نئين آدم ڳڻپ ۾ رنڊڪون
ورڇ جوڳي ناڻي جو 82 سيڪڙو آدمشماريءَ آڌار ورهايو ويندو آهي. آدمشماريءَ جا تازا انگ اکر نه هجڻ سبب وسيلن جي ورهاست 16 سال پراڻي 1998ع واري آدم ڳڻپ مطابق ڪئي پئي وڃي، ان عرصي دوران صوبن اندر آباديءَ جي وڏي پيماني تي چرپر ٿي آهي، جنهن کي وسيلن جي ورهاست ۾ شامل نه ٿو ڪيو وڃي. مثال طور خيبرپختونخواهه صوبي اندر لڳاتار حالتون خراب هجڻ سبب وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي آهي ۽ ان جو هڪ وڏو حصو سنڌ پهتو آهي. ان واڌو آباديءَ جو سنڌ جي وسيلن تي بار پئجي رهيو آهي پر سنڌ کي ورڇ جوڳي ناڻي مان ڪو به واڌو حصو نه ٿو ملي.
قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندگي جو به آباديءَ سان ڳانڍاپو هوندو آهي. آباديءَ جا صحيح انگ اکر نه هجڻ سبب اسيملبين جون سيٽون به ان حساب سان نه ٿيون مقرر ٿين.
مڪاني ادارن لاءِ تڪ بنديون آباديءَ جا صحيح انگ اکر نه هجڻ سبب نه پيون ٿي سگهن ۽ ان ڪري مڪاني ادارن جون چونڊون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن.
ترقياتي رٿابنديءَ جو سمورو عمل درحقيقت آدمشماريءَ جي آڌار تي ٿيندو آهي. بدقسمتيءَ سان ڪافي سالن کان ترقياتي رٿائون ڪنهن رٿابنديءَ آڌار عمل هيٺ نه ٿيون آنديون وڃن، تنهن هوندي به آباديءَ جي صحيح ڄاڻ سان ترقياتي رٿابنديءَ بابت عقلي بنيادن تي بحث مباحثو ڪري صوبن اندر ترقياتي رٿائن بابت عوامي راءِ جوڙي سگهجي ٿي.
ماضيءَ جي آدمشماريءَ جي انگن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته درحقيقت ملڪي آباديءَ ۾ پنجاب جو سيڪڙو هر ڀيري اڳي کان گهٽجندو آهي. ان جي ابتڙ سنڌ جو ملڪي آباديءَ ۾ حصو هر ڀيري اڳي کان وڌندو آهي. ماضيءَ جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن جو اهو وچور جدول نمبر 1 ۾ ڏنل آهي.
جدول نمبر: 1 آدمشماري ۾ سنڌ ۽ پنجاب جو حصو (سيڪڙي ۾)
[IMG]http://i63.tinypic.com/246jkmr.png[/IMG]
آبادي ۾ تبديلي جي ان روش کي هيٺين حقيقتن جي روشني ۾ سمجهي سگهجي ٿو:
پنجاب ۾ ويجهن ڏهاڪن اندر وچولو سرمائيدار ۽ ڪاروباري طبقو تيزيءَ سان اسريو آهي. ان طبقي اندر ٻاهرين علائقن ۾ وڃي ڪاروبار ڪرڻ سندن معاشي سرگرمين جو لازمي حصو آهي، تنهن ڪري پنجاب مان ٻاهر وڃڻ جو رواج وڌيڪ آهي. رياستي ڍانچي جي سرپرستي ۽ واهر سبب پنجاب جي رهواسين کي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ روزگار، زمينداري، نوڪرين وغيره ۾ وڌيڪ موقعا حاصل ٿيا، جنهن ڪري صوبي جي آبادي ٻين صوبن ڏانهن توڙي پرڏيهه ويندي رهي ٿي.
اسرندڙ سرمائيداريت ۽ واپار ڪندڙ وچولي طبقي پنجاب اندر تعليم کي پڻ عام ڪيو آهي، جنهن ڪري عورتن ۾ به تعليم ۽ ملازمتون ڪرڻ جو رواج وڌيڪ آهي. ان ڪارڻ عام طور تي ڪٽنب کي ننڍو رکڻ جو رويو وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي. اهو ساڳيو رويو سنڌ جي شهرن ۾ به نظر اچي ٿو ۽ نوڪرين ۾ رڌل وچولي طبقي ۽ خاص طور عورتن ۾ آباديءَ جي فطري واڌ پڻ گهٽ آهي.
پنجاب ۾ آباديءَ جي گهاٽائي (Population Density ) يعني في چورس ڪلو ميٽر ايراضيءَ ۾ رهندڙ آبادي باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ جي انگن موجب پنجاب جي في چورس ڪلو ميٽر تي 359 انسان آباد هئا. جڏهن ته سنڌ ۾ اهو انگ 216، پختونخواهه ۾ 238 ۽ بلوچستان ۾ رڳو 19 هو. آباديءَ جو اهو دٻاءُ وسيلن تي به دٻاءُ وجهي ٿو. ان صورتحال ۾ ماڻهن ۾ ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ جو رويو وڌيڪ هوندو آهي، ان صورتحال سبب پنجاب مان آبادي ٻين صوبن خاص طور سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪندي رهي آهي، نتيجي ۾ هر ڀيري پنجاب جي آباديءَ جو سيڪڙو گهٽبو رهي ٿو.
سنڌ، زرخير زرعي زمينن ۽ ڪراچي ۾ روزگار جي انيڪ وسيلن سبب انساني آبادي کي ڇڪيندي رهي ٿي. ان سبب سنڌ اندر آباديءَ ۾ غير فطري واڌ جي رفتار پڻ وڌيڪ رهي ٿي.
سنڌ جي آباديءَ جي گهڻائي ٻهراڙين ۾ رهي ٿي، هڪ تعليم جي اڻاٺ، ڄم روڪ جي سهولتن جي اڻهوند ۽ هڪ ٻه ڏهاڪا اڳ تائين زرعي معيشت جي سگهاري هجڻ سبب عام طور تي ڪٽنبن ۾ گهڻا ڀاتي هجڻ جي روايت سنڌ ۾ وڌيڪ سگهاري رهي آهي. پنجاب ۾ في عورت ٻارن جي شرح 3.8 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 3.9 سيڪڙو آهي. ساڳي ريت سنڌ اندر عورتن ۾ ڄم روڪ جي جديد طريقن جو استعمال 25 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 29 سيڪڙو آهي. اهي انگ ثابت ڪن ٿا ته سنڌ ۾ ڄم ۽ آباديءَ جي فطري واڌ جي شرح وڌيڪ آهي. ان سبب سنڌ ۾ آباديءَ جي واڌ جي شرح پنجاب کان وڌيڪ آهي.
2011ع ۾ آدم ڳڻپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر گهر- ڳڻپ جي نتيجن کي ڏسندي وس وارن آدم ڳڻپ وارو ٻيون مرحلو شروع ٿيڻ ئي نه ڏنو، گهر ڳڻپ جي انگن کي سرڪاري طور تي پڌرو نه ڪيو ويو پر روزاني دي نيوز 31 مارچ 2012ع تي اهي انگ غير سرڪاري طور پڌرا ڪيا. انهن انگن موجب پنجاب جي آبادي جو ملڪي آبادي ۾ حصو 1998ع جي 55.7 سيڪڙي کان گهٽجي 47.3 سيڪڙو ٿي ويو هو. جڏهن ته سنڌ جو حصو 1998ع جي 23 سيڪڙي مان وڌي 28.3 سيڪڙو ٿي ويو آهي. پر اها ڳالهه واضح آهي ته:
ملڪي آباديءَ ۾ حصو گهٽجڻ پنجاب کي سياسي طور بنهه قبول نه آهي.