تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جو مستقبل

هي ڪتاب سنڌ رائيٽرس ۽ ٿنڪرس فورم پاران ڇپائي سنڌي عوام تائين آندو ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي دستاويز، انگ اکر ۽ ثبوت شامل آهن، جيڪي اهو ثابت ڪن ٿا ته ڪيئن نه سنڌ جي تباهي ڪئي پئي وڃي سڀني سنڌ دوستن کي گهرجي ته هن ڪتاب جو مطالعو ڪن ۽ سنڌ جي آجپي لاء ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف هر فورم تي پنهنجو ڪيس پيش ڪن.
  • 4.5/5.0
  • 4993
  • 1181
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جو مستقبل

سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي ڪنهن جي اک آهي؟

سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جو وڌندڙ اهو دٻاءُ سنڌ جي وحدت لاءِ تمام وڏو خطرو آهي. ان ڳالهه ۾ هاڻي ڪو به شڪ ناهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي سموري ساحلي پٽي، بين الاقوامي مفادن جي سياست جو محور آهي. آمريڪا، برطانيا ۽ چين جي علائقائي مفادن جي ٽڪراءَ ۽ مقامي سطح تي مختلف لساني ڌرين جي مفادن جي ويڙهاند جو مرڪز ڪراچي آهي. ٻئي طرف ٿر ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا ملڻ کان پوءِ نه رڳو ساحلي پٽي پر ان سان ڳنڍيل ٿر جو علائقو پڻ توانائيءَ جي نئين مرڪز طور اهميت اختيار ڪيو ويو آهي.
ڪراچي شروع کان مخصوص قوتن جي خواهشن جو مرڪز رهيو آهي ۽ وقت بوقت ڪراچيءَ کي الڳ صوبو ۽ الڳ رياست بنائڻ وارين خواهشن جو اظهار ۽ انهن سازشن جو انڪشاف ٿيندو پئي رهيو آهي.
ڪراچيءَ کي الڳ شهري رياست ٺاهڻ پٺيان وڏين طاقتن جي مفادن کي سمجهڻ لاءِ اچو ته ٿورو ڪراچيءَ جي موجوده بيهڪ کي سمجهون:
ڪراچي ڏکڻ ايشيا ۾ هندي سمنڊ (عربي سمنڊ) تي واقع آهي. عربي/هندي سمنڊ جي ڪناري سان ڪراچيءَ جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ايشيا ۽ پئسفڪ جا وڏا ساحلي شهر آباد آهن، جن ۾ ممبئي، مدراس، ڪولمبو، ڪلڪتو، رنگون (برما) ملاڪا (ملائيشيا)، سنگاپور، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، ۽ تائيوان کان سواءِ چين، جاپان ۽ ڪوريا جي سال تي آباد اسريل جديد صنعت ۽ ٽيڪنالاجي جا سرواڻ شهر شامل آهن، ڪراچيءَ جي اولهه پاسي مسقط، دبئي، ايران ۽ ان کان اڳتي سعودي عرب ڏانهن لنگهه آهن. ڏاکڻي طرف آفريقا جو کنڊ آهي، جيڪو قدرتي وسيلن سبب بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار بڻيل رهيو آهي پر هوريان هوريان عالمي وڻج واپار ۾ اهم خطو ٿي اڀري رهيو آهي. انهن سمورن ساحلي ملڪن ۽ شهرن جو نقشو سامهون رکڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪراچي پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان تمام اهم شهر آهي. شهر اندر ٻه اهم پورٽس يعني ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ ان جي جاگرافيائي اهميت کي وڌائين ٿا. اولهه طرف گوادر ۽ اوڀر طرف ڪيٽي بندر جي شڪل ۾ مستقبل جو پورٽ سموري ساحلي پٽيءَ جي اهميت حڪمت عمليءَ جو لحاظ کان وڌائي ڇڏين ٿا. سنڌ جي ساحلي پٽيءَ سان لاڳاپيل ٿر جو ڪوئلو توانائيءَ جي املهه ذخيري جي شڪل ۾ ان سڄي پٽيءَ کي سياسي توڙي معاشي لحاظ کان غير معمولي طور اهم بنائي ڇڏي ٿو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ساحلي پٽي سڄي دنيا ۾ معيشت جي لحاظ کان اهم ترين علائقو هجي ٿي. هن وقت ست ارب آدم جي دنيا ۾ اٽڪل 3 ارب ماڻهو ساحلي پٽيءَ جي 200 ڪلوميٽرن جي اندر آباد آهن ۽ ساحلي شهرن ۾ آباديءَ جي گهاٽائي 80 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر آهي، جيڪا سراسري آدم گهاٽائيءَ جو ٻيڻو تعداد آهي. دنيا جي سڀ کان وڏن 17 شهرن مان 14 ساحلي پٽيءَ تي آباد آهن. ان پسمنظر ۾ ڪراچيءَ جي معاشي ۽ سياسي اهميت تمام وڏي آهي.
عربي، هندي ۽ ڏاکڻي چيني سمنڊ جي معاشي ۽ فوجي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي، جو دنيا جون ٽي سگهاريون معاشي ۽ فوجي طاقتون ان خطي ۾ واقع آهن، جن ۾ چين، جاپان ۽ ڀارت شامل آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران چين نه رڳو هڪ زبردست معاشي طاقت ٿي اڀريو آهي پر فوجي ۽ سفارتي طاقت وسيلي هو ايشيا پئسفڪ ۽ آفريقا اندر آمريڪي مفادن لاءِ هوريان هوريان ڳڻتيءَ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. پنهنجي آس پاس ۾ جاپان، فلپائين، تائيوان، ڪوريا ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ وارا سرحدي ناتا رکڻ سان گڏ چين انهن سمورن ملڪن، پاڪستان، روس، ايران ۽ ڪيترن ئي آفريقي ملڪن سان تمام گهرا اقتصادي ناتا قائم ڪري هن خطي اندر آمريڪي مفادن لاءِ جيڪڏهن ڪو وڏو خطرو نه، تڏهن به ڳڻتيءَ جو ڪارڻ ضرور بڻيل آهي. افغانستان ۽ پاڪستان هن خطي ۾ واحد ٻه وڏا ملڪ آهن، جتي آمريڪا جا پير ڪنهن حد تائين کتل آهن ۽ هزارين ميل پري هجڻ جي باوجود اهو هن خطي اندر هڪ اهم فوجي طاقت بڻيل آهي. فلپائين ۽ جاپان سان فوجي ناتا بهتر بنائي هن خطي اندر چين جي پکڙجندڙ فوجي طاقت کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۽ عربي/هندي/چيني سمنڊ ۾ پنهنجي فوجي سگهه جو توازن بهتر بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي. پنهنجي فوجي ۽ سفارتي سگهه جو وڏو حصو افغانستان ۾ سڌي جنگ ۽ ايران سان سرد جنگ ۾ خرچ ڪندڙ آمريڪا هوريان هوريان هن خطي ۾ چين کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ مختلف حڪمت عمليون ٺاهڻ ۽ انهن کي عمل هيٺ آڻڻ ۾ رڌل آهي. هن خطي جي سامونڊي نقشي کي غور سان ڏسڻ سان ٻه اهم سامونڊي لنگهه نظر اچن ٿا، اوڀر طرف ملاڪا جو لنگهه (Strait of Malacca) آهي، جنهن جي هڪ طرف سماترا جو ٻيٽ آهي ۽ ٻئي پاسي ملائيشيا ۽ سنگاپور آهن. اولهه طرف هر موز جو سامونڊي لنگهه (Strait of Hormuz) آهي، جيڪو عربي سمنڊ کي ايراني نار (Persian Gulf) سان ڳنڍي ٿو. انهن ٻنهي سامونڊي لنگهن جي وچ ۾ ڪراچي واقع آهي، ڪراچي البته هرموز جي لنگهه کي وڌيڪ ويجهو آهي.
هاڻي اچو ته انهن ٻنهي لنگهن جي اهميت کي سمجهون. ملاڪا جو لنگهه ڏاکڻي چيني سمنڊ کي عربي/هندي مکيه سمنڊ سان ڳنڍي ٿو. وڏن کنڊن وچ ۾ ٿيندڙ واپار جو 90 سيڪڙو سمنڊ وسيلي ٿئي ٿو ۽ تيل جي ٻه ڀاڱي ٽي حصو سپلاءِ سامونڊي رستي تان ٿئي ٿي. هڪ ڪاٿي موجب، سامونڊي رستي سان ٿيندڙ واپار جا 50 سيڪڙو جهاز ملاڪا جي لنگهه مان گذرن ٿا، جيڪي اڳتي هلي هندي سمنڊ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ هڪ ڪاٿي موجب، دنيا جا اڌ سامونڊي ٽينڪر هن سامونڊي خطي کي استعمال ڪن ٿا. ايراني نار کان وچ اوڀر ۽ پئسفڪ وچ ۾ سمند وسيلي پيٽروليم شين جو 70 سيڪڙو واپار هلي ٿو. جيئن جيئن ڀارت ۽ چين اقتصادي طاقت طور اڀري رهيا آهن، تيئن تيئن هن سامونڊي خطي مان پيٽروليم ۽ واپاري شين جي سامونڊي ٽرانسپورٽ ۾ واڌ اچي رهي آهي. هڪ ڪاٿي موجب، 2030ع تائين دنيا اندر توانائيءَ جو اڌو اڌ واهپو رڳو چين ۽ ڀارت ۾ ٿي رهيو هوندو. هن وقت آمريڪا کان پوءِ چين دنيا ۾ ٻيو نمبر وڏي معيشت آهي ۽ ان حساب سان ان جون توانائي گهرجون وڌي رهيون آهن، جڏهن ته توانائي ڊوڙ ۾ جاپان ٽيون ۽ ڀارت چوٿون نمبر ملڪ آهي. 90 سيڪڙو تيل تي توانائيءَ جو دارومدار رکندڙ ڀارت ۽ چين لاءِ اهم ترين سامونڊي لنگهه ملاڪا ۽ هرموز جا سامونڊي لنگهه آهن. 2025ع تائين ڀارت ان ڊوڙ ۾ جاپان کي پٺتي ڇڏي ٽيون نمبر ٿي ويندو. اهڙي طرح دنيا اندر توانائيءَ جا ٽي وڏا مرڪز هن سامونڊي خطي ۾ واقع هوندا. چين اٽڪل 30 سالن کان ساليانو ڏهه سيڪڙي جي لڳ ڀڳ معاشي واڌ حاصل ڪري رهيو آهي. 1995ع کان 2005ع جي وچ ۾ ان جي تيل جي کپت ٻيڻي ٿي آهي. سعودي عرب جي تيل جي پيداوار جو اڌ حصو چين ڏانهن برآمد ٿئي ٿو. مجموعي طور چين جي تيل جو 85 سيڪڙو گذر هرموز ۽ ملاڪا جي سامونڊي لنگهن مان ٿئي ٿو. هندي ۽ چيني سمنڊن کي ڳنڍيندڙ ملاڪا جي سامونڊي لنگهه کي ٻيون اهم علائقائي معاشي طاقتون ڪاروباري ٽرانسپورٽ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، انهن ۾ جاپان، ڪوريا، تائيوان، فلپائين، هانگ ڪانگ، سنگاپور، چين، ڪمبوڊيا، ويٽنام، ٿائلينڊ، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا شامل آهن. يعني ايشيائي ٽائيگر سڏائيندڙ آسيان (ASEAN) جون ڏکڻ اوڀر ايشيا جون اهم تجارتي طاقتون ان لنگهه تي تمام گهڻو دارومدار رکن ٿيون. اولهه طرف وري سريلنڪا، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ان لنگهه تي واقع آهن، جتي پڻ اهم ڪاروباري پورٽ يا ته موجود آهن يا ٺهي رهيا آهن.
ٻئي طرف سعودي عرب، ايران ۽ متحده عرب امارات جي تيل جو گذر هرموز جي سامونڊي لنگهه مان آهي. هيءُ خطو هن وقت تيل جي فراهميءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي ۽ دنيا جي تيل جو لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو هن لنگهه مان گذري ٿو. هرموز جي سامونڊي لنگهه مان 2011ع ۾ سراسري طور روزانو پوڻا ٻه ڪروڙ بيرل تيل ٽرانسپورٽ ٿيندو رهيو آهي. ان تيل جو 85 سيڪڙو ايشيائي ملڪن جاپان، انڊيا، ڏکڻ ڪوريا ۽ چين ڏانهن ويندو رهيو آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته هرموز جو لنگهه حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان تمام حساس آهي. هرموز جي لنگهه کان اٽڪل 240 ميلن جي مفاصلي تي گوادر جو پورٽ آهي. ياد رهي ته 250 ملين ڊالرن جي لاڳت واري گوادر پورٽ رٿا جو 80 سيڪڙو چين طرفان فراهم ڪيو ويو هو ۽ هينئر ان جو انتظام به چيني ڪمپنيءَ حوالي آهي. گوادر ۾ چين جي موجودگيءَ جو مطلب آهي عملي طور هرموز جي لنگهه مان گذرندڙ تيل جي ڪنٽينرز جي نگهباني ڪرڻ. ٿورو هيٺ اوڀر طرف سريلنڪا جي ساحلي شهر همبنتونا (Hambantota) وٽ ڪولمبو کان به بهتر ۽ جديد پورٽ تعمير ٿي رهيو آهي. ڪروڙين ڊالرن جي ان رٿا لاءِ موڙي چين جي چائنا امپورٽ، ايڪسپورٽ بئنڪ کان ورتي وئي آهي. بظاهر ڪاروباري نوعيت جي ان رٿا وسيلي چين ان خطي ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي وڌيڪ سگهارو بنائي سگهي ٿو. بنگلاديش جي سامونڊي شهر چٽاگانگ ۾ ڪنٽينرز لاءِ هڪ وڏي سهولت جي اڏاوت ۾ به چين شامل آهي. برما جيڪو باقي دنيا جي سخت تنقيد هيٺ رهيو آهي، اتي فوجي ڊڪٽيٽرن کي چين دل کولي امداد ڏيندو رهيو آهي ته جيئن ان سامونڊي خطي ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري سگهي. برما ۾ روڊن ۽ پائيپ لائين منصوبن کان علاوه سامونڊي اڏا ٺاهڻ لاءِ پڻ چين مالي سهائتا ڪندو رهيو آهي. چين ان سڄي سامونڊي خطي ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ واري پرامن ترقيءَ واري پاليسي کي String of Pearls (موتين مالها) جو عنوان ڏنو آهي. موتين جي اها مالها دراصل سياسي ۽ معاشي طاقت کي پکيڙڻ جي پاليسي آهي. آفريڪا اندر پڻ چين پنهنجي معاشي پکيڙ خاطر تمام وڏا تجارتي معاهدا ڪيا آهن. 2004ع ۾ آفريڪا اندر چين 900 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ان کان اڳ 2000ع ۾ چين، آفريڪا کي 1.2 ارب ڊالرن جو قرض معاف ڪيو ۽ 2003ع ۾ وڌيڪ 750 ملين ڊالرن جو قرض معاف ڪيائين. 2006ع ۾ چين طرفان ان خطي ۾ 60 ارب ڊالرن جا واپاري ٺاهه ڪيا ويا. 2007ع تائين چين ان علائقي ۾ 100 ارب ڊالرن جي سڌي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. نتيجي ۾ چين اڄڪلهه تيل جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو آفريڪي ملڪن مان درآمد ڪري رهيو آهي. سوڊان، گني، ڪانگو، نائجيريا ۽ انگولا چين لاءِ تيل جا تمام مکيه ذريعا آهن. تيل جي ان لنگهه لاءِ به هندي سمنڊ ۽ اڳتي هلي ملاڪا جو لنگهه استعمال ٿئي ٿو.
هاڻي عربي/هندي سمنڊ جي ان سڄي نقشي ۾ ڪراچيءَ جي بيهڪ کي غور سان ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ۽ چين ان خطي ۾ هڪ شديد سرد جنگ ۾ رڌل آهن. افغانستان جي ويڙهه جو نبيرو ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا ان جنگ لاءِ وڌيڪ وقت ۽ وسيلا ڪڍي سگهندو. هرموز جي لنگهه وٽ ايران سان آمريڪا جو تڪرار ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فلپائين ۽ تائيوان جي چين سان ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا سڌي سنئين ڌر بڻيل آهي. ڏکڻ ايشيائي عربي /هندي سمنڊ ۾ هندستان، پاڪستان، ايران ۽ متحده عرب امارات مان آمريڪا جي بهتر سياسي ۽ فوجي پهچ پاڪستان ۽ عرب امارات سان آهي پر بهرحال پاڪستان جي سياسي اهميت تمام مختلف آهي. تنهن ڪري هن خطي ۾ چين جو ساسي، معاشي ۽ فوجي اثر روڪڻ لاءِ پاڪستان، آمريڪا لاءِ سرد جنگ جي هن نئين دور ۾ نهايت اهم آهي. اها ئي سياسي بار گيننگ آهي جو آمريڪا ڪانگريس جي خاص ڪاميٽيءَ واري گڏجاڻيءَ ۾ بلوچستان بابت بحث دوران بلوچ نمائندن آمريڪا کي خاطري ڏني ته جيڪڏهن سندن آجپي ۾ مدد ڪئي وڃي ته هو گوادر پورٽ جو انتظام آمريڪا حوالي ڪرڻ ۽ پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين رٿا ختم ڪرڻ ۾ آمريڪا جي واهر ڪندا. چين جي اثر هيٺ آيل گوادر پورٽ کي ڇڏائڻ لاءِ آمريڪا کي اها آڇ ظاهري طور موهيندڙ لڳندي. جيڪڏهن ان کان ڪجهه سؤ ميلن جي مفاصلي تي ڪراچي پورٽ به اهڙي ئي ڪنهن وفادار طاقت جي هٿ ۾ هجي ته پوءِ آمريڪا کي ٻيو ڇا کپي. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ اندر ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي ٻئي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي دعويداريءَ تي رتوڇاڻ ۾ رڌل رهيون آهن. ٻئي ڌريون آمريڪا کي اهو تاثر ڏيڻ چاهين ٿيون ته ڪراچيءَ ۾ اصل طاقت جي مالڪي انهن وٽ آهي. جيستائين اي اين پي ڪراچيءَ اندر سياسي مالڪيءَ جي دعويداري نه پئي ڪئي، ايم ڪيو ايم کي پٺاڻن سان ايڏا شديد مسئلا نه هئا. هاڻي ڪراچي الڳ صوبو بڻائي ان کي ساحلي پٽي ۽ ٿر تائين پکيڙڻ جي ڳالهه ڪري هڪ ڌر آمريڪا کي اهو نياپو ڏيڻ گهري ٿي ته اسان کي هي شهر ۽ ساحلي پٽي ملي وڃي ته عربي سمنڊ ۾ هڪ وڌيڪ وفاداري طاقت توهان جي واهر لاءِ حاضر هوندي. گوادر ۽ ڪراچي جهڙا اهم پورٽ سٽي جيڪڏهن آمريڪي وفادار طاقتن وٽ هجن ته ڏکڻ ايشيا ۾ چين جي فوجي پکيڙ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ آمريڪا کي هڪ مضبوط سهولت موجود هوندي. هتان ويهي ايران کي به اکين ڏيکاري سگهبيون ته چين کي به داٻي ۾ رکي سگهبو. ان تصوراتي خاڪي اندر ڪراچي سميت سڄي ساحلي پٽيءَ جي الڳ ڪرڻ واري مامري کي سمجهي سگهجي ٿو. پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ تي مڪمل ڀروسو نه هجڻ سبب آمريڪا لاءِ سامونڊي شهر ڪنهن وفادار طاقت وٽ هجڻ سياسي ۽ عسڪري لحاظ کان نهايت اهم آهي. جيئن جيئن پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان آمريڪا جا ناتا خراب ٿي رهيا آهن، بلوچستان جي آجپي جي تحريڪ به نوان رخ اختيار ڪري رهي آهي ته سنڌ اندر الڳ صوبي جو ڊرامو به زور وٺي رهيو آهي. صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ڪنهن موڙ تي اهڙو فيصلو ڪيو ته پوءِ اهو رڳو الڳ صوبو نه پر الڳ ساحلي رياست جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. ڏکڻ ايشيا جي عربي/ هندي سمنڊ ۾ عالمي طاقتن جي ان نئين سرد جنگ ۾ ڪراچي هڪ اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اوچتو ئي اوچتو ڪراچيءَ جي محروميءَ جو بي بنياد راڳ شروع ڪيو ويو آهي. اهو سمورو درامو ان وڏي رٿابنديءَ ۾ حصو پتي وٺڻ جي ڪوشش جو حصوآهي. عملي طور اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن هوندو، ان سان سؤ سوال سلهاڙيل آهن پر اهو سڀ ڪجهه رڳو ڪجهه غير معروف ماڻهن جي دماغ جو فتنو ناهي، ان مطالبي واري ڊرامي پٺيان تام گهرا مفاد سلهاڙيل آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ وائکا ٿيندا. ياد رکڻ گهرجي ته عالمي طاقتن جا ناتا ۽ فيصلا اصولن يا قدرن آڌار نه پر مفادن آڌار ٿيندا آهن. ڪراچي مفادن جي ان راند ۾ هڪ اهم ميدان بڻجي سگهي ٿو.
هن وقت پاڪستان هڪ خطرناڪ اندروني ڏڦيڙ جو شڪار آهي. سول- ملٽري ناتا هميشه جيان ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. مٿان وري مذهبي انتهاپسندي ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي. وچ اوڀر ۾ مضبوط ٿيندڙ انتهاپسند طاقتن لاءِ پاڪستان هڪ اهم مورچو آهي ۽ ڪنهن مرحلي تي اهي ملڪ اندر پنهنجي حامين وسيلي ڏڦيڙ پيدا ڪري سگهن ٿيون.جيڪڏهن ملڪ اندر ڪا انارڪيءَ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان جو شڪار ٿيندي. ان اندازي لاءِ مون کي هيٺيان ڪارڻ نظر اچن ٿا.
 سنڌ گهڻ لساني صوبو هجڻ سبب اتي جي مقامي آباديءَ مٿان ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ جي تلوار ٽنگيل آهي. آباديءَ جي عدم توازن سبب سنڌين لاءِ خاص ڪري ڪراچي شهر جي مالڪي ڏکي ٿي وئي آهي. البته گذريل ڪجهه سالن اندر ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙن کان سواءِ پختون ۽ بلوچ ڌرين جي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ان شهر مٿان ڪنهن اڪيلي ڌر جي قبضي وارو خواب ساڀيان ٿيندي نظر نه ٿو اچي.
 هن خطي جو حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان اهم ترين پورٽ سٽي هجڻ سبب ڪراچي هر ڌر لاءِ جيئڻ مرڻ جو معاملو آهي. شهر ۾ اڳي ئي گهرو ويڙهه جهڙيون حالتون آهن ۽ ڪنهن انارڪيءَ جي حالت ۾ اهو شهر مختلف هٿياربند گروهن هٿان ڀـيانڪ رتوڇاڻ جي ور چڙهي سگهي ٿو. لساني نه پر هاڻي ته انتهاپسند مذهبي ڌرين به ان شهر ۾ ڀائيواري ڪري ورتي آهي. اها صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. سنڌ ۾ ڪا به اهڙي قدآور سياسي شخصيت ناهي جيڪا سمورين لساني ڌرين کي ساڻ کڻي گڏيل مفادن لاءِ ميدان هموار ڪري سگهي. ڪنهن به انارڪيءَ جي صورتحال ۾ ڪراچي جي مالڪي/ وڏي ويڙهاند جو بنياد بڻجندي. جيتوڻيڪ ڪراچي شهر اندر سنڌي ڪا سگهاري ڌر شايد نه هجن پر صوبي جي مجموعي بيهڪ اندر سنڌين کي ٻاهر رکي، ڪراچيءَ بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ ممڪن نه هوندو. عالمي طاقتون هن خطي اندر ڪراچيءَ ۽ مجموعي طور ڏاکڻي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي پنهنجي وفادار طاقتن جو قبضو ڏسڻ چاهينديون، ان ڊوڙ ۾آمريڪا ۽ سندس اولهه وارا اتحادي هڪ پاسي ۽ چين ٻئي پاسي ڌر هوندا.
سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انارڪي پيدا ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان گهڻي نڌڻڪائي سنڌين جي ڀاڱي ۾ ايندي، ان جو اهم ڪارڻ سنڌين جي ڪمزور نمائندگي آهي. سنڌي وڏيرا جنهن به پارٽيءَ ۾ هجن، هميشه سگهارين ڌرين جو پاسو وٺندا ۽ عام سنڌين جي مفادن جي کين ڪا ڳڻتي نه هوندي سنڌي وچولو طبقو پيپلز پارٽيءَ جي مهربانين سان حددرجي جو ڪرپٽ ٿي چڪو آهي ۽ ان مان سنڌ جي مفادن جي نگهبانيءَ جي اميد اجائي آهي. نئينءَ مان وڏيرا ٿيل وچولي طبقي جا ڪرپٽ همراهه موقعي پرستيءَ ۾ وڏيرن کي به مات ڏئي ڇڏيندا. سنڌ ۾ قومي وجود ۽ بنيادي مفادن جي حوالي سان هميشه متحرڪ ڪري ڪارائتو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن پر جنهن شديد انتهائي خطرناڪ صورتحال ۽ ملڪي سطح جي انارڪيءَ جو انديشو آهي ان کي منهن ڏيڻ واري گهربل سگهه قومپرست ڌرين ۾ في الحال نظر نه ٿي اچي. انارڪيءَ جي قوتن جي هر محاذ تي مزاحمت ڪرڻ، بين الاقوامي فورمن ۽ عالمي طاقتن سان ميز تي پنهنجي شرطن تي ڳالهائڻ ۽ بکين بگهڙن اڳيان سنڌ جي وحدت کي سلامت رکڻ ڪو چرچو نه هوندو. ان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ جنهن قسم جي سگهاري منظم تنظيم گهرجي، ان جي کوٽ چٽيءَ طرح موجود آهي. ها البته قومپرستن ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته جيڪڏهن اهي پنهنجا رويا تبديل ڪن ۽ قومي سياست کي گهربل سطح جي سنجيدگيءَ سان قيادت فراهم ڪن ته اهي بحراني صورتحال ۾ سنڌين جي نمائندگي ڪري سگهن ٿا. ياد رهي ته هتي ڪنهن عام رواجي روز مره جي مسئلن جو نه پر عراق جهڙي ڳنڀير بحران واري صورتحال کي سامهون رکي سوچڻو پوندو. اهو چئلينج اسان جي سوچ کان هزار ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ هوندو. اهڙي صورتحال کي رڳو اخباري بيانن، ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ مظاهرن ۽ پريس ڪلبن اڳيان بک هڙتالن سان منهن نه ڏئي سگهبو. ان قسم جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام وڏي سطح جي سياسي سگهه ۽ سنجيده روين جي ضرورت آهي، ڊيموگرافيءَ جي تبديلي ۽ مذهبي انتهاپسندي به موتمار چئلينج آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي گهرجي.
ڪنهن به انتهائي صورتحال ۾ سنڌين لاءِ سڀ کان اهم مسئلو اثرائتي نمائندگيءَ جو هوندو، سنڌ کي هڪ اهڙي منظم، محب وطن سياسي نمائندگيءَ جي ضرورت آهي جيڪا جديد دور جي چئلينجن جي ڳنڀيرتا کي سمجهندي هجي. هن وقت سنڌ ۾ ان سطح جي ڪا نمائنده ڌر نظر نه ٿي اچي ۽ اها ئي سنڌ واسين لاءِ سڀ کان وڏي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.
البته هڪ اميد سنڌ جي ان اجتماعي سياسي ۽ مزاحمتي شعور مان آهي جيڪو هميشه مصيبت جي وقت سيهي جي ڀت بڻجي پوندو آهي. سياسي قيادت جي ڪمزوريءَ جو خال رڳو اجتماعي عوامي قومي شعور ڀري سگهي ٿو. اهو اجتماعي شعور اهڙي انتهائي صورتحال ۾ ڪهڙي شڪل اختيار ڪندو، ان بابت اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي پر مايوسيءَ جي اٿاهه انڌيرن ۾ اميد جو ڪرڻو وري به سنڌ جو اجتماعي سياسي شعور آهي.
ان سموري پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ ۾ ڊيموگرافيءَ جي ردوبدل سنڌين مٿان ڪنهن تلوار جيان لٽڪيل آهي. آباديءَ جو توازن جيڪڏهن سنڌين جي حق ۾ نه رهيو ته پوءِ سنڌي به فلسطينين وانگر پنهنجي ڌرتيءَ تي مڪمل طور غلام بڻجي ويندا. ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اهو معاملو هاڻي مذمتن ۽ مطالبن کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. سنڌين کي ڌاري آبادڪاري روڪڻ لاءِ هڪ منظم سياسي حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ وقت هٿن مان نڪري ويندو.