي ڪهاڻي رکي ٿو، جنهن ۾ نه رڳو سماج جا ابتڙ ٿيندڙ عڪس پيش ڪيل آهن جنسيات کان پوءِ، قومي ۽ شخصي ڀڃ ڊاهه کان وٺي معاشرتي مسئلن کي به نظرانداز ناهي ڪيو ويو. هوش محمد ڀٽي جي ٻولي نهايت سرل ۽ هر پڙهيل فرد کي سمجهه ۾ ايندڙ آهي. سندس پهرين ناول ۾ منظرنگاريءَ کان وٺي ڊائيلاگ تائين پختگي هوش محمد ڀٽي جي ناول تي گرفت موجود آهي.
Title Cover of book ڀٽائيءَ جو عشق

1

هي ان وقت جي ڳالهه آهي
جڏهن سنڌ ۾ ٻهراڙي جا شهر، جديد شهرن جون شيون اچڻ ڪري پنهنجي تهذيب تيزي سان تبديل ڪري رهيا هئا.
سڦلتا ۽ رميسا... ٻئي گڏجي اسڪول وينديون هيون. هو پوري طرح اڃا نه سامايون هيون. پر هر روايتي ڇوڪرين جيان خوشحال مردن جا خواب نيڻن جي آڳر ۾ پوکينديون وينديون هيون. ٻئي هيون ته الڳ جسم پر جان هڪ هئن!! ساهه گڏ گڏ کڻنديون هون.
سندن خيال ۽ تصور ۾ خوبصورت شهزادا هوندا هئا. جيڪي خوبصورت هجڻ سان خوب سيرت به هجن ته دولت مند به... ۽ ساڻن وڏي واڪي پرڻو ڪري کين پنهنجو بڻائين... سندن ٻار به ٿين، دنيا جي سڀني ٻارن کان مختلف ۽ خوبصورت ٻار... اهي آسون من ۾ آنڌ مانڌ مچائي ويٺيون هونديون هئن.
سڦلتا جو پيءُ عام واپاري هو. رميسا جو پيءُ حڪومت سنڌ ۾ هڪ ننڍڙو ملازم هو. سندن مائر گهرو عورتون هيون. اويل سويل ٽوپو ٽڳو ڏينديون هيون ته ڪجهه ڪمائي وٺنديون هيون. اهِو ئي ڪم سڦلتا به پنهنجي امڙ کان سکندي هئي.
سنڌ جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ هڪ ننڍڙي شهر (جنهن ۾ ميونسپل ڪاميٽي هوندي آهي) ۾ سندن گهر هو. سندن گهرن ۾ گهڻو مفاصلو به نه هو. ان شهر ۾ هي ٻئي خواب ڏسنديون هيون... انهن ڇوڪرن جا جيڪي سندن سوچ ۾ پيهل هوندا هئا. اهي ايندا ۽ هنن کي وٺي ويندا. هو ٻئي پوءِ ٻي دنيا جوڙي جيئڻ جو لطف ماڻينديون.
ائين ئي سڦلتا ۽ رميسا اوسيئڙي جي ڏکي خفي ۾ هر پل رُڌل رهنديون هون. هنن جي عمر انهن ڏينهن ۾ 14 سال هئي. گڏجي اسڪول وينديون هون. هلڪي نيري چولي، سفيد رئي ۽ شلوار واري اسڪولي لباس ۾ ڪنهن ٻئي گرهه جون ڪي سهڻيون عورتون لڳنديون هون. اسڪول ويندي ڪو نه ڪو ڇوڪرو سندن ساڳئي سفر ۾ راهي ٿي پوندو هو. جنهن تي هو ٻئي دل ۾ خوش ته ڪڏهن حيران پريشان به ٿي وينديون هون. گهر کان اسڪول تائين جي سفر ۽ اسڪول کان گهر جي سفر جون گهڙيون هنن لاءِ پوري رات ڏينهن جي سڀن گهڙين کان مسرتن واريون هونديون هون؛ خوشي، ڪاوڙ، مصيبت، پياس ۽ عذاب واريون گهڙيون..
هونئن ته هو اڪثر چپ رهنديون هون. هڪ به جملو نه ڪڇنديون هون. روز جي اهائي ڪرت هوندي هئي. ڪڏهن سڦلتا ڪوڙي ڪاوڙ جو ڏيکاءُ ڪندي... ڇوڪري کي ڇڙٻيندي چوندي هئي..
“ڇورا اسان جي پويان ڇو ٿو اچين؟”
ڇوڪرو چوندو: “ادي مان تنهنجي نه هن (رميسا) جي پويان ٿو اچان.” موڙو ڏئي مشڪي وري تيز هلنديون هون. ٻئي دفعي وري رميسا اهو ساڳيو ڏيک ورجائيندي هئي...
“ڇورا! اسان جو پيڇو ڇو ٿو ڪرين؟”
ڇوڪرو نماڻائي سان چوندو هو. “ادي رميسا توهان ڇو ٿا چڙو مان ته سڦلتا جي پويان ٿو اچان.” جنهن تي رميسا جا دوڏا ڦوٽارجي ويندا هئا ۽ هوءَ، سڦلتا کي ڪلهي تي ٿڦڪي هڻي تڪڙو هلڻ جي هدايت ڪندي هئي.
هڪ صبح جو اسڪول ويندي، اهو ڇوڪرو جيڪو سڦلتا جي پويان ايندو هو. سندن ويجهو آيو ۽ ڪجهه ڏيڻ چاهيائين، اهڙي اوچتي حرڪت تي ٻئي ڄڻيون وٺجي ڦڪيون ٿي ويون ۽ تڪڙيون وکون کڻڻ لڳيون. ڇوڪري کي ويجهو ايندو ڏسي ڊڄي ويون متان ڪوئي کين ڏسي وٺي! شهزادن جو خواب ڏسڻ واريون.. شهزادي کان ايترو خوف کائي رهيون هون. اهو ڇوڪرو ڏسڻ ۾ ايترو ويل به نه هو.
اهو سڄو ڏينهن سڦلتا پڙهائي تي خاص ڌيان نه ڏئي سگهي. ڇوڪري جي اهڙي عمل تي کيس تڪليف ٿي رهي هئي. حد درجي جو خوف کيس ورائي رهيو هو. ڇوڪرو ته روز ڳالهائڻ جا بهانا ڳوليندو هو ۽ اڄ ڳالهائي به ورتائين. سڦلتا کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته هوءَ ڇا ڪري؟ اسڪول کان واپسي تي اهو ڇوڪرو وري ڪجهه ڪري ته....!؟ هو اهو سوچي لڏي وئي. پر ائين نه ٿيو.
رميسا کي پڙهڻ کان عدم دلچسپي وڌندي وئي هئي. هوءَ گهر ۾ وقت کي ڌڪڻ لاءِ سڄو ڏينهن ٽي وي تي اسٽار پلس جا ڊراما ڏسڻ ۾ وڃائيندي هئي. ٻين هم عمر ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ هي انتهائي جدا سوچ جون مالڪ هون. ايترڙي عمر ۾ ڪا ٻئي ڏِک ڏينديون هون. سندن طبعيت ۾ بي چيني ۽ اٿل پٿل واري ڪيفيت هوندي هئي. سمورو وقت سوچيندي به ڪٽينديون هون.
اهو ڇوڪرو هاڻي سڦلتا ڏانهن پيار واريون نگاهون کڻي ڏسندو هو. سندس ڳالهائڻ ۽ محبت لاءِ سڪندو ڦتڪندو هو. پر هوءَ ڊڄ ۾ هڪ اک کڻي نه ڏسندي هيس. ڇوڪرو سڦلتا جي طبعيت کي سمجهي ويو هو ته هاڻي ٿورن قدمن جي وٿي تي پري ٿي ساڻن پٺيان هلندو هو. ائين ئي امتحان ٿيا ۽ سال پورو ٿي ويو.
سڦلتا ان ڇوڪري جي لاءِ سوچي ڳڻتي ۾ وٺجي ويندي هئي ته آخر هو ان ڇوڪري جي محبت جو جواب ڏئي ته ڪيئن ڏئي؟ هن جي پيار سڦلتا کي پيار ڏي ڌيان ڏيڻ جي ويجهو آندو هو. هوءَ هڪ چڪر سوچيندي ته هن کي قبول ڪري، هن سان ڳالهائي ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي.. پر محبت لاءِ هن ٻڌو هو ته اهو گناهه آهي... ان تي هوءَ ڊڄ جي عالم ۾ ڏڪڻ لڳندي هئي. پوءِ هن فيصلو ڪيو ته هوءَ خاموش رهندي ۽ ڪا به موٽ نه ڏيندي.
اسڪول جي موڪلن ۾ سڦلتا مذهبي رواج مطابق امام بارگاهه وئي ۽ اتي گڏيل دعا ۾ حصو وٺي، دل ۾ گهريائين؛ جيڪڏهن اهو ڇوڪرو ئي سندس سچو هم سفر ۽ نصيب آهي ته اهو کيس ملي جي نه ته مالڪ اهو عطا ڪري، جيڪو اڃا تخيل ۾ به نه آهي ۽ هِن هُن لاءِ هڪ باس به باسي.
رميسا به کيس ٻڌايو ته هن به خدا کان سٺي ساٿي ڏيڻ جي دعا ڪئي. جنهن تي ٻئي مشڪي پيون.
موڪلون پوريون ٿيون ته نئون سال شروع ٿيو، سڦلتا ۽ رميسا اسڪول وڃڻ لڳيون. ڪيترائي ڏينهن لنگهي ويا. ڇوڪرو نظر نه آيو. هڪ ڀيري رميسا کان پڇي ويٺي:
“رميسا اهو ڇوڪرو ڪيڏانهن هليو ويو؟”
“تون اهو ئي ته چاهين پئي!” رميسا طنزيه چيس.
ائين سڦلتا ماٺ ٿي وئي. سوچڻ لڳي ته ڪو نئون شهزادو ملندو. هڪ صبح جو اهو ڇوڪرو نظر آيو ۽ پيٺان پٺيان به اچڻ لڳو. اهائي خوف واري شڪل سڦلتا جي چهري جي ٺهي پئي.. سڦلتا کي ائين لڳو؛ غازي عباس هن جي نه ٻڌي آهي ۽ پيار خوفناڪ هوندو آهي. هن جيڪا عبادت ۽ باس باسي هئي ان مان شايد ڪو نتيجو نه نڪتو. هن اهو گهريو به هو ته پوءِ ان ڇوڪري جي اچڻ سان هن کي خوف ڇو پئي ٿيو!!

****

سڦلتا هاڻي اسڪول نه ويندي هئي. هڪ دفعي ان ڇوڪري اسڪول ويندي سندس هٿ کان پڪڙيو. جنهن تان سڄو معاملو ٿيو ۽ هن جو اسڪول وڃڻ بند ڪيو ويو. اهو فيصلوسندس پيءُ جو هو. هن جي اصل پيءُ کي ته ڪا بيماري هئي. جيڪو ان کي برداشت نه ڪندي گذاري ويو. بعد ۾ ماڻس ٻئي شادي ڪئي. مائٽيلو پيءُ کيس ايترو نه ڀائيندو هو ۽ اها پڻهستا جيڪا اصل پيءُ وٽان ملندي هيس. اها ڪڏهن هن پيءُ نه ڏنس. سندس پيءُ کي ڪينسر هئي.
سڦلتا ڄائي نپني هالا ۾ هئي. جنهن شهر جي ڀرسان دنيا جي آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف جي آخري آرام گاهه هئي. هر جمعي تي ڊرائيور سڦلتا ۽ ٻين ٻارن کي شاهه سائين جي درگاهه تي وٺي ويندو هو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهس ۽ پڻهس به گڏ ويندا هئا. سڦلتا شاهه لطيف جي روضي جي آڳنڌ ۾ ڊڪندي ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندي رهندي هئي. جڏهن ٿڪجي پوندي هئي ته ويهي ڀٽ ڌڻي جي روضي کي گهوريندي هئي ۽ ڪنهن گم نام سوچن ۾ چپ ٿي ويندي هئي. شاهه جي ڪلام جون سماعتون سڦلتا جي ڪنن سان ٽڪرائبيون هون ته هوءَ ويتر خاموش ٿي ويندي هئي شايد ننڍڙو دماغ اهو ڳوڙهو درد ۽ پيغام سمجهي وٺندو هو يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. گيڙو رتا ڪپڙا پهريل شاهه جا فقير... ساز سرندن جا من موهيندڙ آواز.. پانڌيئڙن جي آمد.. پٽڪا ٻڌل مرد.. وڏين شلوارن ۾ ڪلهن ۾ اجرڪ ويڙهيل.. ثقافت جا سڀئي رنگ.. سڦلتا جي مشاهدي ۾ ايندا ويا.
اهو ماحول، اها سکيا ۽ تجربو سندس سڳي پيءُ کان مليو. جنهن مٿس پڻهستا جون بي انتها بارشون ڪيون. هاڻي جڏهن اهو گهر، اهي هالا جون گهٽيون.. اهي ساهيڙيون جن سان هوءَ گهر جي ويجهو ٿلهي تي ويهي راند رهندي هئي.. سڀ ڇٽي ويون.. اهي شاهه سائين جا ميلا.. ملالها ۽ ملاکڙا.. هن جي پيءُ کي ملهه راند گهڻي پسند هوندي هئي. ان ڪري هوءَ ان کان شناس ٿي سگهي هئي.
هُن جي ماءُ ڪجهه وقت ناناڻن ۾ رهي پوءِ جڏهن عدت ختم ٿي ته سندس شادي ٿي وئي. سڦلتا پنهنجي ماءُ جي ٻئي مڙس جو رت ته نه هئي ان سبب ڏانهس پيءُ جا ڪجهه گهٽ ئي جذبا اڀرندا هئا. هاڻي هوءَ اسڪول صرف امتحان ڏيڻ ويندي هئي. سڦلتا سوچيندي رهندي هئي. پنهنجي وجود ۽ پابندين تي ته هي ڪهڙو سماج آهي جتي ساڻس اهڙوورتاءُ ڪيو پيو وڃي. هڪ ڀيري هن ماءُ سان شڪايت ڪئي.
“امان تنهنجو بابا سان ايڏو پيار هو پوءِ تون ڇو ٻي شادي ڪئي؟” ماڻهس ڪو به مناسب جواب نه ڏئي سگهي هيس.
هن کي ٻاروتڻ وڌيڪ لاڀائتو لڳو هو ۽ وڌندڙ عمر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند هو. عمر سان گڏ پابنديون به وڌي رهيون هون. سڦلتا جي من ۾ محبت جو ديو کاٽ هڻي ويهي رهيو هو. هوءَ زندگي جي پندرنهين بهار سان وڃي ملي هئي. مٿس محبت جي احساسن جو سايو جيئن پوءِ تيئن ويو وڌندو، هوءَ هاڻي ان جذبي کان چٽي طرح آشنا ٿي چڪي هئي. هوءَ خواب ڏسڻ لڳي هئي. ان ماڻهو جا خواب، جيڪو پناهه گاهه بڻجي هن جي خوابن جي، هُن جي خواهشن جي.. جنهن سان هوءَ من جي هر مونجهه ۽ مسرت ونڊي سگهي. اهي ڏکائيون به اڳيان رکي سگهي جيڪي کيس زندگي گهارڻ ۾ درپيش اچي رهيو هون.
سڦلتا پوري قد جي، گول منهن، ڪڻڪ رنگي، اڀرندڙ ڇاتي جيڪا ڪنهن به مرد کي هڪ پل ۾ گگ ڳڙائي ٿي سگهي. اکيون ايڏيون وڏيون ته نه هيون، گهور گهاءُ ڏيندڙ هون. هن جي رئي جي پلوءُ ۾ صرف خواب ٻڌل هئا. هن کي رانديڪا ڏاڍا وڻندا هئا. معصوم ٻارن وانگر جهٽ ۾ ڳالهه ڳالهه تان روئي به پوندي هئي! سندس ميڪ اپ سان گهڻي دلچسپي نه هوندي هئي. هوءَ سادگي ۾ به مقناطيسي ڇڪ کان وڌ ڪشش رکندڙ لڳندي هئي. اکين ۾ ڪجل پائڻ گهڻو پسند هئس. نيڻن ۾ ڪجل گهڻو سهڻو به لڳندو هئس. هن جا نيڻ ڪنهن مها ساگر جا ڪي ٻه ڪنارا لڳندا هئا.
شادين تي وڃڻ تي اداس ٿي ويندي! خوشي جا لمحا ماڻڻ لاءِ ڪو ڇا ڇا نه ڪندو آهي. هڪ ڇوڪريءَ لاءِ شادي تمام وڏي نصيب ۽ ڀاڳ جو اچڻ آهي. سڦلتا جي اداسي ڪو ٻيو ئي ڏيک ڏيندي هئي. جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پرڻي جا خواب جوڙيندي هئي. ڪو مرد هن پسند ته نه ڪيو هو پر خيالن ۾ هڪ ڌنڌلو چهرو رقص ڪندو رهندو هو.
بدلو وٺڻ، وير رکڻ سڦلتا جي فطرت ۾ نه هو. اها صفت گهڻي مقدار ۾ هن ۾ ڀريل هئي. هن زندگي جون تلخيون ڏسي، سمجهي ورتيون هون؛ ڪچي عمر ۾ ئي.. جڏهن والد وعده وفا ڪرڻ بنا ئي ڪنهن ڏورانهن ڏيهه جو راهي ٿيو هو. ضديت، اناپرستي ان ڏينهن ئي مري ويا هيس. هوءَ پاڻ کي گهڻو ڪمزور ڀائيندي هئي. ها هڪ ڌيءُ لاءِ پي ئي طاقت، رڏيءَ جي علامت ۽ سبب هوندو آهي.
امتحانن تائين محدود ٿيل سڦلتا جي اسڪولي زندگي ۾ هڪ نئون موڙ آيو. هوءَ امتحان ڏئي پنهنجي سهيلي رميسا سان گهر پئي آئي. اهُو ئي ڇوڪرو اڳ وٺي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو: “مان اوهان کي چاهيان ٿو؟ خدا جي واسطي اوهان مون کي مؤثر جواب ڏيو.”
جنهن تي سڦلتا هن کي چماٽ وهائي ڪڍي. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ سندس سڄو جسم لرزي رهيو هو. ان ڇوڪري جي اکين ۾ اتي لڙڪ لڙي پيا. رميسا، سڦلتا کي گهليو هلي آئي.
اهو واقعو ڪنهن اچي سڦلتا جي پيءُ کي به ٻڌايو. ان کان پوءِ ته مڪمل طور سڦلتا جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ بند ٿي ويو. اهو هن جي اسڪول جو آخري سال هو.
محبت جي احساسن کان شناسائي ۽ اڪيلائي جي پٽ سڦلتا ۾ تخليقي قوت پيدا ڪري ڇڏي. سڦلتا اسڪول ۾ ٿورو گهڻو جيڪو سکيو هو ان جي مدد سان هوءَ نوان نوان منظر ۽ عڪس پنهنجي اندر مان برش جي مدد سان ٻاهر آڻيندي هئي. هاڻي اڪيلائي ۾ مصوري ڪرڻ ته هن جي عادت ٿي وئي هئي. هوءَ اڪثر اهڙيون پينٽنگز ٺاهيندي هئي. جنهن ۾ ڪو نه ڪو خوبرو جوان ڪنهن جوانڙي کي پنهنجي هٿن ۾ کڻي وڃي رهيو آهي. شهزادن وانگر خوبصورت جوانن جون تصويرون ٺاهڻ ۾ هن کي ڏاڍي لذت ملندي هئي. اها ڄڻ هن لاءِ پناهه گاهه ٿي وئي... پنهنجي بي آرامي ۽ لڄ کي اتي فن ۾ ختم ڪندي هئي. سهڻي، سسئي ۽ مارئي جا اسڪيچ ٺاهڻ هن لاءِ وڏي ڳالهه هئا. جن تي هوءَ فخر محسوس ڪندي هئي.
واندڪائي جي چچڙن کان بچڻ لاءِ هن کي گهر ۾ ماڻهس ٽوپي ٽڳي ۾ رڌل رهڻ لاءِ زور ڀريندي هئي. سڦلتا ٿوري وقت ۾ ڪپڙا سبڻ ۽ ڀرڻ سکي ورتا هئا. هاڻي هوءَ پاڙي اوڙي جي نوجوانڙين جا ڪپڙا سبي وٺندي هئي. پيءُ جي مرڻ بعد هن جي مستي مري وئي. سڦلتا کي سڌ هئي ته هاڻي کيس پنهنجون خواهشون پاڻ ئي پوريون ڪرڻيون آهن.
****


پيار جو عالمي ڏڻ رميسا جو جنم ڏينهن هو. هوءَ ان ڏينهن ڄائي هئي. جنهن ڏينهن تي پوري دنيا جا عاشق معشوق محبتن جا ڏيئا ٻاريندا آهن، وچن ڪندا ۽ ورجائيندا آهن ته هو وفا جي ٻيڙي کي ڪڏهن ٻڏڻ نه ڏيندا. رميسا جڏهن ڄائي ته ڪوئي به مٽ هِن جي سونهن جي ڪٿ نه ڪري سگهيو. خدا کيس سڌو سنئون جنت مان ڄڻ اڇليو هو. مٽ مائٽ اوڙو پاڙو رميسا جي خوبصورتي ۽ سوڀيان کي ڏسي ماشاالله چوندو ويو. هوءَ ليوڪريشيا جو تسلسل هئي يا ايفروڊائيٽ جي دين.. اهو سمجهڻ بنهه مشڪل هو.
رميسا ٻنڌڻن ۾ هئي ته پڻهس پنهنجي جگر کي چيري ان کي پنهنجي مربي ڀاءُ کي ڏئي ڇڏيو، جنهن کي شادي ڪئي ورهيه ٿيا پر کيس اولاد نه ٿي رهيو هو. هو ان نعمت لاءِ سڪي مئو هو. رميسا جي ماءُ ان سڀ تي ڍنڍرڪجي رني هئي. اهو کيس قطعن پسند نه هو. هوءَ پنهنجي مرد اڳيان ڪڇي به ته وڙهي به، پر ٿيو اهو ئي جو چنبيليءَ جو گل کانئس ورتو ويو. مڙس دلاسن سان داٻا به ڏنس. عورت ذات مرد اڳيان ڇا پئي ڪري سگهي؟ مرد ته سدا عورت جي حق تلفي جي پٺيان وڏو محرڪ رهيو آهي. رميسا جو اصل گهر ماءُ پيءُ هن کان ويا هئا ۽ هوءَ ان بابت ڄاڻي به نه سگهي هئي نه ئي هن جي مرضي يا اِڇا پڇي وئي هئي. هوءَ هاڻي نئين گهر ۾ نئين پيءُ ماءُ جي هنج ۾ هئي. هن جو نئون پيءُ حڪومت جي ڪنهن کاتي ۾ ڇوٽو موٽو ملازم هو. ٻئي زال مڙس رميسا کي خدا جي نعمت ۽ انعام سمجهي ان لاءِ هر آسائش ۽ سهولت ڏيڻ ۾ پيش پيش هئا.
رميسا سڀن جي دادلي ۽ من ميت بڻجي وئي. سندس سڳي ماءُ پيءُ کي وڏي تڪليف ٿي. پر هنن کيس وساري نه ڇڏيو. روز هن سان ملڻ ۽ ڏسڻ ايندا هئا. پر جلد اهو سلسلو به بند ڪيو ته متان رميسا جي من ۾ سندن لاءِ ڳالهه نه اڙي پئي! رميسا پٻڻ جي گل جي ول جيان وڌندي وئي.. اڇي ڳاڙهسري بهه جهڙي رنگت ۽ سفيد ڪبوتر جهڙا ڳل ۽ اکيون، اهي گول گول پيون ڦرنديون هون مشعالون هجن ڄڻ... رميسا کي مڪمل آزادي هئي. هُن جو پيءُ هاشم ۽ ماءُ بشرا ڪنهن طرح کيس ڏکيو نه ڏسي سگهندا هئا. رميسا کي روئڻ جا ووٽ هئا. ذري ذري شيءَ تي روئي پنهنجي من ماني ڪندي هئي. هاڻي ته اچي ڏگهه ٿي هئي. سڦلتا هن جي خاص سهيلي هئي. جنهن سان هوءَ اسڪول ويندي دل جو هر راز چئي ويندي هئي. سڦلتا به من جي اٿاهه ڀاؤنائن سان چاهيندي هيس ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه سلي ڇڏيندي هيس.
رميسا، سملن، سنڌ ۽ نيلوفر سان به گهڻي گهري هوندي هئي. پر سڦلتا سان ڪا سهيلي ڳالهائيندي يا ڊيگهه ڪندي ته رميسا وڙهي پوندي هيس، پڄي نه سگهندي ته ڳوڙها لارون ڪري وهڻ شروع ٿي ويندا هئس.
****


زندگي جنهن ۾ سڀ احساس آهن. جن کي سڀ انسان ڀرپور نموني سان ماڻڻ جا جتن ڪري جيئڻ چاهيندا آهن. اها احساسن ۽ جذباتن سان ٽٻ ٽار زندگي ڪيڏي نه خوبصورت ۽ پياري ٿيندي آهي. ان کي اهو ئي انسان سهي معنيٰ ۾ بيان ڪري سگهي ٿو، جنهن اڌمن ۽ ڀاؤنائن جو شعوري مزو ورتو هجي. جنهن سچيون خوشيون ماڻيون هجن. جيڪو زندگاني ۾ ايندڙ ويندڙ سڀن احساسن کان آشنا هجي، جيڪو ڏک ۽ خوشي جي گهراين کي محسوس ڪري سمجهندو هجي!!
رميسا اهڙن ئي احساسن ۽ جذبن سان سرشار انسانن سان ڀريل هن جهان ۾ هڪ عام انسان هئي. هر شيءَ سان سندس جذباتي رشتو جڙي پوندو هو. هوءَ هر شيءَ کي انتهائي جذباتي نظر سان ڏسندي هئي. پوءِ رشتا هجن يا شيون هجن يا وري رويا... ها روين جي معاملي ۾ هوءَ وڌيڪ حساس هئي. ننڍي عمر ۾ هن اها سمجهه ۽ احساس جهپي ورتا هئا.
زندگي جا ويهه سيارا ۽ اونهارا گذري ويا هئا. هن کي تتين ۽ ٿڌين جي ڪا ڪل ئي نه رهي هئي! جلدي جلدي سيارو گذرندو هو.. سورن ۽ سوچن جا عذاب ۽ اداسي جو نه کٽندڙ سلسلو اونهاري ۾ به ڪاهي ايندو هو. سورن ۽ سوچن جو مندن ۽ موسمن سان شايد ڪو به تعلق نه هوندو آهي. رميسا زندگي جي سفر ۾ ڪنهن ٽاريءَ تي گلاب جي مهڪندڙ گل جيان ٽڙيل هئي. جيئن هن ڪاليج ڏٺو. هن کي سوچن، ڳڻتين ۽ احساس جي اٿندڙ بي شمار لهرن ٻوڙي لوڙهي ڇڏيو.
پنهنجي وجود جي سڃاڻپ، مستقبل جو اونو، هر وقت پنهنجي اڪيلائي جو شدت سان احساس، رشتن جون ذميواريون، دوستيون ۽ دشمنيون، رويا ۽ سلوڪ، رميسا جي گلابي رنگت ۽ خوشبوءَ تي اثرانداز ٿيڻ لڳا. هوءَ مهڪندڙ گلاب جي سڃاڻپ کان بي خبر.. ڪنهن ٻئي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ تڙپڻ لڳي.
زندگي جي تمام ننڍڙي سفر جا اهي صفا ننڍڙا سفر گذرندا رهيا. هوءَ زندگي کي ويندو پٺيان ڏسندي رهي.. زندگي راهن تي اڳتي هلندي رهي.. هوءَ مجبورن هن جي پٺيان هلندي رهي..
ڪاليج جي تعليم پوري ٿي وئي. هوءَ گهر ۾ هاڻي گهڻي تنگ ٿيندي هئي. روزگار جي ڳولا ۾ نوڪري ڪرڻ جو پهه ڪري، ڪوشان رهي. پر جنهن ملڪ ۾ هوءَ رهي پئي اتي سرڪاري نوڪري جو خواب ئي ڏسي سگهجي ٿو. هوءَ گهڻيون ئي درخواستون ڪندي رهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهن آفيسر جي غلطي ڪري انٽرويو تائين پڄي ويندي هئي. سٺي سفارش ۽ “قائداعظم” نه هجڻ ڪري سدائين پوئتي ڪئي ويندي هئي. ڪن آفيسرن جنسي طور راغب ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي. هن جي قابليت ڪا شي نه هئي. واندڪائي ڪنهن اروڙ بلا وانگر کيس کائيندي هئي. گهر ڪمرو الڳ.. روز ساڳي ڪرت هن جو جيئڻ جنجال ڪري وڌو هو. هوءَ گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندي رهندي هئي. ڇو ته دنيا ۾ هٿ پير هڻڻ ۽ کنگهڻ کڙڪڻ سان ئي ڪجهه نه ڪجهه هڙ حاصل ٿيندو آهي.
ملڪ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، ان جو ڪو پتو ئي نه هو. جتي قابليت کي روڊ رستن تي ۽ ڪوٺين ۾ خودڪشي ڪرڻ لاءِ ڦٽو ڪيو ويو هو. ميرٽ جيڪا فوٽ پيرين تي فاقاڪشي ڪندي تڙپي تڙپي دم ڏئي رهي هئي.!!
ٻين ڇوڪرين جي اڪثر نفسيات وانگي رميسا کي به آپگهات جا خيال ايندا هئا. هوءَ سماجي نظام ۾ پدرشاهي کي ڏسي اهو سوچيندي هئي ته “عورت وڃي ته وڃي ڪيڏانهن؟؟” جنهن ملڪ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو گلاس به زنجيرن سان ٻڌل هجي.!! اتي ڇا ملندو؟
رميسا خانگي ادارن ۾ هلي وئي پر هن ملڪ ۾ هر هنڌ سفارش جي چيچ وٺي وڃڻ لازمي هئي. نه ته آفيسرن جون نظرون هن جي ڪبوترائي اڇن ڳلن تي هونديون هيون. هن هڪ سماجي ڀلائي واري اداري ۾ درخاست ڪئيي. انٽرويو ٿيو، اتي رميسا ڪم ڪرڻ جي جذبي ۽ قابليت جي پرک ٿي هئي. ڪنهن قدر سڪون مليو هوس.
اين جي او سڀ ٽوپي ڊارمو آهي. ٻيو ڪجهه ئي ناهي! NGO معنيٰ Non Government Organizations نه پر Non-sense Government Organizations آهي. سڀ پنهنجا پکا پڪا ڪرڻ جي راند آهي، ڀلائي ته صرف نانءُ آهي. ڪنهن بي وجه صفت جو.. اها ڳالهه سنجيدگي سان سوچڻ لائق هئي. ڇو ته الائي ڪيتريون اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن. پر اڄ ڏينهن تائين ڪا اين جي او بي گهر ڏتڙيل ماڻهن لاءِ ڪو ڳوٺ نه جوڙي سگهي آهي. مضبوط اجهو نه ڏئي سگهيون آهن. رميسا کي PPDO يعني Poor People Development Organization ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو هو.
***