فرانسِس بَيڪن 1561__1626عيسوي سال
هن جو پي هڪ سياستدان ۽ شاهي مُهر جو محافظ هو ۽ هِن جي ماءُ هڪ عالمه (Scholar) هئي جيڪا يوناني ۽ لاطيني ٻولي تمام سُٺي روانگي سان ڳالهائيندي ۽ سمجھندي هئي. ايئن به چئي سگھجي ٿو ته هنجو پيءُ “سَر نِڪولسن” جديد قانون جو ماهر هو ته هن جي ماءُ “ليڊي اين” قدِيم علم جو ڄاڻُو هئي ۽ هڪ سُٺِي ترجميڪار (Translator) پڻ هئي. تعجُب جي ڳالهه اُها آهي ته ماءُ ۽ پي جي اثر هيٺ رهي ڪري هي ٻار جيڪو بعد ۾ فرانسِس بيڪن جي نالي سان سڏيو ويو؛ تنهن سياست ۽ جديد دور جو (ان دور جي حوالي سان) عالِم بڻيو، ۽ اُنهي سان گڏ هُو دُنياوي هَلت کان ويندي سائنس کي پنهنجي ذهن ۽ خيالن ۾ سنڀاليندو ويو هو. جڏهن هِي ٻار ٻارنهن سالن جو ٿيو ته هِن جي والدين هِن کي ڪيمبرج جي ٽرينٽِي ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ۽ جڏهن سورنهن سالن جو ٿيو ته ڪاليج جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. جنهن ڪاليج ۾ هُو پڙهندو هو اُتي هن دعوه ڪئي هُئي ته “ارسطو جي تعليم تي ٻڌل ڪيمبرِج يونيورسٽي جو نالو رکڻ فروفيسرن جي غلطي هئي ڇو ته اتي سڀ پروفيسر ارسطُو جي سائنسي تعليم جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر ان تي عمل ڪرڻ جي هِمٿ اُنهن ۾ نظر ئي نه ايندي آهي ”.
هن سوچي ڇڏيو هو ته هنجي زندگي جو هڪ خاص مقصد (Mission) آهي، پر هنجي زندگي سان وڏو عَلميو اُهو ٿيو ته هِن جي پِيءُ پنهنجي سڄي جائيداد هِن جي ٻين پنجن ڀائرن جي نالي ڪري ڇڏي هئي ۽ هاڻي هُو فرانسِس بيڪن لاءِ سوچڻ ۽ ڪجھ ڪرڻ لاءِ حِڪمت عملي جوڙي ئي رهيو ته اُن وقت هن جي پي جي قدرتي موت ٿي پئي هُئي؛ جنهن کان پوءِ فرانسس هر لحاظ کان ڪنگال بڻجي ويو هو. اُن وقت هن جي عمر صرف اُڻيهه سال هئي ۽ فرانسِس بَيڪن کي هاڻي اهو به محسوس ٿيڻ لڳو هو ته “هن کي واقعي مُصِيبتن اچي گهيري ورتو آهي”
فرانسِس بَيڪن هاڻي پُوري طَرح سان بيگانگِي جو شِڪار ٿِي چُڪو هو، اُهو اُن لاءِ ته هُو سڄي عمر شهزادن جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو هو؛ حسِين عورتن جي بَغلن ۾ ۽ شراب نوشي ڪندڙ هڪ نوجوان جيڪڏهن هِڪدم اهڙي حالت کي اچي پهچي ته واقعي بيگانگي ته جنم وٺندي!! بيگانگي جي اُنهي رستن تي هلندي هن نيٺ هِمٿ ڪري پنهنجي چاچي سَر وِليم (Sir William) ڏانهن هڪڙو خط لکيو جيڪو ان وقت انگلينڊ جو وزيراعظم هو. ان خط ۾ لکيائينس ته هُو کيس (فرانسس جي) مدد ڪري؛ پر هُنجي چاچي به هن لاءِ ڪجھ نه ڪيو هو ڇو ته هن جي چاچي کي به هڪڙو پٽ هيو ۽ سر وليم پنهنجي پٽ کي اڳتي آڻڻ پيو چاهي تنهن ڪري هن فرانسس جي مدد ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ورتي .
فرانسس جيڪو عَياش پرست نوجوان هو سو هاڻي پنهنجي عملي زندگي ۾ داخل ٿي چڪو هو ۽ هَلندي رستن تان ماڻهو هِن کي ڏسي نظرُون چورائڻ لڳا هئا. جنهن بَعد هُن کي وَڌِيڪ احساس ٿيو هو ته “هي ڪنگال بڻجي واقعي غربت سان وڙهي رهيو آهي!” هاڻي هُن وٽ صرف ٻه رستا بچيا هئا “يا ته غُربت ۾ رهي ڪري فلسفي جي پرچار ڪري يا جفا ڪشي ۾ رهي غربت مان نڪري پنهنجي لاءِ الڳ دنيا ٺاهي”.
بيڪن غُربت مان نِڪرڻ پيو چاهي ۽ فيصلو ڪري ڇڏيو هئائين ته هاڻي هُو قانون جو پيشو اختيار ڪندو. هن جي دل ايئن به نه پئي چاهيو ته کيسا ڀرڻ لاءِ فلسفي کي خدا حافظ چئجي؛ پر ڪجهه ڪَري ڏسِڻ ۽ غُربت کان ڇُوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته هُو وڪالت شروع ڪري ڇڏي ۽ فلسفي تي به ڪم ڪندو رهَي. بعد ۾ هُن ٻئي رستا چونڊيا هئا “هڪ ڪمائڻ وارو رستو ۽ ٻيو ڪمائڻ سان گڏ فلسفي تي گِيان ۽ مطالعي وارو رستو” .
اُن وقت هن گريز ان (Graze Inn) ۾ داخلا ورتي ۽ وڪالت جي ڊگري مڪمل ڪيائين، جتي سڀ ماڻهو هن کي ڇڏي ويا هئا اُتي قُدرت واري هن کي نه ڇڏيو هو__اُهو ائين ته قدرتي طرفان هن کي چٽو ۽ دمدار آواز کان علاوه ڳالهائڻ جي فن سان گڏوگڏ بحث مُباحثي جو به وڏو فن مليل هو؛ جنهن کان پوءَ جلد ئي هن کي قانوني حيثيت سان پارليامينٽ ۾ جاءِ ملي، ۽ وڏي تيزي سان ترقي ڪندو اڳتي وڌندو رهيو ۽ آخر ۾ چانسلر جي عهدي تي فاعذ ٿيڻ جا خواب ڏسندو رهيو هو.
فرانسس جيڪو ڪنهن وقت ته اَميرن جي شاهِي مَحلن ۾ عَياش پرست لڏي سان رَنگ رليُون ملهائڻ ۾ صرف هو، اَڄ اُهو نوجوان هر طرح سان ذهني ۽ جسماني طور تبديل ٿي چڪو هو؛ هاڻي هُن وٽ انسانيت ۽ انسان جي وِچ ۾ پيدا ٿيل شِر (Evil) کي ختم ڪرڻ جو جذبو جاڳي پيو هو. فرانِسِس جنهن جي ذهن ۾ صرف اِهو خيال هوندو هو ته هي هيٺين طبقي کي پاڻ سان گڏ کڻي هَلي ۽ شاهي مُهر هِن جي هٿ ۾ اچي وڃي. هِن جو چوڻ هو ته “مان چاهيان ٿو ته سياسي قُوت تي ٻين ماڻهن ۽ قُوتن جو اختيار به هجي جيڪي اُن وقت جا عام ماڻهو هئا، ۽ انهن کي به اڳتي آڻي هن سياسي قوتن سان ملائي ڇڏجي؛ ۽ انسان کي خبر هئڻ گھرجي ته انساني معاملن جي ٿيٽر ۾ صرف دَيوتا ۽ فرشتا تماشائي ٿي عام ماڻهن کي پيڙهجندي ڏسي مزو وٺندا آهن”
فرانسس اُن کان پوءِ ٻارنهن سالن تائين درٻار ۾ پنهنجي حيثيت ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهيو ۽ پنهنجي چاچي کي به ڌمڪيون ڏيندو رهيو ته “مهنجي مالڪِي ڪر نه ته مان قانون وارو پيشو ڇڏي وڃي ڪَيمبرج يونيورسٽي (Cambridge University) جي علم ۽ دانش جي تنهائي وسائيندُس”. پر هنجي انهن سکڻين ڌمڪين جو هن جي چاچي تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه اثر نه پيو ۽ سر وليم هميشهه فرانسس جي ڳالهين ۽ اِلتجائُن جو رخ ڪنهن ٻئي طرف موڙيندو رهيو هو .
فرانسس هاڻي پنهنجي چاچي جي پُٺيان هَلڻ ڇڏي ڏِنو ۽ لارڊ اَسيڪس (Lord Assex) جي پٺيان لڳي پَيو هو؛ جيڪو هن جي چاچي جي حيثيت کان ته گھٽ هو پر اُن باوجود لارڊ اسيڪس جِي درٻار ۾ گھڻي هلندي پُڄندي هئي. ٻئي طرف فرانسس، لارڊ اسيڪس جي دوستي کي عملي نقطه نگاه سان هلائيندو رهيو. فرانسس جي دوستِي هِڪ مفاد هو ۽ فرانسِس ائين به چوندو هو ته “دوستي ڪنهن خاص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪري سگھجي ٿي”__اُنهي دوستي سان گڏ فرانسس کي ان وقت هڪڙي سهاري جي به ضرورت هئي، ۽ اُهي ضَرورتُون هنجون هاڻي لارڊ اسيڪس پُوريون ڪرڻ لڳو هو. هُن فرانسس جي مالي مدد ڪرڻ به جاري رکيو جنهن کان پوءِ فرانسس تان قرض جو بار به هٽڻ لڳو هو ۽ هاڻي فرانسس سُٺو کائي ۽ سُٺو پهري سگھيو پئي ڇو ته هِن فلسفِي قسم جي ماڻهو لارڊ اسيڪس جي دل ۽ جذبن کي کٽي ورتو هو__پر فرانسِس کي هاڻي اِهو به اَحساس ٿِيڻ لڳو ته هِن وٽ اڃان تائين درٻار ۾ ڪو به عهدو ڪو نه هو جنهن کان پوءِ فرانسس ڪنهن سياسي عُهدي تي پهچڻ لاءِ راڻي جي خوشامد ۾ تقريرون ڪرڻ لڳو ۽ چند اهڙا ڪالم پڻ لکيائين جنهن ۾ هن راڻي کي وڌائي سڌائي پيش ڪيو هو__۽ فرانسِس هاڻي راڻي جي ڪاميابين جا گيت پڻ ڳائڻ لڳو هو .
فرانسس جي اهڙين خوشامدڪاريِن آخر ڪار راڻِي جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي هُئي__۽ راڻي به هاڻي اُهو اعتراف ڪري چُڪِي هئي ته “فرانسِس بيڪن اسان جي اُميدُن تي پُورو لٿو آهي ۽ هن لاءِ اسان جي دل ۾ بي حد عزت آهي”__اُن باوجود به جڏهن ماسٽر آف رُولز (Master of Roles) جو عهدو خالي ٿيو تڏهن لارڊ اَسيڪس جي هزارن ڪوششن باوجود به اهو عَهدو فرانسس کي نظرانداز ڪندي هڪڙي ٻئي شخص جي حوالي ڪيو ويو. فرانسِس کي اُن وقت بيحد مايُوسِي ٿي ۽ اِهو به احساس ٿيڻ لڳو هيس ته “هاڻي هن کي شايد سدائين ايئن ئي ڪَنگال ٿي زندگي کي گذارڻو پوندو” پر لارڊ اسيڪس هِن جو ساٿ اَيستائين به نه ڇڏيو هو ۽ هِن فرانسس بيڪن کي پنهنجي طرفان تمام گھڻي جائداد تحفي ۾ پڻ ڏئي ڇڏي هئي.
فرانسس کي هاڻي هِڪ اميرن جيان گھر به ملي ويوهو ۽ هن جي زندگي ۾ تمام ننڍڙي پئماني تي هڪڙي تبديلي به نظر آئي هئي؛ پر هاڻي فرانسس کي وري ٻيو احساس ٿيڻ لڳو هو ته “گھر سان گڏ هڪ عقُلمند گھرواري جو هجڻ به تمام ضروري آهي”__جنهن کان پوءِ فرانسس جي نظر هڪڙِي بيواه عورت تي پئي ۽ جنهن کي هُن شادي جي آڇ به ڪئي پر؛ ان مائي فرانسس جي شادي جي آڇ کي ٺُڪرائي وڃي فرانسس جي هِڪڙي رقِيب وڪيل سان شادي ڪري ڇڏي؛ جيڪو اُن مائي جي عمر کان به گھڻو وڏو هيو .
اهڙي قسم جي جذباتي ناڪامين کان نجات وٺڻ لاءِ بيڪن ناانصافي جي موضوع تي مضمون لکڻ شروع ڪيا، پر اُنهن جو به ڪو کڙ_تيل (Solid Solution) نه نڪتو ۽ فرانسس کي جيڪو پئسو لارڊ اسيڪس طرفان تحفي ۾ مليو اُهو به فرانسس لاپرواهي سان خرچ ڪرڻ ۾ لڳي ويو__۽ ڏِسندي ئي ڏِسندي وري هُو قرضن جي وَر چڙهي ويو هو. جنهن کان پوءِ قرضدارن هِن کي جيل ۾ وِجھرائي ڇڏيو هو پر هِنجي دوست “لارڊ اسيڪس” اُن وقت به فرانسس جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ فرانسس کي جيل مان به آزاد ڪرايو هُئائين. فرانسس جيل مان نڪرندي ئي شديد بيگانگي (Dire Alienation) جو شڪار ٿيو ۽ عهد ڪري ڇڏيو هئائين ته “مان ارسطو جي مدرسِيت واري باندي خاني ما انساني روح کي نجات ڏياريندُس ۽ ارسَطُو جي الحيات ۽ مابعد الطبعيات جي هر نظام کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندس.” هن جو چوڻ ۽ هن جي سوچ هئي ته نئين اڀرندڙ سج سان نئين عِلم آفاق ۽ نئين علم طبعي کي تشڪِيل ڏجي “ڇو جو هاڻي انسان جي بهتري منهنجو فرض آهي”__پر هِي اُهو سڀ اُن وقت نه ٿي ڪري سگھيو جو هن وٽ لَمحا نه هئا ۽ نه ئي هن وٽ مالِي تحفظ هو، پر وري به هِن جي ذهن ۾ هو ته “مونکي هاڻي گھرجي ته مان هر انسان کي پنهنجي مقدر جو خالق بنجڻ جو درس ڏيان” .
غدار هر انسان ٿي سگھي ٿو ڇو ته “غداري به هر انسان جي فطرت ۾ سمايل آهي”__نيٺ فرانسس بيڪن به غداري جي تابوت کي کنيو هو! راڻي جڏهن فرانسس جي دوست لارڊ اَسيڪس کي هُن جي مرضي جي خلاف آئرلينڊ (Ireland) ۾ فوج جي قيادت ڪرڻ لاءِ موڪليو هو؛ جنهن ۾ لارڊ اسيڪس ۽ راڻي ايلزبيٿ وچ ۾ ناپَوتِي (Slight Triffles) پيدا ٿي پئي هئي، پر ان باوجود به لارڊ اسيڪس آئرلينڊ روانو ٿي ويو هو جِنهن سان آئر لينڊ ۾ رهندي اسيڪس جي دل ۾ وسوِسا (Speculation) پيدا ٿيا ته “ڪٿي ايئن نه ٿئي جو درٻار ۾ مُنهنجي غير حاضُري ۾ منهنجا رقيب منهنجي خِلاف راڻي جي ذهن ۾ منهنجي لاءِ نفرت جو ٻج پوکي ڇڏين ۽ مونکي درٻار مان نڪري وڃڻو پوي”. انهي سوچ لارڊ اسيڪس کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ نيٺ چند ڏينهن آئرلينڊ ۾ رهڻ کان پوءِ هُو راڻي جي اجازت بغير ئي واپس لنڊن محل ۾ موٽي آيو جنهن تي راڻي ايلزبيٿ کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي.
انهي جي رَدِ_عَمل ۾ راڻي لارڊ اسيڪس کي جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏيو هو؛ پر ڪجھ وقت کان پوءِ هن کي رِهائي ملي وئي هُئي__۽ جنهن کانپوءِ راڻي ۽ لارڊ اسيڪس جي وچ ۾ ڪو به سازگار ماحُول (Compromising Atmosphere) نه جڙي سگھيو هو. جنهن کان پوءِ اَهڙي نمُوني ۽ اوچتو اُتي اڀرندڙ صورتحالن لارڊ اسيڪس جي ذهن تي تمام گِھرا جذباتي اثر پيدا ڪري ڇڏيا ۽ هي هر وقت جُنون جو شڪار رهڻ لڳو هو .
مٿيون سَڀ ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ تي پر لارڊ اسيڪس جي اُن وقت بد حالي ۾ هن جو دوست بيڪن ڪٿي هو!؟ جيڪو هن کي ڪنهن به حوالي سان ڪو مشورو يا صلاح ڏئي ها يا ڪا به مدد ڪري ها!؟ هُن جي دوستي ڪيتري هئي__فرانسس لارڊ اسيڪس کي ڪا دلجاءِ ڏئي ها؛ جڏهن ته هوڏانهن راڻي لارڊ اسيڪس جي خلاف درٻار ۾ روز هڪ نئون الزام ٻڏندي رهي هئي__پر لارڊ اسيڪس جي خلاف راڻي جي دل ۾ نفرت پيدا ڪرڻ وارو هيو آخر ڪير؟ اهو ڪو غير يا ٻيو ڪو نه پر لارڊ اسيڪس جو پنهنجو ئي دوست ۽ ساٿي فرانسس بيڪن خود هو!!
بيڪن دوستِي ۾ به مَطلب پرست رهيو هو ۽ هاڻي هُنجي سوچ هئي ته “لارڊ اسيڪس جو سِتارو هِن مهل گردش ۾ ناهي تنهنڪري هُو هاڻي ڪنهن به ڪم جو ناهي ۽ هُن جي پويان ڀڄڻ مان ڪو به فائدو به ناهي”__فرانسس جي اهڙي قسم جي غداري ۽ مفادن جي دنيا لارڊ اسيڪس ۽ بيڪن جي سياسي دشمن لارڊ رابرٽ (Lord Robert) ۽ بيڪن جي چاچي ۽ سئوٽ سڀني جي سامهون کُلي منظر عام تي تري آئي__جنهن سڀني کي گھري صدمي ۾ وجھي ڇڏيو هو. هاڻي بيڪن جي سئوٽ به هن کان رِشتا ٽوڙي ڇڏيا هئا جنهن جو فرانسس تي ڪو به اثر نه پيو هو.
راڻي سان نافرماني جي الزام هيٺ لارڊ اسيڪس کي عدالت ۾ آڻي مقدمو هلائڻ جي تياري ٿي رهي هئي ۽ ان وقت بيڪن درٻار کي درخواست ڪري ڇڏي ته “مون کي اُنهي مُقدمي ۾ درٻاري وڪيل جي حيثيت سان مُقدمي هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي”_ لارڊ اسيڪس هڪ جذباتي انسان هو پر تنهن هوندي به هُن ۾ اخلاقيات (Ethics) جا عنصر موجود هئا ۽ ٻئي حوالي سان هُو يارن جو يار به هو، تنهنڪري درٻار ۾ اهڙا ماڻهو به موجود هئا جيڪي لارڊ اسيڪس جا پڳ مٽ يار هئا جيڪي انهي ڳولا ۾ هئا ته “جنهن لارڊ اسيڪس خلاف راڻي جي دل ۾ بغاوت جي باھ کي مچايو آهي اُن کي ڳولي ختم ڪجي”. هاڻي لارڊ اسيڪس جي گھر ۾ اهڙن ماڻهن جو ميڙ به سدائين رهندو هو__جيڪي لارڊ اَسيڪس جا پوئلڳ هئا. انهن سڀني ماڻهن ۽ انهن جي ارادن (Intensions) جي خبر جڏهن راڻي کي پئي ته راڻيءَ لارڊ اَسيڪس کي حڪومت خلاف منصُوبن جي الزامن هيٺ ٽاور ۾ قيد ڪرايو. جنهن وقت لارڊ اسيڪس گرفتار ٿيو انهي وقت هن تي حڪومتي بغاوت (National Insugency) جو الزام لڳايو ويو جيڪو هَو ته “هُو راڻي جي حڪومت ڊاهي اُن تي قبضي جي تياري ۾ هو”!! لارڊ اسيڪس کي ان وقت ڪا به ڳالهه سمجھ ۾ نه پئي آئي ۽ هُن کي پڪ ٿيڻ لڳي هئي ته “هُن خلاف ڪا وڏي سازش ٿي رهي آهي”
لارڊ اسيڪس کي چند ڏينهنن کانپوءِ عدالت جي ڪٽهڙي (On the yards of Justice) ۾ آندو ويو هو؛ ۽ لارڊ اسيڪس کي ڏسندي اُتي عدالت ۾ موجود فرانسِس بَيڪن جيڪو لارڊ اسيڪس جو گھرو دوست هو اُٿِي بيٺو. عدالت فرانسس بيڪن ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو ڇو ته هن جي درٻاري وڪيل طور مقدمي جي درخواست کي راڻي رد ڪري ڇڏيو پر تنهن باوجود لارڊ اسيڪس سان گڏ موجود اُتي سڀ ماڻهو انهي تعجُب ۾ مبتلا هئا ته “آخر فرانسس هتي ڇا ڪرڻ آيو آهي” !؟
فرانسِس، جنهن تي لارڊ اسيڪس جا تمام گھڻا احسان به هئا، ۽ هاڻي اُهو ئي شخص فرانسس بيڪن، لارڊ اسيڪس خلاف عدالت ۾ ڳالهائڻ شروع ٿي ويو هو__!! مقدمي هلائڻ وقت فرانسس عدالت ۾ اهو چئي پنهنجيو موقِف عدالت اڳيان رکيو ته “مان رضاڪارانه طور تي هي مُقدمو هلائڻ چاهيان ٿو جنهن جي عدالت اُن وقت اجازت ڏئي ڇڏي”.
اجازت ملڻ کانپوءِ سڀ مُنتظر هئا ته “فرانسس ڪهڙو موقف رکڻ پيو وڃي”؟ هاڻي فرانسس ڳالهائڻ شروع ڪيو هو؛ جيڪو هڪ عِلم دان ۽ حاضُر دماغ وڪيل جي حيثيت سان ڄاتو ويندو هو. فرانسس بيڪن جيڪو وڏي تقريري انداز ۾ عدالت اڳيان اهڙي ته ڊرامائي انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو جنهن سڀني کي تعجب ۾ وجھي ڇڏيو هو!! جنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ حيرت لارڊ اسيڪس کي ٿيڻ لڳي ڇوته لارڊ اکين سان ڏِسي پيو ۽ ڪنن سان ٻڌي پيو ته “فرانسس بيڪن لارڊ اسيڪس جي خلاف مقدمو هلائي رهيو هو!!” ۽ اهو به تمام پُرڪشِشِ آواز ۽ پڪن دليلن جي سان___!! لارڊ اسيڪس جي بچاءُ ۾ جيڪي به دليل پيش ڪيا ويا فرانسِس اُنهن هڙني کي پنهنجي دليلن سان ڪوڙو ثابت ڪري ڏيکاريو هو. “لارڊ اسيڪس واقعي راڻي جي حڪومت خلاف بغاوت ۾ مصروف هو”___انهي الزام کي اسيڪس جي پنهنجي دوست ثابت ڪيو هو!! جنهن مان اُهو ظاهر ٿيو ته ان وقت لارڊ اسيڪس کي باغي ثابت ڪرڻ ۾ فرانسس پنهنجون سَڀئي صلاحيتون سهيڙي عدالت اڳيان رکيون هُيون.
عدالت تي فرانسس جي ڳالهه اثر ڇڏيو ۽ فرانسس سڀ دليل ۽ تقريرن کان پوءِ عدالت جي اڳيان درخواست ڪئي ته “لارڊ اسيڪس حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي آهي تنهنڪري بغاوت جي ڏوھ ۾ هن کي سزاءِ موت مِلڻ کپي!!” هوڏانهن لارڊ اسيڪس ڪجھ به ڳالهائڻ کان قاصر هيو ۽ هن جون نظرون فرانسِس جي چَهري تي ڄمي بِيهي رهيُون هيون جن ۾ ڏک ۽ دئونس سان گڏ ٻيا جذبا به شامل هئا. هوڏانهن عدالت فرانسس کي گواهِين ۽ ڏنل دليلن کي نظر ۾ رکندي لارڊ اسيڪس کي سزاءِ موت ٻڏائي ڇڏي هئي پر لارڊ اسيڪس جون اکيون فرانسس تي کُٿل ئي رهيون!!
راڻي جي طرفان لارڊ اسيڪس جي خلاف مقدمو هلائِڻ ۽ لارڊ کي ڏوهي ثابت ڪري ڦاسي ڏيارڻ جي عيوض فرانسس بيڪن کي ٻارهن سو پائونڊ جو وظِيفو مليو هو! راڻي جو غور وٺرائڻ وقت هي خُوش ته هيو پر اندر ئي اندر ۾ فرانسس پنهنجو پاڻ کي “هڪڙو ڪِريل انسان تصور ڪري رهيو هو”. ڇا چئجي؟__اُن باوجود به فرانسس اَهڙي سوچ جو مالڪ هو ته “مان ٻين کي پوئتي ڇڏي پاڻ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪجھ به ڪري سگھان ٿو”.
علم جي ميدان ۾ فرانسس بيڪن ذَرخيز ۽ هر فن مولا ذهانت جو مالڪ هو. هُن ماڻُهن سان دنياوي معاملن ۾ اڳتي وڌي انهن سان بيوفائي ته ڪئي پر ٻئي حوالي سان جڏهن هن جي ذهانت جي طاقت کي موڙ مليو ته اُن وقت هنجوانداز فلسفياڻو به رهيو هو__قلم جي دنيا ۾ هي سدائين حقير ئي نظر آيو. فرانِسِس کي پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي علم تي تمام گھڻو غُرور هيو ۽ ويٺي ويٺي چئي ڏيندو هو ته “ڪير آهي هتي جو مونسان لاطيني ٻولي ۽ علم قانون ۾ منهنجو مقابلو ڪري سگھي”؟____۽ وري هيئن به چئي ڏيندو هو ته “مان علم جو سمنڊ هان ۽ مان ارسطو کان بعد هِن مُعاشري ۾ پيدا ٿيندڙ خرابي کي ارسطو کان وڌيڪ سمجھي سگھان ٿو”.
ٿوري وقت بعد بيڪن وري قَرضن ۾مبتلا ٿي ويو ۽ جيل جي هوا کائڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو؛ پر هِن دفعي درٻار خود مداخلت ڪئي ۽ فرانسس کي رهائي ملي ويئي. ان واقعي جي ٻن سالن کان پوءِ راڻي الزبيٿ به خدا کي پياري ٿي وئي ۽ هاڻي حڪومت جو واڳون اسڪاٽ لينڊ جي بادشاه “جيمز” جي هٿ ۾ اچي ويون هيُون. بادشاه جيمز جو تخت تي ويهڻ فرانسس لاءِ پريشان ڪن مَرحلو هو ڇو ته جيمز بادشاه ۽ لارڊ اسيڪس (جنهن کي فرانسس موت جي سزا ڏياري هئي) پراڻا دوست هئا ۽ فرانسس هاڻي ٻيو روپ ڌارڻ جي چڪر ۾ هو ۽ ڪوشش ڪندي پنهنجي پريشاني کي اندر ۾ لِڪائيندو رهيو هو. فرانسس بيڪن انساني دل ۽ دماغ کي سمجھڻ ۾ وڏو ماهر هو ۽ اُنهي طرح بادشاه جيمز جي ذهن کي به هُن سمجھي ورتو هو جيڪو خوشامد پسندي جو بي حد شوقين هو.
فرانسس هاڻي بادشاه جيمز کي لڳاتار خط لکندو رهيو ۽ لفظن جي ڄار ۾ بادشاه جيمز سان کيڏندو رهيو هو. اُنهن خطن ۾ هن بادشاه کي خُدا سڏيو ۽ ان کان علاوه حڪومتي بغاوتن کي چٿڻ جا طريقا به خطن وسيلي جيمز کي ٻڌائيندو رهيو هو__اَهڙي فرانسِس جو جادو جَيمز جي ذهن کي قابو ڪرڻ ۾ جاري رهيو .
فرانسس بيڪن هاڻي “سولسٽر جنرل” بڻجي ويو ۽ هن جا سپنا ساڀيا ٿيڻ لڳا هئا__هِي هاڻي تمام خوش هيو جو هاڻي هنجو سڄو ڌيان ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽين ۾ تعليمي سرگرمين کي تيز ڪرڻ ۽ وظيفا وڌائڻ طرف هو__تنهن بعد بيڪن خوشامدون ڪندو ۽ بادشاه جي احساسن سان کيڏندو “اٽارني جنرل” جي عهدي تائين پهتو. هاڻي هُن وٽ وڌيڪ نوڪر هئا ۽ هر آسائش هن وٽ موجود هئي؛ پر فرانسس اڃان لوڀ لالچ کان مُور نه هٽيو هو___هاڻي هن جي نظر لارڊ چانسلر (Lord Chancellor) جي عهدي تي هئي؛ ڇوته ان وقت موجوده لارڊ چانسلر بيمار هو ۽ مرڻ جي انتظار ۾ هو__جيئن ئي ان جي موت ٿي ته فرانسس کي لارڊ چانسلر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو .
ٽي سال فرانسس بيڪن لارڊ چانسلر جي عهدي تي رهيو ۽ بعد ۾ هن تي ڪورٽ طرفان رشوت جو اِلزام لڳو؛ ۽ ڪافي ماڻهو هن مٿان شاهد ٿي بيٺا هُئا. اِنگلينڊ جا روڊ رستا فرانسِس جي مخالفن سان ڀرجي ويا هئا ۽ اُنهن سڀني بيڪن جي خلاف نعرا هنيا__ٻِئي پاسي فرانسِس بِيماري جي بِستري تي ليَٽيو آسمان کي تڪندي چئي ڏنو هو ته “مان لارڊ چانسلر جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان”__پر ٻئي پاسي گِھٽين، ڪليسائن، بازارن ۾ ماڻهو نعرا هڻي فرانسس جي موت جو مطالبو ڪندا ٿي رهيا__پر افسوس! اُن وقت فرانسِس کي پنهنجي عِلم ۽ دليلن به نه بچايو هو_ پنج سال بعد لارڊ چانسلر جي عَهدي تان هٽائي هن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ بعد ۾ سرڪاري فرمان تي هن کي رِها ڪيو ويو هو. هِي اڪيلو هو ۽ هاڻي هِن وٽ ڪجھ به نه بچيو هو__هن جي لالچ لوڀ ۽ هر خواهش دم ٽوڙي چڪي هئي ۽ هُو پنهنجي پاڻ کي ناڪام انسان سڏڻ لڳو هو پر عِلم__!! اُن علم جو ڇا ٿيو جنهن لاءِ هِن چيو هو ته “علم کي صحيح استعمال ڪرڻ هِڪ فن آهي ۽ هڪ قُوت آهي ۽ علم جي غلط استعمال سان ڪائنات ۾ شِر پيدا ٿيندو آهي”.
آزادي کان بعد هي گھوڙي تي چڙهي سفر تي نڪري پيو هو جو هاڻي هنجو خيال هُيو ته “هُو انسان جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو”_پر زندگي هنجو ساٿ نه ڏئي سَگھي ۽ هو وري بيماري جي بستر حوالي ٿي ويو هو_هِن جي اکين ۾ پچتاءُ جا ڳوڙها هئا ۽ آواز هنجو نڙي ۾ ڦاٿل رهيو هو.
فرانسس بيڪن دمقراطيس جو بيحد عقيدتمند هو، ۽ هِن دِمقراطيس جي يوناني دور جي ڏنل اَيٽم جي نظرئي (Theory of Atom) کي سائنسي انداز ۾ بيان ڪري مادي فلسفي جي قديم روايت کي بحال ڪيو هو؛ ۽ جُڙتو نظرين کي مادي اصولن تي پرکيو هو__هِن يوناني فلسفي کي ساراهيو هو ۽ خيالن جي خامين جي تشريح پڻ ڪئي هُئي. ان کان علاوه هن سوين سال اڳ يوناني دمقراطيس جي ايٽمي نظرئي جي تائيد ۾ مضمُون به لکيا ۽ اها به دعوئٰ ڪئي هُئي ته “قدرت ايٽمي ذرن جي ملڻ وسيلي ٺهي آهي ۽ مادي دنيا هڪڙي قِسم جي خصوصي چُرپُر جو نالو آهي جيڪا چرپر مڪينيڪل ناهي”__۽ وڌيڪ هُن اوڻِيهن قسمن جي مادي چرپر جي نشاندهي ڪئي هئي .
هونئن ته فرانسس بيڪن جي ڪافي مضمونن ۽ فلسفي واري علم ادب جي دنيا ۾ واڌارو ڪيو هو__پر هِن جو هِڪڙو ننڍڙي جهڙو ناول (نيو ائٽلانٽس) جيڪو هن کان اڌ ۾ رهجي ويو هو ۽ 1627ع ۾ شايع ٿيو__جي اندر هِن هڪ مثالي رياست کي ڏند ڪٿائي انداز ۾ پيش ڪري سائنسي شڪل ۾ بيان ڪيو هو جنهن کان پوءِ هن کي مثالي دنيا جو سائنسدان (A Utopian Scientist) به سڏيو ويندو هو.
انهي مثالي دنيا (Utopia)۾ بَيڪن ديو مالائي اِصلطلاحن (Terms) جي چونڊ ڪري هڪ خوشحال ۽ روشن خيال سماج جي علامت کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؛ جنهنجو خاص مقصد اشتراڪيت (Communism) ڏانهن هلڻ ۽ ان کي نئين مادي بنيادن تحت خيالي دنيا اندر سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي__ان کي وڌيڪ سمجھڻ لاءِ اسان کي انهي مثالي رياست “نيو ائٽلانٽس” جو جائزو وٺڻ گھرجي.
[b]خَيالِي رِياست نِيو ائٽلانٽِس Utopia جَو مُختصر جائِزو
[/b] فرانسس بيڪن پنهنجي خيالي رياست اندر هڪڙي فرضي ٻيٽ (Ideal State) جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته اُتان جا ماڻهو هر اُوني کان آزاد آهن. ڇو ته انهن جو بادشاه ڏاهو آهي انهي کان وڌيڪ انهن جي خوشحالي جو دارومدار انهي “ائٽلانٽس سماج” جي سائنسي اصولن تي بيٺل آهي. بيڪن فرضي ٻيٽ جي گادي جو هنڌ “بن سالم” ٻڌائي ٿو ۽ اتي شهر جي وچ ۾ هڪڙو ڪاليج جوڙيو وڃي ٿو؛ جنهن کي هُو “بيت سلمان” جي نالي سان لکي ٿو. ڪاليج ۾ شين جي سببن ۽ فطرتي ڳجھن جي علم ۽ ان جي حرڪتُن ڪرڻ واري عمل جو علم پڻ سيکاريو وڃي ٿو. اُنهي علم جو خاص مقصد ماڻهو جي وهمپرستي ۽ ڪمزور خيالن کي ٽوڙي رد ڪري اتي رهندڙن جي ذهنن کي ڪُشادو ڪرڻ آهي__جيئن سڀني شين کي سمجھي ڪري اُتان جي هر شي کي پنهنجي استعمال ۾ آڻي سگھجي.
انهي ساڳي ڪاليج ۾ ٽيڪنيڪل تجربن لاءِ سڀني قسمن جا اوزار موجود هوندا آهن زمين جي اندر حالتون ڄاڻڻ لاءِ اُونهيون غارون کوٽيون وڃن ٿيون ۽ خلا جي تحقيق لاءِ اوچا مينار (Towers) ٺهيل آهن. طبي تحقيق (جاندار) مادي جي تياري لاءِ تجربيگاه به موجود آهن جتي هر ساھ واري جو ظّاهري ۽ داخلي تجربو ڪري انهن جو علاج ۽ بچاءُ ڪيو وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ هِن فرضي ٻيٽ ۾ ماڻهو زرعي لحاظ کان به ڏاڍا خوشحال آهن؛ اُهو ان لاءِ ته اتي زرعي پيداوار ۽ زرعي مرڪز لاءِ اوزار ۽ مشينون تيار ڪرڻ لاءِ ڪارخانه موجود آهن ۽ گرمي حاصل ڪرڻ لاءِ اتي جي ماڻهن وٽ وڏيون وڏيون بٺيُون آهن. ان کان علاوه روشنِي ۽ آواز جي تجُربن لاءِ وڏا وڏا ڪمرا ٺهيل آهن ۽ هر گھر ۾ هڪ خيالي انجڻ ٺهيل آهي جيڪو هر وقت شين جي چرپر ۽ حرڪت کي روان دوان رکي پيو.
اُنهي ٻيٽ ۾ ڄاڻ علم ۽ فن جي دنيا ايتري ترقي ڪري وڃي ٿي جنهن کانپوءِ اتان جا ڪاليج پنهنجا فني وفد ٻين ملڪن ڏانهن موڪلي اڃان وڌيڪ ايجادُن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ مختلف ڪانفرسون گھرائي وڌيڪ زندگي کي آسان گذارڻ جا طريقا ۽ وسيلا ڳوليا وڃن ٿا. فرانسس جي خيالي ٻيٽ جا ماڻهو پنهجي استادن ۽ مُحققن جي بي حد عزت ۽ احترام ڪندا آهن__۽ جيڪو به مُحقق ڪا نئين ايجاد ڪندو آهي تڏهن انهي محقق جا مجسما نصب ڪياويندا آهن__۽ ان کي ڍير انعام ڏنا ويندا آهن. هن ٻيٽ جا ماڻهو پرهيز گار ۽ ڏاڍا پارسا آهن ۽ ان کان علاوه هو پنهنجي تَخليِقي فن ۽ توانائي جي تحفظ کي پنهنجو اخلاقي فرض سمجھي براين کان پرهيز ڪري پنهنجي عزت ۽ نفس جي اخلاقي فرض جو ثبوت ڏيندا آهن.
بيڪن جو خيالي ٻيٽ هڪ مُلڪ ۽ حُڪمراني جي حيثيت سان بيان ڪيل آهي ۽ اُن وٽ پنهنجو آئين به آهي جيڪو ان رياست جو باني “سَلومِنا” نافذ ڪري ٿو. اها رياست اتان جي ماڻهن کي هڪ خداداد حڪمران جي کين عَطا ٿيل آهي جنهن ۾ هو ترمِيمون پڻ پيش ڪري سگھن ٿا. ان سان گڏوگڏ انهي خيالي رياست ۾ طبقا به موجُود آهن ۽ ذاتي مڪليت به موجود آهي__پر طبقن ۾ هڪ رَسم آهي ته “جيڪڏهن کين موقعي تي تڪليف آهي ته ان جي مدد ڪئي ويندي آهي ۽ ان جي گذر جو مُناسب بندوبست هوندو آهي”.
انهي ٻيٽ جا شهري وڏا ماڻهو ۽ سرڪاري ملازم ۽ حاڪم صاف سٿرو لباس پهرين ٿا ۽ انهن جا نوڪر ۽ خدمتگار انهن جي خِدمت ڪن ٿا؛ ۽ انهي کا علاوه هر ماڻهو جو فرض ٺهي ٿو ته گھر ۾ پنهنجي بزرگن جي ڳالهين ۽ صلاحُن تي عملدرآمد ٿين.
رياستي ادارن جي ڳالهه ڪندي فرانسس لکي ٿو ته “رياست جي عام رهاڪن کي نه ته نظم ۽ نه ئي انتظام ۾ شريڪ ڪيو ويندو آهي ۽ نه ئي معيشيت جي مسئلن ۾__اُهي رُڳو تماشائي آهن ۽ رِياست جي اندر ضرُورتن جي شين جي پيداوار ۽ وِرهاست جا فَرض ان رياست جا ماهر ۽ سياسَتدان مشِينن ذريعي سرانجام ڏيندي نظر اچن ٿا”. يعني بيڪن پنهنجي سائنسي خيال (Scientific Imagination) کان خوب ڪم وٺي ٿو ۽ اهڙين عجيب عجيب ايجادُن جو ذڪر ڪري ٿو؛ جيڪو اُن دور جي لِحاظ کان پَڙهي حيرت وٺي وڃي ٿي .
اُنهي نيو ائٽلانٽس لکڻ دوران هن مڇي جيان پاڻي ۾ ترندڙ آبدوزن جو به خيالي ۽ سائنسي ذِڪر ڏنو آهي؛ ۽ هوا ۾ اڏامندڙ پکين جيان اڏامندڙ ڌاتو جي سائنسي خيال سان گڏ رستن کي ڳولڻ ۽ نوان رستا دريافت ڪرڻ واري خيال کي پيش پڻ ڪيو آهي. ان کان علاوه بيڪن انهي سمُوري شين کي تغير (Dialects) ۽ دائمي چرپر ڪرڻ واري عمل سان بيان ڪيو آهي .
اُنهي دوران فرانسس بيڪن جي هوندي جيمز پهرين ( James One1603 _ 1625) جي دور ۾ سرمائيدارن جي خلاف هڪ جھموري تحريڪ هلي رهي هئي جيڪا پارليامينٽ جي اندر اهو مطالبو پيش ڪندي رهي ته “ملڪي معاملا شهرين جي صلاح کان سواءِ فيصلي طور نه ورتا وڃن”__۽ جَيمز پهرين جي دور کانپوءِ چارلس پهرين (_Charles one1625_1649) جي دور ۾ اها تحريڪ تيزي اختيار ڪري ورتي هئي. هاڻي انهي تحريڪ انقلابي جذبن کي جنم ڏنو هو جيڪو “ليولزر جي تحريڪ” جي صورت ۾ پنهنجا مطالبا پيش ڪندي رهي هُئي__۽ انهي تحريڪ جون واڳون مزدورن جي هٿن ۾ هُيون جيڪي طَبقاتِي نِظام کي ڊاهڻ جي گُھر ڪري رهيا هئا. يعني سڌي طرح اُها تحريڪ جاگيردارن جي خلاف مضبوط بيٺل هئي. اُنهي ليولزر جي تحريڪ مان هڪڙي ٻي تحريڪ ڊِگرز (The Digger’s movement) جي نالي سان ڦُٽي نڪتي جنهنجو نعرو اهو به هو ته “زمين جا اصل وارث هاري آهن”__ڊگرز جو اهو به عقيدو هو ته “زمين خدا جي ملڪيت آهي انڪري ڪنهن به ماڻهو کي اهو حق نٿو ملي ته اهو زمين جي ڪنهن به حصي کي ذاتي طور پنهنجي مِلڪيت سمجهي”_اُن ڪري هُو بادشاهت ۽ جائداد ٻنهي جي مخالفت ڪندا هئا ان کان علاوه هُنن پنهنجي منشور ۾ لکيو هو ته “بادشاه شيطان ۽ قاتل هُوندا آهن؛ امير ۽ عهديدار حرامزاده آهن، اُهي چور، ڌاڙيلن ۽ قاتلن جي اولاد آهن ”
اُهي تحريڪون انهي دور جي مذهبن جي هَٺ ڌرمي ۽ قبضاخوري جي خلاف به اُٿي کَڙو ٿيون ۽ انهي سڀني حقيقتن سان اُهو عِلم ٿئي ٿو ته فرانسس بيڪن انهي دور جي ماڻهن جي حالتن جو گھري نظر سان جائزو ڪيو ۽ انهي دور جي حالتن کي ڏسي ڪري رياست جي مُختلف پَهلوئن تي سوچ ويچار جو ذريعو ڏِنو. اُنهي خيالي رياست ذريعي شايد هُن انهي وقت اُهو ظاهر ڪرڻ پئي چاهيو ته رياست هڪ اَهڙو نظام آهي جيڪو ڪڏهن به رياستي جبر ۽ طبقاتي نظام جي اِصتحصال هيٺ هلي نٿو سگھي.
هنن جي وڌيڪ چوڻي هئي ته “رياست برابري جي زميوار هجڻ گھرجي؛ جتي برابري زندگي ۽ عملي شعبي کان وٺي انسان جي سوچ تائين جڙيل رهي”. فرانسس بيڪن جو نيو ائٽلانٽس اُنهي دور جو هڪڙو ڪَرشمو هو جيڪو تحقيق ۽ کوجنائن واري سائنسي علم کي انسان جي برابري واري رستي تائين کڻي پهچايو هو؛ ۽ ان کان علاوه مذهبن ۾ روايتن ۽ تقليد (پوئيواري) جي بُتن جي عبادت کي حرام قرار ڏئي ڇڏيو .
فرانسس بيڪن جي باري ۾ اهو به خيال پيش ڪيو وڃي ٿو ته هُن “نيو ائٽلانٽس” بادشاه جيمز پهرين کي خوش ڪرڻ لاءِ لکيو هو؛ پر هُن جو خيال هو ته “جيمز روشن خيال ذهن جو مالڪ آهي ۽ سندس لکيل خيالي رياست کي بيحد پسند ڪندو”__پر ايئن ٿيو ڪونه هو__ٿيو ايئن ته 1645ع دوران لنڊن ۾ جڏهن ڪاليج آف فلاسافي (College of Philosophy) قائم ڪيو ويو، اُن وقت ان جو باني سموئيل هارٽب اعلان ڪيو هو ته “ڪاليج جو محرڪ بيڪن جي صنف نيو ائٽلانٽس آهي” ۽ وري 1662ع ۾ جڏهن ان ڪاليج ترقي ڪري رائل سوسائٽي (Royal Society) جي شِڪل ورتي ته اُن جي بانين به بيڪن کي عقيدت جو خراج پيش ڪندي چيو ته “اسان بيڪن جي بيت سلمان جي منصُوبي کي عملي ويس پارائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ”
فرانسِس بيڪن جي اُن خيال کان پوءِ رُڳو هُنجا هم وطن دانشور متاثر نه ٿيا ها پر فرانسسي انسائيڪلو پيڊيا جي تحريڪ جو باني “دِيدرُو” پنهنجي لفظن ۾ بيڪن کي خراج تحسين پڻ پيش ڪئي هئي؛ جنهن ۾ هُن چيو هو ته “جڏهن دنيا ۾ نه سائنس جو وجود هو ۽ نه اهڙي ڪنهن خيال جو تڏهن هِن غير معمولي ڏاهي (بيڪن) علم جي ضرورت جي باري ۾ لکيو هو_۽ اُنهي دور ۾ جَڏهن اَڃا معلومات جي تارِيخ لِکڻ به بَيحد اڙانگو عمل هو”
[b]فَن، اَدب ۽ نَئِين جاڳرتا Renaissance جو مُختصر جائِزو
[/b] عيسائيت جنهن کي رومين دُنيا جي ڪُند ڪُڙڇ ۾ ڦهلايو هو، سا پندرهين ۽ سورهين صدي ڌاري پنهنجا سڀ اصول ختم ڪري هڪڙي زور ۽ ڏاٺائي جي شڪل ڌاري ماڻهن جي دلين مان پنهنجي آبرو کي ڪاپاري ڌڪ رسايو هو. ٻارهين صدي تائين يُورپ پنهنجي اونداهي دور ۾ ڪٽيا پر هاڻي پندرهين ۽ سورهين صدي جي يورپي عوام کي پنهنجي جاڳرتا جو احساس ٿيو هو. يورپ جا ماڻهو هاڻي پادرين ۽ چرچ جي سرواڻن کا پوري طرح واقف ٿي چُڪا هُئا__ پر انهي کان صديون اڳ رومين جي يورپ ۾ شهنشاهتون جُڙڻ کان ويندي يارهين ۽ ٻارهين صدي تائين يورپ جي تقريبن مُلڪن اندر پوپ جي ٻُڌي وِيندي هئي__عيسائيت جي ڄار کي پادرين ۽ ٻين مذهبي عهديدارن سَڄي يورپ ۾ ڦهلائي پنهنجي مفادن ۽ ڦُر مار جو دڳ ٺاهي ڇڏيو هو؛ پر چوڏهين صدي ڌاري کان عيسائيت جو دٻدٻو پنهنجو زور ٽوڙي رهي هُئي___اُنهي عِيسائيت جي زور کي ٽوڙڻ پَويان وڏو هٿ پَروٽَيسٽِنٽ فِرقي جو هو___جيڪو جَرمنِي مان يُورپ جي ماڻهن لاءِ ڄڻ ڪا مذهبي اصلاحِي تاريخ جي هِڪڙي نئِين شروعات هُئي.
تاريخ کان ويندي دُنيا جي جاگرافي اسان کي اهو به ٻڌائي ٿي ته هر ڏُتڙيل دور اندر اصلاحي تَحريڪُن جو اُڀرڻ اَڻٽر هُوندو آهي__ساڳي طرح ٻارهين صدي تائين يُورپ اندر ماڻهن کي عيسائيت هٿان پيڙهجندڙ زندگين مان نجات ڏيارڻ لاءِ به يورپ اندر مارٽن لُوٿر ۽ جان ڪالوِن جهڙا ماڻهو، مذهبي چرچ ۽ عيسائيت اندر، آخر ڪار، پندرهين صدي ڌاري بغاوت جو نارو بُلند ڪري ويٺا هُئا. ساڳي طرح جَرمني مان پروٽيسٽنٽ جو اُڀرڻ، ۽ فرانس مان جان ڪالوِن جي تحريڪُن چرچ کي قومي سياستن اندر اڙائي ڇڏيو هو___جيئن تيرهين، چوڏهين صدي ڌاري فرانس جي بادشاھ فِلپ، بِيَونِيفِيز نالي هِڪڙي پوپ کي پنهنجي رَوم واري محل مان گرفتار ڪرائي جيل موڪليو هو
بِيَونِيفِيز جو ڏوه اِهو هو جو هُن هِڪ ڀيري چيو هو ته “تندرست، امير ۽ خوشقسمت ماڻهو سڀ کان اڳ جنت ۾ هوندا”___۽ وڌيڪ هُن اها ڳالھ به ڪئي هُئي ته “چرچ کي ٽيڪس ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ واري موضوع تي به غور ڪرڻ لازمي آهي” ۽ اُن سان گڏ هُن وڌيڪ ائين به چيو هو ته “پوپ کي ڌرتي تي هر ننڍي ۽ وڏي ماڻهو تي مُڪمل اختيار آهي!”___انهي ڳالھ تي فرانس جو بادشاه فِلپ ڪاوڙيو هو ۽ پوپ بِيَونِيفِيز کي جيل موڪلرائي ڇڏيو هُئائين__جنهن کي بعد ۾ رومي عوام بچائي وڌو هو. ٻي وڏي ڳالھ اها به ٿي هئي جو 1308ع ڌاري يورپي مُلڪن اندر هڪ ڏڦُيڙ به جنم ورتو جنهن يورپ اندر پاپائيت کي وِرهائي ڇڏيو هو___جنهن ۾ اِٽلي جي ڪارڊينلِن اِٽلي جو پوپ چونڊيو جيڪو رَوم ۾ حُڪم هَلائيندو هو؛ ۽ فِرانس جي ڪارڊينلِن پنهنجو فرانسي پوپ چونڊيو هو جيڪو فِرانسِي عوام ۽ فرانسِي حڪُومت جي پاپائِيت جو رَکوالو هو__ هر مُلڪ جي پوپن کي اُتان جي حُڪومتن جي پُٺڀرائي حاصِل ٿي چُڪي هُئي، پر تنهن باوجود به عيسائيت جا ڪيترائي مڃيندڙ مُلڪن جي سربراهن کان نفرت ڪرڻ لڳا هُئا__آخرڪار روم سان ڳالهين تي اعتماد کي بحال ڪندي 1417ع ڌاري هِڪڙي پوپ کي رَوم اندر چونڊڻ وارو وچن ڪيو ويو.
بدلجندڙ دورن سان گڏ اِٽلي کان ويندي يورپ جي ٻين ڪيترن ئي مُلڪن ۾ شاهوڪار ماڻهن جي اندر ۾ به هاڻي عيسائيت لاءِ ڪا خاص دلچسپي ڪان رهِي هُئي؛ ۽ انهي هڙنِي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي آخر ڪار عيسائيت جي پيروڪارن به پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ “نئين جاڳرتا” واري دور جي اصولن تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي هئي!
اهي بيان ڪيل چند ڳالهيون ته نئين جاڳرتا (Renaissance) جي وچ واري زماني جون هُيون پر اصل شروعات ائين آهي ته؛ ٻارهين صدي تائين يورپ کي اونداهو دور ان لاءِ سڏيو ويندو آهي جو اُنهي صدي تائين يورپ اندر علم ۽ گيان وارو ڪو به ماحول ڪون هو، ۽ اُن کان علاوه انهي دور جي يُورپ اندر ڪنهن به قسم جا حُڪومتي ٺوس اصول به قائم ڪيل ڪون هُئا، جنهن ڪري ماڻهو هر حوالي سان مُنتشر رهِي ڪري پنهنجي رخُ تي زندگين سان همنوا رهيا___اُنهي دور ۾ يُورپ اندر به هزارين ماڻهو بيگانگين جو شڪار رهيا جَن ۾ هزارن جي تعداد ۾ اُمن پسند ماڻهن خانقاهُن ۾ وڃي پناه ورتي ته ڪن وري ايلفِنٽا، الوِر اَجِينٽا جهڙين غارُن ۾ وڃي رهڻ کي ترجيع ڏني هُئي؛ جيئن هو ٻاهر بي_لغام گُهمندڙ بي_اُصول ماڻهن ۽ ڦورُن کان پنهنجي جان بچائي سگهن ۽ پنهنجي مُنهن امُن ۽ شانتي سان رهي سگهن.
يعني جن ماڻهن جو ڇُڙواڳ زندگي ۽ تشدت تي ويساھ نه هو تن لاءِ اُن وقت عام رواجي زندگي گُذارڻ ڪافي ڪٺن ۽ نامُمُڪِن بڻجي وئي هُئي. انهي کان علاوه جنهن ماڻهو به مختلف نموني زندگي گُذارڻ ٿي گُهري اُهي راهب ٿي ويندا هُئا، ۽ اهڙن راهب ماڻهن ۾ هِڪڙو اَسِيسِي جو سينٽ فرانسِسِ (St Francis) به هو__سينٽ فرانسس هڪڙي واپاري جو پُٽ هو جنهن پنهنجي جواني عيش عشرت ۾ گُذارڻ کان پوءِ زندگي جي هر سُک کي تياڳي راهباڻي زندگي گُذارڻ جي جتن سان نڪري پيو هو__ايس ٽي فرانسِس جو خيال اِهو به هيو ته “يسُوع مسيع جي زندگي جو مقصد ماڻهن جي زندگين مان ڏُک، بيماري ۽ تنگي کي ختم ڪرڻ هو”__وري به اهڙن راهب قسم جي انسانن جي دلچسپي جو ميدان سادائي طور مذهب ئي هوندو هو
نئين جاڳرتا جو دور (Renaissance) پنهنجي اندر ۾ پُوري يورپ لاءِ شروعاتي بدلاءُ وارو دور به هو جنهن سان گڏ نئين جاڳرتائي ادب ۽ تخليقُن کان ويندي سائنسي خوجنائن ۽ خيالن طرف مُڙندڙ هڪڙي دڳ جو ظهور ٿيو هو__جنهن ۾ مختلف ماڻهن جي ذهنن ۾ نئين تخليقُن سان گڏ نئين سائنسي خيالن به جنم ورتو هو. سائنس ۾ دلچسپي وٺندڙن ۾ هڪڙو راجر بيڪن به هيو جيڪو تيرهين صدي جي وچ ڌاري يعني 1250ع ڌاري آڪسفورڊ يونيورسٽي (جيڪو تازو وجود ۾ آيو هو) جو راهِب (اُستاد) بڻيو هو ۽ هُن انهي دور ۾ بارود ٺاهڻ جا طريقا ڳولهي لَڌا هُئا___جنهن ۾ اُنهي بارُودِي طَرِيقن جي فارمولن کي سرانجام ڏيندي هُن غلطي سان پاڻ کي به اُڏائي ڇڏيو هُئائين.
نئين جاڳرتا جي شروعات ته اٽلي مان ٿي هئي پر بعد ۾ انهي جاڳرتا جو اثر تقريبن يُورپ جي هَڙني مُلڪن تائِين ڦِهلجڻ شرُوع ٿِيو هو_هِي اُهو ئي دور هُيو جنهن ۾ يورپ جا ماڻهو ڌرتي جي مختلف ڪُنڊن جي کوجنائن طرف نڪري چُڪا هئا، اٽلي جو مارڪو پولو چائنا تائين پهتو هو جنهن بعد ۾ هُن اُتان جي تاريخ ۽ تهذيبن کان ويندي اُتان جي جاگرافي کي يورپ ۾ نئين سر متعارف ڪرايو هو؛ اسپين مان ڪولمبس هِندُستان ڳولهڻ لاءِ نڪتو هو پر غلطي سان هُن نئين ڌرتي (آمريڪا) کي ڳولهي لڌو هو ۽ وري پورچوگال جو واسڪوڊي گاما انڊيا جي گووا واري ٻيٽن تائين رسائي حاصل ڪري ورتي هُئي. پر انهي سڀني ۾ هڪڙو پورچوگالي سرڪش جهاز ران فرڊِيننڊ مَجِيلان (Ferdinand Magellan ) هُيو جنهن بهري جهازن وسيلي زري گهٽ پُوري دُنيا جو چڪر لڳايو هو___انهن سڀني نئين ڌرتي جي نَيُن گِردن کي سولائي سان ڳولهڻ جو راز به ڪَمپاس (Compass) هُيو جيڪو سامونڊي ماڻهن ۽ جهاز رانن لاء اُن وقت جي هِڪڙي شاندار تخليق هئي. انهي ڪَمپاس جي تخليق سان گڏ جرمني ۽ هالينڊ ۾ پَهريُون پِرنٽگ پريسون ٺهيون ۽ ڪاغذ جو واپار به عام ٿيو؛ جنهن ۾ اُن وقت جي جديد تخليق ٿيل مشين يعني جرمني جي وليم ڪئڪسٽن (William Caxton) واري پرنٽنگ مشين جَي هُنر کي جرمني ۽ انگلينڊ سان گڏ يورپ جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ وڏِي پزيرائي مِلي چُڪي هئي. هاڻي يورپ اندر ڪاغذ ۽ پرنٽنگ جي متعارِق ٿيڻ سان نئين جاڳرتا جي دور کي نئين جوت مِلي وئي هُئي
هِڪڙي پاسي ته يورپ پنهنجي نئين کوجنائن طرف مهُو هيو ته ٻئي پاسي اَڃا تائين يُورپ اندر پادرين طرفان مچايل صليبي جنگين جي باھ آخر تائين ٻري رهي هئي__۽ اُها باھ يُورپ جي ماڻهن لاءِ پهرئِين دفعي وڏي پئماني تي مذهبي پلئٽ فارم تان وڙهڻ ۽ جنگ جي فن تي دَسترس حاصل ڪرڻ جي ڄڻ پهرئين ڪڙِي پڻ هئي__تنهن باوجود به يورپ جي ماڻهن ۽ ڪلاڪارن پنهنجو گهڻو تڻو ڌيان پنهنجي فن طرف ڏنو جيڪو اُن وقت اهڙن ماڻهن کي لڳو ته “فن ئي سندن حقيقي سڃاڻپ جي نشاني آهي جيڪا صدين جي سفر جو شاهڪار بڻجندي”
نئين جاڳرتا (Renaissance) سفري مشاهدا ڪندڙن کان ويندي اهڙن عظيم ماڻهن کي به جنم ڏنو جن جي عظيم تخليقيل فن کان اڄ تائين به ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي__هاڻي هِن صدين جا ڪلاڪار فائين آرٽس يعني پينٽنگ، سنگ تراشي ۽ عمارت سازي واري ميدان ۾ به لهِي آيا هئا__انهي ڪِرت جي اڳواڻي فلورينس جي جَوٽَو ڊِي بالڊَان (1266ع__1336ع) ڪئي هُئي، جنهن ۾ پهرئين دفعي يورپي ڪلاڪارن چُرندڙ پُرندر زندگين کي ڪِلاسِيڪل اندز ۾ چٽي (چِٽرَي) پنهنجي فَن اندر نواڻ کي جنم ڏنو هو. جَوٽَو جي وفات کان پوءِ فِلورينس يورپ جي انهي آرٽ ۽ ٽرينڊ جو مرڪز پڻجي چڪو هو.
فلورينس جي ڪلاڪارن هاڻي اهڙيون انساني تصويرون ٺاهِڻ شروع ڪيون هُيو جيڪي هر طرح سان مُڪَمل لڳنديون هُيون__اهڙن عظيم فنڪارن ۾ فلورينس اندر هڪڙي عظيم ڪلاڪار ليونارڊو_ڊا_ونسِي به جنم ورتو جنهن لاسٽ سپر (The Last Supper) ۽ موناليزا (Monaliza) جهڙن عظيم شاهڪار کي پنهنجي ڪينواس تي چِٽي نيئين جاڳرتا اندر به موناليزا جهڙي مُرڪ پکيڙي ڇڏي هُئي__انهي سڀني ڳالهين تي نظر رکندي ايترو چوڻ وڌاءُ به نه ٿيندو ته نئين جاڳرتا ڪنهن به هڪڙي فَني ڪِرت جي تخليق جو نالو نه هو پر نئين جاڳرتا مذهب، سائنس کان ويندي ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ به نئين جوت جلائڻ جو نالو هو. انهي آرٽِسٽن ۾ هِڪڙو رافيل به هو جنهن پنهنجي حياتي ۾ مذهبي آرٽ اندر وڏي مڃتا ماڻي هُئي پر وري به ڪافي ماڻهن جو خيال آهي ته انهي دور جو تمام وڏو آرٽسٽ فلورنٽائين ڊونيٽوبارڊي (1386ع کان 1466ع) هِڪ سنگتراش هو، هو پر پر وري گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته ڊينٽوبارڊي کان وڏو آرٽسٽ مائڪلو انيجلو Michelo Agelo)__1475ع کان 1564ع) هو___هُو هِڪ سنگتراش سان هُئڻ سان گڏوگڏ عمارت ساز ۽ هِڪ شاعر به هُيو، پر هُن کي هميشھ ڇِيڻِي ۽ بُرش سان محبت رهي هُئي
وري به انهن سڀني تخليقُن کان هٽي ڪري نئين جاڳرتا هڪڙي انسان دوستي جي تحريڪ (Humanism) جي شروعات به هُئي؛ جنهن ۾ هڪڙي انسان کي پهرئين دفعي اِهو احساس ٿيڻ لڳو هو ته “هِن ڌرتي تي سڀ کان قدر جي لائق صرف انسان ئي آهي”__ ۽ اهو به يومِنزم تحريڪ جو اثر ئي هُيو جو اُن وقت جي ماڻهن کي پنهنجي ۽ ٻين ماڻهن جي حقن جو پاپائيت طرفان لُٽجڻ جو احساس ٿيو هو، جنهن کان پوءِ يورپ جي ماڻهن هڪٻئي کي ڀرپور عزت ڏيڻ سان گڏوگڏ سياست کي به مذهب کان الڳ پرکڻ ۽ الڳ ڪرڻ تصور ڪرڻ لڳا هُئا. انهي زماني جا ماڻهو اهو به هاڻي هُو سمجهڻ لڳا هئا ته انسان ئي واحد اشرف_المخلُوقات آهي ۽ انساني عظمت وارو نظريو رکندڙ مَرد ۽ عورتُون هِن دُنيا کي بدلائي سڀني جي رهڻ لاءِ بهتر هنڌ بڻائي سگهن ٿا___هاڻي اهڙي طرح انساني عظمت وارا نظريا به سڄي يورپ ۾ ڦهلجڻ شروع ٿيا هُئا
چوڏهين ۽ پندرهين صدِي ڌاري اٽلي مان جنم وٺندڙ نئين جاڳرتا جي پيروري ڪرڻ هاڻي پوري اولهائين يورپ جو فيشن بڻجي چڪو هو؛ جو هاڻي يورپ جي اديبن به پنهنجي فن ۾ انهي دور جي نمائندگي ڪرڻ کي پنهنجو فرض ڀانيو هو
ادب جي حوالي سان اِٽلي ۾ ڊانٽَي (Dante) ڪيٿولِڪ لاءِ شاهڪار مجموعو ڊيوينا ڪميڊيه (Divina Commedia ) لکيو هو؛ جنهن ۾ هُن مذهبي جذبي کي ساڻ کڻي وري به “روحاني عقلمندي” کي اجاگر ڪرڻ جو پيغام ڏنو__۽ انهي سان گڏ هن جي ساڳي سِٽُن اندر يُومِنِزم جو درس به ڏنل هو. ڊانٽَي کان پوءِ پيٽراڪ (Petrarch) ڪيترائي غُنائي نظم لکيا، هُن جي نظمن اندر مُحبت جي جذبي کي ئي اصل، اول ۽ حقيقي حيثيت جو اظهار ڏسيل هو___نئين جاڳرتا هاڻي ڄڻ پاڻ سان گڏ ادب ۾ شروعاتي رومانس کي شاعري ۽ ٻين صنفن اندر ڪنهن ڌنڌلي عڪس جيان نمايان ڪري جذباتي پَهلُو کي به اُجاگر ڪري رهي هُئي. اُنهي ٻنهي کان پوءِ ساڳي دور ۾ جيوواني بيڪيشيو (Giovanni Boccaccio) پنهنجي لکيل مجموعي ڊيڪاميرُن (Decameron) اندر عام واقعن کان ويندي انساني نفسيات جي پهلوئن جي نشاندهي به ڪئي هُئي__ادب جي حوالي سان نئين جاڳرتا وارين خصوصيتن کي اُنهي ٽِنهي ڪلاڪارن اِٽلي اندر گهڻي قدر اُجاڳر ڪيو هو.
نئين جاڳرتا آزادي ڏانهن رستا به هموار ڪيا ته ماڻهن جي زندگين اندر بي لغامي به پيدا ڪئي__۽ وري ادب جي دنيا م اٽلي جي شاعرن وڏي پيماني تي لفظن ۽ جملن اندر رنگينيون به پيدا ڪري ڇڏيون هُيون. انهي سان گڏ اٽِلي جي بَينوَينوٽَو مَيڪاوَلي سياسي ادب جي حوالي سان شهزادو (The Prince) لکي ڪري سياست اندر پنهنجي الڳ سڃاڻپ جي حد ٺاهي ڇڏي هُئي__اٽلي جي نئين جاڳرتا جو اثر فرانس تائين به پهتو هو جنهن ۾ادب جي حوالي سان فرانس ۾ به ادبي حوالي سان صحتمند مثال مِلي سگهن ٿا___فرانس ۾ انهي دور ۾ مَونٽيين (Montaigne__1533ع کان 1592ع) مُڪمل طور نئين جاڳرتا جي نمائندگي ڪئي ۽ هُو پَنهنجي لِکڻين ۾ يُوناني اَدب ۽ فَلسفي جي اُصولن جو پوئلڳ رهيو هو___انهي کان پوءِ ساڳي مُلڪ فرانس اند مُڪمل طور اٽِلي جي ادبي اُصولن تي جيڪو شخص مظبوطي سان بيٺو، اُهو پُلوٽارڪ هُيو (Plutarch)__جنهن جي لکڻين اندر انساني جذبن ۽ نفسياتي پهلوئن تي نَظر سانِي ٿيل هُئي. پُلوٽارڪ جي فَلسفي اندر اِنسان ذات وٽ صبُر، قُوت ۽ بَرداشت کان ويندي اِنساني جذبن جي نِشاندهي به ٿيل هُئي___جَنهن اندر انسان دوستي (Humanism) وارا چِٽا مثال نمايا ٿيڻ لڳا هُئا
نئين جاڳرتا فرانس کان پوءِ انگلينڊ ۾ به ڦهلجڻ شروع ٿيو هو پر انگلينڊ ۾ انهي جو اثر دير سان ڦهليو هو___ نئين جاڳرتا واري انسان دوستي واري تحريڪ انگلينڊ ۾ پنهنجا جڙ مظبوط ڪندي ٿي وئي__۽ هِن مهل تائين انگريزي ٻولي ۾ به هاڻي اُها سحر انگريزي جنم وٺي چُڪي هُئي جيڪا ادب کان ويندي عام ماڻهن لاءِ به دلڪشي جو مظاهرو بڻجي چُڪي هئي. انهي نئين جاڳرتا جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي جان ڪالوِٽ (John Colet) سينٽ پال اسڪول (Saint Paul’s School) جو بنياد وڌو هو__۽ انهي کان پوءِ سر ٿامس موور (Sir Thomas More__1487ع کان 1535ع) به انهي در جي اثر کي قبوليندي خيالي رياست (Utopia) لکيو هو؛ جيڪو انهي دوران تمام گهڻو مشهور ۽ مقبول ٿيو هو___جنهن جو اثر سياست کان ويندي نئين مُلڪن جي دريافتُن تي به پيو__پر وري به ٿامس موَور واري خيالي رياست اندر افلاطوني يُوٽوپِيا جو اثر هُيو. مَووَر پنهنجي خيالِي رِياست اندر اُن وقت اتي رائج ٿيل تعليمي نظام به کي ننديو ته سپاهين سان گڏ هُن جنگي سامان تي به تنقيد ڪئي هُئي ۽ جنگين کي هُن فضول قرار ڏنو هو___جنهن مان اهو به اندزو لڳائي سگهجي ٿو ته مَووَر به يومِنزم جي قدر کان واقف هو؛ هاڻي هُن جي ذهن ۾ هڪڙي نئين رياست جو ڍانچو موجود هو جنهن جا مثال ۽ شاهِديون هُن پنهنجي خيالي رياست ۾ لکي ڪري ماڻهن تائين پهچايو هو
مزي جي ڳالھ ته انهي دور ۾ ڪافي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ يا ته يوناني يا وري اَطالوِي (اِٽالين) ٻولي ۾ لکڻ کي ترجيع ڏيندا هئا___پر انهي دور ۾ انگلينڊ اندر راجر ايشم (Roger Ascham) وڌيڪ مظبوط خيال کڻي ادبي دنيا اندر ظاهر ٿيو هو، جنهن پنهنجي لکيل مسُودي، دَ اسڪُول ماسٽر (The School Master) ۾ اها هدايت ڏني هُئي ته “هر ليکڪ کي گهُرجي ته هُو پنهنجي قومِي ٻَولي ۾ لکِي ڪري پنهنجي قومِي اَدب اندر ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن اندر پنهنجي حقيقي سڃاڻپ لاءِ اَدبي واڌارو ڪري”
انهي کان پوءِ نئين جاڳرتا دوران انگلينڊ اندر ٻه مقبول ادبي ڪلاڪار ٿي گذُريا، هينري ڇهين ۽ راڻي الزِيبٿ پهرئِين (1533ع کان 1603ع) جي دور ۾ انگريزي ادب اندر سر ٿامس وِٽ (Sir Thomas Wyatt) ۽ هينري هاورڊ (Henry Howard____جيڪو اَرل آف سَري Earl of Surrey___جي لقب سان پڻ ڄاتو ويندو هو. هُيا ته ٻئي اُنهي دور جا دَرٻاري شاعر پر تنهن باوجود اُنهي ٻنهي ڄڻن الزِيبٿ دور ۾ پنهنجي شاعري اندر انسان دوستي (Humanism) واري جذبي سان سان خوب نڀايو هو. مزي جي ڳالھ ته هِنن ٻنهي ڄڻن کي پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي شاعري کي ڇپندي ڏسي مڃتا ماڻڻ واري سعادت به حاصل ڪان ٿي هئي___۽ اَرل آف سَري جي قتل ٿي وڃڻ کان ڏه سال بعد هُن جي ۽ ٿامس وِٽ جي شاعري هڪڙي گڏيل مجوموعي ٽاٽِلز مِسلينِي (Tottle’s Miscellany) ۾ چپجي ماڻهن جي هٿن تائين پُهتي هُئي، اُن کان علاوه اُنهي مجوموعي اندر ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جا شعر پڻ ڇپيل هئا.
وري به انگريزِي شاعرِي کي ڪمال ۽ عُروج تي کڻي ويندڙن منجھ ايڊمنڊ اسپينسر (Edmund Spencer__1552ع کان 1599ع) هو؛ اسپينسر معمولي گهراڻي ۾ جنميو هو ۽ بعد ۾ ڪيمبرج ۾ تعليم پرائي ترقي ڪري ارل آف ليسٽرز (Earl of Leicester’s) جي مُلازمت ۾ لڳي ويو هو__اسپينسر فرانس جي قوميت واري تحريڪُن مان به بيحد مُتاثر هيو پر وري به پنهنجي اندر ۾ هو هِڪڙو انگريز قومپرست ئي هيو؛ جنهن 1579ع ڌاري هن شيپرڊز ڪيلينڊر (The Shepherd’s Calendar) نالي ٻارنهن نظمن جو مجموعو (Eclogues) لکي ڪري پنهنجي قوم کي شاندار ادبي تحفو ڏِنو هو__جنهن ۾ هِڪڙي گُڏڙِي نما تخليق (تخليق ڪيل ڪردار) پنهنجي مُحبت جي اظهار جا در تلاش ڪري مُحبت جي رنگ ۾ رنڱجي ويندي آهي__اسپينسر انگريزي شاعري ۾ نئين جوت کي جلايو هو پر وري به هُن کي وڏي مقبوليت بخشيندڙ هُن جو تخليق ڪيل دَ فيئري قُئين (The Faerie Queene) آهي__جنهن ۾ هُو لاطيني شاعر ورجل (Virgil) کان بيحد متاثر نظر آيو هو ۽ وِرجل جي انداز کي به پنهنجي اسٽائيل جو حصو بڻائي ڇڏيو هُئائين.
انگريزي ادب پنهنجي جوهر ۾ ڪلاسڪيت (Classicism) ڏانهن پيرا کڻي رهي هئي ۽ کڻي ائين چئجي ته به وڌا نه ٿيندو ته نئين جاڳرتا پنهنجي جوهر ۾ نئين ڪلاسڪيت (Noe_Classicism) کي جنم ڏئي رهي هئي__جنهن ۾ انگريزن يوناني ۽ لاطيني ڪلاسيڪل ادب جِي نئين انداز سان نشاندهي ڪري اُن جي اثر کي پنهنجي دور جي ادب اندر سمائِڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪري رهيا هئا.
انگريزي ادب اندر انهي نئين جاڳرتا کان ڪلاسڪيت طرف وڌندڙ ادبي رستي اندر هِڪڙي ادبي ٽياڪڙي جُڙي جنهن ۾ اول جان لِيلِي (John Lily) هو__لِيلِي اُن وقت اسپينسر جي شيپرڊز ڪيلينڊر (The Shepherd’s Calendar) کان سال پوءِ يوفِس دَ ائناٽامي آف وِٽ (Euphues the anatomy of Wit) نالي نثري شاعري جو مجموعو لکيو هو؛ جنهن ۾ اٿينس (Athens) جو يوفِس نالي ڪرادار ذهين، خوبصورت ۽ صلاحيتن جو مالڪ هوندو آهي؛ جيڪو وڃي نيپلس (Naples) ۾ عياشي واري زندگي گُذاريندو آهي ۽ انهي سان گڏ يوفِس پنهنجي صلاحيتن جي ڳڻتي ئي ناهي ڪندو__انهي وقت هِڪڙو پوڙهو هُن کي بُرائي کي تُرڪ ڪرڻ جون نصيحتون ڪندو آهي؛ جنهن عورت سان يوفِس شادي ڪرڻ چاهيندو آهي اُها عورت به ٽئين مرد سان جيون ناتو جوڙي هُن (يوفِس) کي ڇڏي هلي ويندي آهي___جنهن کان پوءِ يوفِس واپس اٿينس ورندو آهي ۽ ڪتابن جي مطالعي ۾ مهُو ٿي ويندو آهي، ۽ آخر ۾ يوفِس اخلاقي درسن ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويندو آهي. انهي درس ڏيڻ دوران هو عقيدي جي پرچار سان گڏ عورتُن جي تعليم پرائڻ واري عمل تي به زور ڌريندو آهي. تنهن کان بعد هُن يوفِس اينڊ انگلينڊ (Euphues and England) لکيو جنهن ۾ به هُن پنهنجي مُلڪ جي يونيورسٽين، تعليمي نظام ۽ عورتُن جي تعليم تي زور ڏنو__اُنهي دور جي ماڻهن کي لِيلِي جي نثري بناوٽُن کي تمام گهڻو پسند ڪيو. اُنهي کان بعد انهي ٽيڪاڙي جو حصو بڻجندڙ سِڊني هيو جنهن 1570ع ڌاري آرڪيڊيا (Arcadia) نالي هِڪڙو رومانوي داستان لکيو هو__جنهن ۾ آرڪيڊيا هِڪڙو خوبصورت شهر آهي پر انهي شهر کي جنگين جي ماحول وڃائي چَٽ ڪري ڇڏيو هو. ٽئين مهل ۽ آخر ۾ انهي لهر جو اثر رابرٽ گرِين (Robert Green__1520ع کان 1592ع) تي به پيو__جنهن هَميليا (Hamellia)، ارباسٽو (Arbasto)، پريميڊز(Perimedes) ميناڦون (Menaphon) جهڙا مجموعا لکيا__جن ۾ رابرٽ گرِين (Green Robert) لکڻي ۽ انداز لِيلي وارو اپنايو ۽ رومانوي داستان وارو طِرز سِڊني جي آرڪيڊيا وارو چونڊيو هو.
اُنهي دور ۾ انگلينڊ جي آبادي صرف ٻه لک هُئي، نئين جاڳرتا کان ڪلاسڪيت (Classicism) طرف وڌندڙ انگلينڊ ۾ ڊرامو (Drama) به انهي دور ۾ اُتان جي عوام جي دلچسپين جو مرڪز بڻيو هو__اُنهي دور جي شاعرن ڀلي کڻي پنهنجي شاعري ۾ ٻاهرين قومي ادب جي طرزن کي اپنايو هو پر ڊرامه نگاري پُوري طرح اَنگريزِي قومي صنف (National genre) هُئي. انگلينڊ شهر کان ٻاهر دريا ٽيمز جي ڪناري تي خالي اَٺ ٿيٽر جُڙيل هئا__حالانڪه انهي دور ۾ انگلينڊ اندر ڊرامه نگاري ٻُڏتر جو شڪار به هُئي پر اتان يونويرسٽين مان ڪُجھ فارغ شاگردن به ڊرامن جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو هو؛ جن کي يونيورشتي (University Wits) جي نالي سان ياد ڪيو ويو___انهن ۾ مشهور نالا جان لِيلي (John Lily)، جيئارج رابرٽ (George Robert) ۽ ٿامس ڪِڊ هُئا (Thomas Kyd) هُئا؛ جن اُن وقت انگريزي ڊرامي اندر ساھ ڀرڻ جي ڪوشس ڪئي هُئي__تنهن باوجود هِن دور جا مشهور ڊرامه نگار وليم شيڪسپيئر (William Shakespeare) ۽ ڪِرِسٽوفر مارلوَو (Christopher Marlow) هُئا__اُنهي سان گڏ مزاح نگاري وارن ڊرامن به انگلينڊ اندر جنم وٺڻ شروع ڪيو هو؛ جن جي نمائندگي بين جانسن (Ben Johnson) ڪئي هُئي
مٿي ذڪر ڪري آيل سِڊني جو انهي وقت نثر (Prose) تي به غلبو رهيو هو پر انهي دور ۾ نثر جي پهلُوئن اندر ڪمال آڻڻ وارو شخص لارڊ فرانسس بيڪن (Francis Bacon) هُيو__جنهن اهڙا مضمون لِکيا جن اندر جذبن، رشتن کان ويندي سائنس ۽ فلسفي جي پرچار ٿيل هُئي___پنهنجي زندگي اندر ته بيڪن سدائين بيگانگي جو شڪار رهيو پر هُن جي ادبي_نثري_مَضمونن (Literary Prosiac Essays) انگريزن جي قومي ادب اندر پنهنجو لازوال مقام ٺاهيو ڇڏيو هو