ڪليمن جي ڪٿا
ورهاڱي کان پوءِ مقامي آباديءَ کي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهري علائقن مان بيدخل ڪرڻ لاءِ قانوني بنياد پيدا ڪيا ويا. آبادڪاريءَ جي قانونن ۾ هڪ نئين شق شامل ڪئي وئي، جنهن موجب مقامي سنڌين کي ڪو به اهڙو گهر خريد ڪرڻ جي اجازت نه هئي، جنهن جي قيمت 10 هزار رپين کان وڌيڪ هجي.
هندن جون ڇڏيل زمينون به سنڌين کي وٺڻ نه ڏنيون ويون. ورهاڱي وقت سنڌي مسلمانن جي اٽڪل 25 لک ايڪڙ زمين هندو سيٺن وٽ گروي هئي. مارچ 1947ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ هڪ قانون پاس ڪيو، جنهن موجب اهي گروي زمينون اصلوڪن مالڪن کي واپس ٿيڻيون هيون. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي گورنر ان بل تي صحيح ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي. چيو وڃي ٿو ته هن جي ان انڪار پٺيان ملڪ جي گورنر جنرل جناح جي هدايت شامل هئي. ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هندن جي ڇڏيل 12 لک ايڪڙ زمين مان 4 لک 17 هزار ايڪڙ زمين پناهگيرن کي ڏني وئي. ان مان رڳو هڪ لک 14 هزار ايڪڙ زمين کي سڌ طرح نوان زميندار سنڀالي رهيا هئا، جڏهن ته 2 لک 84 هزار ايڪڙ زمين اهڙن مالڪن کي مليل هئي جيڪي سرزمين تي موجود ئي نه هئا. سنڌ جي هر ضلعي ۾ پناهگيرن کي زمينون ڏنيون ويون. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ قيمتي زرعي زمين جي ايئن لٽ ٿي جو نومبر 1953ع ۾ سنڌ ايگريڪلچر ڪميشن انڪشاف ڪيو ته ٻهراڙين ۾ جن پناهگيرن کي زمينون ڏنيون ويون آهن، تن مان 80 سيڪڙو نوان زميندار صوبي ۾ ٻين هنڌن تي نوڪريون ڪري رهيا هئا ۽ زمينون مفت ۾ سندن ملڪيت بڻيل هيون.
جنوري 1950ع تائين سنڌ سرڪار مجموعي طور تي 5 لک 10 هزار 232 ايڪڙ زمين پناهگيرن کي الاٽ ڪري چڪي هئي. 31 مارچ 1956ع ڪليم داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ هئي. ان ڏينهن تائين سنڌ ۾ ڪل 88،360 ڪليم داخل ٿي چڪا هئا. رڳو ڪراچيءَ ۾ 37،176 ڪليم داخل ٿيا. مٿي ڏنل مختلف جائزي مان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته ڪراچيءَ مان سنڌين جي بيدخلي ۽ سندن ملڪيتن تي قبضن جي پٺيان مرڪزي سرڪار سڌو سنئون ملوث هئي، ان عرصي دوران سنڌ جي صوبائي حڪومتن جڏهن به احتجاج ڪيو ته کين گهر موڪليو ويو. 1947ع کان 1955ع جي وچ ۾ سنڌ اندر 6 گورنر ۽ 7 وڏا وزير تبديل ڪيا ويا يعني سراسري طور هر سوا سال بعد سنڌ ۾ حڪومت تبديل ڪئي ٿي وئي، ان سڄي سياسي ڏڦيڙ جي پٺيان مرڪزي حڪومت جو سڌو هٿ هيو.