هندن جي لڏپلاڻ
13 سيپٽمبر 1947ع تي سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ايوب کهڙي سنڌ مان جٿن جي شڪل ۾ لڏيندڙ هندن تي سخت تنقيد ڪندي چتاءُ ڏنو ته اهڙو قانون ٺاهيو پيو وڃي، جنهن هيٺ سنڌ مان لڏيندڙن کي سواءِ پهرين ڪپڙن ۽ ڪجهه ذاتي شين جي ڪجهه به ساڻ کڻڻ جي اجازت نه هوندي. 1948ع تائين سنڌ ۾ لڏپلاڻ جي باوجود ڪي به مذهبي وڳوڙ نه ٿيا هئا. جنوري 1948ع ۾ پهريون ڀيرو هندستان مان لڏي آيل پناهگيرن سکن ۽ هندن تي حملا ڪيا. انهن وڳوڙن ۾ 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي ويا ۽ سينٽرل ڪراچيءَ ۾ هندن جي گهرن ۽ دڪانن کي ساڙيو ويو. پوليس حالتن تي ضابطو نه آڻي سگهي، جنهن کان پوءِ فوج جي مدد ورتي وئي ۽ ڏهن ڏينهن لاءِ ڪرفيو لڳايو ويو. انهن حالتن ۾ ڪراچيءَ مان هندن جي لڏپلاڻ ۾ تيزي اچي وئي. ٻن هفتن اندر 21 هزار ماڻهو هندستان لڏي ويا ۽ مهيني جي پڄاڻيءَ تائين 40 هزار وڌيڪ ماڻهو لڏي چڪا هئا. سنڌ حڪومت هندن جي لڏپلاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر حالتون سندن وس کان نڪري چڪيون هيون اتر سنڌ ۾ انتظاميا کي ڳجهيون هدايتون جاري ڪيون ويون ته ضلعي مئجسٽريٽ جي اجازت نامي کان سواءِ هندن کي سنڌ مان نڪرڻ نه ڏنو وڃي. هندن کي روڪڻ لاءِ ٻيو به شرط لاڳو ڪيو ويو ته کين سنڌ ڇڏڻ وقت انڪم ٽيڪس اختيارين پاران سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو پوندو ته مٿن ڪي به سرڪاري رهتون ناهن. ايوب کهڙي هندن کي روڪڻ لاءِ حيلا هلايا پر مارچ تائين چٽو ٿي ويو هو ته وڏي پيماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ ممڪن ناهي. هر هفتي ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ پنج سامونڊي جهاز هلي رهيا هئا، جن جي مجموعي گنجائش 11 هزار مسافرن جي هئي. چار هزار وڌيڪ ماڻهو ڪاٺياواڙ جي رستي تان لڏي ويا. هندستان سرڪار به هندن کي سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص رستي ٽرينون هلايون ۽ پنهنجي سرحد جي پاسي عارضي ڪيمپون به قائم ڪيون.