البرٽ ڪاميو 1913_1960عيسوي سال
آرچ ڊيُوڪ فرڊِيننڊ (Arch Duke Ferdenand) آسٽرِيا (Astria) جو ولِي عهد جُون 1914ع ڌاري بلقان جي شهر سلاجِيو ويو ته جيئن اتي وڃي وڌندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائي سگھي، ۽ جنهن وقت آرچ ڊيوڪ هڪ کُليل ڪار ۾ چڙهِي سلاجِيو جي گِھٽين مان لنگِھي رهيو هو تنهن وقت سلاجيو جي هِڪڙي قومپرست نوجوان اڳتي ٽپندي فائر ڪيو ۽ آرچ ۽ سندس زال صوفيه (Sophia) کي قتل ڪري ڇڏيو.
آرچ ڊيوڪ انهي وقت سربِيا ۽ آسٽرِيا جي وِچ ۾ وڌِيل وِڳوڙن کي ختم ڪرڻ جي چڪر ۾ نِڪتل هو، پر هُن کي سلاجيو جي گِھٽين ۾ قتل ڪيو ويو هو. اُنهي قتل جو الزام آسٽريا (Astria) تي لڳي ويو هو__جنهن کان پوءِ سربيا (Serbia) ۾ به وڳوڙ وڌڻ لڳا؛ ۽ انهي وڳوڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ آسٽريا جي پرڏيهي وزير “ڪائُونٽ لِيو پَولڊ” جرمني جي “قيصر وِليم 2” کي خط لکي موڪليو ته جرمني کي گھرجي ته هو سربيا ۾ وڳوڙن کي منهن ڏيڻ ۾ آسٽريا جي مدد ڪري__قيصر اها ڳالهه خوشي مان قبُول ڪئي ۽ جواب ۾ آسٽرِيا کي چيو ته کيس جيتري به مدد گھرجي جرمني ايتري ئي مدد ڪندو.
جرمني کان ايتري مضبُوط پُٺڀرائي مِلڻ کان پوءِ آسٽريا طرفان سربيا کي 23 جولاءِ 914ع تي هڪ چِتاءُ ڏِيندي خبردار ڪيو ته، هُو آسٽريا خلاف سرگرمِيُون بند ڪري ۽ اُن لاءِ سربيا کي اٺيتاليهه ڪلاڪن جي مُهلت ڏيندي ٻڏائي ڇڏيو هو ته “جيڪڏهن سربيا ڪجھ به مڃڻ کان انڪار ڪيو ته کيس جنگ کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو”__آسٽريا اُهي سڀ چِتاءُ جرمنِي جي پُٺڀرائِي جي آسري ڏئي رهيو هو.
اُنهي دوران سربيا رُوس کان مدد گھرِي ۽ آسٽريا خلاف پنهنجا ارادا جنگ لاءِ مضبوط ڪري ڇڏيا. روس به سربيا کي ڀرپور مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو؛ هاڻي ڇڪتاڻ اڃان وڌندي پئِي وڃي ۽ انهي وقت برطانيه جو پرڏيهي سيڪريٽري “سَر ايڊورڊ گِري” سربيا ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ قيصر وليم کي جنگ ۾ لهڻ جو ڪو ارادو نه هو؛ پر آسٽريا جي پرڏيهي وزِير کي جرمن جي جنگي اڳواڻن هُشِي ڏئِي ڇڏِي هُئي جنهن کانپوءِ برطانيه جي ڳالهيِن واري آڇ کي ٺُڪرائي آسٽرِيا ۽ جرمني طرفان سربيا خِلاف جنگ جو اعلان ڪيو ويو هو. هوڏانهن قيصر وليم 2 روس تي دٻاءُ وڌو ته کيس سربيا خلاف جنگ ۾ شامل نه ٿئي پر روس سربيا جي مدد ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار بيٺو هو__اُنهي وقت جرمنِي مُطالبو ڪيو ته فرانس ۽ روس کي جنگي چُرپُر کان پاسو ڪرڻ گھرجي ۽ ٻنهي کي اڻ ڌُريو ٿي رهڻ گھرجي؛___تنهن باوجود اُنهي مُطالبي جو رُوس ۽ فرانس تي ڪو به دٻاءُ نه پيو ۽ اُهي اڃان تائين سربيا جي مدد ڪرڻ ۽ آسٽريا جرمني خلاف وڙِهڻ لاءِ تيار هئا___هاڻي روس جي “زار نِڪولس” اعلان ڪري ڇڏيو ته آسٽريا هنگري سان ملندڙ سرحد تي فوجون بيهاريون وڃن. روس جي انهي عمل ۽ فرانسِين جي جنگي مدد جي خبرن جرمني جي گادي برلن (Berlin) ۾ ڳڻتِي پکيڙي ڇڏي هئي__ايئن پئي لڳو ڄڻ جرمني کي ٻِن محاذن تي وڙهڻو پوندو_“اولهه واري محاذ تي فرانس سان اوڀر واري محاذ تي روس سان”_____جرمني هڪ ڀيري ٻِيهر فرانس کي اڻ ڌُريو رهڻ جو چيو پر فرانس اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ جرمن پهرئين آگسٽ تي فرانس خلاف به جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فرانس سان جنگ ڪرڻ لاءِ بيلجِيم جي سرحَد پار ڪرڻ جي ضرورت پئي ۽ جرمني بيلجيم کان به مطالبو ڪيو ته کين بيلجِيم پنهنجي سرحد پار ڪرڻ اِجازت ڏئي جيئن جرمني فرانس سان آساني سان وڙهي سگھي__پر بيلجِيم کين انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جرمني بيلجيم تي دٻاءُ وجهڻ لڳو؛ جنهن کان پوءِ بيلجِيم جنهن جي سرحد فرانس ۽ سامونڊي رستي وڃي برطانيه سان ملي ٿي تنهن روس، برطانيه ۽ فرانس کي جرمني کان دٻاءُ وجھڻ واري عمل خلاف مدد جي اپيل ڪري ڇڏي__پر جرمني تنهن باوجود بيلجيم جي انڪار کي نظر انداز ڪندي پنهنجو فوجون بيلجيم مان لنگھايون. هاڻي برطانيه کي جرمني خلاف چِڙ ٿي ڇو ته برطانيه فرانس جو اتحادي هوندي به جرمني ۽ فرانس، رُوس، سَيربيا جي وچ ۾ پکڙجندڙ جنگِي انتشار کان اڻ ڌريو رهيو هو__پر هاڻي برطانيه کي به ڪاوڙ ٿي ڇوته برطانيه کي اهو به ڊپ اچي ورايو ته ڪٿي جرمني اُتر سمُنڊ جي ڪِناري تي قبضو ڪري “بِرٽِش آئلز” لاءِ ڪو خطرو نه پيدا ڪري وجھي. تنهن ڪري برطانيه به 4 آگسٽ 1914ع تي جرمني خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پهرين مهاڀاري جنگ (First world war) لڳي چُڪي هئي! آگسٽ 1914ع ۾ جنگ شروع ٿي ته ان ۾ هڪ طرف چار اِتحادي برطانيه (England) ، فرانس (France) ، رُوس، ۽ سيربيا هئا ته ٻئي پاسي ٻه مرڪزي طاقتون جرمنِي ۽ آسٽِريا هُيون، پر ان کان پوءِ عُثماني سَلطنت ۽ بَلغاريه به ساڻن جرمني ۽ آسٽريا سان آڪٽوبر 1914ع ۾ شامل ٿي ويون__هوڏانهن اِٽلي (Itly) جنهن پهرين جنگ کان اڻ ڌُريو رهڻ جو اعلان ڪيو هو پر بعد ۾ جرمني ساڻس واعدو ڪيو ته “اٽلي جو اتحادي ٿيڻ ۽ جنگ کٽي وڃڻ کان پوءِ کيس آسٽريا ۽ آفريڪا ۾ ڪجھ علائقا ڏنا ويندا” ته ان آسري ملڻ کانپوءِ اٽلي به اتحادِين سان برطانيه، فرانس ۽ روس خلاف آسٽريا ۽ جرمني طرفان وڙهڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
اها هئي پهرين مَهاڀاري لڙائي جنهن ڄڻ سڄي دنيا جي نقشي کي مِٽائڻ جو عَظم ڪري ڇڏيو هو! جنهن ۾ تقريبن اتحادين جا ٽي لک هڪڙي پاسي ۽ ٽي لک ٻئي پاسي ماڻهو مارجي ويا هئا. ان کان علاوه 1914ع ۾ جَپان ۽ چائِنا به اتحادين سان ملي ويا هئا. ويڙه جي پڄاڻي تائين 31 قومون جنگ ۾ شامل ٿي چڪيون هُيون ۽ اِها پهرين مهاڀاري چئن سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين هَلي جنهن ۾ 31 مِلين کان به مٿي ماڻهن فوجي خِدمتُون سرانجام ڏنِيون.
پهرين مهاڀاري جنگ قتل عام جو وڏو سبب بڻِي__سڄي دنيا جي قومُن هن جنگ جي تُهمت هڪٻئِي تي هنئي هُئي...! جيئن ته جرمني جي قيصروليم 2 جرمني کي سڄي دنيا ۾ سڀ کان سگھارو ملڪ بنائڻ ٿي گھريو تنهنڪري اتحادي مُلڪن رُوس برطانِيه ۽ فرانس وارن اعلان ڪيو ته پهرين مهاڀاري لڙائي جي مکيه جوبداري جرمني تي هئِي پر اُن باوجود هوڏانهن جرمني ۽ ٻئي پاسي فرانس يعني ٻنهي طرفن اتحادِين وٽ پنهنجا پنهنجا سبب هئا يعني هڪ ٻئي تي اِلزام لڳائڻ کان ڪير به آجو نه هو .
جرمني کي اها به اُميد هئي ته جيڪڏهن هي تيزي سان بيلجيم مان لنگھي فرانس تي حملو ڪندو ته کيس سولائِي سان شِڪِست ڏئي سگھندو، ۽ اهڙي طرح جرمني لاءِ اها جنگ سولِي ۽ کٽڻ لائِق ٿي پوندي__۽ پوءِ جرمني کي هڪ مَحاذ تي وڙهڻو پوندو پر جرمني جي اها سوچ ناڪام ٿي؛ ڇو ته جرمن فوج پئرس (Paris) پهچڻ واري هئي جو فرانسِي کيس روڪِڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هُئا___فرانس کي رُوسِين جي مدد حاصل ٿي وئي ۽ هنن جرمني جي اوڀرندي محاذ تي اوچتو اوڀر کان حملو ڪري ڏنو هو__هاڻي جرمنِي مجبُور ٿي پنهنجي فوج جو وڏو حصو اولهه واري محاذ (فرانس) مان ڪڍي اوڀر واري محاذ (روس) ڏانهن موڪليون .
اهو محاذن وارو ڌڪ جرمن فوج لاءِ ڪاپارِي نقصان ثابت ٿيو ۽ جرمني هاڻي ڪمزور ٿيڻ لڳو__جرمني جي اِتحادين خلاف تيزي سان کٽڻ واري اُميد به ڪمزور ٿي پئي هئي__ذري گھٽ ساڍن ٽن سالن تائين اولهندي محاذ تي ڇتي جنگ جاري رهي_ٻنهي طرفن کان اِتحادي ڌُريون هِڪٻئي کي پوئتي ڌِڪينديون رهيُون.
پهرين مهاڀاري جنگ بدترِين زماني کي جنم ڏنو هو؛ فوجين توڙي عام ماڻهن جي زندگي بي سڪُون بڻجِي وئي هئي__يُورپ هڪ ڀُوائتي منظر جو ڏيک ڏئي رهيو هو_چوطرف لاش پکڙيل هئا جن جي دفنائڻ جي به ڪنهن زحمت نه ٿي ڪئي، هر طرف بارود ۽ لاشن جي بدبو بيمارين کي جنم ڏنو ۽ هر طرف انسان جو قتل عام ۽ انسان جي انسان هئڻ واري وضاحت خالي رهجي وئي هئي .
انهي وچ ۾ ٻيو به گھڻون نقصان ٿيو جيئن “ورڊن” واري لڙائي جنهن فرانس کي خوف ۾ مُبتلا ڪيو هو تنهن کانپوءِ رُوسين جو اوڀر پروشيا تي ڪاھ جنهن کانپو ۽ روس کي فرانس ۽ برطانيه کان وڌيڪ نقصان ٿيو هو؛ تنهن باوجُود به روس جرمني ۽ آسٽريا جي خلاف هو پر هاڻي روس جو جنگ ڪرڻ گھڻي ڀاڱي پنهنجي دفاع ۾ هو .
اُها پهرين مهاڀاري لڙائي آرمينِيا ۾ وڏي قتلاِعام ۽ تُرڪي ۾ اِنتشار جو سبب بڻِي؛ ۽ هوڏانهن روس ۾ به بالشِويڪ جو 1917ع وارو انقلاب روس کي جنگ کان بيزار ڪري وڌو هو_جِنهن کان پوءِ روس جرمن سان “بريسٽ لِي ٽَو وِسڪ” مُعاهدي تي صَحِيحيون ڪري جَنگبندِي جو اعلان ڪيو .
اُنهي پهرين مهاڀاري جَنگ دوران برطانيه ۾ به رسد ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي پئي هئي جيڪو جرمن فوج جي طرفان بَرطانيه جي سمنڊ مان گذرندڙ ٻيڙن تي حملو ڪرڻ جي ڪري شدت اختيار ڪري چڪي هئي ۽ 1719ع ڌاري برطانيه کي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو.
يُونائيٽِڊ اِسٽيٽس آف آمريڪا جيڪو پهرين مهاڀاري جنگ ۾ 1914ع يعني شروع کان ئي اڻ ڌريو رهندو پئي آيو هو ۽ هوڏانهن هاڻي روس به جنگ کان هٽِي چُڪو هو__جرمني لاءِ هاڻي صرف هڪ محاذ تي وڙهڻ جو رستو هو__پنهنجي حساب سان جرمني مضبوط به ٿي چڪو هو ڪنهن حد تائين پر اَئِٽلانِٽڪ ۾ هلندڙ ساموندي جهازن تي حملو ڪرڻ جرمني لاءِ ڏاڍو نقصان ڪار ثابت ٿيو هو. اهو ان لاءِ ته جرمني سامونڊي حملا ڪرڻ وقت يونائيٽيڊ اسٽيٽس آمريڪا جي ٻيڙن تي به حملو ڪري وڌو هو! جيڪي واپار جو سامان کڻِي برطانيه ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيا هئا. جرمني جي اُنهن حملن يونائيٽيڊ اسٽيٽس آمريڪا کي ڪاوڙائي وڌو هو. شُروع کان اَڻ ڌريو رهڻ کان پوءِ آخر ڪار تنگ ٿي آمريڪا جي صدر “وُوڊرو وِلسن” جرمني کي چِتاوني ڏني ته جيڪڏهن جرمني طرفان آمريڪا جي واپاري سامونڊي ٻيڙن تي حملا بند نه ٿيا ته آمريڪا برطانيه جو ساٿارِي ٿِي جنگ ۾ لهي ايندو! انهي اعلان ٻڌڻ کان پوءِ جرمني ڪجھ وقت لاءِ آمريڪا جي آبدوزن تي حملا ڪرڻ بند ڪيا هُئا؛ ڇو ته جرمني چاهي پيو ته “آمريڪا جنگ کان ٻاهر ئي رهي ته بهتر رهندو”__پر اها ساڳي غلطي جرمني وري 31 جنوري 1917ع ۾ ڪري وڌي ۽ هن وري آمريڪا جي سامونڊي ٻيڙن تي حملا ڪري برطانيه ۽ فرانس سميت جرمنيءَ آمريڪا جا ڪيترائي ٻيڙا سمنڊ ۾ تباھ ڪري ٻوڙي ڇڏيا .
جرمن جي انهي عمل خلاف 6 اپريل 1917ع ۾ آمريڪا به برطانيه ۽ فرانس جو اتحادي ٿي جنگ ۾ جرمني جي خلاف وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
آمريڪا جي جنگ ۾ لهِي اچڻ سان جنگ جو سڄو ڍانچو ئي تبديل ٿي ويو هو؛ جرمني آمريڪا جي چُست فوج کي برطانيه ۽ فرانس جي صِف ۾ ڏسي پنهنجا حوصلا هاري ويٺي هئي! ۽ جرمني کي آمريڪا جي حِڪمت عملِين مان وڏو نقصان پهتو هو__تنهن کان پوءِ هلندي آخرڪار وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ ۽ مهاڀاري جنگ کان جان آجو ڪرڻ لاءِ 11 نومبر 1918ع تي صبح جو جنگ کي امن معاهدي طور فرانس ۾ ختم ڪرڻ لاءِ صحيون ڪيون ويون ۽ بندوقون خاموش ٿي ويون هيون.
پهرين مهاڀاري جنگ دوران 1914ع ڌاري “مارن جي جنگ” ۾ وڙهندي الجيريا جو هڪڙو فوجي زخمي ٿي پيو جنهن جو نالو لوسين (Lucien) هو؛ ۽ پيشي جي لحاظ کان هُو هڪ غريب هاري هو___پر پهرين مهاڀاري جنگ لڳڻ وقت هُن هارپو ڇڏي اچي فرينچ____الجيريا جي زوري ڀرتي ريجِمينٽ (Forcely assigned regiment) جو ميمبر بڻيو. مارن جي جنگ ۾ زخمي ٿيڻ دوران لوسين کي عارضي طور جوڙيل آرمي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو هو پر هن جا زخم ايترا ته گھرا هئا جو هُن جي جيئڻ جي ڪا اميد باقي نه رهي هئي، ۽ آخرڪار ٿيو به ايئن جو زخمن جي زهرن 11 آڪٽوبر ڌاري هن جي زندگي هن کان کسَي ورتِي هئي. هن جي شادِي هِڪ اسپيني عورت ڪيٿرين ميري ڪارڊونا (Catherine Merry Cordona) سان ٿيل هئي__ڪيٿرين کي لِيوسِين مان ٻه پٽ هئا جيڪي پِيءُ جي موت کان پوءِ ماءُ سان گڏ رهيا ۽ مُڙس جي موت کان پوءِ ڪيٿرين پنهنجي ٻنهي پٽن کي وٺي وڃي پنهنجي ڀاءُ جي گھر الجَيريا جي شهر بيليڪورٽ (Belcourt) ۾ رهي. ڪيٿرين پنهنجي مڙس جي وفات کان پوءِ گھرن ۾ وڃي ڪم ڪار ڪندي رهي ۽ وقت ملڻ تي وڃي فيڪٽري ۾ ڪم ڪري پئسو ڪمائي پنهنجي اولاد جي پرورش ڪندي رهي__هِنن جي گھر ۾ نه بِجلي نه پاڻي نه ئي باٿ رُوم جي ڪا خاص سهولت هئي؛ پر تِنهن باوجود به هُو زندگي گذاريندا رهيا هئا!
پهرين مهاڀاري جنگ خالي ليوسين جي گھر کي تباه نه ڪيو هو پر اِهڙا لکين ٻار يتيم بڻجي چڪا هئا___هزارين عورتون رنڙ (Widow) بڻجي ويون هيون ۽ لکين ماڻهن پنهنجون زندگيون خواهمخواه پيدا ٿيل جنگ جي ميدان ۾ قُربان ڪري ڇڏيُون هُيُون! انهي جنگ ادبي ميدان ۾ نوان موضوع پيدا ڪري ڇڏيا هئا جنهن ۾ هر قوم پنهنجي اکين ڏٺل ظلمن کي شاعري ناول، ڪهاڻين ۽ مضمونن ذريعي ملڪ عالم تائين پهچايو. انهي وقت ڪيترن ئي شاعرن جھڙوڪ “جان ميسفيلڊ” جيڪو بعد ۾ درٻاري شاعر (Poet Laureata) سڏجڻ لڳو ۽ ان کان علاوه “ولفرڊ اووين” ، “جان مڪيئر” ۽ ٽِريِسا هَولِي (شاعره) پنهجي شاعرين ۾ پهرين مهاڀاري جنگ جو ماتم ڪيو هو__سڄي تاريخ ڄڻ نئين سِر لِکجي رهي هُئي؛ جنهن ۾ ڄڻ ڪنهن ڏک جي دانهن هئي! هر ماڻهو بي سهارو ۽ بي يارو مددگار هو ۽ اُتي نئين بيمارين جو جنم ٿي رهيو هو. مذهبن جا اڳواڻ جيڪي صدين کان امُن جو پيغام ڏيندا ٿي آيا هئا تن به امن جا پيغام ڦهلائڻ کان لنوائي وڃي پنهنجي منهن فرشتي جو انتظار ڪرڻ ۾ لڳي ويا هئا ته ڪو اچي کين زندگي جي پيڙائن مان ڇوٽڪارو ڏياري!
پهرين مهاڀاري جنگ؛ جيڪا اڳي ڪڏهن به ڪا به جنگ اهڙي ڀيانڪ روپ ۾ نه لڳي هئي! انهي جنگ ماڻهن کي خود غرض بنائي ڇڏيو هو، مذهبن کان پري ڀڄائي ڇڏيو هو؛ پادري ۽ انهن جي ٺڳين کان هاڻي يورپ جو هر ماڻهو چڱي طرح واقف ٿي چڪو هو. هِي اُهو دور جنهن ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي زندگي پاڻ بچائڻي هئي، کاڌو پاڻ تلاش ڪرڻو هو ۽ “خدا جي انتظار ۾ ويهي ڪنهن جو انتظار ڪرڻ کان ڀلو آهي ته ماڻهو جفاڪشِي ڪرڻ شروع ڪري ڏيئي ۽ پنهنجي زندگي کي پاڻ جيئڻ ۽ سنوارڻ جي جدوجھد ڪري”__اِها سوچ ان وقت ماڻهن ۾ جنم وٺي رهي هئي ۽ اِها اُها سوچ هئي جيڪا صدين کان برقرار مذهب جي ڪڙين کي ٽوڙيندي ٿي وئي ۽ مذهبي قانونن کي ڄڻ صرف مڃڻ وارا وڃي بچيا هئا پر خاص عمل ڪرڻ وارا هاڻي ڪونه هئا!
ڪِيٿرين جيڪا پنهنجي مڙس جي وفات کان پوءِ تنگ زندگي گذاري رهي هئي__تنهن کي غُربت دوران اها خبر به نه هئي ته “هن جي پٽن مان هڪڙو پٽ اڳتي هلي ليکڪ بڻبو ۽ انهي دور جي نشاندهي ڪندو جنهن ۾ هُو هاڻي جي زندگي گذاري رهيا آهن”. ڪِيٿرين کي اُها به خبر ان وقت نه هئي ته هن جو پُٽ البرٽ ڪاميو ناوِلسٽ، جنرلِسٽ، مَضمُون نِگار ۽ هِڪ فلسفِي بڻبو___۽ انهي جي قِيمت هُن جي پٽ کي نوبِل پرائِيز سان نوازيو ويندو! البرٽ ڪاميو؛ جنهن ناولن ۾ اخلاقي فلسفي کي اڳيان رکي ان وقت پکڙجندڙ دهشتگردي، انتشار ۽ ماڻهن ۾ پيدا ٿيندڙ بيگانگِي کي انساني زندگي مان ختم ڪري انصاف کي انسانيت جو دائمي ڇوٽڪارو چونڊيو هو، ۽ جنهن ادبي دنيا ۾ هڪڙو نئون ماحول به جوڙي ڇڏيو هو.
لوسين جي وفات کان اڳ البرٽ جو خاندان فِرينچ__الجَيريا جي ڏاکڻي علائقي جي هڪڙي ڳوٺ مونڊوي (Mondvi)؛ جيڪو هاڻي “انابا” سڏيو ويندو آهي، جي سامونڊي شهر بون (Bone) واري علائقي ويجھو آباد آهي ۾ رهندو هو__پر لوسين وفات کان پوءِ ٻار ماءُ سان گڏ رهيا__ ۽ لوسين جي اُنهن ٻن پٽن مان هڪڙو هُيو البرٽ ڪاميو؛ جيڪو پنهنجي پيءُ جي وفات کان سال اڳ مونڊوي ۾، 7 نومبر 1913ع ڌاري ڄائو هو.
لوسين جي فات کان پوءِ البرٽ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهيو هو؛ ڇو ته جڏهن هن جو پي پهرين مهاڀاري جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو هو تڏهن هن جي اسپيني ماءُ خود مزدوري ڪري البرٽ ۽ هن جي ٻئي ڀاءُ جي پرورش ڪئي. جڏهن پهرين مهاڀاري جنگ لڳي هئي تنهن وقت البرٽ ڪاميو تقريبن هڪ سال جو هو پر ان باوجود به بي قصور ۽ بيگناه معصوم هجڻ باوجود هنن ٻين طرفان ڪيل جنگ جي ڏوه ۾ لوڙيو ۽ هن جي ننڍپڻ جي زندگي ڄڻ ذِلت آمِيز بڻجي وئي هُئي. ننڍپڻ جي زندگي ۾ ٻنهي ڀائرن کي نه ٻاراڻيون رانديون نصيب ٿيون ۽ نه ئي وري هنن کي گھمڻ ۽ فطرت جي حُسن کي جاچڻ ۽ ويجھي اک سان پرکڻ جي سعادت حاصل ٿي.
بيخبرائي ۽ اڻڄاڻائي ۾ البرٽ ڪاميو کي هڪڙي “اَيڪوِل ڪميُونل” نالي اسڪول ۾ داخلا ملي جتي هن کي پهرين دفعا اُستادن ۽ دوستن جي روپ ۾ ڪي ننڍڙا ساٿي ۽ سهارو ڏيڻ وارا مليا هئا؛ جيڪي هن جي ننڍڙي ٻاراڻي ذهن جي تالي کولڻ جي پهرين چاٻي هئا! انهي شروعاتي تعليم بدران جڏهن هي ٿورو لکڻ پڙهڻ سکيو تڏهن هن کي تاريخ جي معلومات ۽ دنيا جي هر پهلو کي پرکڻ ۽ ٻڌڻ جو بيحد شوق پيدا ٿيو__هُن ڏٺو ته انسان جي زندگي ڪيتري نه ڏکي پئي گذري! ۽ ان وقت هي غربت واري پنهنجي زندگي کي نظر انداز ڪندو اڳتي وڌندو ٿي ويو جتي “بيلڪورٽ” جي گند ۽ ڪچري سان ڀريل گھٽيون ۽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي حالت کي ڏسي هن کي شديد احساس ٿيڻ لڳو هو “آخر ايئن ڇو آهي!؟ هڪ سٺي زندگي گذارڻ جو حق سڀ ڪنهن کي آهي ته پوءِ هي زندگي ڪهڙي ڪم جي جنهن ۾ انسان زنده لاش ٿي گھمي ۽ رڳو ڪم ڪري!”
ابتدائي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هن کي هاءِ اسڪول پڙهڻ لاءِ اسڪالر شپ مِلي جنهن کان پوءِ هن کي گرانڊ لائيس (Grand Lyce) جيڪو قصبه ضلعي جي ويجھو اسڪول هو ۾ پڙهڻ جو موقعو مليو. اتي انهي ضلعي جا مقامي ماڻهو مسلمان مذهب سان واسطو رکندڙ هئا جن سان البرٽ ڪاميو جي گھڻي ويجھڙائي ٿي وئي هئي
انهي وقت هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران البرٽ ڪاميو کي اسڪول جي سبجيڪٽز کان علاوه گلائيڊ، پرائوسٽ، ورلِين ۽ هينري برسگان ۽ اهڙين ٻين ڏاهَن کي پڙهڻ جو موقعو مليو؛ جتي هُن پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ لاطِيني ۽ انگريزي به سکي ورتي. ڪاميو جو گھڻو شوق ادب، آرٽ ٿيٽر ۽ ڊرامه نويسي سان هو__اسڪول واري ڏينهنن ۾ هن کي فُوٽ بال کيڏڻ جو ڏاڌو شوق هو جنهن ۾ هي تمام سُٺو گول ڪيِپر طور سڃاتو ويندو هو__پر! قسمت کي شايد ڪاميو جي فوٽ بال کيڏڻ ورو شوق نه وڻيو ۽ هُن کي انهي دوران ڦڦڙن جي بيماري “ ٽي بي” اچي گھيرو ڪيو ۽ هِن کي فوٽ بال کيڏڻ ڇڏڻو پئجي ويو هو. ان کان علاوه اِها اُها بيماري هئي جنهن آخري دم تائين هنجو پيڇو نه ڇڏيو جُون 1932ع ڌاري ڪاميو بَئڪا لاريئنٽ * (Becalaurente) جي ڊگري مڪمل ڪئي ۽ هن ڪافي مئگزرنز ۾ هفتيوار لکڻ شروع ڪيا؛ جنهن سان هاڻي هن کي صحافت ۾ گھڙڻ جو شوق پيدا ٿيو هو. البرٽ ڪاميو کي هاڻي اچي پنهنجي زندگي جي مُستقبل منجھائي وڌو هو__غريب هجڻ سبب هن کي يونيورسٽي پڙهڻ جي اميد ڪانه هئي پر تنهن باوجود به هن
*_______بيڪالاريئٽ__فرانس جي اسڪولن جي ڊگري جنهن کي برطانيه ۾ ۽ انگريزي ۾ A-Level سڏيو ويندو آهي .
پنهنجي عظم کي جاري رکيو؛ ۽ فِيس پڙڻ لاءِ ڪافي عجيب ۽ غريب ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنا جهڙوڪ؛ هي ٽوشنون ڏيڻ لڳو، ڪار_پارٽز (Car Parts) ڪلارڪ بڻيو! ۽ ان کان علاوه هن موسميات کاتي ۾ به اسسٽنٽ جي حيثيت سان ڪم سر انجام ڏنا. پنهنجي فلسفي واري پڙهائي ڪرڻ سان گڏ هي هلڪا ڦلڪا ڌنڌا ڪري پئسه به ڪمائي وٺندو هو. انهي سان گڏ 1936ع ڌاري هن پنهنجي فلسفي جي ڊگري مڪمل ڪئي هئي.
البرٽ ڪاميو پنهنجي ٿيسس (Thesis) پَلوٽني* (Palotinus) تي لکي مڪمل ڪئي ۽ هُو پنهنجي تعليمي دور ۾ ڪميونسٽ نظريئي کان ڏاڍو متاثر هو ۽ انهي دوران ڪاميو فرانس جي ڪمِيُونِسٽ پارٽي جو ميمبر به رهيو. هن پارٽي جو منشور ان دوران يورپ ۾ ڦهليل انتشار کي گھٽ ڪرڻ ۽ ان کان علاوه طبقن وچ ۾ جنم وٺندڙ فرق کي ختم ڪري هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ هو. ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر هوندي به هن هڪ دفعو اهو چئي ڏنو هو ته “مونکي خبر ناهي مان ڪميونسٽ آهيان يا نه، ۽ نه ئي مان اها دعوه ڪندس ته مان ڪارل مارڪس جو ڊاس ڪَيپيٽل پڙهيو آهي پر تنهن باوجود به مونکي يقين آهي ڪميونزم زندگي جي گهڻن مسئلن جو حل آهي!”
1936ع ڌاري الجيريا ۾ به ڪميونسٽ پارٽي “الجيرين ڪميونسٽ پارٽي” جو وجود پيو؛ جنهن کان پوءِ ڪاميو الجيريا جي ڪامريڊن سان گڏ ٿي ويو هو. ان کان علاوه اتي جُڙندڙ ڪميونسٽ پارٽين جو جَواز قومي هو؛ جيڪي هر ملڪ ۾ الڳ انداز سان جنم وٺي رهيون هيون پر 1937ع ڌاري الجيريا جي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ڪاميو تي اهو الزام هڻي هن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو ته “هي ٽراٽسڪائيٽ*(Trotskyite) آهي” هر ماڻهو يورپ جي ملڪن ۾ قومي انقلاب جو جذبو رکندڙ هئا ۽ البرٽ ڪاميو تي اهو الزام ڏيڻ ۽ هن کي ڪميونسٽ پارٽي مان ڪڍڻ سان هُنجي دل ۾ ڪميونزم جي قبضاخورن خلاف نفرت پيدا ٿي پئي هُئي! جنهن بعد هُن وڃي انارڪسٽ (Anarchist) نظرين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي هُئي__اُن کان علاوه انهي دوران هي تمام پريشان حال زندگي گذاري رهيو هو جنهن ۾ سڀ کان وڏي پريشاني هِنجو تازو ئي پنهنجي زال سيمون هائي (Simon Hie) کي گھرُو اڻبڻتن ۽ بي وفائي جي الزامن تحت کيس طلاق ڏيڻ هو، جنهن سان هن 1934ع ڌاري شادي ڪئي هئي.
البرٽ ڪاميو جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ۾ هيو تنهن وقت هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي هڪڙو ٿيٽر گروپ جوڙيو جيڪي پروفيشنل هوندي به سدائين
*_____پلوٽني ____________ 270_ 204 هڪ يوناني ڏاهو جنهن جي فلسفي ۾ ٽي قائدا هئا هيڪڙائي، فهم ۽ روح.
*______ٽراٽسڪائيٽ_________ اهي ڪامريڊ جيڪي ڪميونسٽ پارٽي ۾ ٽراٽسڪي جي نظرئي کان متاثر هوندا آهن ۽ ٽراٽسڪي جيڪو روس جي انقلاب کان اڳ منشويڪ ڌڙي سان سلهاڙيل هيو ، انقلاب وقت ٽراٽسڪي بالشويڪ سان گڏجي ويو هو ۽ هنجو ڻظريو عالمي انقلاب هو
هيٺين طبقي جي نمائندگي ڪندي نظر آيا هئا! انهي ٿيٽر ۾ انهي وقت پيش ڪيل ڊرامن جا
موضوع سدائين “کاٻي ڌُر جي سياست ۽ سستي مزدوري ۾ لوڙيندڙ غريب مزدور ۽ انهن جي بيگانگي جا سبب هئا”__پر جڏهن هن کي ڪميونزم مان ڌار ڪيو ويو تنهن کان پوءِ هنجو سڄو ڌيان لکڻ ڏانهن ٿي ويو.
1937ع کان بعد هن هڪ نئون ٿيٽر گروپ جوڙيو ۽ پاڻ 1938ع ڌاري الجيرين ريپبلڪ جي ڊيلي اخبار جي اسٽاف ۾ شامل ٿي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، انهي ٻِنهي اِدارن ۾ ڪم ڪرڻ دوران به هُنجون همدردِيون ساڳي پيڙهيل عوام ۽ مزدور طبقي سان جڙيل هيون.
1940ع دوران هن جي ملاقات هڪڙي پينٽر عورت فرانسِين سان ٿي جنهن سان ڪاميو کي محبت ٿي وئي؛ ۽ انهي سال هن فرانسين سان شادي ڪري ڇڏي جنهن مان هن کي ٻه جاڙا ٻار ڪيٿرين ۽ جِين ڄاوا. پنهنجي زال سان محبت هجڻ باوجود به ڪاميو جا ٻين ڪيترين ئي عورتن سان جنسي ناتا هلندڙ هئا! جنهن ۾ هن جو اسپين جي اداڪاره ماريه ڪيسراس (Maria Casares) سان افيئر مضبُوط افواھ ٿي پهليو هو__پهرين مهاڀاري جنگ مان يورپ جي جِند مس ڇٽي هئي جو وري 1934ع ڌاري هڪڙي ٻي مهاڀاري جنگ (world war two) ڇڙي چڪي هئي! جيڪا پهرين مهاڀاري جنگ کان وڌيڪ خوف ۽ تباهي کڻي آئي هئي! انهي تباه ڪارين جي خلاف شدت سان لِکڻ ڪري البرٽ ڪاميو کي الجيرين ريپبلڪ اخباري اداري مان نيڪالي ڏني وئي هئي ۽ انهي نيڪالي جو خاص سبب انهي وقت هڪڙي علائقي ڪيبيلُو (Kabylu) جي مزدورن جي حق ۾ لکڻ هو__جيڪي ٻي مهاڀاري جنگ دوران پنهنجي حقن لاءِ وڙهي رهيا هئا. الجيرين ريپبلڪ مان نيڪالي ملڻ بعد البرٽ ڪاميو پئرس سائر (Paris sair) مئگزين لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو_اُنهي وقت ڪاميو هر طرح سان جنگين جي خلاف بڻجي پيو هو. 1941ع دوران هي جنگ جي حالتن تي لکڻ لاءِ بورڊيڪس (Bordeaux) پهتو، اتي خبرون گڏ ڪرڻ سان وگڏوگڏ هُن پنهنجا ٻه ڪتاب اسٽرينجر(Stranger) ۽ مٿ آف سيسفس (Myth of sysyphus) لکي پورا ڪيا. ۽ سال اتي رهڻ کانپوءِ 1942ع دوران واپس الجيريا جي شهر اوران (Oran) اچي پهتو ۽ اُنهي سال هن جو ناول “دَ اِسٽرينجر” جيڪو جِين پال سارتر جي مهربانين سان ڇپجي پڙهڻ لاءِ ماڻهن جي هٿن تائين پهچي ويو هو.
انهي ناول جي چپجي وڃڻ کان پوءِ البرٽ ڪاميو ڪمبيٽ (Cambat) نالي هڪڙي خوفيا اخبار ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ انهي دوران هِي پنهنجي ڦڦڙن جي بيماري سان به جنگ ڪندو رهيو__۽ فلسفي تي ٻڌل مسُودي مٿ آف سسفس (Myth of Sysyphus) کي به گلمرڊ (Gillmard) پبليڪيشن مان ڇپرائي پورو ڪيائين. ڪاميو مِٿ آف سِسِفس ۾ “پرائوسٽ” جي پيدا ڪيل نامه قول ۽ بيهودگي واري نُڪتي کي فلسفي جي دليلن سان بيان ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ايئن ڏسيل آهي ته “انسان هر دور ۾ پيڙهجندو رهيو آهي ڪڏهن ديوتائن جي هٿان ته وري ڪڏهن پنهنجي حڪمرانن ته وري هر عام ماڻهو پاڻ کان وڌيڪ اثر رُسوخ رکڻ وارن جي هيٺان اچي پنهنجي زندگي کي مذاق بڻائي ڇڏيندو آهي”. يعني هُن زندگي کي غلامي جو عڪس ڏئي هر وقت پِيڙهجندي ڏسيو آهي ۽ ان غلامي کان جند ڇڏائڻ لاءِ انسان هر بار ڪوشِشِون پيو ڪري پر ناڪامي سندس مقدر ٿي بڻجي.
انهي کان بعد ڪاميو جا ٻه مشهور ڊرامه غلطفهمي (Missunderstanding) ۽ ڪاليگيلا (Caligula) پيش ڪيا ويا؛ جيڪي اُن وقت ڏِسندڙن کي بيحد پسند آيا هُئا__۽ ان کان علاوه پرشن انٽلڪچوئل سوسائٽي (Persian Intellecual society) جيڪو جين پار سارتر جي اڳواڻي ۾ هلايو ويندو هو، انهي سوسائٽي ۾ به سڀني سُٺن ذهنن رکندڙ ماڻهن ڪاميو جي ٻنهي ڊرامن جي ساراه ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ سيڪنڊ سيڪس (second six) جي ليکڪا سَيمَون ڊي بَووا (Simeone de Beauvoir) جيڪا به سارتر سان گڏ انهي سوسائٽي جي ميمبر هئي پڻ ڪاميو جي لکڻين کي حقيقي سماج جو حقِيقي عڪس سڏيو هو. انهي ٻنهي ڊرامن جي مڃتا ملڻ کان پوءِ ڪاميو بلڪل هڪ ليکڪ جي حيثيت سان سڃاتو وڃڻ لڳو ۽ انهي دوران هنجو لکيل ناول د پليگ (The Pleague) ان وقت هن جي نئين سڃاڻپ بڻي جيڪو تشبيهي (Allegorical) انداز ۾ لکيو ويو هو__جنهن ۾ هن ٻي مهاڀاري جنگ ۾ هٽلر طرفان وڏي پئماني تي ٿيندڙ قتل عام کي ننديو هو ۽ ظلم جي دنيا کي انساني بقا لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو هو.
هاڻي البرٽ ڪاميو پنهنجي پاڻ کان مطمعن ٿيڻ لڳو هو، ڇو ته هن جو پيڙهيل عوام جي حق ۾ لکڻ وارو مقصد پورو ٿي رهيو هو. يورپ ۽ اولهه جا ملڪ هن کي هڪ حقيقي ليکڪ طور سچاڻڻ لڳا هئا ۽ انهي دوران “د پليگ” لکي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1951ع ڌاري هِن آمريڪا ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ ليڪچر ڪرڻ جا دورا ڪيا__جتي هي ادبي دنيا ۾ نوان خيال کڻي پيدا ٿيو هو. هر ماڻهوءَ هن کي ٻُڌو ۽ هر ماڻهو هن جي لفظن جي ڏنل پيغام کي ساراهيو_اُنهي دوري دوران هُن پنهنجو هڪڙو ٻيو ناول باغي (The Reble) لکي مڪمل ڪيو جنهن ۾ هِن انسان ذات جي آزادي لاءِ بغاوت جي موضوع کي پنهنجي ناول جو حصو بڻايو. تنهن کان علاوه هن ان وقت انقلابي جٿن ۾ پيدا ٿيندڙ انتشار جو فلسفي انداز ۾ تجزيو ڪيو! ۽ ان وقت جي ڪَميونِسٽن جي بنا روڪ ٽوڪ جي انتشارڦهلائيندڙ مالڪن ۽ لينن جي پوئلڳن جي به ڪاميو کلي عام تنقيد ڪئي هئي__جيڪي فساد ۽ گوريلا جنگ جي رستي کي آزادي جو رستو پيا سمجھن ۽ ان وقت هن جو اهو اِشارو ۽ تنقيد “الجبيرِين نيشنل لبريشن” ۽ يورپين “ڪميونسٽن” جي عَملن طرف هو؛ جيڪو ڪاميو کي لڳو ته انهن جا سڀ عمل انساني بقاءُ ۽ آزادي کان وڌيڪ انسان جي بيگانگي جا سبب ۽ قتلام جا نمونا هئا
هِنجو آواز شخصي بڻجي پيو هو ۽ هن وٽ جيڪو انسان هُيو ۽ جيڪو پيڙهجندو رهيو هو، اُنجو حَل هنکي انسان جي بقاءُ خلاف وڙهندڙ اُن وقت اِشتراڪيت وٽ نظر نه آيو. ڇو ته اُن وقت ڪاميو جو انسان پنهنجي اندر ۾ پاڻ قيد هيو ۽ انهي قيد ٿيل انسان جي آزادي شخصي هئي__هِن هر ڪنهن کي شخصي آزادي جي صلاح ٿي ڏني جيڪو ڪاميو کي ان وقت ائين ئي صحيح لڳو هو .
1956ع دوران هن جي پنهنجي ملڪ ۾ حالتُون اڃان خراب ٿيڻ لڳيون هيون جنهن ۾ ٻي مهاڀاري جنگ ۽ روس جي 1917ع وارو مارڪسِي اِنقلاب سڄي يورپ جي توازن کي بدلائي ڇڏيو هو. هڪ طرف روس پنهنجي اشتراڪِيت کي ڦهلائڻ لاءِ پنهنجي جدوجھد جاري رکي ته ٻئي طرف آمريڪا پنهنجي سرمائيداري نظام کي طاقتور رکڻ لاءِ ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار هو! ٻنهي طرفن کان ٻه بِلاڪ جُڙي رهيا هئا ۽ انهي ٻنهي نظرين تقريبن سڄي يورپ جي توازن کي بِگاڙي چٽ ڪري ڇڏيو هو. ماڻهو سڀ ڄڻ غلام بڻجي چڪا هئا جن کي اها خبر به ڪان پي پئي ته “آخر اُنهي ٻنهي نظرين جي جنگ ۾ عام ماڻهو ڇو پيو پيڙهجي”!؟ پر فطرت جو قانون آ ته “هڪ جڳهه پيدا ٿيندڙ حالتون ٻين جڳهن ۽ علائقن تي به پنهنجو اثر ضرور ڇڏينديون آهن”__۽ اهڙي طرح صَنعتي دور ۽ پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ وڏو سرمائيدار ملڪ آمريڪا بڻجي چُڪو هو جيڪو پهرين مهاڀاري جنگ لڳڻ وقت باقائدي جرمني خلاف ميدان تي لهي آيو هو، ۽ پنهنجي سرمائيداري حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ هي سڀ ڪجھ ڪرڻ جي لاءِ تيار بيٺو هو؛ آمريڪا جي جنگ ۽ مقصد صرف هاڻي ڪميونزم خلاف وڙهڻ هو!
انهي ساڳي سال ڪاميو پنهنجي ناول د فال (The fall) لکي مڪمل ڪيو هو؛ جنهن ۾ هُنجو مُوضوع “خدا جو موت ” هو! ۽ هُنجو اهو خيال به هو ته “جنهن خدا تي اسان يقين رکندا پيا اچون اهو مري چڪو آهي هاڻي اسان کي ڪو ٻيو ڌڻي (Master) ڳولڻ گھرجي ۽ اهو ڌڻي ڪو لڪيل خدا نه پر ڪو ظاهري گھمندڙ ڦرندڙ انسان هجي ڇو ته هڪ انسان ئي ٻئي انسان جي پيڙائن کي سمجھي سگھي ٿو، بچائي سگھي ٿو، جواب ڏئي سگھي ٿو”__هي مذهب ۽ مذهبين طرفان ڄاتل خدائن کي مُفادي ۽ غلط چوي ٿو “اهي خدا جيڪي انسان جي تڪليفن جو تماشو ڏسن اهي خدا نه پر خدا جي روپ ۾ ڏمر هوندا آهن”___انهي ساڳي ناول ۾ هن “جيزز” کي حرامي جهڙن لفظن جي جوڙجڪ ڪري هنجي ّذاتي وجود کي پڻ للڪاريو آهي! ان سان گڏ وُجوديت ۽ ناستڪي واري فلسفي کي البرٽ ڪاميو پنهنجي لکڻين جي موضوع سان ملائي ڇڏيو هو، “جنهن جي معنيٰ وجود جو هئڻ ڪجهه به ناهي، ڪي به اخلاقي قائِده ۽ قانُون ماڻهو جو دفاع نٿا ڪن اهي سڀ کوکلا ۽ خالي آهن”___يعني انسان جو ڪجھ وجُود ناهي ۽ انسان ڪجھ نٿو ڪري کيس ڪجھ حاصل ناهي، زندگي بي مقصد آهي بيڪار آهي، محبت جو ڪو به وجود ناهي، جن شين کي انسان چاهي ٿو ۽ جيڪو ڪجھ ڪري ٿو اهو سڀ فالتو آهي؛ ۽ خدا تي يقين دوکو آهي خدا جي نعمت جو انتظار ڪرڻ بيوقوفي ۽ ان کان گھرڻ نالائقي جي نشاني آهي”
انهي صدي انسان ذات کي هر طرح سان بيگانو ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ جنگين دوران ماڻهن جو مارجڻ؛ ۽ مختلف مُلڪن جي جنگين ادب جي ميدان ۾ هڪڙي نئين فلسفي کي جنم ڏنو، اهو هَو وجُوديت جو فلسفو (Existentialism)__پر البرٽ ڪاميو جي اهڙين لکڻين باوجود به هن اعلان ڪري ڇڏيو هو ته “مان وجوديت پرست بلڪل نه آهيان”__پر ڪاميو جي اهو چوڻ سان ڇا ٿو ٿي سگھي! ڇو ته وجوديت انهي دور جو موضوع بڻجي چڪو هو ۽ البرٽ ڪاميو جو ان کان هزار دفعا انڪار ڪرڻ باوجود به وجوديت پرست (Existentialis) هئڻ واري اِلظام مان هُو پنهنجي جند آجي نٿو ڪرائي سگھي. ساڳي طرح جيئن ناستڪ (Nihilism) هئڻ ويهين صدي جي شروعات کان اڳ هڪ گار (Abuse) طور استعمال ٿيندو هو؛ جنهن ۾ هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو کي ايئن چوندو هو “ته تون ناستڪ آهين”__پر ڪير به پنهنجو پاڻ کي ايئن چوڻ گوارا نه سمجھندو هو ته “مان ناستڪ آهيان”_جنهن کانپوءِ 20 صدي جي ادبي دور ۾ انهي ترز کي اپنائڻ فيشن بڻجي پيو هو! ۽ هاڻي ناستڪي واري فلسفي کي هرڪو (لکندڙ) پنهنجي لکڻين دوران بيان ڪري پاڻ کي ناستڪ سڏائڻ ۾ ڪو به عيب نه سمجھندو هو.
1957ع البرٽ ڪاميو جي زندگي جو اهڙو سال هو جو هن کي يقين نه پئي آيو ته ڇا واقعي هڪڙَي شهِيد هاري ۽ هڪڙِي ٻوڙِي ماءُ جو پٽ ايسيتائين مڃتا ماڻي سگھي ٿو!؟ ڇو ته انهي سال هن جي ڪيترين ئي ڪهاڻين جي ڇپجڻ کانپوءِ هن کي نوبل پرائيز لاءِ نامزد ڪيو ويو هو!__هن جي هڪڙي هٿ ۾ نوبل پرائيز هو ته ٻئي پاسي پنهنجي گُذريل زِندگي جون ذِلتون “سڀ ڪُجھ هن جي يادن ۾ گردش ڪرڻ لڳو هو”
انهي نوبل انعام ملڻ کان پوءِ ڪامِيو لاڳيتو ڪالم لکندو رهيو؛ ۽ ڪيترائي ڊرامه لکندو ۽ پيش ڪندو رهيو جنهن ۾ هِن تنهن وقت جي ڊرامن جي ڊاريڪشن ۾ نواڻ به پيدا ڪئي___۽ دوستو وسڪي جي لکيل شاهڪار دَ_پزيزڊ (The Possessed) کي ڊاريڪشن ڏئي هن بهترين انداز ۾ پيش ڪيو هو. ان کان علاوه هن ٿيٽر ۾ ان وقت جيڪي به ڊرامه پيش ڪيا تن ۾ انسان ذات جي ڏُکن ۽ بيگانگِين مان ڇوٽڪاري واري موضوع کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو
4 جنوري 1960ع ڌاري ڪاميو جي موت ڪار حادثي ۾ ٿي؛ جنهن کان پوءِ هن کي هنجي ڳوٺ جي هڪڙي ننڍڙي عام قبرستان “لَورمان” ۾ دفنايو ويو جتي هو، هنجي موت کان پوءِ ڏهن سالن تائين هنجي زال ۽ ٻار انهي ڳوٺ ۾ رهيا هئا___“جنهن ماڻهو خدا کي پنهنجين لکڻين ۾ ماريو هو اَڄ اُهو خود جسماني مَوت مري چڪو هو پر هُو ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن ۾ اڄ تائين زنده آهي” !
البرٽ ڪاميو پنهنجي لکڻين ۾ خدا جي وجود ۽ انسان جي وجود جي وچ ۾ هڪ خيالي ۽ شعوري جنگ کي چٽيو آهي___جنهن لاءِ اسان البرٽ ڪاميو جي لکيل ناول اوپرو کي مختصرن هيٺ پڙهنداسين .
[b]اَوپرو The Stranger مُختصِر ڪَهاڻي جو جَائِزو
[/b]
البرٽ ڪاميو جو اهو ناول اوپرو (The Stranger) 1942ع ۾ شايع ٿيو هو جنهن ۾ هن خدائي بندن ۽ پيڙهِيل عوام جي زندگي کي فلسفي انداز ۾ لکيو هو. هن ناول جي ڪهاڻي هڪڙي جهاز راني کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ڪالارڪ کان شروع ٿئي ٿي؛ جيڪو فرانس_الجيريا جو رهاڪو هوندو آهي. اها ڪهاڻي 1940ع ۾ شروع ٿئي ٿي مِيُور سالٽ (Meursault) نالي شخص يعني جھاز راني جو ڪلارڪ جيڪو خُوبصورت ۽ هر ڪنهن کي موهيندڙ نوجوان آهي .
هڪڙي ڏينهن هن کي هڪڙو ٽيليگرام اچي ملي ٿو جنهن ۾ هن کي اطلاع ڏنو ويندو آهي ته هن جي ماءُ گذاري وئي آهي. ميُور سالٽ يڪدم پنهنجي ڳوٺ پهچي ماءُ جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پهچندو آهي. تدفين واريون رسمُون ۽ سڀ فرض نِڀائي هي ٻئي ڏينهن بنان ڪنهن غم ۽ ماءُ جي موت جي ڏک جي واپس الجيريا هليو ويندو آهي.
الجيريا پهچڻ جي ٻئي ڏينهن هن جي ملاقات هِن سان گڏ ڪم ڪندڙ هڪڙي عورت “ميري ڪارڊونا” سان ٿيندي آهي؛ جنهن کان پوءِ ٻئي گڏجي گھمندا ڦرندا آهن ۽ ڪلارڪ کي پنهنجي ماءِ جو موت ياد ئي ناهي رهندو__هِي ميري سان رنگ رليون ملهائڻ ۾ لڳي ويندو آهي__انهي رات هي ميري سان گڏ بِيچ تي گھمڻ ڦرڻ کانپوءِ رات جو ٿيٽر تي وڃي فلم ڏسي ۽ واپس اچي هڪڙي جڳهه تي رات گڏ گذاريندا آهن. رات گذري وڃڻ کان پوءِ ڪلارڪ جڏهن صبح جو ننڊ مان جاڳندو آهي تڏهن ڏسندو آهي ته ميري اتي موجود ئي ناهي پر هي پنهنجو سڄو ڏينهن اتي ئي گذاري ڇڏيندو آهي
اتي گذارڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن مِيُور سالٽ واپس پنهنجي ڪم تي هليو ويندو آهي. ڪم کان فارغ ٿي منجھند جي ماني کائي هو دوستن سان ملي ڪري پنهنجي اپارٽمينٽ ڏانهن هليو ويندو آهي
انهي اپارٽمينٽ ۾ جتي ميورسالٽ رهندو آهي اتي هنجي ملاقات اپارٽمينٽ ۾ ڀرسان رهندڙ “ريمنڊ سائينٽِيس” نالي هڪڙي شخص سان ٿيندي آهي؛ جيڪو مايُون ڪرائي تي هلائيندو آهي ۽ ان کان علاوه انهي ريمنڊ جي هڪڙي رکَيل (Mistress) به هوندي هئي آهي جنهن سان ريمنڊ هر وقت وڙهندو رهندو آهي.
ٻئي صبح ميري ڪلارڪ سان ملڻ اپارٽمينٽ پهچندي آهي ۽ ڪلارڪ کي شادي ڪرڻ جو چوندي آهي؛ جنهن تي ڪلارڪ هن کي انڪار ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن وقت ميور سالٽ ۽ ميري اتي موجود هوندا آهن انهي وقت ٻِئي ڪمري مان عورت جو روئڻ کين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي_ اُها روئڻ واري ريمنڊ جي رکيل هئي جنهن سان ريمنڊ هر وقت وڙهندو رهندو آهي.
ريمنڊ جي رکيل جا ٻه ڀائر هئا جيڪي عرب هئا هڪڙي ڏنهن رکيل جي دانهن تي ان جا ڀائر ريمنڊ کي چاڪو جو وار ڪري زخمي ڪري وجهندا آهن؛ ٻئي ڏينهن ريمنڊ ميور سالٽ کي وٺي اچي پنهنجي رکيل جي ڀاءُ سان وڙهندو آهي ۽ انهي جھيڙي دوران ميور سالٽ جي هٿان انهي ساڳي رکيل جو هڪڙو ڀاءُ مري پوندو آهي جنهن کان پوءِ ڪلارڪ کي پوليس پڪڙي جيل ۾ رکندي آهي
جيل ۾ گذارڻ دوران ميري هِن وٽ اِيندي آهي؛ ۽ ميري جي اها ئي خواهش هوندي آهي ته ڪلارڪ جيل کان ٻاهر نڪرَي ۽ ٻئي شادي ڪري سُکي زندگي گذارين! ان کان علاوه ميور سالٽ کي پنهنجي فطري زندگي کان دور جيل ۾ رهڻ ۽ سگريٽ نه ملڻ جو به شديد ڏک ٿيندو آهي. جيل ۾ رهڻ جي چند ڏينهنن بعد ڪلارڪ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي آهي__جنهن ۾ عدالت هِن کي اخلاقيات جي بَرخلاف ڪم ڪرڻ وارو شخص ڪوٺيندي آهي. ڪورٽ ڪلارڪ جي خون جي ڪيس کي ڇڏي هن کي اخلاقيات جو درس ڏيڻ ۾ لڳي ويندي آهي! ميورسالٽ کي بي حس قسم جو انسان چئي ڪيس جو رخ رکيل جي ڀاءُ واري “خون” مان بدلائي اخلاقيات ڏانهن موڙيو ويندو آهي__هاڻي عدالت خون کان وڌيڪ ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ ۾ لڳي ويندي آهي ته جڏهن ميورسالٽ جي ماءُ وفات ڪري وئي تنهن وقت هن کي ڪنهن قسم جو ڏک نه ٿيو هو! ۽ هُن ماءُ جي ڪفن دفن کان پوءِ سمنڊ ڪناري تي خوشي خوشي وڃي عورت سان همبستري ڪئي؛ ۽ هنکي هن جي ماءُ جو ٿورو به ڏک نه ٿيو! ۽ عدالت هن کان بار بار اهو به پُڇندي رهي “ته توکي تنهنجي ماءُ جي موت تي ٿورو به ڏک نه ٿيو”؟! انهي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ڪِلارڪ کي وحشي ۽ انساني رشتن جو غدار قرار ڏيندي هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ٿي__۽ انهي کان علاوه جج ڪلارڪ کي دهريو(Athiest) سڏي ٿو! ۽ مذهبي بَحث تي پڻ هُو ڪلارڪ کي ڇيڙي ٿو؛ جنهن تي ڪلارڪ مذهب ۽ خدا جي رحم کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي!
ميورسالٽ (ڪلارڪ) هاڻي جيل ۾ پنهنجي موت جو انتظار ڪندو رهي ٿو ۽ ماحول کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو! ته ڪڏهن وري فرار ٿيڻ جي سوچ به رکي ٿو؛ پر هن کي ڪجھ به حاصل نه ٿو ٿئي
انهي سوچُن دوران عيسائي مذهب جو هڪڙو ديول (Chaplain) اوچتو جيل گھمڻ اچي ٿو؛ ۽ هن جي نظر ڪلارڪ تي پئي ٿي، ڳالهه ٻولهه ۽ حال احوالن ڪرڻ کان پوءِ ديول ڪلارڪ کي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته “جيڪڏهن تون مذهب تي عقيدو رکين ٿو ۽ خدا تي ايمان آڻي ٿو ته آءُ تنهنجي زندگي عدالت کان ۽ موت کان بچائي سگھان ٿو”
انهي ديول جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ به ڪلارڪ مذهب ڏانهن لڙڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو؛ ۽ انهي ديول جي لفظن ۽ جملن تي بخِيل پڻ ٿي وڃي ٿو ۽ ديول جو ڪالر پڪڙي هِي وڏي جوشيلي آواز ۾ کيس چوي ٿو ته “مان ڪڏهن به خدا طرف نه ايندس! ها مان بي مقصد زندگي تي يقين رکان ٿو؛ ۽ مان پنهنجو پاڻ کي صحيح سمجھان ٿو مون وٽ انسان ۽ انسانيت جي ڏکن لاءِ همدردي آهي__مون کي هر هَنڌ انسان نظر ايندو آهي ۽ توهان انسان کي ڇڏي غائب وجود جي مڃڻ ۽ نه مڃڻ جي عمل تي انسان جو قتلام ڪري رهيا آهيو”
وجوديت کي پرکڻ لاٰءِ البرٽ ڪاميو جي لکڻين ۾ وجود ۽ عدم (Being and nothingness) کي سمجھڻ خاطر سارتر جي وجُوديت تي به مُختصر روشني وجھڻ جي ضرُورت آهي ۽ سارتر سان گڏ ٻين وجود پرستن جي باري ۾ به مختصر ڄاڻڻ جي ضرورت آهي .
[b]وُجُودِيت Existentialism مُختصِر جائِزو
[/b] وجوديت اوڻويهين ۽ ويهين صدي جو اهم فڪر آهي ۽ ان فلسفي جو آغاز اوڻوينهين صدي دوران ڊينمارڪ جي هڪڙي پروٽسٽنٽ فرقي جي فلاسافر “شِرين ڪيرگِيگارڊ” سان منسُوب ڪيو وڃي ٿو.
وجوديت اسانکي گھڻو ڪِلاسِڪي ادب ۽ روايتي فلسفي ۾ به ملي ٿو؛ جيئن سقراط، اِڪيانوس ۽ پاسَڪل، پَرڪَر ۽ ڪَيرگِيگارڊ اُن فلسفي کي وڌيڪ مضبُوط شڪل ۾ پيش ڪيو آهي___ هنن انساني جي داخلي ۽ رُوحاني تصور کي اُجاگر ڪيو آهي جيڪو ويهين صدي جي ابتدا ۾ هڪ مُستقل ۽ مُستحڪم سوچ جو محور بڻجي ادب ۾ سَمائجي ويو هو
البرٽ ڪاميو انهي دور جو ليکڪ هئڻ باوجود به پنهنجي پاڻ کي ڪڏهن به“وجوديت پرست” نه سڏيو ۽ هُن هميشهه ان شي جي ترديد ڪئي ته “مان مڃان ٿو ته منهنجي لکڻين جو واسطو انسان جي زندگِين سان جُڙيل آهي ۽ خدا جي طرفان ڏنل اخلاقيات جو مان انڪاري آهيان پر هڪڙي ڳالهه مان کلي عام چوڻ چاهيندس ته مان ڪهڙي به طرح پاڻ کي وجوديت پرست سڏائڻ پسند نه ڪندس!”
البرٽ ڪاميو جي نه مڃڻ باوجود به هُو وجُوديت جي ڪٽهڙي ۾ پاڻهي ڄاڻي ڳڻجي وڃي ٿو ڇو ته هُن جيڪو ڪجھ لکيو اهو سڀ ان دور جي نِسبت سان وجوديت واري فلسفي جو حصو بڻجي چڪو هو___انهي کان علاوه؛ اڻويهين صدي ۾ وجوديت جي فلسفي کي پوري شد ۽ مد سان مقبوليت ته کڻي نه ملي پر ٻي عالمِي جنگ کانپوءِ ويهين صدي ۾ اهو فلسفو گھڻي حد تائين عالمي حلقن ۽ ادب ۾ پکڙجي چُڪو هو. انهي وجوديت جي فلسفي کي انهي وقت وڏي شدت سان قبُولِڻ جو مقصد انهي دور ۾ يورپ جي عجيب ذهني ڪشمڪش، انتشار، افراتفري ۽ تنگي جو شڪار طبقي جي نشاندهي ڪرڻ هو؛ جنهن جو سبب سياسي به هو ته مُعاشِي به___جنهن ٻن تصَوَرن؛ عَقُليت ۽ غير عقليت (وجدانيت) کي ٻن حِصن ۾ ورهايو__اهي ٻئي تصور هڪٻئي کان مُختلف هُئا، يعني جتان عقُل ۽ عقُليت جو گذر ٿئي اُتان وَجدان کوکلو ئي رهي ٿو؛ ۽ اُنهي ٻنهي تصورن جو تضاد ايترو وڌيو جو آخر تائين ويهين صدي جا عالم به ان ۾ هَم آهنگي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهجي ويا هُئا
انگريزي لفظ اِگزسٽ (Exist) فلسفي ۾ ڏاڍو اختلافي رهيو آهي جو ان جو تعلق اُن مفهوم سان آهي ته جيڪو شين جي هُئڻ، موجُود هئڻ يا وجُود ۾ هئڻ جو تصور ڏئي ٿو؛ جيئن چئجي ته “خدا آهي؟ يا هي ڪتاب (وجود رکي ٿو) آهي؟ يا ڳارهاڻ کي وجود آهي؟ يا چئجي ته ڇا جِسم سڀ حقيقي وجود رکن ٿا”؟___خُداپرست (Deism) وارا چون ٿا ته خدا آهي پر مُلحَد چون ٿا ته خدا ڪونهي____وري مادِيت وارا (Materialist) چون ٿا ته مادَو حقيقي وجود رکي ٿو؛ پر تَصوريِت وارا (Idealists) چون ٿا ته اها ڳالهه اجائِي (Illusory) آهي. افلاطُوني چون ٿا ته ڳاڙهاڻ جي خُصوصيت حقيقي آهي پر اسميت وارا (Nominalist) چون ٿا ته ڳاڙهاڻ جھڙي ڪنهن به شي جو وجود ڪونهي”
ڪيترائي عالِم هِن انگريزي لفظ جو مفهُوم اُهو به سمجھن ٿا ته اهو لفظ مونجھاري وارو آهي ۽ “هُئڻ” يا ڪن شيِن جو “موجود هئڻ يا قائم نه هئڻ” جو بحث ئي غلطفهمي جي بنياد تي قائم ٿيو آهي
انهي طرح فلسفي ۾ هئڻ کي ڪڏهن ته خيالي (Ideal) شي سان لاڳو ڪيو ويو آهي ته ڪڏهن حقيقي (Actual) شين سان پر اختلافي حالتُن ۾ اهو چيو ويو آهي ته “خيالي شيون آهن ئي ڪونه!_____۽ مادي شيون وجُود رکن ٿيون” تنهنڪري، اهڙي طرح، هِڪ مادِي شي کي موجود (Exist) چيو ويو آهي ۽ ساڳي طرح انساني شخصِيتُون ۽ طبعي يا مادي جسم ممڪن آهن ۽ وجود رکن ٿا
ڪيرگيگارڊ هن انگريزي لفظ کي ٽِن مفهُومن سان استعمال ڪري خدا جي لاءِ چوي ٿو ته “خدا آهي”__يعني خدا جي باري ۾ هتي هُو پنهنجي عقيدي کي ئي ڪافي سمجھي ٿو! شخصن يا شخصيتن جي لاءِ هو چوي ٿو ته “چيو وڃي ٿو ته اُهي موجُود آهن يا وجُود رکن ٿيون”__يعني هِن باري ۾ هُو عِلم کي ڪافِي ٿو سمجھي باقي جِسمُن جي وجود جي باري ۾ هُنجو اَڃان ڪو ٻيو خيال آهي جنهن ۾ وجوديت پرست وارن ڪا به خاص دلچسپي ڪانه ڏيکاري .
فڪر جي حيثيت سان هي فَلسفو ڪيرگيگارڊ کان علاوه سارتر، نٽطشي، ڪافڪا ۽ دوستو وِسڪي سان به وابسته سمجھيو وڃي ٿو؛ وري به فڪر جي حيثيت سان وجوديت جو تعلق آزادي سان آهي جنهن لاءِ ڪَير گيگارڊ ٽي شيون اَهم بيان ڪيون آهن؛
1. هن بوريت، ڊپ ۽ ڳڻتي کي نفسياتي حيثيت ڏني؛
2. هن عيسائيت جي عقيدي کي پاپائيت کان جدا سمجھيو؛
3. هن وجود کي هڪ جدا تصور قرار ڏنو؛
انهي باوجود به سارتر جو فڪر ٿورو اختلافي هو؛ هُن پاڻ کي مُنڪر وجودي يا ڪافر وجودي (Athiest existantialists) سڏيو آهي___۽ هُن اِيئن به چيو هو ته “خدا آهي ئي ڪونه ۽ نه انسان کي ڪنهن خدا پيدا ڪيو آهي ۽ وري نه ئي انسان جو ڪو حقيقي مقدر آهي__انسان جو اصل مقصد آهي آزادي”! سارتر جو اهو به خيال هو ته “انسان جي ترقي خود انسان جي پنهنجي مرضي يا آزادي جو نتيجو آهي پر انساني شخصيتون ڪنهن ٻي هَستي جو پيدا ڪيل نه آهن” مُنڍ ۾ اُهي صِرف موجُود هوندا آهن__۽ اُن حالت ۾ اُهي وَجُود رکن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي اِرادي مطابق شخصيتون بڻجن ٿيا ۽ پاڻ کي خلقين ٿا؛ اهڙي طرح سارتر ۽ ٻيا وجودي چون ٿا ته “انسان جي زندگي جو ڪو به مفهُوم نه ٿو نڪرَي يعني خود انسان جي وجود کان اهم ۽ بنيادي ڪا اهڙي شي ڪانهي جنهن جي حوالي سان خود انسان جي وجود جو مفهوم بيان ڪري سگھجي يا ان کي مڃي سگھجي پر انسان ئي پاڻ پنهنجو سبب ۽ مُسبب آهي”__۽ وجديت پرست به اهوئي تصور (Concept) ڏين ٿا ۽ مفهوم بخشين ٿا
وجوديت وارا انسان جي ترقي کي “آزاد” ۽ پنهنجي پيرن تي بيٺل ٿا سمجھن؛ هُنن جي خيال ۾ “انسان انفرادي طور تي ترقِي ڪري ٿو پر اُها هن جي انفرادي مرضي آهي ته هو ترقي ڪري___پر جيڪڏهن هو وڌڻ گھرندو ته پوءِ هن کي اڳ ۾ جَمالياتي تجربي مان گذرڻو پوندو؛ يعني هن کي پنهنجي ماحول جي لذتُن مان لُطف اندوز ٿيڻو پوندو، جنهن کي ڪنهن به مستقبل جي مجبُوري کان درگذر نٿو ڪري سگھي”__ڇو ته “هُنجو وجود “آزادي” تي بيٺل وجود آهي ۽ ٻي منزل تي انهي کي اخلاقياتي قانون جو احترام ڪرڻو پوندو”. يعني هو پنهنجي وجود جي آس پاس سماج جي ڪن ذميوارين کي به محسوس ڪندو پر اُن جو مفهوم اهو نه آهي ته هو اِخلاقيات جي قانون کي مجبُور ٿي تسليم ڪري ٿو پر هُو قانون جي عزت ڪري ٿو__انهن مان به ڪن قانونن کي هو پنهنجي مٿان فرض يا مجبُوري نه ٿو سمجھي ۽ ايئن ڪرڻ ۾ هو هڪ “ آزاد وجُود” جي حيثيت اختيار ڪري ٿو__۽ آخري منزل تي هو ڪنهن نه ڪنهن خدا جي تصور کي اختيار ڪري ٿو پر هِي آخري منزل سارتر جي لاءِ موجود ئي ناهي!
فڪر جي خيال کان وجُوديت وارا فلسفي کي سائنس کان جدا ڪن ٿا ۽ هُنن جي فڪر جو نُقطو آهي “سَرگرم ۽ آزاد انسان جي پنهنجي بقا لاءِ جدوجھد”
انسان ڪائنات تي جڏهن کان پيدا ٿيو آهي تڏهن کان وٺي هِن وَٽ هَلچَل جي دُنيا آهي__ڪائنات ۾ هر هنڌ انسان جي زندگي مختلف ڪهاڻين ۽ فلسفن جي ور چڙهيل آهي؛ جنهن ۾ هر انسان جي ذات پويان ڪو نه ڪو عقيدو رهي ٿو! هر دور ۾ انسان عقيدن جي هٿان پيڙهيو ويو ۽ هر لحاظ کان مذهب جي ٺيڪيدارن به انسان کي خدا کان ويندي جنت ۽ دوزخ جا دليل ۽ دڙڪا ڏيندا انهن کي پاڻ وٽ قيد ڪندا رکندا ويا آهن__ادب ۽ فلسفِي دُنيا اندر ڪيترائي اهڙا ڪهاڻيون ۽ فلسفا لکيا ويا آهن جن ۾ انسان جي حيثيت هڪ “ويچاري” جيان آهن جنهن کي اها به خبر نه آهي ته “هو ڇو پيدا ٿيو ۽ هنجو ڌرتي تي اچڻ مان ڇا مقصد هو__هُو ڪنهن لاءِ ۽ ڪنهن جي آسري تي هِتي موڪليو ويو آهي؟!”__هن کي ڪنهن به شي جي خبر نه هئي__پر ڌرتي تي پير رکڻ ۽ ماحول ۾ اچڻ کان پوءِ کيس خبر پئي ته “هن کي زندگي خيرات يا زڪوات ۾ ناهي ملي؛ ۽ جيڪا زندگي هِن کي مِلي آهي ان جي پويان خدا جو هٿ آهي! ۽ اُنهي زندگي کي به خُدا جي ڏِنل ۽ لِکيل مُقدر تحت گذارڻي آهي__خدا جيڪو انسان لاءِ لکيو آهي ۽ جيڪو هِن جو مقدر آهي هُن کي ان ۾ خوش رهڻ گھرجي ۽ خدا جي مرضي جي خلاف ورزي نه ڪرڻ گھرجي”
مُقدر ۽ انسان جي خدائن ۽ مذهبن کان وٺي مذهبي سرواڻن هٿان پيڙهجڻ جي تاريخ به پراڻي آهي__تاريخي ۽ ادبي حوالي سان هر هنڌ وُجُوديت جو تجزيو ڪري سگھجي ٿو__يُوناني ڏند ڪٿائن ۽ ڪهاڻين ۾ خدا هڪڙو انسان “پروميٿِيس” اسان کي ملي ٿو جنهن کي خدا ننڍڙِين غلطين جي سزا ڀوڳڻ لاءِ پيدا ڪيو هو! انهي ڏند ڪٿائي داستان ۾ خدا ۽ پُرو مَيٿيس جو جھيڙو ٿئي ٿو جنهن ۾ خدا پرو ميٿيس کي آسمان تائين پهچڻ نٿو ڏئي__آسمان تائين پهچڻ کان روڪڻ مان مراد ته خدا صرف پنهنجي طاقت تي ناز ڪندڙ آهي ۽ پروميٿيس جو مَقصد اهو هوندو آهي ته هُو ٿڌ ۾ مرندڙ انسان ذات لاءِ آسمان مان باھ کڻڻ لاءِ ويندو آهي.
“خدا انسان جو مُقدر پنهنجي مرضي سان لکيو آهي ۽ اسان کي هر حال ۾ ان مقدر سان هلڻو پوندو”_اِهو يُونانين جو خيال هو؛ ۽ يونانين جو خدا هُنن جي نظر ۾ سچو ۽ واقعي مقدر ٺاهيندڙ هو! يونانين جي خدائُن جو ڪنٽرول عام طرح هيٺين خدائن کان ويندي عام ماڻهن تي به هو جيڪي اِنسان کي پَنهنجي مَرضي مطابق مقدر تي هلڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا ۽ پنهنجي خُدائي طاقت جو ثبوت ڏيندا هئا. ساڳي طرح جيئن بادشاه اَوڊيپس هٿان پنهنجي پي کي قتل ڪرڻ ۽ ماءُ سان شادي ڪرڻ اُن وقت خدا جي طاقت ۽ قول جو معجزو هو!
انهي سُورن کان ويندي يورپ ۾ سوين سال بعد پادرين جو عوام تي ۽ ماڻهن تي قبضو ٿيو؛ جن هر طرح سان خدا جي خوف ۽ نالي سان ماڻهن تي پنهنجي جارحِيت ۽ طاقت مان هر طرح جو فائدو ورتو. اُنهي يورپ ۾ پوءِ نئين جاڳرتا ۽ روشن خيالي انسان کي خدائي طاقتن جي وَهمن کان آزاد ڪرايو ۽ بعد ۾ يورپ اندر صنعتي انقلاب به برپا ٿي چڪو هو. صنعتي انقلاب ۾ به انسان پيڙهبو رهيو هو؛ مُنڍ ۾ سوين سال خدائن جي هٿان ۽ هاڻي مٿئين طبقي جي ماڻهن هٿان___هاڻي اُهي مٿين طبقي جا ماڻهو به هيٺين طبقي وارن لاءِ ڄڻ خدائي طاقت جا سرچشما هئا! انهي دوران غُربت ۽ بيگانگي جنم ورتو هو جنهن ۾ هڪ ته غربت ٻيو وري پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگين انسان ذات جي رهيل کُهيل عقيدي کي به گهرو ڌڪ رسايو هو. انهي وقت انسان پنهنجي پوئواري جي ساخ بچائڻ جي چَڪر ۾ هو تڏهن ڪارل مارڪس وجوديت جي نظرئي کي طبقاتي مسئلو سمجھيو جنهن ۾ هن جو خيال هو ته “ڪنهن آسماني مدد جي اميد کان بهتر آهي ته ماڻهو پنهنجي جِدوجھد شروع ڪري ڏئي ۽ خدا جي مدد وٺڻ کان بهتر آ ته ماڻهو هڪٻئي جي مدد ڪن ۽ جِدوجَھد وسيلي پنهنجي وڃايل زندگي کي ڪو مقصد ڏين.”
ساڳي طرح سارتر کان ويندي البرٽ ڪاميو ۽ “سمويئل بيڪيٽ” جهڙن ڊرامانگارن اهڙا ڊرامه لکيا جن ۾ “خدا جو ويهي انظار ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو ڪجھ اهڙو ڪري وٺي جنهنجو تَعلُق خودي (Self) سان هجي”. سيموئيل بيڪيٽ انهي وقت خدا جي انتظار ۾ (Waiting for godot) نالي ڊرامو لکي وجوديت جي فلسفي اندر چِٽائي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي هُئي__انهي ڊرامي ۾ هُن ٻن ڪِرادارن وِلادمير ۽ اسٽراگن کي پيش ڪيو آهي__۽ جنهن ۾ هُو بي حال ۽ بگڙيل ڏُک واري حالت ۾ هڪٻئي سان مِلن ٿا ۽ پنهنجي زندگي کي سُک ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ خُدا جو انتظار ڪن ٿا، پر سڄي ڊرامي جي آخر تائين خُدا هُنن وٽ ناهي ايندو ۽ اتي انهي وقت پيش ٿيندڙ هر ڪِردار کي هُو خُدا ۽ پنهنجي پاڻ کان مٿاهون سمجهندا آهن
يورپ جا ماڻهو انهي وقت اُن خيال جا به بڻجي پيا هئا ته “زندگي ۾ پيدا ٿيندڙ خراب حالتن ۽ بيمارين جو علاج اڳ ۾ پادرين جي هٿ ۾ هو سو مذهبي ڦر مار جو دڳ هو”___هاڻي انسان کي صحت جي ضرورت هئي ۽ اها صحت هڪڙي گڏجي جدوجھد جو نالو هو ۽ انهي جو مثال اسانکي البرٽ ڪاميو جي د پليگ (The Pleague) ۾ ملي ٿو. جنهن ۾ بيمارين دوران ماڻهو مرن ٿا ۽ پادرين کي پنهنجي تبليغ جي لڳي پئي آهي”__]ٻيئن مهاڀاري جنگ کانپوءِ ويٽيڪن سٽي جي پوپ اعلان ڪيو ته هاڻي پادري يورپ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي مذهب جي پرچار ڪن جنگ تازو ختم ٿيو آهي ۽ سڀ ماڻهو جنگين کان تنگ ٿي مذهب جو پاسو وٺندا. پادرين ايئن ئي ڪيو ۽ ڪجھ وقت کان پوءِ يورپ جي هر حصي مان پادرين پوپ ڏي خط لکي جواب ۾ کيس اهو احوال ڏنو ته “جنگ کان پوءِ هر ماڻهو تنگ لڳو پيو آهي اسان جنهن سامهون تبليغ ڪيون ٿا اُهي اڳ ۾ ماني جي گھر ڪن ٿا ۽ تبليغ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهن”.________سيڪيولرزم ۽ عقُليت پسندي ابراهيم جويو[
“بک ۽ بدحالي جو ڪوبه مذهب ناهي هوندو” انهي ٻي مهاڀاري جنگ ماڻهن جو اهڙو حشر ڪيو هو جنهن ۾ هر ڪو پنهنجي زندگي جا بار پنهجي ڪلهن تي ڍوئي هلڻ لڳو هو! جنهن کي البرٽ ڪاميو پنهنجي “مٿ آف سِسفس” ۾ ظاهر ڪيو ۽ جنهن جو مثال هُن يُوناني ديوتائن سان جوڙيو هو ۽ اهو ڏسڻ ٿي چاهيائين ته “يُورپ ۾ اڄ جا مٿيان طبقا به يوناني خدائن جيان انسان ذات تي ظلم ڪري خوش ٿيندا آهن ”
ٻين عالمي جنگين کان اڳ ۾ ظاهري وجوديت “فرڊرڪ نٽطشي” جي فلسفي ۾ ظاهر ٿي نڪتو جنهن ۾ هُن بَيگانگِي جي صورتحال ۾ اهو چئي ڇڏيو هو ته “خدا مَري ويو آهي__هاڻي ماڻهُو کي پاڻ جيئڻو پوندو ۽ هر ماڻهو کي پنهنجي صحيح ۽ غلط جو تدارڪ به پنهنجي پاڻ کي ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي هُو ڪنهن جو به انتظار نه ڪرن گهُرجي”. پوءِ اها شايد نٽطشي جي ڄائي ڄم کان اکين جي بيماري ۾ مبتلا هئڻ جو ردَي عَمل هو جنهن هن کي خدائي ڏمر کان نفرت طرف ڌڪي ڇڏيو هو.
اُنهي دور ۾ فلسفي اندر نئين جِدليات واري خيال جو جنم ٿيو هو ۽ اُن ڪري هر ماڻهو حالتن کي بدلجندڙ وقت ۾ سمجھندو ۽ انهن کان آزادي جي تمنا ڪندو رهيو هو___انهي وقت انهي سڀني ۾ فلسفي “اَيميونل ڪانت” ئي هو جنهن جي فلسفي ۾ انسان وٽ عقُل کي اهميت ڏيڻ؛ يَعني هر شي تي سائنسي طرح سوچڻ واري عمل جي شُروعات ٿي هُئي؛ ۽ هُنجو انسان حواسن کي مادي بنيادن تي سمجھڻ جو عادي ٿي ويو هو! اُن کان علاوه اُنهن وٽ هر شي کي سڃاڻڻ لاءِ سَبب (Reason) جي ضرورت پئي ۽ انهن سببن کي ٻاهر آڻڻ لاءِ عقل کي انهي انسان مادي عنصرن حوالي ڪري ڇڏيو هو “هر شي هڪ ٽرينڊ بڻجي ويندو آهي، ادب، آرٽ ۽ سائنس سڀ حواسن جي تدارڪ جو سَبب آهن جن ذريعي انسان سوچي ٿو ۽ عمل ڪري ٿو”
ويهين صدي جا ليکڪ يُونانين جا پوئلڳ بڻجي پيا هئا پر؛ فرق صرف ايترو هو جو يوناني ڏند ڪٿائي ڪردارن جهڙوڪ خدائن جي طاقت ۽ دٻدٻي هيٺ رهيا ۽ انهي طاقت ۽ موت جي خوف انهي دور جي ماڻهن کي ايترو ته بَهادر بنايو جو هر ڪو فنا ٿيڻ باوجود به موت سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار هو. جيئن سارتر مطابق ته “ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هِن جنگ اسان کي تباه ڪيو ۽ اسان کي ذلت ڏني پر پوءِ اسان کي ان مان هڪڙو وڏو فائدو ٿيو ته هاڻي اسان موت سان اکيون اکين ۾ ملائي ان جو جواب ڏئي سگهون ٿا سگھون ٿا ”
ان کان وڌيڪ سارتر اِهو به چيو هو ته “هاڻي اسان پنهنجي بُري ڀلي جو فيصلو پاڻ ڪنداسين ۽ هن جنگ اسان جي اندر ۾ لڪيل آزادي جي جذبي کي اڀاري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اسان پنهنجي زندگي کي آزاد بڻائي پنهنجو پاڻ جيئڻ جي لائق ٿيا هون ۽ اسان هاڻي زندگي پنهنجي ۾ آزاد رهنداسين____هميشهه لاءِ”!!!!