بئراجي زمينن وسيلي ڌاري آبادڪاري
سکر بئراج 1932ع ۾ راس ٿيو. ان بئراج تي 28 لک 68 هزار ايڪڙ نئين زمين سيراب ٿي. اها زمين انگريز دور ۾ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪنهن کي ۽ ڪيئن ڏني وئي، ان جا وچور ملن ئي نه ٿا. جڏهن ون يونٽ لڳو ته ان وقت 22 لک ايڪڙ زمين ورهائجي چڪي هئي ۽ باقي 6 لک ايڪڙ زمين بچي هئي. ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ٽن سالن دوران هڪ لک 53 هزار ايڪڙ زمين غير سنڌين کي ڏني وئي. 1958ع ۾ مارشل لا لڳڻ کان پوءِ ملڪ ۾ فوجي راڄ قائم ٿيڻ سان باقي زمين سڌي سنئين غير سنڌين ۾ ورهائجڻ لڳي. 1958ع ۽ مارچ 1963ع وچ ۾ ورهايل زمين مان 2 لک 13 هزار 679 ايڪڙ زمين ڌاري آباديءَ کي ملي ۽ مقامي ماڻهن کي رڳو 54 هزار 789 ايڪڙ زمين ملي. يعني مقامي ماڻهن کي مس چوٿون حصو زمين ملي ۽ 75 سيڪڙو زمين ڌارين حوالي ٿي وئي. سنڌ تي ان وقت پنجابي ۽ پناهگير آفيسر شاهيءَ جو قبضو هو، جن سنڌ جي زمين کي مال غنيمت سمجهي ورهايو. ساڳي طرح ڪوٽڙي بئراج 1956ع ۾ راس ٿيو. ان بئراج وسيلي حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ ساڍا سورنهن لک ايڪڙ زمين سيراب ٿيا. جون 1958ع ۾ ان زمين جي لٽ مار لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. چيو وڃي ٿو ته ڪميٽي ٺهڻ کان ٻه سال اڳ ئي فوجين کي زمينن جي الاٽمينٽ شروع ٿي چڪي هئي. فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ايوب کي به 247 ايڪڙ زمين ڏني وئي. 1963ع تائين ورهايل سوا يارنهن لک ايڪڙ زمين مان مقامي آباديءَ جي مس 4 لک 73 هزار ايڪڙ زمين ملي ۽ باقي زمين غيرمقامي ماڻهن جي حوالي ٿي.
ايوب جي مارشل لا حڪومت کي سنڌ جي زمينن جي ڪيتري هوس هئي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 7 آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا لاڳو ڪرڻ کان ستت پوءِ 15 آڪٽوبر تي اولهه پاڪستان جي گورنر کي حڪم ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڪوٽڙي بئراج، سکر بئراج ۽ نارا ڪينال تي پوکيءَ جوڳي زمين کي فوري طور ورهايو وڃي. ان مقصد لاءِ ڪالونائيزيشن آفيسر مقرر ڪيا ويا. 15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي بئراج جي 41 هزار ايڪڙ زمين ورهائڻ جي رٿا جو اعلان ڪيو. ان زمين ۾ 25 هزار ايڪڙ کليل نيلام لاءِ رکيا ويا. 16 هزار ايڪڙ زمين ڊگهي مدي واري ليز لاءِ رکيا ويا. آڪٽوبر جي پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 35 هزار ايڪڙ زمين ڪراچيءَ ۾ رهندڙ 2000 بي زمين پناهگيرن لاءِ رکيا وڃن، جيڪي زمينداري ڪندڙ هئا. ڊسمبر ۾ زمين ورهائيندڙ ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو ته چار هزار ايڪڙ زمين رٽائرڊ ۽ حاضر سروس فوجين لاءِ رکي وڃي. جڏهن ته وڌيڪ 24 هزار ايڪڙ کليل نيلام لاءِ رکيا ويا. مئي 1959ع ۾ ڪراچيءَ جي 1100 پناهگير زميندار گهراڻن کي ڪراچيءَ مان ڪوٽڙي بئراج جي زمينن تي منتقل ڪيو ويو. ساڳي سال 1959ع ۾ انتظاميا رٽائرڊ ۽ حاضر سروس فوجين لاءِ رکيل زمين کي وڌائي هڪ لک ايڪڙ ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ رٽائرڊ فوجين کي گرانٽ طور زمين ڏيڻ لاءِ 18 هزار ايڪڙ زمين جي نئين ڪيٽيگري به متعارف ڪرائي وئي.
1960ع جي جنوري مهيني ۾ بنگالي هارين جا 81 ڪٽنب سامونڊي جهاز وسيلي ڪراچي پهتا. هي ڪٽنب انهن 350 گهراڻن ۾ شامل هئا، جن کي سنڌ منتقل ٿيڻو هو. هي ڪٽنب ورهاڱي وقت پاڪستان منتقل ٿيا هئا ۽ کين هتي اڃا زمينون نه مليون هيون. انهن پناهگير بنگالي رضاڪاراڻي طور اولهه پاڪستان رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان جي عيوضي کين سنڌ جي مال غنيمت بڻايل زمين کان 10 هزار ايڪڙ ڪوٽڙي بئراج جي علائقي ۾ ڏيڻا ڪيا ويا هئا. اهي ماڻهو جن جو سنڌ سان تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪو واسطو نه رهيو هو، انهن کي اولهه پاڪستان منتقل ٿيڻ جي عيوضي سنڌ جي زمين ڏني وئي. اولهه پاڪستان جي گورنر خواب آف ڪالاباغ سندن آمد کي تاريخي قرار ڏنو ۽ چيو ته اوڀر پاڪستان جي رهواسين جي اتحاد جو پيمانو قرار ڏنو، يعني پاڪستان جي اتحاد جي علامت لاءِ به سنڌ جي زمين جو صدقو ڏنو ويو. انهن کي هڪ ايڪڙ زمين به پنجاب ۾ نه ڏني وئي.
سنڌ ۾ هينئر تائين آخري بئراج گڊو وٽ 1962ع ۾ ٺهي راس ٿيو. گڊو بئراج وسيلي سنڌ ۾ 27 لک ايڪڙ زمين کي سيراب ٿيڻو هو. ان مان 16 لک ايڪڙ زمين خانگي هئي ۽ ايگريڪلچر ڊولپمينٽ ڪارپوريشن کي باقي 11 لک ايڪڙ زمين ورهائڻي هئي. 1962ع جي ويسٽ پاڪستان ايئربوڪ موجب اهو فيصلو ڪيو ويو ته اها زمين مقامي ۽ ٻاهرين ماڻهن ۾ اڌو اڌ ورهائي وڃي. 15 سيڪڙو زمين فوجين لاءِ رکي وئي. آڪٽوبر 1962ع تائين 10 هزار ايڪڙ زمين نيلام ٿي چڪي هئي. مارچ 1963ع ۾ ڊان اخبار رپورٽ ڪيو ته 20 سيڪڙو زمين منگلا ۽ تربيلا ڊيم ۽ اسلام آباد شهر جي متاثرين لاءِ رکي وئي آهي.
انگن اکرن موجب منگلا ڊيم متاثرين لاءِ 46 هزار 700 ايڪڙ، اسلام آباد جي متاثرين لاءِ 54 هزار 200 ايڪڙ، سرحدي قبائلين لاءِ 4 هزار 800 ايڪڙ، تربيلا ڊيم متاثرين لاءِ 11 هزار ايڪڙ ۽ انعام/خطاب ماڻيندڙن لاءِ 12 هزار 217 ايڪڙ زمين رکي وئي.
سنڌ جي زمينن جي ان لٽ مار جي نتيجي ۾ ٻين صوبن خاص طور تي پنجاب مان وڏي انگ ۾ آبادي سنڌ منتقل ٿي ۽ کين سنڌ جي معيشت تي به قبضو حاصل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب مان وڌيڪ ماڻهو سنڌ منتقل ٿيندا رهيا. شهرن جيان ٻهراڙين ۾ به سنڌين جي ملڪيتن تي والار ۾ مرڪزي سرڪار جو هٿ هيو، بدقسمتي سان ان دور ۾ سنڌ اندر سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ ڪجهه ٻين فردن کي ڇڏي ڪا وڏي مزاحمت گهٽ نظر اچي ٿي.