ڪراچيءَ ۾ ڌاري آباديءَ جي آمد
[IMG]http://i64.tinypic.com/wjjho7.png[/IMG]
ورهاڱي وقت ڪراچي شهر جي آبادي ساڍا چار لک هئي، جن ۾ 61.2 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جڏهن ته اردو/هندي ڳالهائيندڙ آباد رڳو 6.3 سيڪڙو هئي. ان وقت جي آباديءَ جو 51 سيڪڙو مذهبي لحاظ کان هندو برادريءَ سان تعلق رکندڙ هو، جڏهن ته 42 سيڪڙو ماڻهو مسلمان هئا. ورهاڱي کانپوءِ آباديءَ جو اهو توازن هڪ دم بگاڙ جو شڪار ٿيو 1951ع جي آدمشماريءَ موجب ڪراچي شهر جي آبادي ساڍا يارهن لک جي لڳ ڀڳ ٿي وئي. لساني اعتبار کان ان آدمشماريءَ جا انگ اکر ڇرڪائيندڙ آهن، جن موجب ورهاڱي کان اڳ 61 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي گهٽجي رڳو 8.6 سيڪڙو وڃي بچي. جڏهن ته 6.3 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو انگ وڌي 55 سيڪڙو کان به وڌي ويو. ورهاڱي کان پوءِ شهر جي 96 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي ۽ رڳو 2 سيڪڙو آبادي هندن تي ٻڌل هئي. ان لحاظ کان ڏسجي ته ڪنهن به سماج لاءِ اها خطرناڪ ترين ڌونڌاڙ هئي.
سنڌ جو شهري وچولو طبقو يعني هندو سرحد پار لڏي ويو ۽ ٻئي طرف يارنهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو سنڌ ۾ اهڙا داخل ٿيا، جيڪي سنڌي ڪلچر ۽ زمين کان بنهه اوپرا هئا. سندن لاءِ سنڌ اسلام جي جنگ ۾ فتح ڪيل مال غنيمت کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئي. 1941ع ۽ 1951ع وچ ۾ ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ 161 سيڪڙو واڌ ٿي. سنڌ ۾، خاص طور تي ڪراچيءَ اندر ڌارين آباديءَ جو اهو سلسلو ختم نه ٿيو، بلڪه ايوب جي دور ۾ 60ع جي ڏهاڪي ۾ پختونن جي آمد 1972ع ۽ 1978ع جي وچ ۾ بنگلاديش مان اٽڪل ساڍا ٽي لک پناهگيرن جي آمد (جيڪي گهڻي ڀاڱي بهاري هئا) ۽ افغان جنگ کانپوءِ ٽي لک کان وڌيڪ پناهگيرن جي آمد ڪراچيءَ جي آدمشماريءَ جي توازن کي لڳاتار پئي تبديل ڪيو. هڪ ڪاٿي موجب هر سال سراسري طور ڪراچيءَ ۾ ساڍا ٽي لک ماڻهن جو واڌارو ٿيو. ان سموري عرصي دوران جتي پنجاب ۽ پختونخواهه مان آباديءَ جي لڳاتار آمد ڪراچيءَ ڏانهن جاري رهي، سنڌي ڳالهائيندڙن جي ڪراچي آمد ۾ ڪو نامايان اضافو نه ٿيو، منهنجي خيال ۾ ان جا هيٺيان اهم ڪاڻ هئا.
ورهاڱي وقت خاص توازن ٺاهي شهرن ۾ مقامي آباديءَ لاءِ جائيداد خريد ڪرڻ تي بندش وجهڻ سبب مقامي سنڌي آبادي شروعاتي سالن ۾ شهرن کان ڪٽجي ٻهراڙين تائين محدود ٿي وئي.
ساڳي طرح آڪٽوبر ۾ جناح صاحب پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي جائيدادن بابت ٻه آرڊيننس جاري ڪيا. انهن حڪمنامن هيٺ پاڪستان ريهبليٽيشن ڪمشنر کي اهي اختيار ڏنا ويا ته هو هندن پاران ڇڏيل زمينن ۽ ڪاروبارن کي تحويل ۾ وٺي ان جي عارضي ليز جاري ڪري سگهي. ساڳي طرح پناهگيرن کي ان قانون هيٺ خالي ڇڏيل عمارتن تي قبضي جي اجازت ڏني وئي. هڪ ڪاٿي موجب آگسٽ 1947ع کان 1948ع وچ ۾ هندن جيڪي ملڪيتون ڇڏيون، تن ۾ 70 سيڪڙو زرعي زمين ۽ شهري علائقن 85 سيڪڙو گهر ۽ عمارتون شامل هيون، جيڪي جناح صاحب جي حڪم تي مقامي آبادي بجاءِ ٻاهران آيلن حوالي ڪيون ويون. اهڙي طرح رياستي قانون ۽ گورنر جنرل جي خصوصي اختيارن وسيلي هڪ منظم طريقي سان سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي عملي طور ڪراچيءَ مان بي دخل ڪيو ويو.
سنڌين جو سرنديءَ وارو وچولو طبقو هندن تي مشتمل هو، جن وٽ شهرن خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ جائيداد رکڻ جو لاڙو هوندو هو، سنڌي مسلمان ورهاڱي وقت گهڻو ڪري سماجي اعتبار کان پٺتي پيل ۽ غربت جو شڪار هئا ۽ وڏن شهرن ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ جي لاءِ گهربل مقرري موجود نه هئي.
سنڌي مسلمانن ۾ تعليم جو لاڙو ايتري قدر گهٽ هيو جو 1937ع ۾ رڳو هڪ مقامي مسلمان ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ هر هزار ماڻهن مان رڳو 44 ماڻهو پڙهيل لکيل هئا. تعليم جي اهڙي حالت هجڻ سبب سنڌي شهري هنرن کان پرڀرا هئا ۽ سندن گهڻو تڻو واسطو ٻهراڙين ۾ ٿوري گهڻي ملڪيت زمينداري جي شڪل ۾ وڏيرڪي طبقي وٽ هئي. هن طبقي وٽ ڪراچيءَ ۾ جائيداد رڳو فصل لهڻ وقت عياشين ڪرڻ لاءِ هوندي هئي، ان طبقي وٽ نه قومي سوچ هئي ۽ نه قومي غيرت نالي ڪنهن شيءِ کان هو واقف هئا. تنهن ڪري هنن شهري ماحول ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کي ڪا به اوليت نه ٿي ڏني، ڇو ته شهري ماحول ۾ سندن غلامي قبول ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه هو. جڏهن ته ٻهراڙين جي رعايا سان صوبيدار ۽ مختيارڪار جي ناپاڪ ڳٺ جوڙ وسيلي خلق کي غلام رکڻ آسان هو.
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ قبائلي ۽ راڄوڻو نظام روايتي سرشتو ۽ مدي خارج سماجي ڍانچو پڻ سنڌين جي ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن منتقلي ۾ هڪ رنڊڪ هئا.
تربيلا ڊيم ٺهڻ تائين ٻهراڙين ۾ زرعي معيشت تمام سگهاري هئي، ڪچي توڙي پڪي ۾ محدود آبايءَ جي گهرج کان وڌيڪ ان اپائجندو هو ۽ ٻهراڙيءَ جي پرسڪون ماٺيڻي زندگي سنڌي ڳالهائيندڙن لاءِ وڌيڪ سهنجي هئي، جڏهن ته شهري تيز رفتار زندگي، شور شرابو ۽ ڀڄ ڊڪ سندن مزاج سان ٺهڪدڙ هئي، ان عرصي دوران پختون ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ آبادي به پنهنجا علائقا ڇڏي درحقيقت ڪراچيءَ ۾ ننڍي سطح جي روزگار لاءِ اچي رهيا هئا. ۽ ان جو وڏو ڪارڻ سندن علائقن جي معاشي بدحالي هئي. ان جي ابتڙ سنڌ جي ٻهراڙين معاشي طور آسودي پاڻ ڀَري هئي، جنهن ڪري سنڌي ڳالهائيندڙن کي ڪڏهن به شهرن ۾ وڃي روزگار ڪرڻ يا سيڙپڪاري ڪرڻ جي گهرج پيش نه آئي.
ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهرن، خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ماحول ثقافتي لحاظ کان ورهاڱي کان پوءِ اوڀر ٿي چڪو هو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ پاڻ کي ان ماحول ۾ اڻ ٺهڪندڙ محسوس ٿي ڪيو، جنهن ڪري شهرن ۾ رهڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ سندن دلچسپي نه هجڻ جي برابر هئي. ان سڄي پسمنظر ۾ شهري علائقن خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ صنتعڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ ننڍن وچولن ڪاروبارن ۾ سنڌي سماج مٿان سياسي طور ٿاڦيل فيوڊل ڍانچي سنڌ جي ٻهراڙين کي هڪ اڻ کٽ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو، ان جي نتيجي ۾ سنڌ جون ٻهراڙيون ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ سماجي توڙي انفرااسٽرڪچر جي لحاظ کان هڪ صديءَ جي وٿيءَ تي بيٺل نظر اچن ٿيون. ڪراچيءَ کان 100 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود ٺٽو ضلعو هر لحاظ کان سَوَن سالن جي وٿيءَ تي نظر اچي ٿو. شهري زندگيءَ کان ان وٿيءَ سنڌي سماج جي اوسر کي شديد ڌڪ رسايو، ان عرصي دوران سنڌ جي سياسي نمائندگي جيئن ته ابن الوقت وڏيرڪي طبقي وٽ رهي، تنهن ڪري ان ٻهراڙين جي سنڌين کي اٻوجهه ۽ غلام رکڻ لاءِ ضروري سمجهيو ته سندن حڪمرانيءَ هيٺ ٻهراڙين ۾ ڪڏهن به معياري انفرااسٽڪچر تعمير نه ٿئي، معياري تعليم جا ادارا قائم نه ٿين ۽ سنڌي وچولي طبقي جي اوسر لاءِ ڪي به موقعا پيدا نه ٿين. سياسي ۽ سماجي جمود جو اهو غلاميءَ وارو دور 70ع جي ڏهاڪي تائين پوري شدت سان جاري رهيو.
1973ع ۾ سنڌ اندر پنجاب، پختونخواهه ۽ فاٽا جا 7 لک 11 هزار رهواسي موجود هئا. رڳو ڪراچيءَ ۾ انهن جو انگ پوڻا پنج لک جي لڳ ڀڳ هو. ان صورتحال سبب شهري علائقن ۾ سنڌي ماڻهو نه هجڻ جي برابر هئا ۽ شهري معاملن ۾ سندن ڪردار نه هجڻ جي برابر هو. ان جمود کي ٽوڙڻ جي پهرين ڪوشش 1970ع ۾ ون يونٽ جي ٽٽڻ بعد سنڌ جي گورنر رخمان گل ۽ اڳتي هلي ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿي، جڏهن هن ڪوٽا سسٽم، ليٽرل انٽري وغيره ذريعي نوڪري پيشه سنڌي وچولي طبقي جي پهرين کيپ کي پير کوڙڻ جو موقعو ڏنو. ساڳي طرح هن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل تعليمي ادارن جو بنياد رکي، مستقبل جي سنڌي وچولي طبقي جي اوسر جا بنياد رکيا. اهوئي سبب آهي جو 1981ع ۽ 1998ع واري آدم ڳڻپ جي انگن اکرن ۾ ڪراچيءَ اندر سنڌي آباديءَ جو سيڪڙو وڌيو ۽ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو سيڪڙو گهٽيو آهي. 1981ع جي آدم ڳڻپ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪراچيءَ اندر 6.3 سيڪڙو هئا، جيڪي 1998ع ۾ وڌي 7.2 سيڪڙو ٿي ويا، جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي جيڪا 1981ع ۽ 54.3 سيڪڙو هئي، اها 1998ع ۾ گهٽجي 48.5 سيڪڙو ٿي وئي. ان جو مکيه ڪارڻ پختونخواهه ۽ پنجاب مان خاص طور تي سرائيڪي پٽيءَ ۽ سنڌ جي ٻهراڙين مان ماڻهن جي ڪراچيءَ ڏانهن لڏپلاڻ هئي.
سنڌ جي ٻهراڙين مان 90ع جي ڏهاڪي ۾ شهرن ڏانهن وڌيڪ لڏپلاڻ ٿي آهي. ان جا هي مکيه ڪارڻ هئا. هڪ ته ٻهراڙين ۽ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ سبب وچولي طبقي شهرن جي محفوظ ماحول کي چونڊيو. ٻيو ٻهراڙين ۾ زراعت لاءِ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب زرعي معيشت کي ڌڪ لڳو ۽ ماڻهو بيروزگار ٿيا، جن شهرن جو رخ ڪيو ۽ ٽيون ته سرڪاري نوڪرين تي بندش کانپوءِ سنڌي ورڪنگ ڪلاس جنم ورتو، جنهن خانگي روزگار ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو رخ ڪيو. ساڳي طرح اتر سنڌ جي ضلعن ۾ قبائلي جهيڙن ۽ مارا ماري جي نتيجي ۾ پڻ ٻهراڙين مان ماڻهو شهرن ڏانهن منتقل ٿيا. ان دوران نائين اليون واقعي کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پختونخواهه مان ماڻهو بي دخل ٿي ڪراچيءَ منتقل ٿيا. هاڻي ڪراچيءَ ۾ صورتحال اها آهي ته هڪ طرف هندستان ۽ بنگلاديش مان آمد بند ٿيڻ ۽ شهري ماحول سبب آباديءَ ۾ فطري واڌ گهٽ ٿيڻ سبب اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ ۾ ڪو نمايان اضافو نه پيو ٿئي. ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ روزگار ۽ رهائش لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو به سگهارو لاڙو آهي، جنهن ڪري پڻ اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ اضافي ۾ لاٿ آئي آهي. ٻئي طرف سرائيڪي علائقي، سنڌ جي ٻهراڙين ۽ پختونخواهه مان ماڻهن جي لڳاتار آمد سبب ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي وڌيڪ ٿورائيءَ ۾ بدلجي رهي آهي.
1998ع جي آدم ڳڻپ موجب ڪراچيءَ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آباديءَ جا وچور هن ريت آهن:
[IMG]http://i64.tinypic.com/157zzg7.png[/IMG]
1998ع جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن جو تفصيلي جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي شهرن ۾ سنڌي آبادي ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين گهٽ آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب سنڌ، ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ شهريل (Urbanized) صوبو آهي، جتي اٽڪل 49 سيڪڙو آبادي 163 ننڍن وڏن شهري مرڪزن ۾ رهي ٿي، جڏهن ته پنجاب ۾ شهري آبادي اتان جو رڳو 31.3 سيڪڙو آهي. وري جيڪڏهن سنڌ ۾ شهري آباديءَ جو وڌيڪ ڇيد ڪبو ته معلوم ٿيندو ته شهري آباديءَ جو 71 سيڪڙو رڳو ٽن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ وسيل آهي. اڪيلي ڪراچي شهر ۾ شهري آباديءَ جو 62 سيڪڙو رهي ٿو، جڏهن ته ان جي ابتڙ پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ صوبي جي شهري آباديءَ جو صرف 22.3 سيڪڙو رهي ٿو. باقي شهري آبادي فيصل آباد 8.7 سيڪڙو، راولپنڊي 6.2 سيڪڙو، گجرانوالا 5.4 سيڪڙو ۽ ملتان 5.2 سيڪڙو ۾ هڪ توازن سان ورهايل نظر اچي ٿي. غور ڪري ڏسجي ته هي اهي علائقا آهن، جتي صنعت ۽ ڪاروبار کي جوڳي ترقي ڏياري ٻيون بنيادي شهري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري پنجاب ۾ لاهور مٿان آباديءَ جو اهڙو دٻاءُ نه پيو آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ ڪراچيءَ کان ٻاهر ٿوري گهڻي صنعتي ۽ ڪاروباري ترقي حيدرآباد ۾ نظر اچي ٿي ۽ ان کان ٻاهر ڪاريءَ وارا ڪک آهن.
ٻين صوبن ۾ جيئن ته ٻاهرين آباديءَ جي يلغار ايتري ناهي، تنهن ڪري اتان جا شهري علائقا به اتي جي اصلوڪن رهواسين جي اڪثريت هيٺ آهن، پر سنڌ ۾ صورتحال مختلف آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن موجب پنجاب جي شهري علائقن ۾ 78.75 سيڪڙو ماڻهو پنجابي ڳالهائيندڙ آهن. اسلام آباد جي به شهري علائقن ۾ 65.36 سيڪڙو ماڻهو پنجابي ڳالهائيندڙ آهن. ساڳي طرح سرحد جي شهري علائقن ۾ 73.55 سيڪڙو ۽ فاٽا جي شهري علائقن ۾ 97 سيڪڙو ماڻهو پشتو ڳالهائيندڙ آهن. جڏهن ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪل شهري آباديءَ جو رڳو 25.79 سيڪڙو مس آهن. هي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته سنڌ جا شهر لڳاتار سنڌين کان کسجي رهيا آهن. مجموعي طور سنڌي پنهنجي صوبي اندر اقليت ۾ بدلجڻ کي ويجهو اچي رهيا آهن. ان جا وچور 1998ع جي آدم ڳڻپ جي هيٺين تفصيلن مان معلوم ڪري سگهجن ٿا.
[IMG]http://i63.tinypic.com/2ik8dhh.png[/IMG]
مٿي ڏنل ٻن جدولن ۾ اها ڳالهه نظر اچي ٿي ته سنڌ ۾ پنجابي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ آبادي ته ترتيب وار 21 لکن ۽ 12 لکن کان مٿي آهي پر سنڌ اندر ٻاهرين صوبن جي رهواسين جي انگ ۾ ٻنهي صوبن جا ماڻهو گهڻو گهٽ نظر اچن ٿا. ان جو ڪارڻ اهو آهي جو سنڌ ۾ عرصي کان رهندڙ پنجابين ۽ پختونن مقامي رهائش جا ڪاغذ ٺهرائي ڇڏيا آهن ۽ اهي هاڻي سنڌ اندر سمورن شهري حقن يعني ووٽ، نوڪرين وغيره ۾ ڀائيوار ٿي چڪا آهن.
مارچ 2011ع ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ نادرا چيئرمين علي ارشد حڪيم اهو انڪشاف ڪيو ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جي 13 لک ماڻهن سنڌ جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن. سندس انڪشاف موجب ستن سالن دوران خيبرپختونخواهه جي 6 لک 33 هزار 916، پنجاب جي 5 لک 59 هزار 620، بلوچستان جي 82 هزار، فاٽا جي 28 هزار 443 ۽ ڪشمير جي 52 هزار 259 ماڻهن سنڌ مان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن. ڳالهه رڳو اتي ختم نه ٿي ٿئي. انگريزي اخبار دي ايڪسپريس ٽربيون 9 مارچ 2012ع تي اهو انڪشاف ڪيو ته پپيلز پارٽيءَ جي حڪومت جي گهرو وزارت پاران سفارش ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ 30 لک بنگالين ۽ بهارين کي مڪمل شهريت ڏني وڃي. ياد رهي ته ذري گهٽ سمورا بهاري ۽ بنگالي سنڌ ۾ رهندڙ آهن. 23 فيبروري 2014ع جي ڊان اخبار موجب وفاقي گهرو کاتي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته رڳو ڪراچي شهر اندر 20 لک غيرقانوني پرڏيهي رهندڙ آهن. ساڳي طرح نيشنل ايلين رجسٽريشن اٿارٽي (نارا) به ڪراچيءَ اندر 18 لک 85 هزار غيرقانوني پرڏيهين جوا نڪشاف ڪري چڪي هئي. غيرسرڪاري ذريعن جو خيال آهي ته غيرقانوني پرڏيهين جو انگ ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي پر انهن کي هڪ مقامي سياسي ڌر پاران سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا دستاويز ٺهرائي ڏئي باقاعدي شهري بنايو ويو آهي. ساڳي طرح نارا اداري جو مقصد به انهن شهرين کي باقاعدي رجسٽر ڪرڻ آهي. انهن ڌارين ۾ هڪ لک کان وڌيڪ بنگالي ۽ ٻن لک کان وڌيڪ برمي به شامل آهن. بنگالين جو هڪ وڏو انگ ڪراچيءَ جي مڇر ڪالوني، موسيٰ ڪالوني، ابراهيم حيدري، ڪياماڙي ۽ ڪچين آبادين ۾ رهندڙ آهي. مزي جي ڳالهه ته لکن جي تعداد ۾ رهندڙ افغانين کي ڌارين بجاءِ رفيوجي جو درجو مليل آهي ۽ انهن کي غيرقانوني به نه ٿو ڳڻيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي پرڏيهي ڪائونسلر ۽ ناظم به چونڊجندا رهيا آهن. بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌ اندر هر ڪنهن جي اچ وڃ ۽ رهائش کي آئين جي غلط تشريح وسيلي جائز قرار ڏنو وڃي ٿو.
ٻاهرين صوبن مان ايندڙن جي حق جي وڪالت ڪندر آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 23 جا حوالا ڏجن ٿا. پهرين اچو پڙهون ته آئين جي انهن آرٽيڪلز ۾ ڇا چيل آهي:
Article 15 = Freedom of movement: Every citizen shall have the right to remain in, and subject to any reasonable restriction imposed by law in the public interest, enter and move freely throughout Pakistan and to reside and settle in any part there of.
Article 23: Provision as to property: every citizen shall have the right to acquire , hold and dispose of property in any part of Pakistan, subject to the constitution and any reasonable restriction imposed by law in public interest.
انهن ٻنهي آرٽيڪلز ۾ ملڪ اندر هر شهريءَ کي چرپُر، رهائش ۽ ملڪيت وٺڻ/رکڻ جو حق ڏنو ويو آهي. اڪثر ڪري سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف سنڌين جي احتجاج تي انهن آرٽيڪلز جو حوالو ڏنو ويندو آهي. آئين جي ٻنهي آرٽيڪلز ۾ البته هڪ ڳالهه واضح طور ڪيل آهي: “any reasonable restriction imposed by law in public interest”يعني عوامي مفادن وٽان ڪنهن به لڳايل مناسب پابنديءَ سان انهن حقن کي مشروط ڪيو ويو آهي. يعني ته 1973ع جو آئين به ڌاري آبادڪاريءَ جي ڪا کلي ڇوٽ نه ٿو ڏئي پر صوبي جي حڪومت کي آئين جي اهڙي تشريح سان ڪا به دلچسپي ناهي.