ورهاڱي جا سنڌ جي آباديءَ تي اثر
آباديءَ جي ٻه-طرفي لڏپلاڻ ۾ سنڌ مان 943،000 ماڻهن هندستان هجرت ڪئي، جڏهن ته هندستان مان 1,167,000 ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا. 1941ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ 23 هزار هئا، جن ۾ 1380 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ انهن جو انگ وڌي 479,000ٿي ويو.
1941ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ ۾ 11.85 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهندڙ هئي. جڏهن ته ڏهه سال پوءِ 1951ع ۾ ٿيل آدم ڳڻپ موجب شهري آباديءَ جو حصو وڌي 29.2 سيڪڙو ٿي ويو هو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ ۾ 150 سيڪڙو واڌ آئي. پاڪستان ڏانهن لڏيندڙن جي 80 سيڪڙو آبادي ڀارتي پنجاب مان آئي، جنهن جو هڪ وڏو حصو پنجاب جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ٿقافتي طور سمائجي ويو. ان جي ابتڙ سنڌ ڏانهن ايندڙ آباديءَ جو سنڌ سان ڪو به ثقافتي ميلاپ نه هو. پاڻي ۽ تيل جي ميلاپ جيان اهي هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ رهيا. پنجاب جيئن ته هڪ خطو هو، تنهن ڪري ان جي ورهاڱي سبب آباديءَ جي ٻنهي طرف لڏپلاڻ فطري هئي، ان جي ابتڙ سنڌ ڏانهن آباديءَ جي ايڏي وڏي يلغار جو ڪو به اصولي جواز نه هو. هندستان مان ايڏي وڏي انگ ۾ آيل پناهگيرن سنڌ جي مکيه شهر ڪراچيءَ جو ثقافتي مهانڊو ئي بدلائي ڇڏيو.
ٻاهرين آباديءَ سنڌ جي ثقافتي قدرن کي پڻ زبردست ڌڪ رسايو. صدين کان مسلمان ۽ هندو گڏ رهڻ سبب ٻين انيڪ مسئلن جي باوجود مذهبي ڪٽرپڻو ڪڏهن به وچ تي نه آيو هو. ساڳي طرح ڪڏهن به شيعا- سني تفرقو وچ ۾ نه آيو هو. حيدرآباد ۾ 1950ع ۾ پهريون ڀيرو محرم دوران پناهگيرن جي انتهاپسند ٽولن شيعا-سني وڳوڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳي طرح مئي 1952ع ۾ ڪراچيءَ ۾ احمدين کي نشانو بڻايو ويو. احمدي عقيدي واري پرڏيهي وزير ظفر الله خان جي هلندڙ هڪ گڏجاڻيءَ تي وڳوڙين حملو ڪيو ۽ سينٽرل ڪراچيءَ ۾ احمدين جي ملڪيتن کي باهيون ڏنيون. ڪراچيءَ جي مولوين مطالبو ڪيو ته احمدين کي الڳ اقليت قرار ڏنو وڃي. ڪراچيءَ جون اخبارون ۽ پناهگير قيادت هر ٿوري گهڻي ڳالهه تي سنڌي قوم ۽ ان جي ثقافت کي هندن جي باقيات قرار ڏيندي دير نه ڪنديون هيون.