سَوفو ڪلِيس 497 قبل مسيح
انسان کي ۽ دُنيا کي صرف هڪڙو ئي جذبو بچائي سگھي ٿو ۽ اُهو آهي “مُحبت ”___هِي اَڃان سَتن سالن جو مس هو جڏهن اِيران ۽ يُونان جي وچ ۾490 قبل مسيح دوران جنگ لڳي هئي. وقت سان گڏ جڏهن هي (سوفو ڪليس) پڙهڻ جي قابل ٿيو تڍڏهن هُن هَيروڊِٽس جي تاريخ جو مطالعو ڪيو هو؛ جنهن مان هُن کي خبر پئي هئي ته 490 ق_م وارِي جنگ، جنهن کي “ميراٿن جي جنگ” جي نالي سان به ياد ڪيو ويندو آهي ۾ 6400 کان زندگيُون ٻنهي پاسي موت جو کاڄ ٿي ويُون هيون. ميراٿن جي جنگ اصُل ۾ اُن کان اڳ اِسپارٽن واري جنگ ۽ لونِين واري بغاوت جي رد عمل سان لڳي هئي، جنهن ۾ فارس (هاڻوڪي ايران) جي بادشاه دارا پهرين کان يُونانين شڪستُون کاڌيُون هُيون. يُونانين جي حدُن جي ٻن وڏا علائقن، اسپارٽا ۽ اَٿينز کي فتح ڪرڻ لاءِ اِيراني هميشهه تيار ۽ سرگردان رهندا هئا ۽ ايتري قدر جو دارا اُن وقت هڪڙو نوڪر پنهنجي شاهي محل ۾ مقرر ڪري ڇڏيو هو جيڪو هڪ ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا هن کي صرف اُهو ياد ڏياريندو رهندو هو ته “ آقا اَٿينز وارا ياد ته اٿئي نه”.
اُنهي سال 490 ق.م دوران اِيران جي فوج تيار ٿي يُونان جي سرحد ميراٿن (جيڪو يُوناني بندر وارو علائقو هو) ڏانهن يونانين تي حملي ڪرڻ لاءِ وڌڻ لڳي هئي. هوڏانهن يُونانين کي به اِيران جي طرفان جنگي حڪمت عملين جي خبر پئجي چُڪي هُئي جنهن بعد يُونانين “پَليٽِيا” قوم کي به مدد جي اپيل ڪري ڇڏي ۽ اسپارٽا قوم کي به مدد لاءِ چئي ڇڏيو هُئائون؛ جنهن کان پوءِ اسپارٽا وارن اُهو چئي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته “هِن مهل اسان پنهنجي مذهبي ڏڻ ملهائڻ ۾ مصروف آهيون ۽ توهان جي مدد ڪنهن به حالت ۾ نٿا ڪري سگھون”
يُونانين هاڻي ميراٿن جي ميدان تي پُوري تياري سان دارا جي فوج جو انتظار ڪرڻ لڳا هُئا ۽ جيئن ئي دارا جي فوج ٻيڙين وسيلي “ميراٿن” جي علائقن وارن حدن اندر پهتي تيئن ئي يونانين جي ڪمانڊر “مَيلٽِيڊس” پنهنجي فوج کي پوري طاقت ۽ جوش سان حملو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو هو. يونانين کي ته جنگ کٽڻ جي ڪا اميد نه هئي پر تنهن باوجود به يوناني سڀ ڪجھ وساري وڙهڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي يونانين ايران جي فوج تي فتح حاصُل ڪري ورتي .
“دارا” جي شڪست ۽ يونانين جي فتح ايرانين کي وڏي پئماني تي چيڙائي وڌو هو جنهن کان پوءِ وري ٻيهر ايراني يونان تي حملي ڪرڻ جون حڪمت عمليون جوڙڻ ۾ لڳي ويا هئا__پر اُنهي وچ ۾ ايران جي بادشاه دارا جي قدرتي موت کان پوءِ ايرانين جي يونانين خلاف باھ ڪافي ٿڌي ٿي وئي هُئي__پر ايئن به چيو ويندو آهي ته “پلاند ڪڏهن به پراڻا نه ٿيندا آهن”؛ ۽ هاڻي دارا جو پوٽو “زرڪيسز ” 480 ق_م دوران اِيراني هَڪومت جون واڳُون سنڀالڻ لڳو ۽ تنهن مهل هن کي پنهنجي قوم جي يونانين طرفان شڪست جو پلاند به ڪرڻو هو جنهن لاءِ هُن وڌيڪ فوج تيار ڪئي ۽ پوءِ يونانين سان جنگ جوٽي؛ جنهن ۾ زرڪيسز يونان جي اسپارٽن ۽ اٿينس جي فوجين کي شڪست ڏئي يونان جي شهر اٿينس تي قبضو ڪيو ۽ اٿينس جي ننڍڙي پٿريلي چوٽي تي اڏيل تاريخي شهر اَئڪروپَولِس کي باھ ڏئِي ساڙي ڇڏيو هو.
شايد اُها ئي جنگ هئي جنهن سَوفَوڪَلِيس کي نفرت کان نفرت ڪرڻ ۽ محبت جي واٽ تي هلڻ جو خيال ڏنو هو. هِن کي هاڻي پُوري طرح خبر پئجي چُڪِي هُئي ته “جنگ جي تلوار امُن ۽ مُحبت جي جذبن کي هميشهه لاءِ ختم ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آهي جنهن ۾ هڪ زندگي ٻئي زندگي جو دُشمن ٿي پوندو آهي” .
468 ق_م جو دور هو جو سوفو ڪليس جو نالو بادشاه جي زبان تي هو ۽ هر اُن ماڻهو جي زبان تي جيڪو اُن وقت “ڊايونيسِيا ٿيٽر” ۾ موجُود هو؛ ڇو ته اُن وقت سَوفَوڪليس جي لاءِ اُهو اعلان ٿي چڪو ته “هي هڪ بهترين ڊرامه نگار آهي”___۽ سال جو ادبي انعام (جيڪو شايد اڄ جو نوبل پرائيز کڻي چئجي) سوفو ڪليس کي ڏنو وڃي. اُهو وقت هُن لاءِ تمام گھڻي خُوشي وارو لمحو هو جنهن ۾ هُن کي پاڻ تي يقين ٿيڻ لَڳو هو ته “هي واقعي هڪ ڊرامه نگار آهي”!
هاڻي اُن دوران يونان ۾ “پارڪليز” جي حڪومت هئي جنهن ۾ سوفوڪليس کي حڪومت طرفان عُهدو پڻ ڏنو ويو هو_هن کي اُهو عُهدو هيو ته “يونانين طرفان هر ڇڙيل جنگ جي ساراه ۽ خدا جي شڪراني لاءِ هر سال جيڪو ڏڻ ملهايو ويندو آهي، اُن جي اڳواڻي سوفوڪليس ڪندو؛ ۽ اُنهي ذميواري کان علاوه اُنهي ميڙ کي خَطاب ڪرڻ جي ذميواري به سوفوڪليس جي هٿ هيٺ هُوندي”.
سوفو ڪليس، جنهن جي ڪردار ۽ فَن کان ڪو به يُونان جو ماڻهو اڻواقُف نه هو ۽ جنهن کان چند سال بعد حڪومت جي ناڻي جي ڪمائي جي حساب ڪتاب ۽ سنڀال وارو ڪم به سوفوڪليس جي حوالي ڪيو ويو هو؛ جنهن لاءِ ايئن چوڻ به غلط نه ٿيندو ته “هو اُن وقت جو وزير خزانه هو ۽ حڪومت طرفان اُن عهدي تي فائز ڪيو ويو هو”. پهريون ڀيرو سوفو ڪليس کي پنهنجي ذميدارين جو اَحساس ٿيڻ لڳو هو ۽ هُو ايئن پڻ سمجھڻ لڳو هو ته “هاڻي هُو مُڪمل طرح سان حُڪومتي معاملن وارو فرد بڻجي چُڪو هو”، جنهن ڪري هُن عهد ڪري ورتو هو ته “هاڻي ڇا به ٿِي پوي پر يُونان ۽ يُوناني حُڪومت جي ساخ کي برقرا رکڻو آهي” . سوفو ڪليس جي نالي ايئن به لکيو ويو آهي ته هُن وٽ جنگ جو وڏو هنر هو، اها ڳالهه جڏهن اُتان جي حُڪُومت کي خبر پئي ته اُنهن سوفوڪليس کي فوج جو ڪمشنر ڪري رکيو. جنهن کان پوءِ هي ڪافي ننڍين وڏين جنگين ۾ يوناني فوج جو حصو ٿي وڙهندو رهيو. مزي جي ڳالهه اُها به آهي ته جنگين دوران ڪَڏهن به هُن کي ڪنهن به قسم جا چوٽ ۽ گھاءُ نه پهتا جيڪي هُن جي موت جو ڪارڻ بڻجن ها__اتفاق کڻي چئجي يا ڪُجھ ٻِيو پر سوفوڪليس جي موت هڪ جُملي پڙهڻ دوران ٿي هئي___هڪ ڏينهن جڏهن پنهنجي لکيل ڊرامي “اَينٽِي گَون” جُون سٽُون پڙهي رهيو هو تڏهن خبر ناهي ڇو ايتري جذباتي انداز ۾ پڙهيائين جو هُن کان سِٽون پڙهڻ دوران ڄڻ ساھ کڻڻ وسري ويو هُجي ۽ خبر تڏهن پئي جڏهن سِٽون پڙِهي بس ڪيائين تڏهن اچي هيٺ زمين تي گوڏا کوڙيائين؛ ۽ اُن وقت اتي موجود ماڻهن جڏهن هُن کي اُٿارڻ جي ڪوششِ ڪئي ته انهن کي خبر پئي ته “سوفو ڪليس جو روح هاڻي هتي ڌرتي تي ناهي ۽ هي وڃي مالِڪ حقيقي سان مليو آهي”. وفات دوران سوفو ڪليس جي عمر نوي سال هُئي ۽ هُنجي وفات کان پوءِ صدين تائين هُن جا ڊرامه مُختلف يُونيورسٽين ۾ اڄ تائين به پڙهيا ۽ پڙهايا وڃن ٿا___هُون ته سوفوڪليس جو ادب جي حوالي سان ڪافي ڪم ٿيل آهي پر هتي اسان هُنجي هڪڙي لِکيل ڊرامي “اَوڊِپس رَيڪس” تي نظر وجھنداسين.
اَوڊِيپَس رَيڪس Oedipus Rex
اوڊيپس پَنهنجُون اکيُون ڪڍي ڇڏيُون هيُون؛ هن جي ماءُ جيڪا مڙس جي مرڻ کان پوءِ پنهنجي پُٽ جي ئي زال بڻِي ۽ اُنهي پُٽ مان هُن کي ٻار به پيدا ٿيا__پر اوڊيپس پنهنجُون اکيُون ڇو ڪڍي ڇڏيون!! ۽ هُن جي ماءُ ڇو خُودڪشِي ڪري ڇڏي هُئي؟ غلطي ڪنهن جي هُئي اوڊيپس ريڪس جي يا قسمت جي؟!
خُدا اَپالَو__جيڪو يُونانِين جو خدا هو ۽ جنهن جو ڪم ماڻهن کي قِسمت ٻڌائڻ واري ڪِرت سان هو. خدا اپالو جو پنهنجو ڊَيلفِي نالي مَندِر هو جنهن ۾ هو رهندو هو؛ ۽ جنهن ماڻهو کي پنهنجي قسمت جو حال ڄاڻڻُو هوندو هو اُهو “ڊيلفي” جي مَندر يعني خدا اپالو سان رُجوع ڪرڻ لاءِ پهچي ويندو هو. خدا اپالو “زِيُوس” خدا جو پٽ هو ۽ ڊَيلفِي جي مندر ۾ خدا اپالو جي قسمت ٻڌائڻ وارو اَنداز ڪُجهه هيئن هو، ته هُن جي مَندر ۾ ڪجهه خاص عورتُون هُوندِيون هُيون ۽ جيڪي ماڻهو جنهن حوالي سان قسمت جي ڳولا ۾ هتي پهچندا هُئا خدا اپالو ماين کي ان دور جو ڪو ڪَرشماتِي وَکر (Supernatural Herbal) سنگھائيندو هو جنهن جي خوشبو سان اهي مايُون جَلال ۾ اچي وينديون هُيون___کڻي اسان ايئن چئون ته لهر هڻنديون هيون ۽ بعد ۾ مَدهوش ٿي لهرُن هڻڻ کانپوءِ جڏهن ٿڪجي ڪرنديُون هُيون ته پوءِ خدا اپالو اُنهن جي ڀرسان ويهِي ڪن ۾ هُنن کان پُڇندو هو “خُدا فِلاڻي ماڻُهو جي قسمت ڇا آهي”؟ يا جيڪي به ماڻهو قسمت يا زندگي جي حوالي سان ڪو به سوال پڇڻ لاءِ اُتي پهچندا هئا، اُنهن جا راز اُهي عُورتون ٻڌائي ڇڏينديون هيون ۽ بعد ۾ خُدا اپالو مايُن طرفان ڳُجھارت ۾ ٻُڌايل ڳالهه (قسمت جو فيصلو) اچي اُنهن ماڻهن کي (جيڪي قسمت جو راز ڄاڻڻ آيا هئا) ٻُڌائي ڇڏيندو هو .
يُوناني رياست ٿيبس (Thabes) تي خُدائي ڏمر نازُل ٿيو هو__هاڻي اُتان جي ”بادشاه اوڊيپس” پنهنجي ساليَ کي خدا اپالَو ڏانهن موڪليو هو__هن جو سالو ڪيروئن (Creon) خدا اپالو وٽ پُهچي خُدا جي سامهون بادشاه اوڊيپس جو عرض رکيائين ۽ پڇيائينس ته “اي خدا اسان کي ٻڌاءِ ته ٿيبس مان ڏمر کي ڪيئن ختم ڪر سگھجي ٿو”؟
خدا اندر ويو ۽ واپس اچي کيس ٻڌايائينس ته “اوڊيپس__جيڪو هن وقت ٿيبس جو بادشاه آهي اُن کي وڃي چئو ته پاڻ کان اڳ واري بادشاه جي قتل جي جاچ ڪري، ۽ جڏهن اُن اڳ واري بادشاه جنهن جو نالو لِياس (Liaus)هو جي قتل جي خبر هُن کي پئجي وئي تڏهن ڏينهن ٿيبس مان وڃي خُدا جو ڏمر ختم ٿيندو”
هاڻي ڪروئن اها خبر اچي اوڊيپس کي ٻُڌائي ۽ اوڊيپس غمگين ٿي ويو هو! جڏهن هن کي اها خبر پئي ته “بادشاه لياس جو قاتل ته خود اوڊيپس ئي هو”__هاڻي اوڊيپس کي ڳالهه سمجھ ۾ اچي وئي هئي جڏهن هُن پنهنجي ويڳي ۽ کيس پاليندڙ پيءُ کي يونان جي رياست ڪورنٿ (Corenth) مان الوداع چئي يونان جي ٻئي رياست ٿيبس لاءِ روانو ٿيو هو تڏهن اوڊيپس اُن وقت ٿيبس ويجھو هڪڙي ننڍڙي علائقي دَيويلا جي چوراهي تي بادشاه لياس جو قتل ڪري وڌو هو .
قتل ۽ جھيڙو اُن ڳالهه تان ٿيو هو ته جنهن جاءِ تي هُو وڙهيا اُتي هڪڙي روڊ (ان وقت جا رستا) تي ٽي موڙ هئا بادشاه لياس ۽ اوڊيپس اچي آمهون سامهون ٿيا جتي بادشاه لياس ۽ اوڊيپس جو جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ اوڊيپس بادشاه لياس کي ڌڪ هڻي وڌو ۽ بادشاه مري پيو اوڊيپس جڏهن ڏٺو ته ماڻهو (بادشاه) مري پيو آهي تڏهن هُن ڀڄڻ شُروع ڪيو، ۽ جنهن بگِي تي اوڊيپس سوار هو ان جو هلائيندڙ به اوڊيپس کي پڪڙڻ لاءِ هُن جي پويان لڳو پر اوڊيپس ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو”
ٿبيس جتي اوڊيپس پهچڻ کان پوءِ اتان جو بادشاه بڻيو هو__پر هُو بادشاه بڻيو ڪِيئن هو!؟
بادشاه لياس جي موت کان پوءِ ڀڄندو اچي اوڊيپس ٿيبس پهتو هو، هُن جي اڳيان دَيوِي اِسفِنِڪس اچي بيهي رهي (ان ديوي جو سَر عورت جو باقي ڌڙ شينهن جو هو) جنهن اوڊيپس کي چيو “هتي ايندڙ هر اجنبي کي اڳتي وڌڻ لاءِ هڪڙي ڳجھارت ڀڃڻي پوندي آهي ۽ جيڪو اُنجو جواب ڏئي سگھيو اُهو اڳتي وڌي سگھي ٿو پر جيڪڏهن جواب ڏيڻ ۾ جيڪو ناڪام ويو اُهو ماريو ويندو آهي ۽ بعد ۾ ان کي ڪچو ئي کاڌو ويندو آهي”!
اوڊيپس ديوي جا جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو_هاڻي هي ٿيبس اندر جيئن داخل ٿيو ڪروئن جيڪو بادشاه لياس جو سالو هو ۽ جيڪو بعد ۾ اوڊيپس جو سالو بڻيو به بڻيو تنهن اعلان ڪيو “جيڪو ديوي جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو اهو ٿيبس جو بادشاه ۽ منهنجي ڀيڻ جَڪاستا جو مُڙس بڻبو”. اوڊيپس جڏهن ته ديوي جي سوالن جا جواب ڏئي ڪامياب ٿي ويو هو، تنهن کانپوءِ هاڻي اوڊيپس کي جڪاستا (Jacasta) جو مُڙس ۽ ٿيبس جو بادشاه بڻايو ويو هو .
راز ڇا هو!؟ آخر خُدا اپالَو اُهو چئي “ڪروئن” کي ڇو موڪليو ته “اوڊيپس کان اڳ ۾ جيڪو بادشاه هو اُن جي قتل ۽ قاتل جي جاچ ڪرايو”؟ اوڊيپس هاڻي هر وقت اُنهي سوچ ۾ مُبتلا رهندو هو ته“ آخر هي سڀ ٿي ڇا رهيو آهي”؟!! تڏهن هُن جي زال جڪاستا اوڊيپس کي اُداس ڏسي همٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چوندي رهي هُيس ته “گھڻي سوچڻ جي ضرُورت ناهي ۽ خُدا اپالو طرفان قسمت ٻُڌائڻ وارو فن غلط به ٿي سگھي ٿو”. اوڊيپس جي زال جَڪاستا هُن کي وڌيڪ دِلاسو ڏيندي اُهو به ٻُڌايو ته “اڄ کان گھڻو اڳ خُدا اپالو اسان کي ٻڌايو هو ته توهان کي هڪڙو پُٽ پيدا ٿيندو جيڪو پنهنجي پيءُ لياس کي ماري پنهنجي ماءُ سان شادي ڪندو ۽ ٿيبس جو بادشاه بڻبو”!
اها ڳالهه ٻڌي پنهنجي گھروارِي (ماءُ) جي واتان اَوڊِيپس وڌيڪ پريشان ٿي ويو ۽ اُنهي سوچڻ ۾ مُبتلا ٿي ويو ته “ڪٿي جَڪاستا هُن جي ماءُ ته ناهي”!؟
يڪدم هاڻي اوڊيپس کي “ڪَورنٿ” رياست ۾ رهندڙ پنهنجو پاليندڙ پيءُ ياد اچي ويو جنهن جي گھر ۾ هُو پليو ۽ وڏو ٿيو هو__ڪيروئن جيڪو اوڊيپس جو سالو هو اصل ۾ اهو اوڊيپس جو مامو به هو_اوڊيپس کي جڪاستا سڄي حقيقت ٻُڌائي “جيڪا ان وقت هن جي زال هئي” هاڻي بادشاھ اوڊيپس وڌيڪ اُڻتُڻ ۾ پئجي ويو هو.
اوڊيپس کي خبر پئجي چُڪي هُئي ته هُو بادشاھ لياس جو پُٽ هو جنهن کي پنهنجي پِيءُ لِياس پيدا ٿيندي ئي مارائي ڇڏڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو هو_اُهو اُن لاءِ ته خُدا اَپالَو لِياس کي ٻُڌايو هو ته “توکي هڪڙو پُٽ پيدا ٿيندو جيڪو توکي ماري تنهنجي زال سان شادي ڪري ٿيبس جو بادشاه ٿي ويهندو”.
اُن کان علاوه اوڊيپس کي اُها به خبر پئجي چُڪي هُئي ته “ڪورنٿ شهر ۾ جنهن شَخص هُن کي پاليو هو اُهو هنجو سڳو پيءُ نه هو ۽ هُن اوڊيپس کي صرف پاليو هو ۽ اوڊيپس بادشاه لياس جو حقيقي پُٽ هو”_۽ اُهو شخص جنهن کي ڪورنٿ کان ٿيبس ايندي اوڊيپس قتل ڪيو هو_اُهو ڪو ٻيو نه پر اوڊيپس جو پنهنجو ئي حَقيقي پيءُ بادشاه لياس هو.
هاڻي ڇا هو؟ قسمت، مُقدر يا مُقدر جي سزا؟ جَڪاستا پاڻ کي خُدا آڏو ڏوهي سمجھيو؛ ڇو ته هاڻي هُن کي به اصل حقيقت جي خبر پئجي چُڪي هُئي ته هُو اوڊيپس جي زال به هئي ۽ ماء به هئي! جنهن سان هُن شادي ڪري هن کي بادشاه جي تخت تي ويهاريو هو ۽ هُنجو پنهنجو پُٽ هُنجو مُڙس بڻجي ويو هو. اوڊيپس پنهنجي ڀائرن جو پي بڻجي ويو هو! خُدا اپالو جي اُها قسمت ٻڌائڻ واري انداز سڄي ٿيبس جي بادشاهين تي ڏمر نازل ڪري ڇڏيو هو، ۽ هوڏانهن هاڻي اوڊيپس کي سڄي حقيقت ۽ بادشاه جي قاتل جي خبر پئجي چُڪِي هُئي ته “جنهن شخص کي هُن چوراهي تي ٿيبس ايندي ماري وڌو هو اُهو ٻيو ڪير نه پر اَوڊيپس جو حقيقي پيءُ، ٿيبس جو بادشاه ۽ جڪاستا جو مڙس لياس هو”.
راڻِي جَڪاستا پَنهنجو پاڻ کي خُدا آڏو ڏوهي قرار ڀائيندي خُودڪشي ڪري ڇڏي هُئي؛ ۽ اوڊيپس روئِڻ پٽڻ لڳو هو، پنهنجي مقدر تي، پنهنجي پشيماني تي ۽ پنهنجي ڪيل ناقابل معافي واري ڏوه تي!! پنهنجي ماءُ کي مرندو ڏسي اوڊِيپس پنهنجُون اکيُون چُنهبي ڪڍي ڇڏيُون هيُون جيڪو هُن ڀانيو هو ته “مقدر جي طرفان هُن لاءِ اُها ئي سزا مُقرر ڪيل آهي” .
سوفوڪليس جنهن کي اُن دور جو ڪِلاسيڪل ڊرامه نگار جي حيثيت سان نوازيو ويو هو ۽ جنهن خُدا جي طاقت ۽ عام انسان جي وچ ۾ جُڙندڙ مُقدر واري رشتي کي پنهنجي ڊرامي ۾ ظاهر ڪري اهو ثابت ڪيو ته “خُدا جي طاقت ۽ اُنجي طرفان لکيل نصيب کي ڪير به درگُزر (Eliminate) نه ٿو سگھي”__ڇو ته سوفوڪليس مطابق “خُدا هر شي کي مُقرر ۽ دائم بڻايو آهي ۽ اُها خُدا جي مرضي هُوندي آهي؛ ۽ خُدا جي مرضي کي تبديل ڪرڻ يا درگُزر ڪرڻ ڪنهن به عام انسان جي وس جي ڳالھ ناهي”.
اُنهي قسمت ئي خُدا جي مرضي سان اَوڊيپس کي جَڪاستا جو مُڙس بڻايو ۽ اُنهي اوڊيپس کي قسمت مجبُور ڪيو هو ته “هُو پنهنجي پيءُ کي ماري ٿيبس جي تخت تي ويهي بادشاهت هلائي”_جيئن خُدا اَپالواڳڪٿي (Oracle) ڪئي هُئي تيئن ئي سڀ هن ڊرامي ۾ ٿيو. سوفو ڪليس ڪردارن کي خدائي مرضي واري عمل مُطابق پيش ڪيو هو جيڪو اُن دور جي حوالي سان هڪ ڪِلاسِيڪل اَدب جو اُڀار به هُيو. اُنهي دور ۾ به سوفوڪليس جي لکيل هِن ڊرامي ۾ ڪردار ٺهڪندڙ ۽ پنهنجي پنهنجي محور تي صحيح عمل ڪندا رهيا جيڪو اُن دور کان هلندي هن مهل تائين اَدبي دُنيا اندر ماسٽر پيس طور پڙهيو ۽ پڙهايو وڃي ٿو .
ڊيلفِي واري مَندِر ۾ دَيوتا اَپالَو ڪَير هو؟
يُونان ۽ روم ۾ ديوتا اپالو جي نالي سان عبادت ڪئي ويندي هُئي؛ اَپالو جا ڪيترائي نالا هُئا کيس سول (Soul) هَيليُوس هَيلِبَس (سورج ديوتا) ۽ “پَيرِين ۽ فَلِيس” چمڪندڙ به سَڏِيو ويندو هو. ڊِيليُوس ٻَيٽ ۾ جنم ٿيڻ ڪري کيس “ڊِلِيئَن اَپالَو ” به سڏيو ويندو هو ۽ اپالو جُون ٻه معنائون ڪڍيُون وڃن ٿيُون هڪ “تباه ڪندڙ” ٻيو “خُون جو ماڻهو” .
خُدا اپالو ديوتا زِيُوس ۽ لِيئُون جو پُٽ هو ۽ هي لاجواب موسيقار ۽ بهترين تيِر انداز به هو، ۽ دَيوتائن ۾ بهترين راڳي جي حيثيت سان پڻ مشهُور هو. هن جي ذميواري اُها به هُئي جو هي اَولِمپَس جبل تي رهندڙ ديوين ۽ ديوتائن اڳيان سونهري ساز ڇيڙي اُنهن کي راحت بخشيندو هو؛ هُو جتي به موسِيقار بڻجي پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪندو هو تِنهن وقت هُنجي سونهري تير ۽ تلوار هن هميشه ساڻ هُوندي هُئي .
يُونانِين جو هي خُدا جڏهن پيدا ٿيو تنهن وقت “ڊيلوس ٻيٽ ” کي چئو طرف زنجيرن ذريعي جڪڙيو ويو هو. هُن جي ڏند ڪٿائي زندگي مان اهو به ملي ٿو ته هُن ڪڏهن به ڪُوڙ نه ڳالهايو هو ۽ سدائين “اَنارس جبل جِي چوٽي” تي وڃي رهندو هو__جتي ٻين گيتن ۽ شعرن جي ديوتائن سان رلجي ملجي ويندو هو. هن جي لاءِ ايئن به چيو ويندوآهي ته “اُن وقت نفسِيات کان ويندي اهڙين ٻين قسم جي بيمارِين جو علاج به اپالو خُدا طرفان ڏنل سُر ۽ ساز جي فن سان ٿيندو هو”. جنهن ذريعي اُن وقت هر طرح جي انساني نفسيات جو علاج ڪرڻ ممڪن ٿي پيو هو. انهي سڀني نالن ۽ لقبن سان گڏ خُدا اپالو کي نُور جو رستو به چيو ويندو هو ۽ اُنهي نور جي رستي ۾ ظُلمن ۽ اونداه جو ڪو به پِرٿوي موجود نه هو_صرف هن کي روشني بخشيندڙ سورج ديوتا سڏيو ويندو هو جنهن مان مراد “روشني ۽ اُجالو ڪندڙ” .
ديوتا اپالو انسانن ۽ ديوتائن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو ذريعو به هو ۽ يوناني کيس سڀني ديوتائن کان مٿاهُون ۽ جَلال وارو مڃيندا هئا؛ تنهنڪري يُوناني شاعري ۽ بعد جي مُصوَري ۾ هن جي سُونهن ۽ ڏِيا جي گھڻي ساراه ٿيندي هُئي.
ڏند ڪٿائن ۾ ايئن به مليو آهي ته زِيُوس ديوتا يعني اپالو جو پيءُ پنهنجي کنوڻ جي تير سان اپالو جي پُٽ ۽ پنهنجي پوٽي “اَيسڪيُو لاپِيس” کي ماري ڇڏيو هو. زيوس ديوتا جو ساٿ ڏيڻ واري قوم “گِلوپِس” هئي جنهن جي نرڙ تي هڪ اک هُوندي هُئي. تنهنڪري اپالو اُنهي قوم جي سڀني بَلائُن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو هو جنهن تي زيُوس ديوتا وڌيڪ ناراض ٿي پيو هو ۽ اپالو کي هُن جي عهدي کان محرُوم ڪري کيس آسمان مان هيٺ ڌرتي تي جلاوطن ڪري ڇڏيوهُئائين.
آسمان کان هيٺ جلاوطن ٿيڻ کان پوءِ اَپالو زمين تي ٿيسلي جي بادشاه “اَيڊمِيٽس” جون رڍُون چاريندو رهيو هو. اُنهي ڪري اَپالو کي ڪٿي ڪٿي “ڌراڙن جو ديوتا” به چيو ويندو آهي ۽ انهي زندگي دوران هُن لاءِ اهو به چيو ويندو آهي ته “هڪ دفعي هُن پنهنجي تير سان پائيٿان نانگ کي به ماري ڇڏيو هو جيڪو اُن وقت علائقي لاءِ تمام خطرناڪ هو”
اپالو دَيوتا جي زندگي جي باري ۾ ائين به چوندا آهن ته هي ڄمڻ شرط ٿورن ئي ڏينهن ۾ وڌي جوان ٿي ويو هو؛ ۽ بعد ۾ اُنهي ديوتا اپالو کي آسمان مان جلاوطن ڪيو ويو هو جيڪو پوءِ يُونان ڏانهن روانو ٿيو هو. هُن کي هاڻي هڪڙي جاءِ ڳولڻي هئي جتي هُو پنهنجي عبادت گاه ٺاهي سگھي، تنهن کان پوءِ هُن کي ڊيلفي وارو علائقو وڻيو ۽ اُتي ئي پنهنجو مَندِر ٺهرائي ڇڏيائين. اپالو بهادُر ۽ ميدانِ جَنگ جو به شينهن هو. هُن کي هاڻي ذهن ۾ اهو ئي هُيو ته هي پنهنجي پٽ جي قتل جو پنهنجي پيءُ کان پلاند ڪري جنهن کان پوءِ هُن “سائِڪلوپِيز” کي ماري وڌو هو جنهن جي ڪُوڙ بياني ڪري اپالو جو پُٽ “اِسڪلي پِيز” پنهنجي ڏاڏي زيوس جي هٿان مُئو هو، تنهن کان پوءِ هُن ڪافي ماڻهن ۽ ديوتائن کي عذاب پڻ ڏنا.
اپالو ديوتا حُسن، جواني، سگھ ۽ آسماني قُوتن ۽ مِرتن جي ميدان ۾ جيترو خُوشنصِيب سمجھيو وڃي ٿو تيترو ئي عشق جي ميدان ۾ ناڪام ۽ نامُراد هو .
هي “لوڪِوي”، “ڊَئفنِي”، “پَولِينا”، “ڪَورونِس”، “ڪِلائِيمينِي” “ڪَئسِٽالِيا”، “ ڪَلائِي ثِي”، “ سائِي اينِي” ۽ “ڪَئلوپِي” کان علاوه ڪافي ٻِين ديوين تي به عاشق ٿي پيو هو پر ڪنهن به کيس قبُول نه ڪيو ۽ ساڻس سُر ۾ نه آيون .
هي ٽراءِ جي شهزادي “ڪَسئيِنڊلا” تي به عاشق ٿيو هو جنهن کيس ٺُڪرائي ڇڏيو هو؛ جنهن تي اپالو کيس بد دُعا ڏئي ڇڏي هُئي ۽ انهي کان علاوه به هن ڪيترين ئي مايُن سان عشق ڪيو؛ پر عشق جي ميدان ۾ سدائين ناڪام ئي رهيو هو.
اپالو ديوتا انسان جي غُلامي ۽ نوڪري ۾ به رهيو هو سندس پهريُون انساني آقا ٿيسلي ۾ ٽراءِ مُلڪ جو بادشاه آڊمَيٽس هو، ۽ ان کان علاوه هُن بادشاه آڊمَيٽس کي سدائين جيئرو رهڻ ۽ هُنجي مال ۾ برڪت پوڻ جي دُعا به ڪئي هُئي .
اپالو “پَوسائِيڊن” سان گڏجي اُجوري تي ٽراءِ جي قِلعي جُون ڀتيون به ٺاهيون هيون__هڪ ٻي چوڻي آهي ته “قلعي جُون ڀتيون فقط پوسائيڊن وڌيون ۽ اپالو “ لائوميڊان ” بادشاه جو چوپايو مال چاريو هو”. آخر ڪار جڏهن ڪم پُورو ٿيو ته لائوميڊان بادشاه پنهنجي قَول تان فِري ويو ۽ اُن ڪري اپالو ديوتا ڪاوڙجي ٽراءِ جي شهر ۾ وَبا پکيڙي ڇڏي هُئي.
اپالو ديوتا جي اعزاز ۾ ڊيلفي وٽ راندين ۽ پهلواني جي ڪرتبن، ڪسرتن ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا مُقابلا به ٿيندا هئا جن کي “پائيٿن” رانديون سڏبو هو .
ڊيلفي جي مندر کان علاوه ڊيلوس ۽ اِٽلي ۾ “ڪيومي” وٽ اپالو ديوتا جا مندر پڻ قائم ڪيا ويا هئا .
اُنهي مندرن ۾ گھڻو اڳيان ايندڙ ڊيلفي وارو مندر هو جتي ڪافي ماڻهو پنهنجي تقدِير ڄاڻڻ ايندا هئا. طريقيڪار ايئن هوندو هو ته جيڪو به ماڻهو پنهنجي تقدير لاءِ اپالو وٽ پُهچندو هو اُهو ڪا نه ڪا شي نذراني طور اپالو کي ڏيڻ لاءِ به کڻي ايندو هو. پهريائين اُن تقدير ڄاڻڻ وارن کي ڪمري ۾ اندر بيهاري ان کان پڇيو ويندو هو ته “هو ڇا ٿو ڄاڻڻ چاهي”؟ اهو پُڇي ديوتا اُنهن ماڻهن کي اُتي بيهاري پاڻ اندر ڪمري ۾ هليو ويندو هو ۽ انهي ڪمري ۾ “پَيٿِيا” نالي هڪڙي عورت موجود هوندي هئي__جنهن کي اپالو هڪڙي قسم جي جڙي ٻوٽي سنگھائيندو هو ۽ هُو جلال ۾ اچي ويندي هئي؛ ۽ آخر ڪار بيهوش ٿي زمين تي ليٽي پوندِي هُئي__جنهن سان هُنجا سڀ حَواس پل کن لاءِ بيهي رهندا هئا ۽ پوءِ ديوتا اپالو جيڪو هن کان پڇندو هو، هوءَ صرف ان شي جو جواب ڏيندي هئي جنهن کي تقدير يا اڳڪٿي به چيو ويندو هو .
[b]اَوڊِيپس رَيڪس ۽ تقدِير
[/b] يُوناني ماڻهن جو عقيدو اِهو به هيو ته “اُنهن جا ديوتا انسان جي هر تقدِير کي ڄاڻن ٿا ۽ اُهي ئي انساني زندگِين جو هر فيصلو صحيح ڪري سگھن ٿا”. ان کان علاوه انهن ماڻهن جو عقيدو ايئن به هوندو هو ته “ديوتا جنهن به قسم جي اڳڪٿي ڪندو، پڪ سان اڀ اَوئين ئي ٿيندو آهي”__جهڙي طرح اوڊيپس ريڪس ۾ به اهو ڏسڻ ۾ آيو ته اپالو ديوتا جي طرفان ٻُڌايل اڳڪٿي تبديل ڪانه ٿي ۽ اهو ئي ٿيو جيڪو ديوتا ٻڌايو هو .
پنج صدي ق_م دوران جڏهن سوفوڪليس اهو ڊرامون لکيو هو اُن وقت اٿينين سوسائٽي ۾ خُدا ۽ اُنهن جي ٻُڌايل اڳڪٿِين کي نظر ۾ رکيو ويو هو ۽ ادب جي دنيا ۾ خدائن، ديوتان ۽ اُنهن جي ڪارنامن کي به جاءِ ملي هُئي___جيئن ساڳي طرح اوڊيپس ريڪس ڊرامي ۾ به خدا جي سَرپرستي رَهِي جنهن ۾ سڀ ڪردار پنهنجي تقدير مطابق ڀَوڳي رهيا هئا. انهي ڊرامي ۾ اپالو ديوتا ٻه وڏيُون اڳڪٿيُون ڪيُون هيُون__هڪ ته لياس بادشاه کي چيائين ته “تنهجو پٽ توکي ماريندو؛ ۽ ٻيو ته اوڊيپس پي کي مارڻ کان پوءِ پنهنجي ئي ماءُ سان شادي ڪندو ۽ سُمهندو”_اُنهي ٻنهي تقدير جي فيصلن ڊرامي ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو هو.
حقيقت اها به آهي ته ڊرامي ۾ ڏنل اپالو ديوتا جي تقدير واري موضوع کي سوفو ڪليس وڏي مضبوط انداز سان نڀايو؛ جنهن مان اُها به خبر پئي ٿي ته اُن دور جي ماڻهن کان ويندي ليکڪ به ديوتائن جي تقدير جا ماريل هُئا ۽ جيڪو ڪجھ ديوتا ان وقت چوندو هو اُهو پٿر تي ليڪ مِثل بڻجي ويندو هو .
اهو ايئن به ڏسي سگھجي ٿو ته ڪهڙي طرح لياس پنهنجي پٽ کي مارائڻ ٿي چاهيو ۽ هُن ديوتا طرفان ڏنل قسمت جي اڳڪٿِي کي بدلائڻ ٿي چاهيو؛ پر ڪجھ به نه وريس__ساڳيو اوڊيپس ريڪس بچي ويو هو، پنهنجي پي جي جاءِ تي به آيو، بادشاه به بڻيو ۽ پنهنجي ماءُ سان شادي به ڪيائين___۽ اوڊيپس کي ته اها به خبر نه هئي ته “هن جنهن بادشاه کي ماريو هو اُهو هُن جو پنهنجو پيءُ هو ۽ جنهن تخت تي هُو ويٺو ۽ بادشاه بڻيو اُها سلطنت به هُن جي پيءُ جي هئي ۽ جنهن مائي سان شادي ڪيائين اُها به هُنجي پيءُ جي زال هئي ۽ هنجي ماءُ هئي”. اوڊيپس کي جڏهن خبر پئي ته هن کي يقين نه پئي آيو ۽ هُنجي ماءُ پنهنجي پاڻ کي خدا اڳيان ڏوهي سمجھي خُودڪشي ڪري ڇڏي هُئي___اوڊيپس پنهنجو اکيُون چُنهبي ڪڍي ڇڏيون هيون_اهو سڀ آخر ڇا هو ۽ ڪيئن ٿيو ؟
يعني ڪنهن کي ڪنهن به حوالي سان ڪنهن شي جي خبر نه هئي هر ڪردار انساني دستُور مُطابق روان دوان هو؛ پر اُن باوجود هر ڪردار جي پويان تقدير جي تلوار لامارا ڏئي رهي هُئي. سوفوڪليس پنهنجي ڪردارن کي تقدير جي دائري ۾ ڦيرائيندو رهيو جنهن ذريعي ثبوت مليو ته “يُوناني خدا جي وُجود ۽ خدا طرفان ڄاڻايل اڳڪَٿِين ۽ ٻُڌايل قسمت جي زار کان ڪوبه انسان ڦِري نٿو سگهي”. يعني خُدا يا ديوتا جنهن به انسان لاءِ جيڪا تقدير لکي آهي اهو ئي پنهنجي بي وس ڪلهن تي کڻي هلندڙ اوڊيپس تقدير جي هٿان مار کائي ويو هو ۽ ديوتا اڳيان شرمشار پڻ ٿيو. اُن وقت يونانين جي سوچ مطابق ته “هر انسان خدا جي ماتحت آهي ۽ اُهو ئي هر انسان کان تقدير مڃائڻ جي چڪر ۾ آهي”. ساڳي طرح لِياس پاڻ کي تقدير کان مُدبرو رکڻ ٿي چاهيو پر تقدير اڳيان بيوس ٿي پيو هو ۽ پنهنجي پُٽ هٿان مارجي پيو هو. جڪاستا جيڪا ڊنل پڻ هُئي ۽ اُنهي آٿت تي زندگي گذاري رهي هئي ته “سندس پٽ اوڊيپس هاڻي مري چڪو آهي”_پر تقدير هن جي ئي پٽ کي هن جو مُڙس بڻائي ڇڏيو هو ۽ کيس خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو .