سفرناما

ڪجل ڀنل نيڻ

عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو يورپ جي مختلف ملڪن ۽ شهرن ۽ آمريڪا جي مختلف شهرن ۽ رياستن بابت آهي. پليجي صاحب نه صرف اسان کي اتان جا شهر، نظارا، مارڪيٽون ۽ ميلا گهمايا آهن پر ان سان گڏ اتان جي تاريخ ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت به لکيو آهي. سفرنامو پڙهندي اهو ڀائنبو ته ڄڻ پاڻ به اتي ئي موجود هجون. عبدالحئي پليجي نهايت گهري نظر سان ماڻهن ۽ ملڪن جو مطالعو ڪيو آهي.
Title Cover of book ڪجل ڀنل نيڻ

پيش لفظ

اسان وٽ جڏهن اڃان لاڙڪاڻي کي سياحت جو مرڪز سمجهيو ويندو هو ۽ اهڙا محاورا ٺهندا هئا ته ”هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“ تڏهن يورپي ملڪن جا ماڻهو سڙهه سنوان ڪري، ٻيڙا ٻار وجهندا هئا. نوان ملڪ، نوان ماڻهو، جيئڻ جا نوان انداز، ترقيءَ جا نوان مفهوم........ڊگهي سياحت کانپوءِ موٽي اچي انهن ملڪن جي باري ۾ ڪتاب لکندا هئا. سامونڊي سفرن ۽ انهن جي باري ۾ لکيل سفرنامن جي ڪري يورپ جي ملڪن ۾ ڪيتريون ئي سماجي ۽ ثقافني تبديليون آيون. منهنجي خيال ۾ صنعتي انقلاب (Industrial Revolution) جو هڪ وڏو سبب سامونڊي سفر به هو. هنرمندن ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ايجاد ڪئي ۽ دنيا تهذيب جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي. ريل گاڏيڻ هلڻ شروع ڪيو، ريلوي اسٽيشنون ٺهيون.اسٽيشن جي ڀرسان وڏيون ۽ ننڍيون هوٽلون ۽ مسافر خانا تعمير ٿيا. پهرين جيڪو سفر ٽن هفتن ۾ ٿيندو. هاڻي ٽن ڏينهن ۾ ٿيڻ لڳو. واسڪو ڊي گاما ٻيڙا ڪاهي آمريڪا پهتو. ڪئپٽن ڪڪ آسٽريليا ڳولهي لڌي. گولڊ ڪوسٽ جون سون جون کاڻيون، آفريڪي غلام، ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان پهچي وئي.... اسان وٽ صورتحال بنهه ابتڙ هئي. وڻجاري کارو کيڙڻ جا سانباها ٿي ڪيا ته سندس ونيءَ، ونجهه کي ور وجهي الوڙڻ نٿي ڏنس ۽ پنهنجي گهوٽ جي ماءُ کي ٿي چيائين ته :
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پليين،
آيو ٻارنهين ماهه، پڻ ٿو سفر سنبهي.
هوڏانهن اتر ڏانهن ونيءَ جو گهوٽ ڪنهن ڪم سانگي لاڙ تي سنڀريو ته سندس ونيءَ ٿي سمجهيو ته لاڙ انڪري ٿو وڃي جو اتي اونهاري ۾ به ٿڌيون هوائون گهلنديون آهن ۽ اتر ۾ گرميءَ کان ساهه ٿو ٻوساٽجي. هوءَ کيس لاڙ نه وڃڻ لاءِ ايلاز ڪندي چوڻ لڳي ته :
سهڻا، تون نه وڃ لاڙ، پکو مان جهليندي سانءِ
سياحت لاءِ اختيار ڪيل اسانجي اهڙي رويي جو سبب شايد اهو هو ته سنڌي سوسائيٽي پنهنجو پاڻ ۾ مطمعن سوسائيٽي هئي ان جاي ڀيٽ ۾ يورپ جي سوسائٽيءَ ۾ عجيب بي اطميناني ۽ بي چيني هئي. بي چيني ۽ بي اطميناني تبديليءَ جي خواهش مان جنم وٺندي آهي ۽ ان بيچيني يورپ جي سموري سماج کي، نهايت تيز رفتاريءَ سان، بدلائي ڇڏيو. اتان جا حڪمران پنهنجن مصاحبن کي، حڪومتي خرچ تي ٻاهرين مالڪن ڏانهن موڪليندا هئا ته جيئن هو اتان ڪي سٺيون ڳالهيون سکي اچن جن کي ملڪ ۾ رائج ڪيو وڃي. راڻي ايلزبيٿ پهرينءَ، سر فلپ سڊني نالي پنهنجي هڪ مصاحب کي يورپ جي سير لاءِ موڪليو جيڪو پورا ٽي سال ٻين ملڪن جي ماڻهن جي ريتن رسمن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري موٽيو. اسان وٽ تبديلي نه اچڻ جو هڪڙو وڏو سبب سفر کان نٽائڻ به هو ۽ هاڻي جڏهن ساري دنيا ۾ تبديليءَ وجو طوفان آيل آهي، تڏهن سنڌي سماج جي رڳو مٿاڇري تي تبديليءَ جا ٿورا گهڻا آثار نظر اچن ٿا. باقي پاتار ۾ اها ساڳئي ماٺار آهي.
انگريزن جي اچڻ کانپوءِ سنڌين به بمبئي ۽ انگليڊ وڃڻ شروع ڪيو پر سفرناما تمام گهٽ لکيا ويا. ڌڻي ڪيو جو الطاف شيخ کي مرچنٽ نيويءَ ۾ نوڪري ملي ۽ هن ايڏا سفرناما لکيا جو ساري ڪسر پوري ڪري ڇڏيائين.هاڻي ته جيڪو ٿو سفر تي اسهي سو ٿو موٽي اچي سفر نامو لکي. عبدالحئي پليجو نه مرچنٽ نيوي ۾ آهي ۽ نه سرڪاري نوڪريءَ ۾، جو سرڪاري خرچ تي ڏيساور ڏوري اچي. هو ته سنڌي جي چوڻيءَ مطابق ته ”هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.“ يورپ جو لاڙڪاڻو گهمڻ ويندو آهي. چوندا آهن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪا حسينه هوندي هئي جنهن جي وصل جي تمنا ۾ ماڻهو لاڙڪاڻي وڃي، ناڻو لٽائيندا هئا. عبدالحئي پليجو، حسين کڻي نه هجي ، ڪير به هجي! ڪنهن به طرح مٿس ناڻو لٽائڻ وارن مان نه آهي. هونئن به مٺ ڀيڙيائي ڀلي، پٽي ته واءُ، سياحت جو شوق اٿس. سفر جي پهرين منزل دبئيءَ ۾ ئي کيس لاڙڪاڻي واري حسينه ملي وئي. هو يورپ جي نائيٽ ڪلبن، جوا گهرن ۽ حسينائن جو اهڙو ته هرکائيندڙ انداز ۾ ذڪر ٿو ڪري جو پڙهڻ واري جي دل چوي ٿي ته گهر گهاٽ وڪڻي يورپ ۽ آمريڪا جي سفر تي هليو وڃان ۽ جي اوڏانهن وڃي نه سگهان ته پوءِ جهنگ منهن ڪري هليو وڃان.
عبدالحئي جنهن به ملڪ ۾ ويو آهي اتان جي تاريخ، جاگرافي سياسي ۽ سماجي صورتحال، ماڻهن جو سڀاءُ ۽ رويا... اتان جا پارڪ، آمدورفت جون سهولتون، ساوڪون، گلڪاريون، وڏا وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور، وڏيون وڏيون شاهراهون، تيز رفتاري جيڪا ترقيءَ جو اصل سبب آهي. نائيٽ ڪلبون، جسم فروشيءَ جا اڏا، جسم فروشي ته پاڻ وٽ به پئي ٿئي پر اسين پنهنجو پاڻ سان منافقت ڪندي، انکي لڪايو ويٺا آهيون. جڏهن ته يورپ جي ڪن ملڪن جرئت مندي ڏيکاريندي نه رڳو ان کي قبول ڪيو آهي پر Transforming non wage worker into wage-worker واري اصول تي عمل ڪندي،کين ڪاروبار وڌائڻ لاءِ ڪيتريون سهولتون ڏنيون آهن. عبدالحئي اسان کي ٻڌائي ٿو ته هالينڊ ۾ طوائفون پنهنجي ڪمائيءَ مان ٽيڪس ڏينديون آهن، حڪومت کين ڌنڌو وڌائڻ لاءِ قرض ڏيندي آهي. هنن جي باقائده رجسٽر ٿيل يونين آهي ۽ سندن هڪڙو رسالو به نڪرندو آهي.
لنڊن جون انڊر گرائونڊ ٽيوب ٽرينون، مسافرن سان سٿيل گاڏا، ماڻهو سڀ مهذب، منظم ۽ فضيلت جو جيڪو جتي ويٺو آهي اتان چُري ئي نٿو. اخبار جي ورق ورائڻ جو آواز به نٿو ٻڌجي. فقير گٽار يا ڪو ٻيو ساز وڄائي پيا پنن. هتان وانگر نه جو فقير ائين چنبڙي پوندا جو ڌڻيءَ جي نالي خيرات ڏئي ثواب ڪمائڻ جي بدران ماڻهو کانئن جان ڇڏائڻ لاءِ خيرات ڏيئي ڇڏيندو. ريل ۾ مسافرن کي ٿورو به ڪو مسئلو ٿئي ته ريل جو عملو هڪيو تڪيو حاضر..... اسان وٽ ريل جي عملي جي ڪارڪردگي اها آهي جو هڪ دفعي ڪوئيٽا وڃڻ لاءِ اي سي گاڏي ۾ سيٽ رزرو ڪرايم. اسٽيشن تي پهتس ته خبر پئي ته خيبر ۾ اي سي گاڏو ئي ڪونه لڳو آهي!
عبدالحئي نهايت گهري نظر سان ماڻهن ۽ ملڪن جو مطالعو ڪيو آهي. هو لنڊن جي هڪ پاڪستاني پنجابيءَ جو ذڪر ٿو ڪري جيڪو هوٽل هلائيندو آهي، پنجابي اسلام ۽ پاڪستانيت جا ٻڌا ٺيڪيدار، پر هوٽل جو نالو مهاڀارت يعني عظيم هندستان! آسٽريليا ۾ هڪ هندو عورت مهاراڻي نالي هوٽل هلائيندي هئي. ان هوٽل ۾ سڀ کان سٺيون ڊشز، گئوماتا جي گوشت جون هونديون هيون! سرمائي جي ڪا سرحد ڪانه ٿيندي آهي ۽ نفعي جو ڪو مذهب نه هوندو آهي.
انگليڊ، فرانس، هالينڊ ۽ جرمني، جرمني جي ڪار ۽ زال ڪڏهن دوکو نه ڏين. بون جو شهر ڪارل مارڪس، بيٿووين ۽ اين ميري شمل جو شهر! هالينڊ جا گل ۽ طوائفون، آمريڪا جي لاس اينجلس ۽ لاس ويگاس، ڊزني لينڊ، هالي ووڊ، گولڊن گيٽ برج، يونيورسل اسٽوڊيو، نائيٽ ڪلبز، نيڪڊ ڊانسز...... دنيا ڪيڏي نه وسيع آهي، رڳو آمريڪا ايڏو وڏو ملڪ آهي جو هوائي جهاز ۾ هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين سفر ۾ چوڏهن ڪلاڪ لڳيو وڃن.....
عبدالحئي آمريڪا جي سياسي نظام، صدر جي چونڊ، سينيٽ ۽ ڪانگريس جي جوڙجڪ ۽ ڪارڪردگي جي باري ۾ وڏي مطالعي سان لکيو آهي. سندس سفرنامي ۾ شراب ۽ شباب به آهي ته ڄاڻ جي روشني به آهي. سچ پچ ته عبدالحئي جو هي سفرنامون نه رڳو سنڌي ادب ۾ واڌارو آهي، پر هن جي پڙهڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن جو سياحت ۾ اتساه پڻ پئدا ٿيندو.

[b]آغا سليم
[/b]