سفرناما

ڪجل ڀنل نيڻ

عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو يورپ جي مختلف ملڪن ۽ شهرن ۽ آمريڪا جي مختلف شهرن ۽ رياستن بابت آهي. پليجي صاحب نه صرف اسان کي اتان جا شهر، نظارا، مارڪيٽون ۽ ميلا گهمايا آهن پر ان سان گڏ اتان جي تاريخ ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت به لکيو آهي. سفرنامو پڙهندي اهو ڀائنبو ته ڄڻ پاڻ به اتي ئي موجود هجون. عبدالحئي پليجي نهايت گهري نظر سان ماڻهن ۽ ملڪن جو مطالعو ڪيو آهي.
Title Cover of book ڪجل ڀنل نيڻ

5

ائمسٽرڊئم جي هن ڀل ڪليري ٻيڙي جنهن کي بوٽ چئجي ڇو ته سبحان الله هي به اسان جي ملڪ جي ويچارين ٻيڙين کان ڀاڳ واريون آهن. اسان جون چار مهينا پاڻي ۾ ته اٺ مهينا سڪي ۾، ڪڏهن ته ٻيڙيون چورائجو به وڃن. پوءِ واپس به ڀنگ تي ٿين. سو به ڪنهن چئي چيائين يا ڌام ڌڙڪي سان واپس ٿين. الله عمر وڏي ڪري ميان نواز شريف جي جنهن کي پنجاب ۾ اهڙو ڀاري مينڊيٽ مليو آهي جو ڪالاباغ ڊئم ضرور ٺهرائيندو. پوءِ اهي اسان جون غريب ٻيڙيون سڄو سال سواءِ پاڻي جي سڪي ۾ پيون هونديون. نه ڪو ڀنگ ڏيڻ وارو نه وٺڻ وارو هوندو.
سوڀل ڪليري ۽ ڀاڳ وند بوٽ ۾ چڙهندي ئي عطر عنبيرن جي خوشبوءَ اسان جي خوشي آمديد ڪئي ڪيئي جوڙا اندر ٻيڙي جي هيٺين طبقي تي ٿوري روشني ۾ پنهنجن گوڏن تي ويهاريل پنهنجي محبوبائن کي چمي ۽ چٽي رهيا هئا، ۽ ٻين ماڻهن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو هنن ڪوبه نوٽيس ڪونه ٿي ورتو. بقول شاهه جي ته ”نڪا جهل نڪا پل سڀڪو پسي پرين کي.“ اسان به اهڙن منظرن کي ڏسي ڪجهه به ڪونه ٿي ڪري سگهياسين. پر ڪي گهاريل گهڙيون خود به خود ياد اچي ويون. تقريبن ڪلاڪ جي بوٽ سفر کان پوءِ واپس اسان کي اتي اچي لاٿائون. جتان کان کنيو هئائون. آئون ٽئڪسي ڪري اچي هڪ نائيٽ ڪلب اڳيان لٿس. نائيٽ ڪلب تمام وڏو هو ۽ ٻاهر پڻ رش هئي. ڪنهن خاص گروپ جو ڪو پروگرام هو، ڪافي گهڻي رش هئي. سڀ ماڻهو بيٺا هئا. ويهڻ لاءِ هڪ به ڪرسي ڪانه هئي.آرٽسٽ تمام گهڻو پري هئا. سڄو هال روشنين جي رنگن سان چمڪيو پئي. اندر مختلف زاوين سان روشنيءَ جي سجاوٽ اهڙي نموني ٿيل هئي جو ڄڻ روشنيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي رهيون ۽ جديد سائونڊ سسٽم جي ڪري هال ٻري رهيو هو. فنڪار تمام وڏي مٿانهين اسٽيج تي بيٺل هئا. ڪافي پري هئا پر صاف نظر اچي رهيا هئا.شايد ٻن گروپن ۾ ورهايل هئا. هڪ ڪارا ٻيا گورا هئا. پر سرسي شايد گوري جي هئي. وچ ۾ هڪ نيگرو عورت بيٺل هئي.جيڪا ڳائي رهي هئي. آواز تمام سهڻو هوس. گاني ختم ٿيڻ کان پوءِ ايتريون تاڙيون ۽ رڙيون ٿيون ڄڻ ته اڀ ٿي ڏريو. آئون گهڻو وقت بيهي هن پروگرام کي ڏسندو رهيس. ڏاڍو مزو پئي آيو. پر رات تمام گهڻي ٿي چڪي هئي ۽ صبح جو سوير ٽوئر وارن جا به تمام گهڻا پروگرام هئا. تنهن ڪري ٽئڪسي ڪري اچي ڪمري ڀيڙو ٿيس. دستور مطابق فون جي گهنٽي وڳي ته تيار ٿي هيٺ اچو. اچي ناشتو ڪريو. ناشتي ۾ ٽيبلن تي ڪيترن ئي قسمن جا سامان رکيل هوندا هئا. جن ۾ جوس، فروٽ، ڪارن فليڪس، مارمليڊ جام، ڪيترن قسمن جون ڊبل روٽيون، بسڪوٽ، ڪيڪ، پيسٽريون، چيز، مکڻ، کير، ڌنئرو، چانهه، ڪافي ۽ بوائل بيدا، پليٽ کڻي پنهنجي مرضي مطابق جيترو ۽ جيڪو کپي سو کڻي کائو انهيءَ ناشتي کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ چون ڪانٽينٽل بريڪ فاسٽ، جيڪا توهان پنهنجي مرضي سان جدا ڪمرو وٺو ته به ملندي ۽ ملندي به مفت ۾. سو دل کولي کائو. ڇو ته ٽوئر ۾ ٻنپهرن جي ماني مڙئي گهٽ نصيب ٿئي. ٽوئر وارا کائين ڪونه، باقي ٽوئرسٽ پنهنجن پئسن سان ڪونه کائين. سڀ ڪسرون ناشتي مان نڪرنديون هيون. رات جي ماني به ڇٽي، سڄو زور بريڪ فاسٽ تي ۽ بريڪ فاسٽ مان ڦريو فاسٽ بريڪ ٿيو پوي. آئون ناشتو ڪري رهيو هوس ته هڪڙي همراهه اچي سلام ڪيو. چيائين مسٽر پليجو سلام . مون چيو سلام. پاڻ پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايائين ته آئون لاڙڪاڻي جو عباسي آهيان. لاڙڪاڻي ميونسپالٽي جو ائڊمنسٽريٽر آهيان.جماعت اسلامي جي سينيئر نائب مولانا جان محمد عباسي جو فرزند آهيان. مون هي ٽوئر ڪاسموس جي ڪراچيءَ وارن جي آفيس ۾ توهان جو نالو ڏسي پوءِ بڪ ڪرايو ڇو ته آئون به توهان وانگر اڪيلو هوس. سو اتي خيال ڪيم ته يورپ جي ٽوئر ۾ ٻئي گڏ هونداسين، پر رواني ٿيڻ مهل خبر پئي ته هن ٽوئر ۾ گنجائش کان مٿي ماڻهو هئڻ ڪري ٽوئر کي ٻن گروپن ۾ ورهائي اي ۽ بي ڪري ڇڏيو اٿن. تنهنڪري پاڻ جدا جدا ٿي وياسين. اسين ناشتو ڪري اچي لونج ۾ ويٺاسين. ٿوري دير ۾ سڀ ماڻهو ناشتو ڪري فارغ ٿيا ۽ اسان به هڪٻئي کان موڪلائي وڃي بسن ڀيڙا ٿياسين ۽ بس شهر جي ٽرپل روڊ تي رواني ٿي. اسان جي گائيڊ اسان کي هر جڳهه تان گذرندي سڀ معلومات ٻڌائيندي وئي.
پهرئين گلن جي بازار، پوءِ يهودين جو ڪوارٽر ائمسٽرڊئم ۾ گهڻي تعداد ۾ يهودي آباد آهن. جيڪي ٻي جنگ عظيم دوران جرمنيءَ مان ڀڄي هت اچي آباد ٿيا آهن. هتي ئي رهيا پيا آهن. پوءِ نئشنل گئلري، پوءِ آسٽر هوٽل جنهن جو ٻڌايائون ته مسواڙ U.S 6000 ڊالرن ۾ هڪ چيڪ آئوٽ لاءِ ڪمرو ملندو آهي ۽ اهو به ٻڌايائون ته مائيڪل جئڪسن ۽ راڻي ايلزبيٿ يعني انگلينڊ جي راڻي جڏهن هت آيا ته انهيءَ هوٽل ۾ رهيا. تنهن کان پوءِ ائمسٽرڊئم جي ميئر جو گهر ۽ آفيس، پوءِ سٽي پئليس جيورس هسٽاريڪل ميوزم، هالينڊ ڪيسنو، ريلوي اسٽيشن ۽ هت جو براٿل پڻ ڏيکاريائون. ان بابت ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون ٻڌايائون. مثال طور هي طوائفون باقاعدگي سان ٽئڪس ڏين. حڪومت هنن کي قرض به ڏيندي آهي. هنن جي باقاعده رجسٽرڊ يونين پڻ آهي. هنن جي پنهنجي مئگزين به نڪرندي آهي. جيڪا بڪ اسٽالن تان توهان خريد ڪري سگهو ٿا. آمريڪا ۽ يورپ ۾ پراسٽيٽيوشن (Prostitutions) کي به بزنس چون. ٽيوبن، بس اسٽئنڊن، ريلوي اسٽيشن، هوائي اڏن، وڏين هوٽلن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ توهان ڪنهن به ڇوڪريءَ يا عورت کي بزنس چئي سگهو ٿا. هو بلڪل ڪانه ڪاوڙبي ۽ کلي يس Yes يا نو No چوندي. اهڙين جڳهين تي اهڙيون عورتون خود ماڻهن کي بزنس، بزنس ڪري صلاح هڻن. ڊڄڻ يا غيرت جي ڪابه ڳالهه ڪانهي.
انهيءَ کان پوءِ اسان کي ڊائمنڊ فئڪٽري ڏيکاريائون. هيرن جواهرن جي هي صنعت پڻ هالينڊ جي مکيه صنعت آهي. انهن جو وڏي پئماني تي واپار ٿيندو آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪن شين جي گارنٽي ملندي آهي. خريد ڪرڻ وقت اهڙو گارنٽي ڪارڊ پڻ ڏيندا آهن ته خراب ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ سان گڏ گارنٽي ڪارڊ کڻي اچجو ته توهان کي ٽي وي، فرج، پنکو، واشنگ مشين، ايئرڪنڊيشن يا ڪا ٻئي شيءَ ٺهرائي ڏينداسون يا بدلائي ڏينداسون. تيئن هتي پڻ هيرن جواهرن جي دڪانن تي توهان کي اهڙي گارنٽي ملندي ته نقلي ڊائمنڊ هئڻ جي حالت ۾ توهان کي بدلائي ڏينداسين. هيرن جواهرن جو اصل ملڪ ته آفريڪا آهي جنهن ۾ خاص ڪري سائوٿ آفريڪا ، جتان اهي زمين اندران کاڻين، سمنڊن ۽ ندين مان لڀن ۽ جهازن ذريعي لنڊن پهچن. لنڊن ۾ انهن جو هيڊ ڪوارٽر آهي. (De Bear Central Selling Organisation) جتي سڄي دنيا جي هيرن جواهرن جي نوي سيڪڙو پراڊڪشن تي ڪنٽرول آهي، پوءِ هتان ئي سڄي دنيا ۾ هيرا جواهر وڃن، اتي کين گهڙي تيار ڪري وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ڊائمنڊ کي تيار ڪندي اڌ ضايع ٿي ڊسٽ ٿي ويندو آهي. باقي صرف اڌ وڃي رهندو آهي. هڪ ڪئريٽ (Carat) هيري کي تيار ڪرڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳن ٿا. تيار ڪندڙ مشين به گهڻي تيز هلندي آهي جنهن جي اسپيڊ 3.200 R.P.M هوندي آهي. اسان کي ڊائمنڊ فئڪٽري جي انچارج ٻڌايو ته هت 800 قسمن جا هيرا ۽ جواهر ٺهن ٿا. جيڪي اسان سڄي دنيا ۾ وڪري لاءِ موڪليون ٿا. اسان کي ٻڌايائون ته هيرو ٺهڻ کان پوءِ گهڻو ڪري انڊلٺ جي رنگن جهڙو هوندو آهي. پر مهانگي ۾ مهانگو هيرو ٺهڻ کان پوءِ گهڻو ڪري انڊلٺ جي رنگن جهڙو هوندو آهي. پر مهانگي ۾ مهانگو هيرو سفيد ۽ بلو ٿئي. هيري جي تور جو ننڍي ۾ ننڍو يونٽ ٿئي ڪئريٽ Carat جيڪو برابر ٿئي هڪ گرام جي. هالينڊ پنهنجي هن هيرن ۽ جواهرن جي فن جي ڪري سڄي دنيا ۾ اڄ نه پر صدين کان مشهور اهي. پاڻ وٽ اهو مشهور آهي ته فلاڻي بادشاهه يا فلاڻي امير وٽ سون جا ٿانو يا کاڌي پيتي جو، سون جو سامان هوندو هو. پر يورپ جا بادشاهه خاص ڪري انگلينڊ، فرانس ۽ روس جا بادشاهه پنهنجي لاءِ گلاس، ننڍا فانوس ۽ گلدان هيرن جواهرن جا ٺهرائيندا هئا. يا وري گلاس، گلدانن جو هيٺيون حصو جنهن کي جهلي پوءِ گلن جو رس يا شراب پيئن. ان حصي ۾ هيرا جواهر پيوند وانگر لڳرائيندا هئا. اهڙا سهڻا سامان يورپ جا بادشاهه ۽ شهزادا پڻ هالينڊ مان ٺهرائيندا هئا، هن فئڪٽري ۾ اسان تقريبن اڌڪلاڪ کن هئياسن. ان کان پوءِ اسان جي ٻئي منزل هئي. ائمسٽرڊئم جي ڪئنالن ۾ ٻه ڪلاڪ بوٽس جو سفر، اسان جي بوٽ ٽماڙ هئي. جنهن ۾ تقريبن سو کن ماڻهو ويهڻ جي گنجائش هئي. چاليهه هيٺ چاليهه وچ ۾ ۽ ويهه مٿان. اڪثر پئسنجر مٿان ويهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيئن ته اسان گروپ ۾ هئاسين. سو ٻڪرين وانگي اسان جي گائيڊ جي پٺيان ٿي ڀڳاسين. جڏهن ٿي چيائين ته هلو ته اسان سڀ سندس پٺيان ۽ جتي ٿي چيائين ويهو اسان حڪم جا بندا اتي ٿي بيٺاسين. سو اسان هينئر به سندس حڪم موجب بوٽ جي وچ واري پورشن ۾ وڃي ويٺاسين. اسان واري گائيڊ اسان کي ويهاري خود به خاموش ٿي ويهي رهي. بوٽ جو هلائيندڙ يڪو ٽو ان ون يعني گائيڊ به هو. سو طوطي وانگر ٻولڻ لڳو. سندس آواز ڏاڍو ٿلهو پر وڻندڙ هو. سندس هر ڳالهه ۾ مسخري هئي. ٻن ڪلاڪن ۾ اسان کي ڏاڍو کلايائين. رات جو گهمڻ مهل صرف روشنيون هيون. پر هينئر هر شيءَ آئيني وانگر ظاهر هئي. سڀ سياح فوٽو ڪڍڻ ۾ ۽ مووي ڪئميرائون ڀرڻ ۾ مشغول هئا. ان کانسواءِ بوٽ ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ وقت پڻ ڪيترا فوٽو گرافر بيٺا هئا. جن وٽ اتي جو اتي فوٽو ڪڍڻ واريون ڪئميرائون، يا توهان رول وٺو، توهان کي فوٽوڪڍي رول واپس ڏيندا. پوءِ ڀلي ٻئي هنڌ ڏئاريو. هنن کي في ڏبي.
ڪئنال ۾ هلندي ۽ ننڍين وڏين پلين کي ڪراس ڪندي مزو پئي آيو. رات جو ٿورڙيون ٻيڙيون هيون پر هينئر ڪو ڇيهه ئي ڪونه هو. بوٽس اهڙيون سينگاريل جو دل پئي چئي ته بيٺا ڏسون. هت يورپ ۾ ڪئنالن ۽ ندين جو هڪ ڄار وڇايل آهي. سيزن ۽ موڪلن ۾ نه رڳو يورپ جا ماڻهو پر دنيا جا ماڻهو هت گهمڻ لاءِ اچن. پر هاڻ ته ٻين ٽوئرن وانگي توهان فون تي ئي اهو سڀ ٽوئر بڪ ڪرائي ڇڏيو. جنهن به ملڪ مان ٽوئر ۾ شامل ٿيو ۽ جت کپيو ان ملڪ ۾ وڃي دنگ ڪريو. جي ماڻهوءَ وٽ وقت هجي ته مزو به ضرور وٺي. ايڏا سهڻا جهاز ۽ انهن ۾ رهائش لاءِ بهترين ڪمرا، هر شپ ۾، مٿي سوئمنگ پول ۽ جي سوئمنگ پول نه هوندو ته سن ڊيڪس (Sun Decks) ته ضرور هونديون. هر شيءَ توهانکي شپ جو شپ ۾ ملي. صبح جو سوير توهان جي روم ۾ توهان کي تازي اخبار ۽ گلدستا. مطلب ته صرف فون تي هيلو ڪريو. پنهنجن پئسن ڏانهن نه ڏسو. هر شيءَ حاضر هوندي. ڪيڏي به برسات هجي، ڪهڙي به موسم هوندي. پر هر شيءَ وقت تي اچي حاضر ٿيندي. نه رڳو توهان کي شپ ۾ سير ڪرائيندا، پر هر پورٽ تي بيهندا ويندا، توهان لاءِ بسون يا ڪوچ سروس اڳواٽ تيار بيٺا هوندا. جيڪي توهان کي ان سڄي شهر جو سير ڪرائي گهمائي ڦيرائي اچي رات جو شپ ڀيڙو ڪندا. جيئن اسان کي بس ۾ گهمائي ڦيرائي پوءِ واپس اچي هوٽل ڀيڙو ڪن. تيئن شپ ۾ گهمندڙ پئسنجرن کي به گهمائي ڦيرائي پوءِ واپس اچي شپ ڀيڙو ڪندا آهن. اسان جي بوٽ اسان کي اتي اچي لاٿو جتان بوٽ ۾ چڙهيا هئاسين. پورا ٻه ڪلاڪ ٿيا هئا.
هتي هر ڏهن سالن ۾ هڪ دفعو گلن جي عالمي نمائش ٿيندي آهي. انهيءَ کانسواءِ هتي هر سال پڻ گلن جي نمائش لڳي. هينئر اها نمائش فلوريڊ (Floraide) ۾ پئي ٿي. اسان سڌا اچي انهيءَ عالمي نمائش ڀيڙا ٿياسين. نمائش ۾ پهچڻ لاءِ ماڻهن جي گهڻي رش لڳي پئي هئي. رش کي ختم ڪرڻ لاءِ نمائش ۾ ماڻهن جي سهولت خاطر ريل جو پڻ بندوبست ٿيل هو. ان کانسواءِ بسون، ڪوچ، ڪارون، موٽرسائيڪل جو بهترين بندوبست ٿيل هو.
اسان بسن واري اسٽينڊ تي اچي بيٺاسين. هي نمائش ڏهين اپريل کان شروع ٿي هئي ۽ يارهين نومبر تي ختم ٿيندي. نمائش ۾ داخلا ٽڪيٽ ڏهين اپريل کان وٺي ايڪٽيهه آگسٽ تائين هئي. پوءِ ٽڪيٽ نه پر مفت ۾ ڏسو. ٽڪيٽ وٺڻ جو وقت 15-9 کان 00-6 بجي شام تائين هو. بسن، ڪوچن ۽ ٻين سڀني گاڏين جي پارڪنگ جو به هڪ مخصوص وقت مقرر ٿيل هو. يعني صبح 30-8 کان شام جا 8 هو. ماڻهن جي ٽڪيٽ وانگر هر سواري لاءِ به ٽڪيٽ ٿي وٺڻي پئي. اها ڳالهه اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ عام آهي. اسان جي ٽڪيٽ ٽوئر پروگرام ۾ شامل هئي. تنهن ڪري ٽُئر وارن ورتي. ٻاهريون منظر تمام سهڻو ٿي لڳو. هن نمائش جي باري ۾ اسان کي ٻڌيائون ته (The Great Flower Show on Earth) هيءَ ڌرتي تي گلن جي وڏي ۾ وڏي نمائش آهي. جيڪا 70 هيڪٽرن زمين تي آهي. اها نون حصن ۾ ورهايل آهي.
1-Trade 2- Transport 3-Distribution 4-Production 5-Energy 6-Consumer 7-Environment 8- Science 9- Recreation.
(هي نون مختلف نمونن ۾ جدا جدا ورهايل آهن.) هن نمائش کي ڏسڻ لاءِ هڪ وڏو ٽاور به ٺاهيو ويو هو. جنهن تي چڙهي توهان سڄي نمائش کي ڏسي پئي سگهيا.گلن کانسواءِ ڪيترن ئي قسمن جون انٽرٽينمينٽس پڻ هيون ۽ دنيا جي مشهور هوٽل وارن پڻ اچي هت هوٽلون کوليون هيون. ٽوئر دوران منهنجي آسٽريليا جي جوڙي سان سٺي دعا سلام ٿي وئي هئي. پاڻ زال مڙس ٻئي عمر ۾ مونکان وڏا هئا. مون کي پاڻ ٻڌايائون ته آسٽريليا بلڪل يورپ جهڙو آهي. پاڻ آسٽريليا جي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هئا. آسٽريليا جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو اسٽئنڊرڊ به تقريبن ساڳيو آهي. پر يورپ مهانگو آهي ۽ آسٽريليا تمام سستو آهي. مون کي آسٽريليا اچڻ جي دعوت ڏنئون جيڪا مون خوشيءَ سان قبول ڪئي. يورپ ۾ زال مڙس گهڻو ڪري هڪ عمر جا هوندا آهن. پر پاڻ وٽ پاڪستان ۽ هندستان ۾ زال مڙس جي عمر ۾ گهڻو فرق هوندو آهي. عورت گهڻو ڪري ننڍي هوندي آهي. پر آمريڪا ۽ يورپ ۾ ائين تمام گهٽ آهي يا نه هئڻ جي برابر آهي. سو آمريڪي ۽ يورپين جوڙا جيڪي اسان سان گڏ ٽوئر ۾ يا پوءِ واري ٽوئر ۾ يورپ وڃڻ ٿيو. ته سڀ تقريبن هڪ عمر جا هوندا هئا. آسٽريليا جو جوڙو به ائين هو. پاڻ هڪ ٻه دفعو ٽوئر دوران مون سان گڏ شهر گهمڻ ڦرڻ هليا هئا. اڄ رات به مون چيُن ته آئون ڪئبري تي ويندس. توهان هلو ته گڏجي هلون، ته پاڻ يڪدم ها ڪيائون. هو مون سان ڪمري ۾ گڏ نه رهندا هئا پر هانگ ڪانگ جو ڇوڪرو ۽ ٻه ڇوڪريون رهندا هئا. ڇوڪرو پنهنجي هم وطن ۽ لنڊن ۾ گڏ پڙهندڙ ڇوڪرين سان گڏ گهمندو ڦرندو هو.
اسان تيار ٿي ڪئبري ڏانهن روانا ٿياسين. مون ڏٺو آهي ته آسٽريلين جي انگريزي، ڳالهائڻ ۾ برٽش يا آمريڪي کان وڌيڪ آسان هوندي آهي. برٽش ته اڃا به ڪجهه ٺيڪ آهي پر آمريڪن وات کي ڦيرو ڏيئي ائين ڳالهائين جو لفظ کي چيو گم وانگر پيا کائين. نائيٽ ڪلب جو پنهنجو مزو ته ڪئبري جو ورو پنهنجو مزو. ڪئبري مٿي اسٽيج تي جتي صرف فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن. جن ۾ گانا، ڊانس ۽ کل ڀوڳ جا ننڍڙا ننڍڙا خاڪا، يورپ ۽ آمريڪا ۾ لائيو شوز ڪئميرا نائيٽ سڄي رات پيا هلن. اڄ ائمسٽرڊئم ۾ اسان جي آخري رات هئي. ڪئمبري شو کان پوءِ ويجهي هوٽل مان ماني کائي اچي پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ڪمرو کوليم ته هانگ ڪانگ وارو ڇوڪرو روم ۾ ستل ڪونه هو. آئون اڪيلو ئي لت کوڙي سمهي رهيس. دستور مطابق فون تي ته جلد تيار ٿيو صبح ٿي ويو آهي. ناشتو ڪري اچي بس ڀيڙا ٿياسين. اڄ ڏينهن جو صرف ٻه پروگرام هئا. انهيءَ کان پوءِ اڳتي جرمنيءَ روانو ٿيڻو هو. پهرئين دنيا جي عظيم مصور وان گوگ (Van Gogh) جي نالي تي قائم ڪيل ميوزم ڏسڻو هو. وان گوگ دنيا جي عظيم مصور صرف 37 سالن جي عمر ۾ خودڪشي ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيو. پنهنجي زندگي ۾ 800 آئل پئنٽنگ ۽ 700 ڊرائينگ جي مصوري ڪئي. پر سندس سڄي زندگي ۾ فقط هڪ تصوير وڪي. سندس موت کان پوءِ اهي تصويرون لکن ڊالرن ۾ وڪيون. وان گوگ هالينڊ ته ٺهيو پر سڄي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پر جيئري نه کيس مڃتا ملي نه وري دولت ڪمائي سگهيو. پاڻ سڄي زندگي پئسي پئسي لاءِ محتاج رهيو. سندس سڄو نالو ونسينٽ والئم وان گوگ ( Vineent Willeun Van Gogh) هو. هو 30 مارچ 1853ع ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. ۽ ڇهن ڀائرن ۾ سڀني کان وڏو هو. هن جو ننڍپڻ ڪي قدر ٺيڪ گذريو. هي 16 سالن جي عمر ۾ هيگ جي هڪ آرٽ اداري سان منسلڪ ٿيو. پوءِ لنڊن جي (Goupil) اداري ۾ ڪم ڪيائين. هڪ سال پئرس ۾ به رهيو. هن آرٽ جي دنيا ۾ صرف ڏهه سال ڪم ڪيو. يعني 1880 کان 1890ع تائين. هن جي جڳ مشهور فنپارن ۾ 1- In the Field 2- peasant women in the red bonnet 3- The potato Eaters سندس جڳ مشهور فنپاري (The Chair and the pipe) انهيءَ کان پوءِ 1-The Night Café 2- The Starry Night پڻ سندس جڳ مشهور فنپارن ۾ شامل آهن. وان گوگ کان به وڌيڪ مشهور آهي. يعني (Rembrant) ريمبرانٽ، اسان کي ٽوئر وارا سندس گهر ڏيکارڻ هليا. ريمبرانٽ جو هڪ ننڍڙو روايتي يورپي گهر سندس حياتيءَ ۾ ڪنهن کي به ياد ڪونه هو. پر اڄ هي سياح ملڪ جي بادشاهي وزيراعظم جي محل محلاتن ڏانهن نه پر وان گوگ ۽ رمبرانٽ جي گهر ۽ ميوزم جو رخ ڪري. هڪ نه پر سئو هزار سياح اتي اچن ٿا . سندس سڄو نالو (Rembrant Harmens Zoom Van Rijan) ريمبرانٽ هارمينز زوم وان رجن آهي. ريمبرانٽ 15 جولاءِ 1606ع ۾ لنڊن شهر ۾ پيدا ٿيو. ريمبرانٽ پنهنجي نون ڀائرن ڀينرن ۾ ٻيو نمبر وڏو ٻار هو. پنهنجن ڀائرن ڀينرن ۾ هي تمام ذهين هو. سو هن کي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ تياري ڪندڙ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. ٻين ڀائرن کي سندن والدين ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳايو. هن جا يونيورسٽي ءَ ۾ سبجيڪٽ جاگرافي، مئٿس ۽ تاريخ هئا. پاڻ بائبل ۽ تفسير به يونيورسٽيءَ ۾ تفصيل سان پڙهيو. هن جي جڳ مشهور فنپارن مان ڪجهه نالا هي آهن.
1-The Ship builden and his wife 2- A girl a the window 3- Night watch 4- A woman bathing in a stream 5- the fight to Egypt
ريمبرانٽ، وان گوگ کان سواءِ ٽين به هالينڊ جي اهم شخصيت ٿي گذري آهي. جنهن هالينڊ کي ڏکئي وقت ۾ بچائي ورتو. اها عظيم شخصيت هئي هالينڊ جي عظيم راڻي ”ولهيلمينا“ جنهن 1880ع کان 1990ع تائين يعني هالينڊ تي هالينڊ ۾ ويهي ۽ جلاوطني جي حالت ۾ به حڪومت ڪئي. هالينڊ جي راڻي سان ماڻهن جو هڪ قسم جو عشق هو. پهرئين جنگ عظيم ۾ هالينڊ پنهنجي غير جانبداري رکي. پر پاڙيسري ملڪ بيلجيئم کي جرمنيءَ نيست ونابود ڪري ڇڏيو. جنگ کان پوءِ جرمنيءَ ۾ انقلاب آيو ۽ لڳي ائين رهيو هو ته هالينڊ پڻ انهن حالات مان لنگهندو. پر ائين نه ٿيو.
هالينڊ انهيءَ انقلاب مان پار پيو. جنهن جو سهرو ٻين سان گڏ هن راڻيءَ جي سر تي به آهي. ٻئي جنگ عظيم ۾ هن راڻيءَ جا وزير هٽلر جي خطري کي محسوس نه ڪري سگهيا. هو پاڻ مشڪوڪ هئا. ان انديشي کي مد نظر رکندي راڻي پنهنجي ٻاهرين سفارتڪارن کان سڌي طر رپورٽون وٺڻ لڳي ۽ انهيءَ کي ئي بنياد بنائي ملڪ ۾ حڪومت هلائڻ لڳي.
ولهيلمينا جو خيال هو ته پهريئن جنگ عظيم وانگر هالينڊ هينئر به جنگ کان عليحده رهندو ۽ پنهنجي غير جانبداري برقرا رکندو. پر هينئر ائين نه ٿيو. هالينڊ تي جرمني حملو ڪيو ۽ ولهيلمينا ملڪ ڇڏي هلي وئي. ٻاهران ويهي ريڊيو ذريعي حڪم ڏيڻ لڳي. انهيءَ جلاوطنيءَ واري دور ۾ آمريڪا وئي ۽ هن آمريڪي ڪانگريس کي خطاب ڪيو. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ 13 مارچ 1945ع ۾ واپس پنهنجي ملڪ موٽي آئي.
اسان جي هاڻ اڳتي منزل يورپ جي عظيم ملڪ جرمنيءَ ڏانهن هئي. هالينڊ ۽ جرمني جي بارڊر تي اميگريشن ٿي. اسان جا پاسپورٽ گائيڊ گڏ ڪري هيٺ کڻي ويندي هئي. انهن تي ٺپو لڳرائي پوءِ واپس اسان جي حوالي ڪندي هئي. پر هينئر گائيڊ سڀني کي پنهنجا پاسپورٽ موٽائي ڏنا. پر مونکي چيائين ته توهان هلو ته توهانکي ٻڌايان ٿي. اسان هيٺ لٿاسين ته مونکي چيائين ته توهان جي جرمنيءَ جي ويزا جنهن تاريخ کان شروع ٿئي ٿي . انهيءَ کي اڃان پندرهن ڏينهن پيا آهن. پر توهان هت انهيءَ کان اڳ پهچي ويا آهيو. دل ۾ سوچيم ته هاڻ لڳي رهياسين. مون کي اچي پنهنجو ملڪ ياد پيو. جتي غلطيون ڄاڻي واڻي کوٽي ڪڍن. پوءِ انهيءَ جي آڌار تي پنهنجو مقصد حاصل ڪن. مون پڇيس ته مون لاءِ نيٺ ڇا ٿيندو. چيائين ڪوبه مسئلو ڪونهي. سڄو مسئلو آئون پاڻ ٿي حل ڪريان. جرمن اهڙا چريا ڪونه آهن جو توکي واپس ڪري ڇڏيندا. کين خبر آهي ته تون گروپ ٽوئر ۾ آهين ۽ گروپ کان عليحده ڪونه ٿيدين ۽ گروپ سان اڳتي هليو ويندين. ائين ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي. اهو ڪو پهريون مثال نه آهي. ٻيو اسان جي ٽوئر ڪمپنيءَ جي ريپوٽيشن آهي. پر خدانا خواسته تون جيڪر اڪيلو هجين ها ته ٻئي ڳالهه هئي. پوءِ ته يقينن توهان کي ملڪ اندر داخل ٿيڻ ڪونه ڏين ها. پر هينئر توهان ڪابه پرواهه نه ڪريو. سامهون واري ڪرسي تي خوبصورت نوجوان ۽ هلڪي بلو اکين سان اميگريشن آفيسر ويٺي هئي. مونکي چيائين ته پوءِ ڇا خيال آهي؟ مون چيس ته جرمني گهمڻي آهي. چيائين توهان اڳ پاسپورٽ ڪونه ڏٺو ڇا؟ مون چيس ته ها. چيائين اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي. مون چيس ته آئون ڪيئن چاهيندس ته هالينڊ ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ پاڻ کي تماشو بنايان. پوءِ کلي ٺپو هڻي چيائين ته وري جرمني اچين ته اهڙي غلطي نه ڪجين. پوءِ بس ڀيڙو ٿي سڀني ٽوئر وارن کان معذرت ورتم ته سڀ کلي پيا. اسان هاڻ گهڻو ڪري سڀ ٽوئر وارا هڪٻئي جي نالي کان به واقف ٿي ويا هئاسين. مون کي هت هڪ ڳالهه جو ڏاڍو عجب ٿيو. جو سڀ گروپ وارا پوءِ هو آمريڪن، آسٽريلين جپنيز يا ڪنهن ٻئي ملڪ جا هجن، پر منهنجو نالو پليجو بلڪل صحيح وٺندا هئا. پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ به مون ڏٺو آهي ته پٺاڻ، پنجابي، بلوچ ۽ سرائيڪي پليجو ته ٺهيو پر هر اچار گهڻو صحيح وٺندا آهن. پر اردو ڳالهائڻ وارا ڪڏهن به سنڌي ذاتين يا ڳوٺن جو صحيح نالو نه وٺندا آهن. پليجو کي چوندا پليجو پر صحيح اچار ڪڏهن نه وٺن. پهريائين آئون سمجهندو هوس ته ڄاڻي واڻي ٿا ائين ڪن. سنڌي نالن ابتو سبتوڪري ٻولي کي مسخ ڪرڻ ٿا چاهين. پر هاڻ آئون انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته اردو ٻولي جامع ٻولي يا مڪمل ٻولي ڪونهي تنهنڪري دنيا جي مهذب ٻولين جا لفظ ڳالهائڻ جي هن ٻوليءَ ۾ گنجائش پيدا ڪانه ٿي آهي. خود هيءَ ٻولي مڪمل نه آهي.