انگريز دور ۾ آباديءَ جو عدم توازن
ويهين صديءَ جي منڍ ۾ پنجابين جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ تيزي آئي ۽ 1930ع جي ڏهاڪي ۾ اهو سوال بحث هيٺ اچڻ لڳو ته ڪير سنڌي آهي ۽ ڪير ناهي. ان دور ۾ سنڌو درياءَ ٽرانسپورٽ جو اهم وسيلو هو. 1878ع ۾ ڪراچي ۽ پنجاب وچ ۾ ريل جو رستو ٺهڻ کان پوءِ سنڌ عملي طور پنجاب سان ڳنڍجي وئي. 1889ع ۾ سکر وٽ لئسنڊائون پل ۽ 1900ع ۾ ڪوٽڙيءَ واري پل ٺهڻ کان پوءِ آباديءَ جي اچ وڃ ۾ ويتر سولائي پيدا ٿي.
ان سڄي ردوبدل جو مرڪز ڪراچيءَ جو سامونڊي شهر هو. 1729ع ۾ مقامي واپارين پاران 35 ايڪڙن تي قائم ڪيل اهو ساحلي ڳوٺ انگريزن جي والار کان پوءِ خطي جو اهم مرڪز بڻجي ويو. برطانيا جي قبضي کان پوءِ 20 سالن اندر ان جي آبادي 1856ع ۾ وڌي 57 هزار ٿي وئي. شهر جي واپار جو ملهه 122،160 پائونڊ مان وڌي 855،103 پائونڊ ٿي ويو. 1886ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو قيام عمل ۾ آيو ۽ برطانوي راڄ جي پهرين چاليهن سالن اندر واپار جو ملهه ستوڻ تي وڌي ساليانو 60 لک پائونڊن کان به چڙهي ويو. 1890ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ جي ساحل تي پنجن وڏين شپنگ سروسز جي اچ وڃ ٿي رهي هئي. 1904ع تائين ڪراچي پورٽ هن خطي جو اهم ترين اڏو بڻجي چڪو هو ۽ واپار توڙي شپنگ جو ملهه 30 ڪروڙرپين کان به وڌي چڪو هو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ برطانيا لاءِ ڪراچيءَ جي اهميت کي ويتر وڌائي ڇڏيو. برطانيه ۽ فرانس ان وقت هاڻوڪي وچ اوڀر جا بنياد رکيا هئا ۽ مليٽري آپريشنز کي ڪراچي پورٽ وسيلي هلايو ٿي ويو. 1920ع جي ڏهاڪي ۾ هوائي اڏو ٺهڻ کان پوءِ شهر جي اهميت ۾ غير معمولي واڌارو ٿيو. لنڊن ۽ ڪراچيءَ وچ ۾ هوائي سفر جي ڳانڍاپي سان سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب کلي ويو. اهڙي طرح ڪراچي سنڌ ڏانهن ٻاهرين آباديءَ جي لڏپلاڻ جو مرڪز بڻجي ويو.
انگريز دور ۾ سنڌ ڏانهن ڌاري آبادڪاريءَ جي ڇڪ جو ٻيو ڪارڻ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ آبپاشي نظام جا سڌارا هئا. انگريز دور کان اڳ سنڌ ۾ موسمي واهن وسيلي چاڙهه دوران پوکي ٿيندي هئي. وڌندڙ آبادي ۽ پرڏيهي واپار جي نون موقعن سبب سنڌ ۾ آبپاشي سڌارن جو آغاز ٿيو. 1894ع ۾ جمڙائو ڪينال رٿا شروع ڪئي وئي. آبپاشي نظام ۾ اصل انقلاب 1932ع ۾ سکر بئراج جي ٺهڻ سان آيو. البته جتي هڪ طرف آبپاشي ۽ ان جي نتيجي ۾ زرعي معيشت ۾ انقلاب جا نوان رستا کليا، اتي نين زرخيز زمينن تي اک رکندڙ ڌاري آباديءَ جي ڪٽڪن لاءِ به نوان دروازا کلي ويا. بئراج ٺهڻ کان اڳ 32-1931ع تائين سڄي سنڌ ۾ ڪل 30 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي. 38-1937ع ۾ رڳو سکر بئراج زون ۾ 30 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي رهي هئي. اهڙي طرح دادو، رتوديرو، خيرپور، نوابشاهه، شهدادپور، ٽنڊو آدم، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص ۾ معاشي اٿل پٿل جي نتيجي ۾ آباديءَ جو دٻاءُ به وڌيو. مثال طور 1930ع جي ڏهاڪي دوران نوابشاهه جي آباديءَ ۾ 150 سيڪڙو ۽ ميرپورخاص جي آباديءَ ۾ 90 سيڪڙو واڌ ٿي. جمڙائو ڪئنال رٿا ٺهڻ کان پوءِ سنڌ اندر پنجاب مان آباديءَ جي آمد ۾ تيزي آئي. انگن اکرن موجب 1921ع کان 1931ع وارن ڏهن سالن ۾ سنڌ اندر ٻاهرين آباديءَ ۾ 18 سيڪڙو واڌ آئي، جڏهن ته 1931ع ۽ 1941ع جي وچ ۾ سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ 15.5 سيڪڙو واڌ آئي.
1921ع جي آدمشماريءَ موجب پنجاب مان جيترا ماڻهو ڪراچيءَ آيا، اوترا ئي ماڻهو سنڌ جي ٻهراڙين ڏانهن به لڏي آيا. 1891ع ۽ 1901ع جي وچ وارن ڏهن سالن ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي آبادي 1.06 ملين مان وڌي 1.91 ملين ٿي وئي، يعني ان ۾ ساڍا اٺ لک ماڻهن جو واڌارو ٿيو. انهن جو هڪ وڏو انگ پنجاب سان تعلق رکندڙ هو. اڳتي هلي آبپاشي نظام جي بهتري ۽ زراعت جي اوسر سان انهن جو انگ اڃا به وڌيو. انگريزن جي راءِ ۾ پنجابي وڌيڪ محنت سان هارپو ڪندڙ قوم هئا، تنهن ڪري هنن کين سنڌ ۾ آبادڪاريءَ ۾ به واهر ٿي ڪئي. مهاڀاري لڙاين دوران ۽ ان کان اڳ هندستان ۾ بغاوت چٿڻ ۾ پنجاب مان ڀرتي ڪيل فوجين جي وفاداري ۽ ڪارڪردگيءَ جو عيوضو ڏيڻ لاءِ به کين انگريزن سنڌ جون زرخيز زمينون عطا ڪيون.
آباديءَ جي ان منتقليءَ سان سنڌ اندر ڌاري آباديءَ جي دٻاءَ بابت بحث مباحثو ورهاڱي کان اڳ ئي شروع ٿي چڪو هو. سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو قيام ٿيو ۽ 1937ع ۾ اهو بحث ٿي رهيو هو ته سنڌ جو اصلوڪو رهواسي ڪير آهي. اسيمبليءَ ۾ بحث دوران اهو به سوال اٿاريو ويو ته صوبي اندر پوليس ۽ بجليءَ وارن کاتن ۾ سنڌين جي ڀيٽ ۾ غير مقامي ڇو وڌيڪ آهن. اسيمبليءَ ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته آئيندي گهربل اهليت رکندڙ سنڌين کي نوڪرين ۾ اوليت ڏني وڃي.