شخصيتون ۽ خاڪا

افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

هن ڪتاب ۾ عالمي ڏاهن افلاطون، ارسطُو، سوفوڪليس، لونجائنس، فرانسس بيڪن، جان ڪِيٽس، چارلس ڊڪنز، گوئِٽَي، ٽالِسٽاءِ ۽ البرٽ ڪاميو جون ادبي ڪٿائون، قصا ۽ زندگيون تاريخي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيل آھي. ھي ڪتاب نوجوان ليکڪ رفيق کوسو لکيو آھي.
ڪتاب اندر جيڪي بي بھا جيون ڪٿائون، فلسفين ۽ اديبن جي پورهئي جي ٿوري گهڻي جهلڪ اسان جي دوست رفيق کوسو صاحب اسان کي پسائِي آهي اهو سندس ڪتابن سان عشق، ادب سان چاه ۽ عالماڻي ڊسڪورس جو هِڪ اهم ثبُوت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2908
  • 993
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رفيق کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

پنهنجي پاران

[b]ٻئين ڇاپَي جي باري ۾
[/b]
”افلاطُون کان البرٽ ڪاميو“ جو پهريون ڇاپو سيپٽمبر 2018ع تي ڪِتابي شڪل ۾ ڇپجي دوستن جي هٿن ۾ پڙهڻ لاءِ پهتو ۽ گهڻن دوستن پڙهي پَنهنجا رايا ڏِنا ته گهڻن دَوستن وَري ڪَي اِصلاح ڀريُون صَلاحُون به ڏنيون__تنهن باوجُود اڄ کان چار مَهينا اڳ ”افلاطون کان البرٽ ڪاميو“ جو پهريون ڇاپو مُڪمل طور هَلي ختم ٿي چُڪو هو__۽ جنهن کان پوءِ دوستن جي صلاحُن ۽ پنهنجي ننڊڙِي سوچ مُطابق هِن ڪتاب کي هِڪ دفعو وڌيڪ پڙهڻ لائق بڻائڻ لاءِ انهي کي بار بار پرُوف ڪرڻ لاءِ ڀيرا ڏنا ويا__۽ اُن سان گڏ هِن ٻئين ڇاپي اَندر ڪافي شين جو وڌاءُ به ڪيو ويو آهي؛ جيئن، فرانسِس بيڪن واري باب ۾ نئين جاڳرتا دور کي شامل ڪيو ويو آهي؛ چارلس ڊِڪنز واري باب ۾ وڪٽورين دور واري اَدب جي پَهلو کي شامل ڪرڻ سان گڏوگڏ گوئٽي واري باب ۾ اُن وقت اتي پيدا ٿيندڙ اَدبي رومانوي تحريڪ اِسٽرم اينڊ ڊرينگ کي به هِن ڪِتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي__جنهن سان هاڻي پاڻ ته ڪوشش ڪري اَدبي_پڙهندڙ دوستن لاء لکڻين جي توازن کي برقرار رکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪَئِي آهي ۽ هاڻي سڀ ڳالهيون پرهندڙ دوستن تي ڇڏجن ٿيون......!
ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جيسين ڪنھن پبلشر پاران ڇپجي، ان کان اڳ ھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي مشھور آنلائين سنڌي لائبرري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪجي ٿو، جنھن لاءِ سنڌ سلامت سٿ جا ٿورائتا آھيون.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

[b] رفيق کوسو
[/b]rafeequekhoso@yahoo.com
خيرپُور ناٿن شاھ، ضِلعو دادُو
سِنڌ___ سيپٽمبر 08، 2019ع


[b]پنهنجي پاران (پھرين ڇاپي لاءِ)
[/b]
انگريزي ادب جو شاگرد هئڻ ڪري هڪ ڏينهن ذهن ۾ خيال آيو ته “ڇو نه انگريزي ادب تي هڪڙو ڪتاب لکجي” جنهن ۾ انگريزي ادب ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ ان کان علاوه ٻين پڙهندڙن جي علم ۾ شايد واڌارو اچي وڃي.
ٿيو به ايئن ئي ته 2015ع جي آخر ۾ هن ڪتاب کي لکڻ شروع ڪيوسين تان جو خبر تڏهن پئي ته 2017 جي شروع ۾ جڏهن لکڻ جو ڪم مڪمل ٿِي ويو_ پَر اُن باوجود هِن ڪتاب جي آخري باب “البرٽ ڪاميو ۽ پهرئين مهاڀاري جنگ” جي قِصي کي آخر تائين وري وري لکيو ويو جيئن لِکَت جو توازن برقرار رهي سگهي . اُن کان عِلاوه ڪتاب لکڻ لاءِ انگريزي ادب تي ريسرچ ڪرڻ وقت ڪافي ڳالهين جي دِقت پيش آئي پر ڪم سنڀالي نبيريوسين. اهو انهي لاءِ ته انگريزي ادب جي حوالي سان سنڌي ٻولي ۾ ڪم تمام گهٽ ٿيل آهي ۽ ٻيو ته انگريزي ادب جي حوالي سان اسان وٽ هتي مواد به گهٽ پيو ملي_ جنهن کانپوءِ ڪافي شين کي سنڀالي آخر ڪار ڪم کي ڪوشش ڪري منطقي انجام تائين پهچائي ادب سان چاه رکندڙ دوستن لاءِ جيترو حال سو حاضر ڪيوسين!
هن ڪتاب لکڻ جو مقصد ٿورو ئي سهي پر انگريزي ادب پڙهندڙ دوستن لاءِ اسان طرفان ننڊڙو تحفو ضرور آهي جيڪي اميد ته پڙهي اسان جي محنت جي عزت ڪندا. پاڻ ڪي وڏا اديب ناهيون پاڻ ته بس انگريزي ادب جا ننڊڙا ۽ پتڪڙا شاگرد آهيون ۽ هِن ڪتاب ۾ انگريزي ادب جا چَند ڪردار تارِيخي ۽ ادبِي پس منظر ۾ پيش ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب لکي مڪمل ڪرڻ لاءِ مان پنهنجي دوست آصف شيخ جو شڪرگذار آهيان جنهن زندگي جي ڪافي مصروفيتن باوجود به ڪتاب جي مسودي کي پڙهيو ۽ پنهنجو قيمتي راءِ به ڏنو_۽ اُن سان گڏ اسانجي ننڊڙي زندگي ۾ هُن هميشه اسان اسانجو ساٿ نڀايو پوءِ اهو ساٿ زندگي جي ڪنهن به موڙ تي هُجي پر هُن ڪڏهن به اسان کي اڪيلو نه ڇڏيو ۽ هميشه همٿ ڏني_ان کان علاوه اسان پنهنجي دوست ڪامريڊ اعجاز ٻٻر(طبقاتي جدوجهد) جا بيحد ٿورائتا آهيون جنهن پڻ هن ڪتاب جو مسودو پڙهيو هو ۽ ان سان گڏ هُن اسان جي ادبي ۽ تاريخي حوالي سان ڪافي ساهِتا ڪئي ۽ بلوچستان جي شهر اوستا محمد کان پنهنجي پياري دوست ۽ انگريزي ادب جي ڪلاسميٽ مُدثر کوسو به جس لهڻي جنهن سان هي ڪتاب لکڻ دوران رابطي ۾ رهي ڪري ڪافي ادبي دورن تي ڪچهرين سان گڏ لکڻ لاءِ به ڪافي شيون مليون_۽ اُنهن هڙنِي جا پاڻ شڪرگذار ۽ خادم آهيون جن دوستن ساٿ ڏئي اسان جي هن ننڊڙي ڪم کي پايه تڪميل تائين پڄائڻ تائين اسان جي همٿ افضائي ڪئي ۽ ساٿ ڏنو .
اسان پڙهندڙ دوستن کان تنقيد براءِ اصلاح جي اميد رکنداسين ۽ اسان جي هن ننڍڙي محنت ۾ جيڪڏهن توهان کي ڪا غَلطِي نظر اچي ته ان کي اسان جي شروعاتي ڪوشِش سمجھي نظر انداز ڪندا_هي اسان جي پهرئين ڪوشش ضرور آهي پر آخري بلڪل ناهي. پڙهندڙن جو ساٿ رهيو ته وڌيڪ انگريزي ادب جي حوالي سان ڪم سرانجام ڏئي سڄڻن جي خدمت ۾ پيش ڪبو ۽ حياتي برقرار رهي ته پيو لکبو.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

[b] رفيق کوسو
[/b] rafeequekhoso@yahoo.com
خيرپور ناٿن شاھ، ضلعو دادو
سنڌ____ڊسمبر 21، 2017ع