9
هن ڀٽائي ڏانهن فون ڪئي.
“جاڳين پيو؟”
“ها هاڻي ننڊون حرام هونديون.” وڏو سڏڪو ڳيتندي ڀٽائي چيو.
“تون هينئر چؤ مان هن مهل توڏي اچڻ لاءِ تيار آهيان.”
“نه سڦلي هاڻ دير ٿي چڪي آهي ۽ آءُ رسمن ۽ رشتن ۾ اڳ ۾ ئي ڳنڍيل آهيان.”
“پو تون روئين ڇو ٿو؟”
“مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي مان ڇا ڪيان؟ منهنجو دماغ ڦاٽي پوندو، مان زهر کائي مري ويندس.”
“تون مون کي پنهنجو نه ڪيو ڀٽائي!”
“آءُ پنهنجو ئي نه رهيو آهيان ساهه..”
“تون ڪنو آهين، توکي ائين نه ڪرڻ کپندو هو. مان ان گهر ۾ ڪئين رهي سگهندس.! اهو گهر نه پر جهنم آهي. ڀٽائي هي سڀ ڇا ٿي ويو؟؟؟”
“ڏينهن رات ۾ 24ڪلاڪ ٿين ٿا، اڄ جي مصنوعي دؤر ۾ هن ملڪ ۾ ماڻهو جي وڌ ۾ وڌ عمر 60 سال ٿئي ٿي. 60 سالن ۾ 30 سال راتيون 30 سال ڏينهن...!! راتيون ته ماڻهو سمهي موت جي آغوش ۾ گذاري ٿو. باقي 30 سال ڏينهن بچن ٿا. انهن 30 سالن ۾ پڙهڻ ۽ ننڍپڻ ۾ 18 سال اُڪري وڃن ٿا، پوئتي ماڻهو وٽ ڇڪي ڇڪي 12سال بچن ٿا...”
“جتي زندگي جا هي هيترا سال گذري ويا آهن ته هي ڏينهن به ڪٽجي ويندا.. جانان.”
“ڀٽائي”
“جيءُ”
“تون ڪڏهن ڪمزور نه ٿجان، منهنجي ڀٽائي جي پارت اٿئي! ان کي خوش رکجان.”
“ها خوش نه پر ٺيڪ رکندس.”
“س..سرهه... سڻڪڻ جا آواز.. “ڀٽائي هڪ ڳالهه ٻڌايان ناراض به نه ٿجان، ڏک به نه ڪجان.”
“جيءُ جانان.. ڏک ڪهڙو به هجي مون کي ڪجهه به نه ڪري سگهندو.. تنهنجي جدائي جو ڏک سڀن کان ڳورو هوندو.”
“ڀٽائي.. مون پنهنجون پينٽنگز ڪڍي رکيون آهن، جيڪي سڀاڻي رميسا توڏي ڏياري موڪليندي. مون پنهنجا سڀ رنگ نلڪي ۾ هاري، برش ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلي ڇڏيا آهن.”
...... خاموشي...
...... گهري خاموشي....
ڀٽائي سڏڪا ڀري ڀري ساڻو ٿي پوي ٿو..
“تو کي ته خبر آهي جنهن گهر ۾ مان وڃي رهي آهيان، اتي ڪتاب، قلم ۽ برش جي ڪا اهميت، ڪا جاءِ نه آهي. منهنجي زندگي هاڻ ختم آهي، مان ختم آهيان صفا.. تو بنا مان اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهندس.”
“مون کي ڀڳل برش به گهرجن..” ڀٽائي روئيندي التجا ڪئي.
“ڪاڏي ڪندين يار..”
“ساهه ۾ سانڍيندس..” ۽ پينٽنگز جيڪي اسان شاديءَ کان بعد پنهنجي گهر ۾ هڻڻ چاهيون هون، اهي به ڦاڙي ڇڏيون.. تون گهڻو زور ڀريو هو ان لاءِ پنٽنگز نه ساڙيم.”
“مان اهي فريم ڪرائي پنهنجي ڪمري ۾ لڳائيندم.”
“مان ته نه هونديس نه..” سڦلتا هارايل انداز ۾ چيو..
“مون کي سيءُ ٿو ٿئي ڀٽائي! مان سمهان ٿي.”
“تون ڀلي سمهه جانان، مان سمجهي نه سگهيو هيس توکي..” اها رات ڀٽائي تارا ڳڻيندي.. اونداهه ۾ روشني ڳوليندي، زندگي کي ٻئي پاسي موڙڻ جا رستا ڪڍندي گهاري هئي.
****
اسين درد جي
ان ديس
جا رهواسي آهيون
جن وٽ ونڊ ۾
خوشين جي بچيل
اها
پاڇي به ناهي!
جنهن تي
ڪنهن جو کوڙو لڳي!!
ان شام رضا جي ڪال آئي هئي. ان کان اڳ ۾ هن سڦلتا بابت Chatting پئي ڪئي.
“ادي سڦلتا گريٽ آهي. هن جا جذبا، هن جو پيار، سچو پوتر آهي.” هڪ ڳالهه چوان ڀٽائي!” رضا اجازت گهري هئي.
“جيڪڏهن مون کي ادي سڦلتا توکان اڳ ۾ ملي ها ته ان سان شادي ڪري ڇڏيان ها. سوري- پر مان چئي ويس پنهنجي دل جي ڳالهه... پوءِ به مون کي فخر آهي ته هوءَ منهنجي ادي آهي.” اهو ٻڌي ڀٽائي تي سڪتو طاري ٿي وڃي ٿو.
“هان- هون - ” ڪري هو نٽائي ڇڏي ٿو.
“ٻيو ڇوڪرا! ادي سڦلي رابطو ڪندي اٿئي نه...؟” رضا هن کان پڇي ٿو.
“يار! اسان جي سماج ۾ عورت جي جواني جو سفر ويم گهر تائين هجي ٿو. باقي واري زندگيءَ ۾ سواءِ عذابن جي ڪجهه ئي ڪونهي!” ڀٽائي چوي ٿو ۽ چپ ٿي وڃي ٿو.
“عيسائيت چوي ٿي: <پاڻ کي ٻين جي لاءِ، ٻين خاطر وساري ڇڏيو<. تون به ائين سمجهه هوءَ خوش آهي ته تون به ان جي خوشيءَ ۾ راضي رهه.”
“اها ئي ڪار رضا توسان ٿئي ته پوءِ..؟”
“متان آءُ برداشت نه ڪري سگهان.”
“پوءِ مون کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ ڪئين پيو همٿائين.؟” ڀٽائي کي رضا جون ڳالهيون صفا نه آئڙين ٿيون ۽ هن کي شادي واري ڳالهه هضم نه ٿئي ٿي. چارج جو بهانو ڪري هو فون ڪٽي ڇڏي ٿو.
****
سڦلتا جي شاديءَ کان محبتن جي ورڇ ٿي چڪي هئي.
سڦلتا جون ترجحيون بدلجي رهيون هون، هوءَ ڀٽائي جي نه پر لوڪ رکا، سماج ۽ ماڻهن جي پرواهه ڪندي هئي. ڀٽائي سڦلتا جي شادي بعد چوندو: “سڦلي منهنجي نه رهي آهي. هن پاڻ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. هڪ حصو منهنجي لاءِ ۽ ٻيو حصو مهدي لئه...”
سڦلتا جڏهن به فون تي ڀٽائي سان رابطو ڪندي ته ٻئي سواءِ روئڻ ۽ سڏڪڻ جي ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهندا.
“سڦلي توکي رشتن جا زنجير جيئن پوءِ تيئن جڪڙيندا مضبوط ڪندا پيا وڃن، مان توکان ڏور ٿيندو پيو وڃان.”
“توکي چيو هو، مجبور آهيان، مون کي رشتا نڀائڻا پوندا..” سڦلتا بيوسيءَ ۾ چوندي روئيندي رهندي.
“تون پاڻ ئي مون کي پاڻ کان ڏور ڪيو. اسان جي محبت جي ورهاست ڪري تون ان وقت ڪنهن به لحاظ کان مايوس نه هئين.”
“هي مون ڇا ڪري ڇڏيو، مون کان غلطي ٿي وئي، پو ڇا ٿيندو؟ تون واپس اچ يا طلاق وٺ.. ته شادي ڪريون..” ڀٽائي رانڀاٽ، ٻروڙٽ ڪندي چيس..
“تون رؤ نه، مان تنهنجي آهيان، طلاق وٺندس، مون کي به پريشان نه ڪر نه روئار.. پاڻ کي سنڀال جانان!”
هوءَ دلاسو ڏيندي پوءِ هلي ويندي. هن جي زبان تي رڳو مهدي جو نالو هوندو هو. هر ڳالهه ۾ مهدي اچي ويندو، مهدي لاءِ ماني موڪليان، مهدي جا ڪپڙا استري ڪيان.. وغيره
سڀ شيءَ سڦلتا لاءِ نارمل هئي. جيئن ڪجهه ٿيو ئي نه هجي! وکري ويو هو ته ڀٽائي. اهو ڀٽائي جنهن جي وجود کي سڦلي ميڙي سيهڙي جوڙيو هو. اهو وري ان جي ڪمن ۽ ڳالهين تي ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو هو. عذاب ۽ دوزخ هو ته ڀٽائي لاءِ، هوءَ ته سڀ قبول ڪري چڪي هئي. ڀٽائي جو ذهن اڃا تسليم نه ڪري رهيو هو.
مهدي جڏهن به سڦلتا سان وڙهندو، هوءَ ٺڪ ڀٽائي کي فون ڪندي ان کي پٽيندي...
ان منجهند سڦلتا جي فون آئي. ڀٽائي سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي چوڻ لڳي:
“مهدي تنهنجي سوچن سان ملندڙ جلندڙ سوچ جو مالڪ آهي. ڀٽائي! تنهنجي ۽ مهدي جي خيالن ۾ ڪيتري نه هڪ جهڙائي آهي، هن کي اهو ئي پسند آهي، جيڪو توکي پسند آهي.” ڀٽائي پڄرندي به ٻڌندو رهندو.. ڳوڙها وهندا موبائيل ۾ پوندا ته هو ڇرڪي ويهي رهندو.
“جيئن توکي سنڌ ڌرتيءَ سان عشق آهي ۽ سوچيندو آهين، چوندو آهين پهريان ديس پو ٻيون ڳالهيون.. مهدي کي به تو وانگر پويان ڀاڪر پائڻ پسند آهي. جيئن تون ڀاڪر پائي چوندو هئين: “سڦلي هي انداز مون کي بي حد وڻندو آهي. مان تو کان پڇندي هيم: “توکي ائين ڀاڪر پائڻ ڇو وڻندو آهي.؟”
“تون چوندو هئين: ڇو جو ان پل، ان ڀاڪر سان تنهنجو سڄو وجود منهنجي ڀاڪرن ۾ هوندو آهي ۽ تون صرف ئي صرف منهنجي هوندي آهي.”
ڀٽائي ايترو جواب ڏنو؛ “ها جانان.”
سڦلتا جي انهن روين سبب هن جي اندر ۾ دردن جا گل ٽڙي پيا هئا. درد جي خوشبو سان سڄو وجود واسجي ويو هيس. پر انهن درد جي گلن جي خوشبوءَ سڦلتا کي محسوس نه ٿيندي هئي. سڦلتا مهدي ۾ ڀٽائي کي ڳولي رهي هئي ۽ ڀٽائي هن کان کسڪي رهيو هو، اهو شاديءَ جو دستور هو.
ڀٽائي سڏڪا پئي ڀريا... فون بند ٿي وئي. پريان آواز آيو هو. “مهدي آيو آهي..” ڀٽائي منهن ڌوئي پنهنجي منهن چوڻ لڳو:
“جيڪي ڏنائون سو، سر ڏيئي سَهُه جندڙا..”
****
مينهن ڪڻيون جسم جو ٻاهريون حصو ڀڄائينديون آهن ۽ پيار جسم جو اندريون حصو آلو ڪندو آهي. پيار ۾ اکيون پسي وينديون آهن، ته محبوب جي بي رخي ۽ بي پرواهي تي دل به رت روئيندو آهي. جنهن سان جسم جو اندريون حصو پسي ويندو آهي.
ماڻهو غلط فهمي جو شڪار ڪئين ٿيندا آهن؟ بلڪل ائين جيئن ڀٽائي سڦلتا جي شادي کان پوءِ به اهيو سوچي رهيو هو ته هوءَ هن جي ٿيندي! وقت ڦيرو کائيندو، ڀٽائي جون غيرضروري اميدون ۽ آسون هن جون وڏيون دشمن ٿي ويون هون. جيڪي هن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيون هون.
پيار ۾ عورت هميشه دوڪانداري کان ڪم وٺندي آهي ۽ مرد ڪنهن بي سمجهه وائڙي گراهڪ جيان هر دوکو خريدي برباد ٿيندي به خوش هوندو آهي. سڦلتا سمنڊ وانگي هئي. ان جي هر ڇولي ڀٽائي ڏي اچڻ چاهيندي هئي، ڀٽائي جو بدن ان ڇولي کي ٿر جي واريءَ جيان چوهڻ چاهيندو هو، پر اهو سڀ ممڪن نه هو حالتون بدلجي چڪيون هيون، وقت وڏو ڦيرو ڏي مات ڏئي ويو هو.
اها ڊسمبر جي چٽي منجهند هئي. ڀٽائي پنهنجي مطالعي ۾ محو هو، ته سڦلتا جو ميسيج آيس..
safalta:
Pakge kry call kaya?
05-12-2008
هن جيئن ئي فون ڪيو ڀٽائي کئني.. ٻئي پاسي کان سڦلتا جي روئڻ جو آواز اچي رهيو هو. هوءَ ڍڍڪر ڏي روئي رهي هئي.
“ساهه ڇا ٿيو؟” ڀٽائي پريشان ٿي پڇيو.
“مهدي ڪلهه رات مون کي ٿڦ هئني، منهنجي ڳل تي ڳاڙها، ڪارا نشان ٿي ويا آهن.” هوءَ ڳالهائي گهٽ روئي گهڻو رهي هئي.
“مهدي جو توسان ڪڏهن پيار نه هو ۽ نه آهي!! هن بس توکي ائين چيو هو ته هُو توسان پيار ڪري ٿو، ڇو جو ان جي زندگي ۾ ڪا ڇوڪري نه هوندي. هُو توکي پنهنجي زندگي ۾ آڻڻ چاهيندو هوندو. ۽ اڄ جي دؤر ۾ لازم ٿي ويو آهي ته توهان کي هڪ اڌ گرل فرينڊ هجي، موبائيل فرينڊ هجي، نه ته ماڻهو احساس ڪمتري جو شڪار رهي ٿو.”
“هُن مون کي چيو هو مان توکي خوش رکندس، تنهنجي اکين ۾ لڙڪ اچڻ نه ڏيندم، اڄ چوي ٿو مڙس سان ائين ڳالهائبو آهي ۽ .....!؟؟ سڏڪندي هوءَ چپ ٿي وئي.
“چوڻ سان ڪجهه نه ٿيندو آهي، جيسيتائين توهان ڪنهن کي دل سان قبول نه ٿا ڪيو اهو پيار ڪهڙو ٿيو جانان!”
“تون مهدي کي چيو منهنجي والدين کان رشتو گهر. بس مهدي اهو ڪيو، جيڪو تون ان کي چيو، باقي ته هُن توسان ڪهڙا پيار جا قسم کنيا هئا، ڪهڙا خواب ڏٺا ها تولئه؟ پيار جا اهي لمحا.. هن توکي ڪهڙو وقت ڏنو آهي؟ جيڪو توکي شادي کان اڳ ۾ به نه ڏيندو هو. هن توکي ڪهڙي اهميت ڏني آهي؟” ڀٽائي ڳالهائيندو رهيو.. هوءَ چپ ڪيون ٻڌندي رهي.
“ڪي ماڻهو اندر ۾ ڏاڍا ضدي ٿيندا آهن. پنهنجي ڳالهه کي سهي ثابت ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري ويهندا آهن. مهدي جو توسان پيار صرف جنسي خواهش پوري ڪرڻ هو. باقي هن جو حقيقي پيار توسان نه هو. تون ته هن جي نفسياتي خواهش جو ضد بڻجي چڪي هئين. هن اهو ضد پورو ڪيو. ڪنهن به طريقي سان، هن توکي جهڪائي وڌو، پوءِ معطمن ٿي ويو. ۽ اطمينان سان پنهنجي ڪمن ۾ لڳي ويو. تو هن لاءِ هڪ فارملٽي آهين.”
فون ڪٽجي وئي، روئڻ ڪري ڀٽائي جو آواز ڳرو ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هون. “هن ٻڌائڻ به ضروري نه سمجهيو ۽ فون ڪٽي ڇڏي..” ڀٽائي ڀڻڪيو ۽ سڦلتا ڏانهن پيغام اماڻي ڇڏيائين..
تون چنڊ چيو جنهن کي، سو چنڊ پري آهي،
امداد پري کان ئي ديدار ڪري ڇڏجان!
Sent: 1:23PM-05-12-2008
###
ڀٽائي! اڄ مهدي مون کي گهر کان ٻاهر اماڻي ڇڏيو هو. آءُ سڄو ڏينهن امان جي گهر هئم.”
“ڇو ڇا جي ڪري؟”
“هو هفتي ۾ هڪ ڏينهن موڪل ڪندو آهي اڄ هن جي موڪل هئي ڪم جي.”
“جڏهن سج لهڻ ڪري دير ٿي ۽ هن جو نمبر به نه لڳي رهيو هو آءُ پاڻ گهر هلي آيس.
“ڇا؟ پنهنجي گهر اچڻ لاءِ به پڇڻ جي اجازت هوندي آ ڇا؟”
در کليل هو پر ڪمري جو در ٻيڪڙيل هو. مون در کي ٿڏو هڻي کوليو...
هوءَ روئي پئي... ڪي گهڙيون وهامي ويون...
ڀٽائي پڇي ورتو “پوءِ ڇا هو ٻڌاءِ؟”
“مهدي ۽ ان جو ساٿي الف هئا...! ۽ اتي هن مون کي بجا ۽ گاريون ڏيڻ شروع ڪيون...”
.....
“مهدي Sodomite آهي. هڪ ته هو لواطت ڪري رهيو هو شرم بجاءِ گاريون...؟”
“ها جيون ۾ ايڏي گهٽتائي مون ڪڏهن محسوس نه ڪئي آهي. هو ڇوڪرو به مون اڳيان الف بيٺو هو مهدي نشي ۾ الائي دنيا جون سڀ بي حيايون چئي رهيو هو...”
“ _Sodomy هڪ خلاف فطرت عمل آهي. اهو به گهر ۽ گهر واري ...” اهو بنهه هڪ ذاتي شيءَ آهي. پر ان جا اثر اسان جي زندگين تي گهرو اثر وجهن ٿا.”
سڦلتا ندامت ۾ فون ڪٽي ڇڏي.
###
“سڦلتا! تون واپس هلي اچ ته شادي ڪيون. مان رهي نه ٿو سگهان. اسان جيڪو رچيو هو ته سڀ خوش رهندا. اُهو اسان جي منشا موجب نه ٿيو. جڏهن اهو سڀ نه ٿيو ته تنهنجو ۽ منهنجو الڳ رهڻ فضول آهي. سڀ ڇڏي هلي آء.. هاڻي ڪو دڳ ٻيو آهي ئي نه...!! ڀٽائي فيصلو ڏيندي چيو.
“ڀٽائي اِهو سڀ آسان نه آهي! ڀڄي هلون؟” سڦلتا سوال ڪيو.
“ڀڄي هلڻ ايترو سؤلو نه هوندو سڦلي. سڌي رستي تون طلاق وٺ... تنهنجي زندگي ۾ اهم ڪير آهي؟”
“تون وڌيڪ آهين ڀٽائي ۽ منهنجو توسان اهُوئي پيار آهي. پر مان ڇا ڪيان؟”
“طلاق وٺو.. طلاق..”
“مان طلاق جو چوان ٿي ته هُو پسٽل کڻي ويهي ٿو ۽ چوي ٿو مون کي مار يا توکي مرڻو پوندو. پوءِ طلاق جي ڳالهه ڪر.. ڀٽائي هي انسان نارمل نه آهي. سڀ چون ٿا مهدي نارمل آهي پر مان ڪنهن کي ٻڌايان، منهنجي ڳالهه تي ڪوئي يقين نه ٿو ڪري!! مهدي بلڪل عجيب روش جو مالڪ آهي. آءُ برباد آهيان.”
“پو اهڙي انسان سان رهڻ جو ڪو مطلب يار تون ان کي ڇڏي ڏي نه..”
“ڪيئن ڇڏيان، سڀ مون کي غلط ٿا سمجهن سهڻا ۽ روجي جو ڇا ٿيندو؟”
“طلاق.. پوءِ اها توکي ملي ٿي ته ان کي پاڻ وٽ رکنداسين يا بس پنهنجي پيءُ سان هجي!”
“مان ائين ڪيئن هن کي ڏيندم، ان کي اڪيلو ڪيئن ڇڏيندس ۽ طلاق بعد مون کي ڪڏهن نه ڏيندا.”
“ڀلي نه ڏين. توکي روجي وڌ ٿي وئي آهي ڇا؟”
خاموشي...
“ها جواب ڏيو توهان کي روجي...” ڀٽائي جي نڙي ۾ لفظ اٽڪي پون ٿا.
“روجي مون کي وڌيڪ عزيز آهي. هاڻي منهنجي زندگي هي آهي. مان واپسي جو ڪجهه نه ڪري سگهندس.. تون سمجهين ڇو نه ٿو؟..”
“هان.. پوءِ ته ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ بچي نه ٿو..!”
خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي... چند گهڙين بعد فون ڪٽجي وڃي ٿي.
ڀٽائي سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو.. ماءُ جي اولاد لاءِ محبت روحاني احساس هجي ٿي. جيڪو هن ٻڌو هو ته ماءُ جي محبت دنيا جي هر محبت کي مات ڏئي ٿي. اهو پنهنجي اڳيان ٿيندو ڏسي ٿو. هڪ مڙس، هڪ زال هڪ ڀيرو ميلاپ ڪن ٿا. انهن جا روح به ان وقت ملن ٿا. يا مان به هڪ مرد ۽ سڦلتا هڪ عورت ڪجهه گهڙين لاءِ ئي ملون ٿا ۽ انهن ڪجهه گهڙين ۾ اسين هڪ ٿيون ٿا. پر ماءُ ۽ اولاد جو رشتو ته ڳرڀ ۾ 9 مهينا اندر رکڻ جو آهي. اولاد هڪ ماءُ جي وجود جو اٽوٽ حصو ٿي وڃي ٿي.
گهر وارو يا محبوب به ته جسم جي سطح تائين ملن ٿا ۽ ڪجهه ساعتون ميلاپ هلي ٿو. اهو جيڪو تعلق ماءُ جو اولاد سان جڙي ٿو. اهو نه ته مڙس سان جڙي سگهي ٿو نه اهڙو رشتو محبوب يعني مون سان ٿيڻ ممڪن آهي. اهو ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي. اولاد ماءُ سان گڏ ساهه کڻي ٿي، کاڌ خوراڪ هڪ هجي ٿي، رت ست هڪ ٿين ٿا، پوءِ ماءُ ۽ اولاد ۾ ڪو مفاصلو نه رهي ٿو. جيڪو مڙس ۽ محبوب ۾ رهي ٿو. مان ته هُن کان گهڻي مفاصلي تي ٿي ويو آهيان. ڪيڏيون وڇوٽيون پئجي ويون آهن. هوءَ پنهنجي وجود جي حصي کي ڇڏي مون ڏي ڪيئن ٿي اچي سگهي!؟ ڪو به محبوب يا عاشق ماءُ جي تڪميل نه ڪري سگهندو. ماءُ جي گهري رشتي جو جيڪو هن جو اولاد سان ٿئي ٿو اهڙو ڪو به عاشق اوهڙو جذبو نه ٿو جاڳائي سگهي. ماءُ بڻجڻ هڪ اعليٰ ترين معطمن هجڻ جو مرحلو آهي.
سڦلتا جي ماءُ بڻجڻ سان جنس ۾ دلچسپي گهٽجي ڇا.. پر رهي ئي نه هئي! هن پنهنجي وجود ۾ جنهن کي 9 مهينا پاليو هو سانڍيو هو، ڌڙڪنن ۾ سمايو هو، سڦلي تون منهنجي محبت جي نشي کي هوا ۾ ڌوڙ جيان اڏائي ڇڏيو هو. ها تون ممتا جي نشي ۾ انڌي ٿي وئي هئين. اولاد مڙس لاءِ به ڪو خاص ڇڪ جو سبب نه هجي ٿي! ڇو جو ان جي وجود جي بناوٽ ۾ ان جو ڪو ايڏو عمل دخل نه هجي ٿو. مان ته وري به هڪ عاشق هئم. مون کي ته روجي جي لاءِ ڪا نفرت ڪا چڙ نه هئي. پر ڇڪ به ته نه هئي! مان ته بس سڀ سمجهي رهيو هوس. سڀ ڳالهيون جيڪي تون دل تان لاهي ڇڏيون هون.
مون کي الائي ڇو ائين لڳي رهيو هو ته اسان جي محبتن جو بنياد جنس هئي ۽ تنهنجي ماءُ بڻجندي ئي اهي بنياد ڊهي پيا ها. ماءُ بڻجڻ بعد جيڪي رمزون تون ۾ نروار ٿيون هون اهي پنهنجي محبت جون دشمن ٿي بيٺيون هون. اسان جي محبت جنس جي ڪشش ختم ٿيندي هڪدم هوا ٿي وئي هئي.
مغرب ۾ ته عورتون شادي نه ٿيون ڪن اگر ڪن به ٿيون ته ماءُ بڻجڻ کان نابري واري ويهن ٿيون. ڇو ته ان سان سندن جنسي ڇڪ ختم ٿي ويندي.
هڪ عورت ماءُ بنجي ايڏي پرسڪون ڇو ٿي وڃي ٿي؟ شايد عاشق جي جنسي رشتي کان، يا محبت کان اولاد جو رشتو اڻٽٽ ٿي پوي ٿو. هوءَ مون کي اڦٽ ماري چڪي آهي. پر هوءَ پنهنجي اولاد کي ڇڏڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهي. ماءُ ۽ اولاد جو سڱ آفاقي آهي ان گهرائي تائين پهچڻ ڪنهن جي سوچن کان به پري آهي.
عشق موت کان زور آهي
پر ممتا موت ۽ عشق کان وڌيڪ ڏاڍي آهي.
***