هندستان مان آباديءَ جي آيل ٻوڏ
ان دوران ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون تياريون ٿيڻ لڳيون. سنڌ اسيمبليءَ 10 فيبروريءَ تي اهڙي ممڪنه فيصلي تي پنهنجي خدشن جو ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو. اسيمبلي مميبرن اهڙن فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي. جناح ان مخالفت جي باوجود 22 هين مئي تي آئين ساز اسيمبليءَ کان فيصلو ڪرائي ڪراچيءَ کي ملڪ جي گاديءَ جو شهر بڻايو ويو ۽ اهو وفاق جي حوالي ٿي ويو. ان فيصلي کان پوءِ ڌاري آبادڪاريءَ بابت انتظامي معاملن تان سنڌ حڪومت جو شهر تان اختيار ختم ٿي ويو. ميونسپل ايڊوائزري ڪميٽيءَ اردوءَ کي شهر جي سرڪاري ٻولي بڻائي ڇڏيو.
جون مهيني جي شروعات ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ واري فيصلي خلاف سخت ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو. ان کان اڳ 27 اپريل تي جناح پاران کهڙي کي ڊسمس ڪري سندس حڪومت کي ختم ڪيو ويو هو. ان عرصي ۾ هندستان مان پناهگيرن جي آمد جاري رهي. پاڪستان- سنڌ جوائنٽ ريفيوجيز ڪائونسل پاران جولاءِ 1948ع ۾ جاري ڪيل انگن اکرن موجب صوبي اندر 7 لک پناهگير داخل ٿي چڪا هئا. انهن مان ٽي ڀاڱي چار حصو ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. درحقيقت کهڙي جي حڪومت ختم ڪرڻ پٺيان اصل ڪارڻ پناهگيرن جي وڌيڪ آمد جي هن پاران مخالفت هئي. جنوري 1948ع تائين پنجاب ۾ اڃا به 9 لک پناهگير ڪيمپن ۾ هئا، جن مان اڍائي لک کن کلئي آسمان هيٺ ويٺل هئا. مرڪزي حڪومت انهن مان هڪ لک پناهگيرن کي سنڌ منتقل ڪرڻ ٿي گهريو. کهڙو ان فيصلي جي خلاف هو. سندس چوڻ هو ته سنڌ مان جيترن هندن لڏيو آهي، ان کان ٻيڻا ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿياآهن. سنڌ ۾ وڌيڪ پناهگيرن کي سنڀالڻ جيترا وسيلا ناهن. ڪراچيءَ جي ميڊيا ۽ پناهگير قيادت کهڙي خلاف باهه ٻاري ڏني. پناهگيرن جي آبادڪاريءَ واري وزير غضنفر علي خان چيو ته سنڌ حڪومت صوبائيت پکيڙي رهي آهي ۽ صوبائيت جو اهو وائرس اسلامي تعليمات ۽ پاڪستان جي اصولن جي ابتڙ آهي. ايوب کهڙي جي ان موقف سبب آخرڪار کيس هٽائي پير الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير ڪيو ويو. مرڪزي حڪومت ٻئي طرف پنجاب ۾ پناهگيرن جي دٻاءَ کي روڪڻ لاءِ 27 آگسٽ تي هنگامي حالتون لاڳو ڪري پناهگيرن کي سنڌ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان فيصلي موجب هڪ لک نه پر ٻه لک پناهگيرن کي سنڌ منتقل ڪيو ويو. انهن پناهگيرن کي 6 هزار ماڻهو روزاني جي حساب سان سنڌ منتقل ڪيو ويو. آڪٽوبر 1948ع تائين پنجاب مان ڪيمپون صاف ٿي چڪيون هيون ۽ ٻه لک کان به وڌيڪ ماڻهو سنڌ منتقل ڪيا ويا هئا.
صوبي اندر هندو-مسلم آباديءَ جو توازن يڪدم بدلجي ويو. ورهاڱي کان پوءِ مسلمان آباديءَ ۾ 38 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته هندو آباديءَ ۾ 84 سيڪڙو لاٿ آئي. ان دوران ٻهراڙي ۽ شهري آباديءَ جي تفاوت ۾ به وڏو فرق آيو. 1901ع کان 1951ع وچ ۾ جتي سنڌ جي ٻهراڙين جي آباديءَ ۾ 40 سيڪڙو واڌ آئي اتي شهري آباديءَ ۾ 130 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ آئي.
سنڌ ۾ پناهگيرن کي آباد ڪرڻ لاءِ آگسٽ 1952ع ۾ حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ هڪ لک آباديءَ لاءِ ٽي سيٽلائيٽ ٽائون تعمير ڪرڻ لاءِ رقمون جاري ڪيون ويون. ان مد ۾ ڪراچي شهر لاءِ 3 ڪروڙ رپيا ۽ باقي سنڌ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا. سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پناهگيرن جي آبادڪاري ڪئي وئي. 1951ع ۾ سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ ڪيترا پناهگير آباد ٿي چڪا هئا. ان جو اندازو هيٺين جدول مان لڳائي سگهجي ٿو.
[IMG]http://i66.tinypic.com/29zqfr.png[/IMG]
هندستان مان سنڌ لڏي آيلن جي گهڻائي سنڌ جي شهري علائقن جو منهن ڪيو.1951ع جي آدم ڳڻپ موجب انهن جا تفصيل هيٺين جدول ۾ ڏجن ٿا.
[IMG]http://i66.tinypic.com/2uqgfo0.png[/IMG]
ايڏي وڏي پيماني تي هندستان مان آيل آباديءَ سنڌ جي ثقافتي جوڙجڪ ۾ خطرناڪ اٿل پٿل آندي.
1951ع جي آدم ڳڻپ ۾ لڏپلاڻ جا ڪافي انگ اکر سامهون آيا. آدم ڳڻپ جي انگن موجب 72 لک ماڻهو هندستان مان پاڪستان آيا. انهن مان 74 سيڪڙو ماڻهو پنجاب صوبي ۾ پهتا. پنجاب پهتل آباديءَ جو 97.5 سيڪڙو اوڀر پنجاب مان آيل هو، تنهن ڪري اتي ڪو به ثقافتي ٽڪراءُ پيدا نه ٿيو. پناهگيرن جو 18 سيڪڙو سنڌ ۾ آباد ٿيو جيڪو سنڌ جي مجموعي آباديءَ جي حساب سان وڏو بار هيو، سنڌ آيل پناهگيرن جو ٽي ڀاڱي چار حصو هندستان جي پنجاب، يونائيٽيڊ پروانسز ۽ راجپوتانا سان تعلق رکندڙ هو. سنڌ ۾ ان سان شهري علائقن جي اندر اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي شرح ۾ يڪرام واڌ آئي.
1951ع ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن جو آباديءَ ۾ سيڪڙو هن ريت هو.
[IMG]http://i67.tinypic.com/2ekosbl.png[/IMG]
پناهگيرن جي آمد جو اهو سلسلو ورهاڱي کان پوءِ به ڪيترن ئي سالن تائين هلندو رهيو. 1951ع ۾ ٿيل آدم-ڳڻپ موجب ڪراچي شهر ۾ 616،906 پناهگير آباد ٿي چڪا هئا. مجموعي طور تي شهر ۾ پناهگير، آباديءَ جو 55 سيڪڙو هئا. 1950ع واري ڏهاڪي جي پهرين اڌ دوران هندستان اندر هندو- مسلم وڳوڙن سبب وڌيڪ آبادي سنڌ منتقل ٿي. اتر پرديش جي علائقن علي ڳڙهه، ڪانپور وغيره مان ڪيترائي پناهگير جوڌپور رستي کوکروپار اسٽيشن تي پهچندا رهيا. پناهگيرن کي سنڌ آڻڻ لاءِ خصوصي ٽرينون هلايون ويون ۽ پٿوري ۾ هڪ نئين ڪميپ به قائم ڪئي وئي. مئي 1950ع تائين لڳ ڀڳ ٻه لک 30 هزار پناهگير سرحد ٽپي اچي چڪا هئا. اپريل مهيني دوران روزانو ٽي کان چار هزار پناهگير سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا هئا. آخرڪار 27 مئي تي جڏهن 20 هزار پناهگير اڃا هندستان پاسي موجود هئا ته حڪومت وڌيڪ پناهگيرن جي سهائتا تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو. چيو وڃي ٿو ته آءِ جي پوليس ضرورت پوڻ تي فائر ڪرڻ جي به اجازت گهري ورتي هئي. 1952ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مذهبي وڳوڙ ٿيڻ سبب هندستان مان پناهگيرن جي آمد شروع ٿي وئي. مختلف هنڌن ۽ خاص طور تي کوکروپار کان پناهگير سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لڳا. سرڪاري انگن موجب رڳو جولاءِ مهيني 1952ع ۾ 6،683 ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا.
1954ع ۾ هڪ ڀيرو وري کوکروپار کان پناهگيرن جي يلغار شروع ٿي. 1953ع ۾ سراسري طور هر مهيني 3,036 ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيندا رهيا. جنوري کان مارچ جي مهيني ۾ اهو سراسري انگ وڌي 4،410 ٿي ويو. کوکروپار کان سنڌ ايندڙ پناهگيرن جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ڪراچي پهچي رهيو هو. اهڙي طرح 1954ع تائين ڪراچيءَ ۾ پناهگيرن جو انگ ساڍا ست لک ٿي چڪو هو. ياد رهي ته اپريل 1950ع ۾ نهرو ۽ لياقت علي خان وچ ۾ ٿيل ٺاهه کان پوءِ ٻنهي ملڪن پنهنجي مذهبي ٿورائين جي حقن کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، اصولي طور ان کان پوءِ وڌيڪ پناهگيرن جي سنڌ آمد جو ڪو به جواز نه هو پر ڌارين جي اها يلغار نه بيٺي. ان ڌاري آبادڪاريءَ کي سهولتون ڏيڻ لاءِ بجيٽن کانسواءِ خاص فنڊ به قائم ڪيا ويا. قائداعظم رليف فنڊ ۾ فيبروري 1948ع تائين 30 لک رپيا ڪٺا ٿي چڪا هئا. وڌيڪ وسيلا ڪٺا ڪرڻ لاءِ ريفيوجي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، جنهن هيٺ انڪم ٽيڪس، ڪسٽم ڊيوٽيز، ريلوي جي ڀاڙن وغيره مٿان سرچارج لاڳو ڪيو ويو. پناهگيرن کي پنجاب ۾ في خاندان 5 کان 8 ايڪڙ ۽ سنڌ ۾ 8 کان 12 ايڪڙ زمين به ڏني وئي. پناهگيرن کي هندستان ۾ ڇڏي آيل زمينن عيوض 250 کان 450 ايڪڙ زمين پڻ ڏني وئي. 1948ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان پاڪستان ريفيوجي ريهيبليٽيشن فنانس ڪارپوريشن قائم ڪري ان کي هڪ ڪروڙ رپين جو فنڊ ڏنو ويو. جناح گورنر جنرل طور ٻه آرڊيننس جاري ڪري پاڪستان ريهبليٽيشن ڪمشنر کي خصوصي اختيار ڏنا جنهن هيٺ ڪمشنر هندن جون ڇڏيل زمينون، عمارتون ڪاروبار وغيره پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي پناهگيرن کي الاٽ ڪري ٿي سگهيو.
مقامي آبادين ۽ پناهگيرن ۾ ڪيترائي ٽڪراءَ پڻ ٿيا. سکر ۾ هڪ گهر تي قبضي تان ٿيل ٽڪراءَ ۾ نوَ ڄڻا مارجي ويا ۽ 28 زخمي ٿيا. شڪارپور ۾ انب خريد ڪندي جهيڙي ۾ ست ڄڻا زخمي ٿيا. اپريل 1949ع ۾ هڪ واقعي ۾ 12 مارجي ويا ۽ 28 ڄڻا زخمي ٿيا. جيڪب آباد ۾ 1950ع ۾ ٿيل هڪ اهڙي ئي ٽڪراءَ ۾ هڪ هندو مارجي ويو ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿيا. ساڳي سال حيدرآباد ۾ پهريون ڀيرو محرم ۾ سني شيعا وڳوڙ ٿيو. حيدرآباد جو سڄو وايومنڊل بدلجي ويو هو. هڪ اندازي موجب هندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ حيدرآباد ۾ مس 20 هزار کن آبادي بچي هئي. پناهگيرن جي آمد سان 1950ع تائين اهو انگ وڌي ٽي لک ٿي چڪو هو.