6
هو ائين سوچي رهيو هو ته هن لاڪپ مان پنهنجي ڀائو کي منشي جي ڪمري ۾ ويندي ڏٺو. هن رڙ ڪرڻ چاهي، پر آواز نه نڪتس. همت ڪري رڙ ڪيائين.. “ڀائو..”
سندس ڀاءُ لاڪپ جي سلاخن کان اچي بيٺو ته ڀٽائي هن جي هٿ تي هٿ رکي ڪافي دير تائين هن کي ڏسندو رهيو ۽ سڏڪن کي ڳيت ڏئي پئي ڇڏيائين.
ڀاڻس.. سامان سان ڀريل ٿيلهي ڏنس، جنهن ۾ پارٽي بسڪوٽ، ڪولگيٽ ڏندن صاف ڪرڻ جي دوا، ڏندڻ، سرهو صابڻ لڪس ۽ چانهه گرم گرم هئي.
هن جي ڀاءُ جي اکين ۾ حيرت هئي. هن کي يقين نه ٿي آيو ته هن جو معصوم ڀاءُ ڀٽائي لاڪپ ۾ آهي. هن کان بس ايترو اڪليو. “هي وٺو سامان، چانهه پئي، برش ڪري تيار ٿي وٺو. هي توکي ڪورٽ وٺي ايندا. پاڻ وري ڪورٽ ۾ ملون ٿا.” اهيو چئي هو هليو ويو.
ڀٽائي ٽن ڏينهن بعد سرهي صابڻ جي خوشبو سان وڏا وڏا ساهه کڻي هٿ منهن ڌوتو. ڏندڻ ڏنو. هيڏن ڏينهن بعد ڀٽائي کي سٺي چانهه ۽ بسڪوٽ کائڻ لاءِ مليا. هن کي ڪجهه هلڪو محسوس ٿيڻ لڳو. ڀٽائي هيروئني کي به چانهه پياري. بچيل صابڻ، ڏندڻ ۽ دوا سڀ ان کي ڏئي ڇڏيائين. لاڪپ جو در کليو ۽ هن کي هٿڪڙيون هنيون ويون. هن من ئي من ۾ سوچيو:
“اوهه... اڄ اهو موڙ به اچي ويو زندگي ۾...” هن جون اکيون ڀرجي آيون ۽ سڏڪن کي وري به ڳيت ڏئي ڇڏيائين.
ٿاڻي ٻاهر ايندي ئي هن آسمان ۾ ڏٺو. وقت ڄڻ گذريو ئي نه هو. آسمان ۾ ڪڪر-ڪارونڀار ڪيون بيٺا هئا. پر هن کي اهو احساس شدت سان کائي رهيو هو ته هُو هاڻي ملزم آهي. خبرناهي هي آسمان جيڪو به هن کي قيدي لڳو، آزاد فضا هن لاءِ هڪ خواب بڻجي پئي.. هو هٿڪڙيون کڙڪائيندو، پوليس جي گاڏي ۾ چڙهي ويٺو. کاٻي ۽ ساڄي پاسي ٻه سپاهي سوگهو ڪري ويٺا. ٻاهر مينهن ڪڻيون پنهنجي مستي ۽ خوشي جو سڏ ڏي ئي رهيون هون ۽ سڏ جي موٽ ۾ سڀ پکي فضا ۾، ماڻهو ڏامر جي روڊن ۽ سيمينٽ جي سرن جي رستن تي سرمست نظر اچي رهيا هئا.
ڀٽائي جي من ۾ هو ته ڀاڻس کيس ڪورٽ ۾ آزاد ڪرائي وٺندو. ان اميد تي هو پوري واٽ پنهنجي هٿڪڙي تي آيت الڪرسي شوڪاريندو آيو ته اها هٿڪڙي وري هن کي جيئن نه ٻڌي وڃي ۽ اها ٽٽي پوي.
ڪورٽ پهچڻ شرط هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ جا ڌڪ تيز ٿيندا ويا. هن ڏٺو ته اڳ ۾ ئي هن جا عزيز ۽ ڪجهه دوست ڪورٽ ۾ موجود هئا. هن جي چهري جي کل تي پيلاڻ ڦهلجي وئي.
هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪورٽ ڪچهري نه ڏٺي نه ٻڌي هئي. عجب مونجهه جو سايو مٿس ٿي ويو هو. ڪورٽ جي فيصلن ۽ ڪيسن بابت ڪهاڻين، ناول ۽ جيل ڊائرين ۾ پڙهيو ضرور هئائين. ڀٽائي جي من ۾ ڪورٽ بابت هڪ خيال اڀري آيو:
ڪورٽ—ڪ سان ڪانءُ ڪانءُ ڪندو وت!
و--- سان ور وڪڙ ۽ وڪڙ ئي وڪڙ!
ر—سان رُل ۽ رولُ!
ٽ—آخر ۾ ٽ.. ٽ.. معنيٰ ٽانءَ ٽانءَ فش!!
هن جو وڪيل سليم هئو. جيڪو پير پاڳاري جو مريد هو. پاڳاري وانگر سندس شهپر ۽ ڏاڙهي سان هن جي شخصيت ڏاڍي پرُڪشش ٿي لڳي. ڪورٽ ۾ جج اڳيان پيش ڪرڻ کان پوءِ جج ڀٽائي کي رمانڊ تي موڪلڻ بجاءِ لانڍي جيل موڪلي ڇڏيو. هن جو هيانءُ مڇي جي ڪلي جيان فسي پيو.
هن پاڻ کي هڪ نئين امتحان لاءِ تيار ڪري ورتو. جيل جنهن بابت هن ٻڌو هو ۽ پڙهيو هو. اڄ سندس اوڏانهن اڏام هئي. سٽي ڪورٽ کان لانڍي جيل تائين جي سفر ۾ هو بي سڌ گاڏي ۾ پيو رهيو. ان کان اڳ ۾ ڀٽائي کي ٻن، ٻين مختلف ٿاڻن تي به پوليس وٺي وئي، جتي سندس فوٽو ڪڍي ڪيس ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو ويو.
جيل جون تمام وڏيون ديوارون... هي شهر جيڏو وڏو هو ديوارون به اوڏيون هون. پر ان ديوارن اندر ڪو عزيز اوڏو نه هوندو. جيل جي جبل جيڏين ڀتين کي ڳاڙهو رنگ ڏنل هو ۽ وڏو دروازو هو.
***
عجب شڪلين وارا پوليس عملدار... جيل جي وڏي اندرين دروازي کان قيدين کي اوڪوڙو ويهاريو ويو هو. هڪ پنجابي جمعدار انهن جي سخت جهڙتي وٺي رهيو هو. ان ۾ هو انهن جي پوري جسم کي ڇاڇولي شلوار ڪميز به لهرائي، ابداڻي مان اڳٺ به کولائي چڪاس ڪري رهيو هو.
ڀٽائي اهو ڏٺو ته منهن لهي ويس. هن کي جيل ۾ داخل ٿيڻ تي هٿ جي تري تي ٺپو هنيو ويو. ڀائو جي ڏيٺ وائٺ تي ڀٽائي سڀ مرحلا جيل جا آرام سان اڪري جيل جو ٻيو وڏو دروازو ٽپي، ڪاٺ ۾ قابو ٿي چڪو هو. ڀائو ۽ هن هڪ ٻئي کي ويڳاڻپ مان آخري ڀيرو ڏٺو.
جيل جي اندر هڪ الڳ نئون جهان هو. خوليون ٺهيل هون. قيدي اچ وڃ ڪري رهيا هئا. ڪي وڻن کي پاڻي ڏئي رهيا هئا. ڪن کي هٿن ۾ ٻهارا هئا. ڪي ڇڻڪار ڪري رهيا ها. ڪجهه پوچي ۾ لڳل ها. گار ڏيڻ عام ٿي لڳي، جهڙوڪ ڪو قانون يا ثواب جو ڪم هجي.
هن ڏٺو جمعدار ڳالهه ڳالهه تان قيدين کي پٽي گاريون ٿي ڏنيون. گهڻي قدر قيدي خوش نظر پئي آيا. شايد هنن هتي رهڻ سکي ورتو هو. ڀٽائي مئل نگاهن سان ڳورا قدم پئي کنيا. ڀائو جي سفارش سان هن کي شام تائين بسترو ملي ويو ۽ هانڊي وال به... هو جنهن بئرڪ ۾ هو. ان ۾ ٽي وهنجڻ جا ڪمرا ها. اٽڪل 250 قيدي بئرڪ ۾ واڙيل هئا. بئرڪ ۾ ڪل ڇهه پکا لڳ هئا. جيڪي نه جي برابر هئا. ڀٽائي وهنجي پنهنجي بستري تي پئجي رهيو.
“خبرناهي ڪيترو وقت هن دنيا ۾ هوندس.” هو سوچي رهيو هو.
پوري بئرڪ چچ مچ آوازن سان وڄي رهي هئي، هن کي گهڻو مٿي ۾ سور هو. صديق. امير بخش، نجيب ۽ ٻيا هانڊي وال هيس. سڀئي قيدي جن جا بسترا هن جي ڀر ۾ هئا. اهي پڇي رهيا هئا.
“ڪهڙي ڪيس ۾ آيا آهيو؟”
“.......”
“13-D ۽ سنڌي هجڻ جي ڏوهه ۾.” ڀٽائي مختصر جواب ڏنو. هن کي اڌ مٿي جو سور هو.
ڪارا رڏ، پٺاڻ ڀورا، سنڌي شهپرن ۽ ٻچين ڏاڙهين سان، هيروئني، چرسي، ڏوهاري، قاتل، ڦورو، خوني، ويڙها سڀن قيدين جي ڏِک ڏاڍي ڀيانڪ هئي. ڪي مڇ ڪٽو، ڪي ملان، بندرا، ڊگها، راڙي، مشڪي، پوڙها، جوان، ڇوڪرا، نوجوان ڪو اهڙو نمونو نه هو، جيڪو ان بئرڪ ۾ نه هو. سڀ جا سڀ منهن ۾ خوفناڪ ڀانسجي رهيا هئا. ڀٽائي کي ڏسي اچرج ۾ ٿي پيا ته “هي جهيڙي جي ڪيس ۾ جيل ۾ پيو آهي.”
جيل ۾ ڪل 19 بئرڪون هون. اسپتال ۽ بند وارڊ الڳ هئا. جيڪو قيدي ٿي هن جي بستر تي آيو، هن کي جيل جي ماحول، جهيڙن، ظلمن ۽ زيادتين جو داستان ٻڌائيندو هليو. هو چپ جهڙو گونگو، ڳالهائڻ ته صفا وسري ويو هوس.
سج لٿي جي آذان مهل بئرڪ ۾ قيدين ۾ ٿرٿلو مچي ويو، سڀ قيدي اوڪڙو قطار ۾ ويهي رهيا. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ائين ڇو؟ پر جڏهن جمعدار قيدين جي ڳڻپ ڪري هليو ويو ته هو سڀ سمجهي ويو. اوڪڙو ويهندي کيس تذليل محسوس ٿي رهي هئي، ائين ڪرڻ سندس لاچاري هئي. صديق ماني ٺاهي کڻي آيو. “مرشد اٿو ماني کائو.؟”
“ماني جي بک ناهي، توهان مون کي مرشد ڇو چيو؟”
“توهان جو نالو ڀٽائي آهي نه ان لاءِ..” صديق مسڪرائيندي چيو. موٽ ۾ ڀٽائي به مسڪرايو. ڀٽائي جي اڳيان ماني پئي هئي.
ٽن ڏينهن کان هُن ماني نه کاڌي هئي. ان باوجود به هن کي ماني جي خوشبو به محسوس نه ٿي رهي هئي.
صديق جي ايلاز منٿن تي به ڀٽائي ماني جو هڪ گرهه نه کاڌو. ها صديق کي چيائين: “جوس کولي ڏي، مان اهو پيئندس.”
ڀٽائي ڀت کي ٽيڪ ڏئي جوس پيئڻ لڳو. صديق ۽ ٻيا ماني ۾ لڳي ويا ۽ پاڻ ۾ ڏوهن ۽ جيل جي ماحول بابت ڳالهيون به ڪرڻ لڳا.
امير بخش: “ڀٽائي کي پئٽر بسترو مفت ڏئي ويو. هونئن ته حرامي سنگل بستري جا 500سؤ ۽ وڏي جا 1000 رپيا وٺندو آهي. هڪ ٽڪو رعايت ناهي ڪندو.”
صديق چيو “ڀٽائي ڏوهاري نه آهي ۽ هن سان ظلم ٿيو آهي پر لڳي ٿو وڏي پهچ ۽ سفارش وارو آهي.”
بئرڪ ۾ اندر وڏن ڏوهارين ۽ سفارشين کي ٽي وي به هئي. ڀٽائي جي بستر ڀرسان هڪ پٺاڻ هو جنهن جي ٽي وي هوندي هئي. ڀٽائي کي ننڊ نه ايندي هئي. ڇو ته پٺاڻ ٽي وي جو آواز گهڻو وڌائي ڇڏيندو هو ڪير چوڻ وارو نه هو. پشتو گانا پيا هلندا هئا. ٻيا شايد ان ڳالهه تي هيري ويا هئا. ڀٽائي جون اکيون ڇت ۾ کتل هيون ۽ رات جي پوئين پهر کيس ننڊ آئي.
****
صبح جو سوير ملان آذان ئي نه ڏني ته قيدين جي ڳڻپ شروع ٿي وئي. سڀ اوڪڙو قطار ۾ ٿي ويهي رهيا. جمعدار آيو ڳڻي هليو ويو. ڳڻپ وقت هو جيڪي قيدي ٿورا به ٽيڙا يا ٿورو هيڏي هوڏي ٿي ويٺا انهن کي چهبڪ هڻندو ٿي ويو. ڀٽائي جون اکيون نه ٿي کليون هو وري سمهي پيو ته 9بجي اٿيو.
صديق چيس “صاحب مان توهان جي انتظار ۾ آهيان.”
ڀٽائي بئرڪ جو در کليل ڏٺو. غسل خاني تي قيدين جي لٺ پئي لڳي. هر ڪو اڳ ۾ وهنجڻ جي چڪر ۾ هو.
“صبح جو 9 کان 12 تائين خولي کليل هوندي آهي. سڀني قيدين جي لاءِ.” صديق ٻڌائيس
“اٿي ته ٻاهر هلي ٿا تڙ ڪيون.” ٻئي ٻاهر نڪري آيا.
وڏو جهان هو. قيدي لٽا ڌوئڻ، وهنجڻ، حاجتون پوري ڪرڻ ۾ رُڌل هئا. ڪي قيدي ٻوٽا ڪٽي انهن کي سنواري رهيا هئا. ڀٽائي ۽ صديق پئخانن جي قطار وٽ اچي بيٺا. انهن کي تالا لڳل هئا. انهن سان گڏ باٿ روم به ها. ڀٽائي حيران ٿي پڇيو “هي تالا ڇو؟؟”
“ليٽرين گورنمينٽ(جيل انتظاميه) جي خاص ماڻهن جا تالا لڳل هوندا آهن. جن ۾ صرف اهي ئي وهنجي ڪاڪوس ڪري سگهن ٿا. ٻين عام قيدين کي ڪو به حق نه آهي.” صديق چيو.
“جيل ۾ سياسي قيدين لاءِ الڳ خوليون آهن پر اهي به پئسي وارن قيدين کي لک ٻن لکن ۾ کپائي ڏنيون ويون آهن. جيل ۾ روز لکن رپين جي منشيات به وڪرو ٿئي ٿي. شهاب صديقي اثر رسوخ وارن قيدين کان پئسا وٺي انهن کي لونڊيون پهچائيندو آهي.”
“پاڻ وارو هانڊي وال امير بخش آهي ني.. ان کي 14مهينن کان ڪورٽ نٿا وٺي وڃن. پڪن قيدين کي وري وڏن آفيسرن جي گهرن ۾ وٺي اتي صفائي ڪرائي وڃي ٿي. امير بخش ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته سندس پير ڀڃي ٺاهوڪي مار ڏني وئي.”
“مرشد اڃا تائين اوهان کي هڪ رات ٿي آهي هتي، تون سڀ رنگ ڏسندين.” صديق منهن تي عجب تاثرات ٺاهيندي چيو.
ڀٽائي عجيب حيرت وارو منهن کڻي وهنجڻ هليو ويو. صديق ٻاهر انتظار ڪرڻ لڳو. وهنجي ٻاهر نڪتو ته هن ڏٺو، ڳاڙهين ٽوپين سان همراهه هڪ قيدي کي ڪٽي کڻي وڃي رهيا هئا. اهي ڳاڙهين ٽوپين وارا هن ڪلهه به ڏٺا هئا.
“ڳاڙهين ٽوپين وارا به پوليس وارا آهن نه؟” ڀٽائي سواليه نظرن سان صديق ڏانهن نهاريو.
“ڳاڙهين ٽوپين سان جيل انتظاميه هڪ فورس ٺاهيو آهي. جيڪو قيدين جي نگهباني، وڙهڻ، ملاقاتين ۽ ٻين ڪم ڪارين جي اڳواڻي ۽ ڪم به ڪندا آهن. اهو سڀ ڊپٽي صاحب(ڊپٽي سپريڊنٽ) جي حڪم سان ٿيو آهي.” هو ڳالهائيندا خولي ۾ اندر آيا ته ٻيا هانڊي وال چانهه تيار ڪيون ويـٺا هئا.
“اچو سنگت چانهه تيار آهي.” امير بخش جاءِ ٺاهيندي چيو.
“جيل ۾ جاچ جوچ تي ڪو به اعليٰ عملدار نه ٿو اچي، جي اچي ٿو ته ان کي وزني لفافو ڏئي ماڙي کان موٽايو وڃي ٿو.”
“هتي قيدين سان وڏو ظلم آهي.” اظهر پٺاڻ اردو ۾ چيو.
“قيدين جي لاءِ ڪو ٽرسٽ يا ڪو امير ماڻهو امداد موڪليندو آهي ته انهيءَ جي چوٿين حصي جو چوٿون حصو قيدين کي نه ڏنو ويندو آهي.” ڀٽائي تون ضرور هنن ڳالهين تي لکجان.” اظهر التجا ڪئي.
“ماڙي واري ملاقات جا غيرقانوني 500رپيا ورتا وڃن ٿا. جيل ۾ ڀتي خوري حلال ۾ شمار آهي.” امير بخش چيو.
“جيل ۾ دڪان وارو هر شيءَ ٽيڻ تي مهانگي ڏئي ٿو.”
“ها يار! ڪلهه مون جوس ورتو ته 10 رپيا مٿي ورتائين.” ڀٽائي ارمان ۾ چيو.
“دوڪاندار 6 هزار ڀتو هر مهيني ۽ مسواڙ الڳ ڏيندو آهي.” چانهه جو دور پورو ٿيو ته هر ڪو ٽڙي پکڙي ويو. ڀٽائي آهلي پيو کيس ليٽندي ننڊ جيل کان ٻاهر کڻي وئي.
ٻئي ڏينهن جيئن ئي ڳڻپ ٿي ته هو ننڊ مان اٿيو. پوءِ هن کي ننڊ نه پئي آئي. ڀائو جيل سپريڊنٽ کان سفارش ڪرائي. چوري هن کي موبائيل ڏني هئي. ڀٽائي جيل ۾ اثر رسوخ وارين قيدين کي موبائيلون هلائيندي ڏٺو هو. هُن اها موبائيل کنڊ جي دٻي ۾ لڪائي ڇڏي هئي. قيدين کان اک ٽيٽ ڪري موبائيل ڪڍي مٿان چادر وجهي ۽ سڦلتا کي هي اي ميل ڪيائين.
To, Safalta@yahoo.com
30 جون 2009ع
اڱارو 12:10 منجهند
لانڍي جيل ڪراچي
وري يادگيرين ورايو اسان کي،
اچي پاڻ هاڻي بچايو اسان کي.
منهنجي پياري سڦلتا
سلام، پيرن تي هٿ..
هن دنيا جو هڪ ٻيو روپ ڪجهه ڏينهن پهرين مون ڏٺو ۽ زندگي جو ڏکيو تجربو حاصل ٿيو. ان تجربي مون کي لوڏي ڇڏيو. مون کي پنهنجو فڪر ته نه هو، پر مون تنهنجي لاءِ پاڻ کي بچائڻ ٿي چاهيو. گذريل چئن ڏينهن کان اسان جو رابطو ڪٽجي ويو آهي. ڇو جو انهن چئن ڏينهن کان مون وٽ موبائيل نه آهي. ڇنڇر ڏينهن کان وٺي پوليس جي حراست ۾ آهيان. ويو هيس نوڪري ڪرڻ پر مليو ڇا، ڪجهه به نه...! نوڪري ته نه هلي ابتو مل مالڪ مون کي ٻڌرائي ڇڏيو. ان سببِ توسان ڳالهائڻ نه ٿيو آهي. مون کي خبر آهي ته تون حد کان وڌيڪ پريشان هوندين! منهنجي لاءِ.. مون سان واعدو ڪر، هي جيڪو مان توکي ٻڌائي رهيو آهيان سڀ ٻڌي روئجان نه پليز...
مل مالڪ سان جهيڙو ٿيو. پوليس ان ڏينهن ٿاڻي تي وٺي آئي، مون کي ڏاڍو ماريو. منهنجي کيسي ۾ پگهار جا پئسا به هئا. جيڪي هاڻي خبر ناهي ڪٿي هوندا. موبائيل فون به پوليس وٽ هوندي. ڏاڍو وڙهيا. منهنجي ڪمزور جان هوندي به سڀ ڪجهه برداشت ڪندي رهي. پوليس ڇا ڪندي آهي اها خبر ان ڏينهن پئي هيم. پوليس ۾ ڪا به انسانيت نه هوندي آهي. خير ٻيو احوال توکي سامهون ڏيندس. ٽي ڏينهن زندگي جا تمام ڪٺن مختلف پوليس ٿاڻن تي گذريا. ڪلهه مون کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. اتي ڀائو جي موبائيل تان sms ڪري توکي ڪوڙ هنيم، ته منهنجي موبائيل گم ٿي وئي آهي. مون کي ڏاڍو شرم اچي رهيو هو توکي ڪوڙ ٻڌائيندي. مان توسان ڳالهائي نه سگهان ها روئي پوان ها. تنهنجي جدائي صفا نهوڙي ڇڏيو آهي. بس توسان ڪوڙ هڻڻو پيو ڇو جو تون چري آهين. جي توکي چوان ها ته گرفتار هان ته تون صفا گهڻي پريشان ٿي وڃين ها ۽ کائين پئين نه ها. ان ڪري پهريون دفعو توسان ڪوڙ ڳالهائڻو پيو. ان لاءِ معاف ڪجان پيرن تي هٿ... ۽ چپ..
جڏهن تنهنجو ميسيج تڪڙ ۾ آيو “مان تمام گهڻي پريشان هيم ۽ آهيان.” ته سچ ان پل اکيون آليون ٿي ويم. مون کي ڪو به جواب سمجهه ۾ نه آيو هو ۽ موبائيل ڀائو کي ڏئي ڇڏي هئم. ڪورٽ ۾ جج اڳيان پيش ڪرڻ بعد مون کي جيل موڪليو ويو. هاڻي آءُ سينٽرل جيل لانڍي ۾ آهيان. ٽن ڏينهن بعد اڄ هڪڙو ماني جو گرهه کنيو هو. وهنتو آهيان ۽ پاڻي پيتو آهي. سوچون ايتريون ته سوڙهيون ٿي ويون آهن جو چري به نٿو سگهان. لاڪپ کان جيڪڏهن جيل نه اچان ها ته شايد نفسياتي مريض ٿي وڃان ها. ان سڄي حشر دوران منهنجي دماغ ۾ صرف سڦلتا ڦري رهي هئي. مون کي تنهنجي ڏاڍي ياد اچي رهي هئي. پوليس جڏهن مون کي ماري رهي هئي ته درد، بيهوشي ۽ رڙين ۾ سڦلتا سڦلتا ٿي نڪتو. ايترو جلدي تون ۾ گم ويو آهيان. سڦلتا مون کي تنهنجو ڏاڍو فڪر آهي. تنهنجي گهڻي سڪ لڳي آهي. مون چئن ڏينهن ۾ چار گرهه به مشڪل سان کاڌا هوندا. منهنجون اکيون گهڙيال ۾ آهن. ڪڏهن نڪرندس جيل مان، ڪڏهن موبائل ملندي ۽ توسان ملندم. مون کي توکي گهڻيون ڳالهيون ٻڌائيڻيون آهن پر پليز پڙهي روئجان نه ... مان ٺيڪ آهيان. پر ٿوري پريشاني ضرور آهي. ڇو جو توکان دور آهيان. بس دعا ڪجان پئي. مان سڀاڻي تائين آزاد ٿي ويندس. ڇو جو تنهنجون دعائون ۽ پيار مون سان گڏ آهي. منهنجي توڏانهن هي پهرئين اي ميل آهي. جيڪا جيل مان لکي رهيو آهيان. اڃا خبرناهي جدائي جو ڪيترو عرصو آهي. مون گهڻا خط رميسا کي لکيا هئا. تنهنجي لاءِ برقي خط لکان پيو پهريون دفعو مون کي عجيب پيو لڳي ته ان ۾ رڳو جيل، پوليس جون ڳالهيون لکي رهيو آهيان. تون ڪيئن آهين؟ پنهنجو خيال رکندي آهين يا نه؟؟ مون کان وڌيڪ نٿو لکجي. بس دعا ڪر ته جلدي آزاد ٿيان.
تنهنجو
ڀٽائي—سينٽرل جيل لانڍي-ڪراچي.
Sender: bhattia@yahoo.com
اي ميل ڪري هُو ٻاهر مسجد جي وضو ڪرڻ واري ٽوٽين کان اچي ويهي رهيو. هٿ ۾ عوامي آواز اخبار هيس. اخبار پاسي ۾ رکي. ٿڌي هير صبح سان سندس من لڀائي وئي. سڦلتا ساون لان جي ڪپڙن ۾ اڳيان اچي ويس. هو حيران ان کي ڏسندو رهيو. اوچتو هوءَ غائب ٿي وئي هن جو من ملول ٿي پيو. هن جي اڳيان رات جو قيدين جو ٺپي (ٺپي معنيٰ—قيدي قيدي سان پاسو ورائي لڳي/ملي سهمڻ) ۾ سمهڻ وارو منظر اکين اڳيان ڦيري آيو.
“ڪيڏو نه ظلم آهي هتي بستري جا به پئسا.. انساني حقن جون تنظيمون ڪٿي هونديون آهن باقي؟؟” هن ائين سوچيو پي ته ايتري ۾ مولوي صاحب به اچي ويو. “السلام عليڪم.”
“وعليڪم السلام”
“هان جناب صبح ڪا مزا لي رهي هو؟”
“ها مولانا صاحب!” (تنهنجو وس پڄي ته هتي ويهڻ نه ڏين. ڀٽائي دل ۾ چيو.)
“هون..” مولوي پاڻي جي ٽوٽين کي ڦيرائڻ لڳو.
“آپ ڪس ڪيس مين هو؟” مولوي پڇيو.
“تيرنهن ڊي ۽ سنڌ سان محبت هجڻ جي ڏوهه ۾..” ڀٽائي رخو جواب ڏنس.
“مولوي صاحب توهان هتي پيش امام آهيو؟ پگهار ملندي هوندي توهان کي؟”
“نه ادا مان قيدي آهيان. هڪ من چرس ڪيس هي مجهه پر.”
ڀٽائي ڏٺو ملان وڏي ڏاڙهي ۽ وڏو پيٽ لوڏيندو هليو ويو. اتان اٿي هو جيل جو سڄو چڪر لڳائي آيو، بئرڪ پهتو ته چانهه بسڪٽ تيار پيل هئا. اڄ چوٿون ڏينهن هو هٍن ماني نه کاڌي هئي. جيل ۾ اڪثر قيدين وٽ لڊو پيل هو. قيد ۽ وقت ڪٽڻ لاءِ لڊو راند وندر طور کيڏندا رهندا.. ڪي ته جوا به کيڏندا هئا. شرطون رکندا. ڀٽائي هانڊي والن سان لڊو کيڏڻ ويهي رهيو هو. راند شروع ٿي، ڀٽائي راند ۾ ٽنهي ساٿين کي مات ڏني، ڇڪن مٿان ڇڪا وجهندو رهيو. اڄ هيترن ڏينهن پوءِ هلڪو خوشي جو احساس ٿيو هوس.
جيل ۾ وقت ڪمي پير هلندو هو، هر وقت ڪونه ڪو قيدي پنهنجي ڏوهن جي رام ڪٿا کوليو ويٺو هوندو هو. ڀٽائي کي ته سڀ شرطي ڪوڙا لڳندا هئا. 12 بجي ماني وارا قيدين ۾ ماني ورهائڻ اچي ويندا هئا، چانهه صبح جو ملندي هئي ۽ سڪل پاپا.. چانهه ته نه هوندي هئي جهڙو ڇڙيو پاڻي... هفتي ۾ ٻه دفعا گوشت ڏنو ويندو هو. دال معمول هوندو هو. ڳاڙهي ۽ ڦڪي پاڻي واري دال جو رنگ هوندو هو. باقي دال نالي ۾ هوندي هئي. ماني ڪچي پڪي هوندي هئي. ان ڪري اڪثر قيدي خراب کاڌو کائڻ ڪري بيمار ٿي پوندا هئا.
گوشت جيڪو ڏنو ويندو هو ان لاءِ صديق چوندو: “خبرناهي اهو گوشت مئل جانور جو آهي يا زندهه زبح ٿيل جانور جو..”
پڪن قيدين جي مطابق:“ڀينس ڪالوني مان مئل مينهن اڌ پئسن تي وٺندا آهن. ان جو گوشت پاڻي ۾ اوٻاري قيدين کي ڏنو ويندو آهي. ان ۾ گيهه جي هڪ ٺنڀ به نه هوندي آهي.”
“جيل ۾ اسپتال جو وارڊ به آهي. ڊاڪٽر آهن پر اهي قيدين کي گاريون ڏيندا آهن. کنگهه واري مريض کي به ساڳيون ٽڪيون ته بخار واري مريض کي به اها ئي دوا... ڪو به توجهه ناهي. ڊاڪٽر روز ايندو آهي، ڪمپائونڊر وري قيدي آهي. بشير ڪمپائونڊر جنهن تي منشيات ڪو ڪيس آهي، وٽس 20 ڪلو چرس برآمد ٿيو هو. ڊاڪٽر مزي سان ويٺو هوندو آهي اهو بشير قيدي ڪمپائونڊر نالي ۾ ڪمپائونڊر، مريضن کي دوا ڏيندو آهي. هر مريض جيڪو به تڪليف ۾ هوندو آهي، انهن کي ننڊ جون گوريون ڏئي ڇڏيندا آهن. جئين مريض سمهي رهي ۽ رڙيون وغيره نه ڪري. دوائون ۽ ٻيا بيمار قيدين جا فنڊ، سڀ جيل انتظاميه ۽ ڊاڪٽر ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪري ويندا آهن.” اظهر هن کي ٻڌايو.
گلاب پٽيل، پٽيل يا پئٽر، جيل انتظاميه يا جيلر جو ڇاڙتو هوندو آهي. ان کي جيل ۾ پيئٽر يا پٽيل چون. گلاب پٽيل هوندو هو. جيڪو غريب قيدين سان وڏو ظلم ڪندو هو. قيدين تي تشدد ڪندي ڪندي ماري به وجهندو هو. هڪ مظلوم قيدي جنهن ۾ پئسا ڏيڻ جي وسعيت نه هئي. ان کي ڀيڻ جي سامهون گهرائي چيائين: “هن ڀيڻ کي .... مون کي پئسا ڏي.”
2008ع جي شروعات ۾ جڏهن جيل ۾ قيدين ۽ انتظاميه جو جهيڙو ٿيو ته قيدين گلاب پٽيل کي شيخن سان ڪباب ڪري ڇڏيو هو.
صديق کي جيل ۾ ٽي سال ٿيندا. ڪيترائي موت جي سزا ٻڌايل قيدي به آهن. صديق جيل جي هر بي ايماني واري ڪم کان باخبر آهي. کيس عرصو ٿيو آهي. ڀٽائي هر وقت کائنس سوال پڇندو رهندو هُو به هر ڳالهه کولي ڪندو ته جئين ڀٽائي جيل کان ٻاهر وڃي قيدين جي زيادتين خلاف لکي ۽ آواز اٿاري.
“صديق اهي پئٽر ٻيو ڇا ڪن؟ مطلب...؟”
“قيدي شنوائي تان ڪورٽ کان حاضري کائي موٽندو ته 50 يا 100 رپيا پيئٽر کي ڏيندو. جي ملاقات آئي ته 200 سؤ رپيا وٺندا، نه ڏيڻ جي صورت ۾ پادر قيدي جو مقدر هوندا.”
بئرڪ مٽائڻ جا ٻن هزارن کان 500 سؤ وٺندا آهن. قيدين جو سامان ايندو ته وڏو اڌ گم. غريب جي هر شيءَ ختم، لاوارثي.. ڄڻ وڏا مائٽ هجن، جو حصيداري ڳنڍين..!
جيل ۾ لونڊي بازي جيل انتظاميه جي سرپرستي ۾ عروج تي هلي ٿي. رضا ۽ اڪرم انهن جي سڌي جيل سپرينڊنٽ ۽ جيلر سان آهي. رضا تي چرس جو ڪيس آهي. جيل سپرينڊنٽ طرفان هنن کي کلي ڇوٽ آهي، ڇا به ڪن، ڪهڙي به ڇوڪري سان بدفعلي ڪن، کائن پئين.
“مرشد تون ڏاڙهي رکي ڇڏ نه ته...؟؟” صديق مرڪندي چيو.
“نه ته ڇا..؟”
“نه ته هم جنس پرست قيدي توهان جي خوبصورتي جي پويان پئجي ويندا.” ٻئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا کلندا رهيا. ڀٽائي کيس تاڙو ملائيندي گار ڏنس.. “گانڊو.”
“مرشد!”
جي مٺا.”
“هي جي بئرڪ تي چاٻي وارا ڏسو ٿا نه.. جيڪي در کولين ۽ بند ڪن ٿا، اهي ڪي سرڪاري ملازم نه آهن، اهي به قيدي آهن. 200 رپيا هفتو ڏيندا آهن. سگريٽ، پان، گٽڪو قيدين کان مفت ۾ وٺندا آهن ۽ مٿين ڪمائي پاڻ کڻن.”
“صديق چاٻي وارا قانونن پوليس جا سپاهي هجڻ گهرجن نه..” ڀٽائي منجهندي پڇيو.
“ها بلڪل سائين..”
“۽ ها بند وارڊ ۾ 5 خوليون آهن. بند وارڊ ۾ چپل نه ڏيندا آهن ۽ ڪانچ ۾ اڳٺ ڪڍي ڇڏين ٿا. غريب قيدين جي ملاقات ئي نه ٿا ڪرڻ ڏين ۽ پئسا ڏيڻ وارن کي سڀ سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون. بند وارڊ جي قيدين کي به اها ئي جيل جي بچيل ٺريل ماني ڏني ويندي آهي.”
“او يار... پوءِ آخر اهو ڪيستائين ٿيندو؟”
“سائين آءُ سالن کان ڏسندو اچان پيو ائين هلي ٿو ۽ شايد هلندو رهندو.”
***