شخصيتون ۽ خاڪا

افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

هن ڪتاب ۾ عالمي ڏاهن افلاطون، ارسطُو، سوفوڪليس، لونجائنس، فرانسس بيڪن، جان ڪِيٽس، چارلس ڊڪنز، گوئِٽَي، ٽالِسٽاءِ ۽ البرٽ ڪاميو جون ادبي ڪٿائون، قصا ۽ زندگيون تاريخي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيل آھي. ھي ڪتاب نوجوان ليکڪ رفيق کوسو لکيو آھي.
ڪتاب اندر جيڪي بي بھا جيون ڪٿائون، فلسفين ۽ اديبن جي پورهئي جي ٿوري گهڻي جهلڪ اسان جي دوست رفيق کوسو صاحب اسان کي پسائِي آهي اهو سندس ڪتابن سان عشق، ادب سان چاه ۽ عالماڻي ڊسڪورس جو هِڪ اهم ثبُوت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2908
  • 993
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رفيق کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

ارسطوُ 384 ___332 قبل مسيح

مَقدُونِيه جو شهر اِسٽاگرا جنهن کي اَٿينز وارا وحشين جو علائقو سڏيندا هئا ۽ انهي وقت 366 ق_م دوران هڪڙو نوجوان گرمِين جي موسمُن ۾ افلاطون جي اڪيڊمي ۾ داخل ٿيو هو_جنهن علائقِي کان هُو ڪَهي اچي اٿينز پهتو هو، اُن مان تنهن وَقت اُهو به معلُوم ٿيو هو ته هُو پنهنجي عِلائقي جي ماڻُهن جيان وحشي بلڪُل نه هو. هُو هڪ سُٺي نَفاست ۽ خوش گفتگو جو مالڪ هو ۽ هُن جي طبيعتن ۾ به ڪنهن قسم جي گرمجوشي نه هُئي. اُن کان علاوه ننڍپڻ کان ئي هُن کي نظم ضبط (Discpiline) وارو ماحول مِليل هو_ڇو جو هُن جو پيءُ بادشاه سِڪَندر اَعظم جي ڏاڏيَ اَيمِيتاس (جيڪو ڪنهن وقت مقدونيه جو بادشاه هو) جو درباري حَڪِيم هو تنهن ڪري ارسطو جي پرورش هڪ خُوشحال گھراڻي ۽ سُٺي ماحُول ۾ ٿي هُئي. جڏهن هي نوجوان افلاطون جي اڪيڊمي ۾ آيو اُن وقت هن جي پوشاڪ اُتي پڙهندڙ ٻين شاگردن جي ڀيٽ ۾ اميرن جي ٻارن جهڙِي ٿي لڳي_هُن جي طبيعت ۽ مزاج مان هُو هر وقت ۽ هر حساب سان خوش مزاج ۽ سمجھوتو ڪرڻ وارن مان نظر ٿي آيو هو.
هِڪ دفعي افلاطون هن جي پوشاڪ طبيعت ڏسي کيس چئي ڏنو ته “تُنهنجو توجھ عَقُل وارو فلسفِي ٿيڻ بدران اُجرن پوشاڪن ۽ ظاهري ڏيک تي وڌيڪ آهي”
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته استاد طرفان چيل اهڙن جُملن باوجود به اُهو نوجوان سياست، ڊرامو، شاعري، طبعيات، طِب، نَفسِيات، مَنطق، اخلاقيات ۽ رياضي جو ماهر بڻبو! جنهن کي بعد ۾ ارسطو (Aristotle) جي نالي سان ياد ڪيو ويندو ۽ جنهن لاءِ وري ساڳيو استاد ايئن به چوندو ته “مُنهنجي اڪيڊمي جا ٻه حصا آهن هڪ مُنهنجا سڀ شاگرد ۽ ٻيو ارسطو جو دماغ”.
افلاطُون جي انهن سڀني روَين باوجود پوڙهي (استاد افلاطون) ۽ نوجوان شاگرد (ارسطو) وچ ۾ ننڍا وڏا جھڳڙا هلندا رهندا هئا جنهن سان بعد ٻنهي وچ ۾ ڪو توازن وارو ماحول برقرار رهي نه سگھندو هو___اُهو توازن ڪَنهن مَهل بَحث مُباحثن جي شڪل اختيار ڪري ٽُٽندو هو ته ڪڏهن وري علائقي جي الڳ رهڻ واري مَعيارن سان ٻنهي جي ذهني هم آهنگي تي ڏار پئجندا رهيا هئا_جنهن بعد ٻنهي جي وچ ۾ ڪافي تنقِيد هر لحاظ کان وڌندي رهندي هئي .
347 ق_ م ۾ جڏهن افلاطون فانِي جَڳ ڇڏي خُدا حافظ ڪري لاڏاڻو ڪيو ته ان وقت ارسطو جي پُوري خواهش هئي ته هُو (ارسطو) ان ساڳي اڪيڊمي جو سربراھ ٿي رهي پر ايئن ٿي نه سگھيو__ڇو ته اُن وقت اُتي رهندڙ سڀني شاگردن هِن جي انهي خيال جي شدت سان مُخالفت ڪئي ۽ اهو چئي نظر انداز ڪيو هُئائُونس ته “تون هڪ غير مُلڪي آهين ۽ ڪو به غير مُلڪي هن اڪيڊمي جو سربراھ يا اُستاد افلاطون جو جانشين نه ٿو بڻجي سگھي”. تنهن کانپوءِ ارسطو تمام دِلبرداشته ٿيو جڏهن اڪيڊمي جو سربراھ افلاطون جي ڀاڻج کي بڻايو ويو هو.
هاڻي ارسطو کي اٿينز ۽ ان اڪيڊمي مان بَورِيت ٿيڻ لڳي هئي ۽ هُو هر وقت اتان نڪرڻ جا بهانا ڳولڻ ۾ مصروف رهندو هو ۽ شايد ڪنهن اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هو “جنهن ذريعي هُو اُتان نڪري وڃي ۽ ڪڏهن به واپس نه اچي”___نيٺ اهڙو وقت به آيو جڏهن ارسطو کي هُن جي هڪڙي پراڻي هَم جَماعت دوست طرفان دَعوت مِلي ۽ اهو دعوت ڏيندڙ شخص سائِرس جو بادشاه “هَرمِياس” هيو جيڪو “ڊائيونس” کان پوءِ اتان جو بادشاه بڻيو هو ۽ انهي دعوت کانپوءِ هرمياس طرفان ارسطو کي ايشيا ڪوچَڪ جي ڄڻ حاڪميت ملي چُڪي هئي ۽ هرمياس لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پاڻ به هڪ سياستدان هو جنهن بعد ۾ ارسطو کان سياست ۾ وڌيڪ فائدو پرايو هو ۽ هِي رياست ۾ پيدا ٿيندڙ بغاتن کي چٿڻ جون صلاحون به ارسطو کان ئي وٺندو رهيو هو___پر هر مياس کي شايد خبر نه هُئي ته ارسطو جو معاملو ڪُجهه مختلف هو ۽ هُن کي ڪڏهن به کيس اهڙين صلاحُن ڏيڻ ۾ مزو ڪون آيو هو، اهو انهي لاءِ ته هزارن اِختلافن باوجود به ارسطو پنهنجي استاد افلاطون طرفان سکاريل “اِنصاف” واري فلسفي کي وساري نه سگھيو هو. باوجود ان جي به ارسطو کي هڪ وڏو فائدو اِهو پيو ته هن جي محبت هرمياس جي پاليل ڌي (گود ورتل) سان ٿي جنهن سان بعد ۾ هُن شادي ڪري ڇڏي هئي جنهن لاءِ ارسطو ايئن به چيو هو ته “شادي خُوشحال زندگي جو هڪ تمام وڏو حصو پڻ آهي”
ارسطو کي شايد “هرمياس” جي دوستي به راس نه آئي ۽ ارسطو جي شادي کان ٿورو وقت بعد ايرانين سائرس تي حملو ڪري وڌو ۽ اُتان جي بادشاه هرمياس کي پڪڙي ڦاهي ڏئي ڇڏيائون. هَرمياس جي وڃڻ کان بعد ارسطو بلڪُل اڪيلو ٿي پيو هو_۽ هاڻي وري هُن ڏٺو ته هنکي ڄڻ رهڻ ۽ زندگي گُذارڻ لاءِ ڪو ٺڪاڻو ڪون هو ۽ نه وري ڪا مُلازمت___پر ارسطو جا ستارا هميشهه گردِش ۾ رهندا هئا. هرمياس جي قتل کان پوءِ هن کي هڪ ٻئي شاهي دوست طرفان مدد جو هٿ وڌي مليو هو_هاڻي اهو شاهي دوست مقدونيه جو بادشاه فِلپ يعني سِڪندر اَعظم (Alexander the Great) جو پي هو___فلپ ارسطو کي سڪندر جو استاد (ٽيوٽر) ڪري رکيو. انهي محل ۾ ارسطو کي ڄڻ جيئڻ جو هڪ نئون سهارو ملي چُڪو هو ۽ وڏي خُوشقسمتي هُن لاءِ اُها هُئي ته هن کي به ساڳي شاهي خاندان ۾ مُلازمت ملي جتي هن (ارسطو) کان پهرين هن جا ابا ڏاڏا به ملازمت ڪري چڪا هئا. اتي ارسطو به بعد ۾ اهو ڏٺو ته “هاڻي مقدُونيه ۾ ڪنهن به قسم جي فلسفياڻي علم ۽ گيان جي ڪا ڳالهه به نه رهي هئي ۽ نه وري اها شان او شوڪت جيڪا هر محل ۾ هئڻ گُھرجي”. بادشاه فِلپ تمام ڏاهو ماڻهو هو پر هُن کي اُها تعليم نه ملي سگھي هئي جيڪا هن کي ملڻ کپي ها. هاڻي فلپ پنهنجي سڄي طاقت سڪندراعظم جي پڙهائي ۽ تربيت تي لَڳائي ڇڏي هئي___فلپ چاهي پيو ته هُن جو پُٽ تمام وڏو تعليم يافته ٿئي ۽ فلپ پنهنجي پُٽ کي هڪ فلسفِي ٿيندي ڏسڻ پيو چاهي، اُهو اُن لاءِ ته فِلپ کي خبر هئي ته هِن جو پٽ سڪندر وحشي جذبن جو مالڪ هو تنهن ڪري فلپ چاهي پيو ته سڪندر جي طبِيعت ۾ بدلاءُ اچي__پر اهو بدلاءُ ڪيئن پيو اچي سگھي!! جڏهن ته دَرٻار جو هر ماڻهو وحشت جي جذبي سان ٽِمٽار لڳو پيو هو. ٻئي طرف سڪندر کي پنهنجي ماءُ ۽ فلپ جي زال “اَولمپِياس” جي لاءِ حوسي مُحبت به وڌندي وئي جنهن فلپ ۽ پٽ سڪندر جي خيالن کي مُتضاد ۽ الڳ ڪري ڇڏيو هو .
ارسطو کي هاڻي ڪنهن به قسم جي خُود مُطعمنِي نظر نه ٿي آئي، پر تنهن باوجود به هُو پاڻ سنڀاليندو ۽ وقت سان گڏ هلندو رهيو هو__ڇو جو ارسطو کي هاڻي انهي محل ۾ رهڻ سان پنهنجي زندگي وڃائڻ جو ڊپ به ٿي پيو هو_ٺيڪ اُنهي طرح جيئن ارسطو کان اڳ هڪ ٻيو فلسفي سڪندر جي هٿان پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو هو جڏهن ان فلاسافر محل جي حڪمت عملين جي مخالفت ڪئي هئي. ان کان اڳ اهو فلسفِي جنهنجو نالو “ٿَينز” هو ارسطو جو سٺو دوست هو جنهن کي سڪندر حُڪم ڏئي ڦاهي ڏياري ڇڏي هُئي .
ارسطو کي هاڻي پڪ ٿي چُڪي هئي ته جنهن مقصد لاءِ هُو مقدونيا آيو هو، اُهو مقصد اُتي هُن کي نظر نه آيو هو جنهن کان پوءِ هُو قدم سنڀاليندي مَقدُونيه مان نڪتو ۽ وري اچي اٿينز ۾ رهائش پذير ٿيو___جتي هُن افلاطون وٽ فلسفي جو علم پرايو هو. اٿينز پهچڻ وقت هُن کي اڪيڊمي ۾ جانشين (ارسطو جي وفات کانپوءِ) نه ٿيڻ جو ڏک به شديد هو پر هن اُن باوجود هِمٿ نه هاري ۽ اٿينز ۾ هڪ اسڪول کوليائين جيڪو “ لاسِيم” (Lysium) جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو. اٿينز جي فلسفي واري رواج کي جاري رکندي ارسطو اتي پنهنجي علم ڦهلائڻ وارين سرگرمين کي جاري رکيو ۽ اڪيڊمي ۾ عهدو نه ملڻ باوجود به هُن پنهنجي قائم ڪيل اسڪُول “ لاسيم” ۾ پنهنجو هڪ مقام ٺاهي ڇڏيو هو. هاڻي ارسطو افلاطون جيان اُستاد سڏجڻ لڳو هو ۽ ارسطو جي عمر پنجاه سالن جي لڳ ڀڳ پُهچي چُڪي هئي پر ان جي باوجود به هُن پنهنجو لباس ۽ رهڻ جو ڍنگ اعليٰ رکيو ڇو ته ارسطو وٽ اڃان تائين پنهنجو بچيل پئسو هو جيڪو پهريان هن کي پنهنجي خاندان کان ورثي ۾ مليو هو ۽ بعد ۾ هن کي هرمياس ۽ فلپ جي شاهي خاندان ۾ نوڪري ڪرڻ دوران___اُن پئسي کي هُو هميشهه پنهنجي اسڪُول اندر تعليمي سرگرمين ۽ پنهنجي شاگردن جي پڙهائي لاءِ خرچ ڪندو رهيو هو. هاڻي ارسطو جو اِسڪُول هر لحاظ کان هڪ “فلسفي پڙهڻ ۽ سکڻ واري مڪتب گاھ طور مشهور ٿي چڪو هو”___ارسطو گھڻن عِلمن جو ڄاڻُو هيو جنهن ۾ مابعدالطِبعيات، سِياست، اِخلاقيات اچي وڃن ٿا پر اسان هتي ارسطو جي ادب ۽ ڊرامه نگارِي تي لکيل تنقِيدي ڪتاب پَوئِٽِڪس (Poetics) تي پنهنجي سَرسَري نظر وجھنداسين ۽ پڙهنداسين .

[b]پَوئِٽڪس Poetics
[/b] هُونئن ته اَرسطو اَدب جي حوالي سان ڪيترائي ڪتاب لِکيا پر ڪافي اسان جي هٿن تائين پهچي نه سگھيا ۽ جيڪي اسان تائين پُهچي سگھيا تن ۾ هڪڙو پوئٽڪس به آهي___اُها به خبر اڄ تائين نه پئجي سگھي آهي ته ارسطو هِي تَنقِيدي ڪتاب خُود پنهنجي هٿن سان لکيو هُيو يا هُنجي شاگردن هُن جي ليڪچرن کي ٻڌي ڪري لکيو هو! جيئن اسان پوئتي پڙهي آيا آهيون ته افلاطون پنهنجي ڪتاب ۾ ڊرامي تي تنقيد ڪندي چوي ٿو ته “ڊرامو انسان جي ذهن کي ڪمزور ڪندو آهي ۽ ماحُول ۾ انتشار پيدا ڪندو آهي” پر ارسطو “ڊرامي کي ذهن جي شفا سڏيو آهي” ۽ هن وڌيڪ چيو آهي ته “ڊرامو ۽ شاعري انساني ذهن جي ڪَٿارسس (Katharsis) آهي جنهن ذريعي هڪ شاعر يا ڊرامه نگار حقيقي دنيا جي مسئلن ۽ شين کي ڏسي ۽ پنهنجي حواسن سان جاچي ڪري پوءِ پنهنجي ٻولي ۽ لفظن ۾ انهن سڀني کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي”. ارسطو کان پوءِ اڄ تائين ادب جي دنيا ۾ ڪٿارسس جي پنهنجي خاص حيثيت برقرار آهي. ٽريجڊي جي باري ۾ اَرسطو چيو آهي ته “ٽريجڊي جو مقصد صرف روح جي بار کي هلڪو ڪرڻ آهي ۽ جڏهن رُوح جو بار هلڪو ٿيندو آهي تڏهن انسان جي اندر مان هر قسم جو خوف ۽ دهشت ختم ٿي ويندو آهي جنهن مان ڊرامه نگار ۽ شاعر کي دلي سُڪون ملندو آهي”. ارسطو جو پوئٽڪس مڪمل طور تي ته اسان جي هٿن تائين نه پهچي سگھيو هو ۽ صرف ٻه حصا اسان تائين پهچي سگھيا هئا، جن ۾ ارسطو ڪاميڊي جي باري ۾ پنهنجا راءِ ۽ خيال به پيش ڪيا آهن. پوئٽڪس ۾ ٽريجڊي کي واضح طور تي بيان ڪيو ويو آهي پر اُن دوران پڙهڻ سان اُن ۾ ڪامَيڊي جي ڪُجھ عنصرن کي به جاچي ۽ پڙهي سگھجي ٿو. ڇو ته پوئٽڪس ۾ اُن جي باري ۾ به ذڪر ٿيل آهي. (اڳتي هلي اسان ڪاميڊي کي به بيان ڪنداسين) پر شايد وقت جي وهڪري دوران ڪاميڊي تي لکيل هن ڪتاب جا ڪُجھ حصا وڃائجي چُڪا هُجن. پوئٽڪس ۾ ارسطو نقل (Imitation)_فطرت (Nature) ۽ شاعري (Poetry) جي اصل اصُولن ۽ ٽريجڊي تي به بحث ڪندي نظر اچي ٿو. شاعري جي باري ۾ هُن چيو هو ته “شاعري ۾ نقل ڪرڻ جماليات جو بنيادي اصطلاح آهي”_ وڌيڪ نقل کي تقويت بخشيندي ارسطو چوي ٿو ته “حقيقي خيال کي تخليق ڪرڻ لاءِ نقل ڪرڻ تمام ضرُوري هُوندو آهي ڇو جو هن دنيا ۾ هر ٺهندڙ شي ٻي شي جو نقل هوندو آهي”. جڏهن انسان نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تڏهن هُو پنهنجن حواسن کي اُن نقل ڪندڙ شين جي داخلي عنصرن تائين خيالن جي صورت ۾ کڻي ويندو آهي. جنهن کان پوءِ هُو اُنهن شين جو داخلي تجزيو ڪري وري اُنهن کي ّاهڙي طرح پيش ڪري بعد ۾ وري ٻين ماڻهن تائين پهچائيندو آهي. ارسطو مطابق “هر شي پنهنجي اندر ۾ هَئِيت (Passion) رکندي آهي، پر سوال اُهو آهي ته ڪير ڪيترو ۽ ڪيسيتائين داخلي هئيت جو تجزيو ڪري سگھي ٿو”!
ارسطو مُطابق “حواس ذريعي محسُوس ٿيندڙ شين ۽ ظاهري طور نظر ايندڙ شين جي وچ ۾ تمام گھڻو ۽ ظاهري فرق هُوندو آهي”_جيئن هُن وڌيڪ چيو هو ته “انسان خُود هڪ خُدا جو رُوپ هو جيڪو بعد ۾ دُنياوي حادثن جي ور چڙهي رُوپ بدلائي “نقل” جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي ۽ هڪ فلسفِي جو ڪم اهو آهي ته هو مسخ ٿيل شڪلين جي اندر وڃي انهن جي اَصلي حقِيقتن کي جاچي ۽ وڃي اُهو تلاش ڪري ته آخر اُهي ڪهڙيون قُوتُون آهن جيڪي سڄي دُنيا ۽ هَستي کي حَرڪت ڪرڻ تي مجبُور ڪن ٿيون؟ ۽ اُهو جي ڪري سگھي ٿو ته صرف هڪ نَقُل ڪندڙ شاعر” .
ارسطو جي لفظن ۽ جُملن شاعرن کي فلاسافرن جي صِف ۾ آڻي بيهاريو ڇڏيو ۽ کين کي اعليٰ مقام پڻ بخشيو .
ارسطو مطابق ته “هر فن جو الڳ مزو آهي_هڪڙا فن جيڪو انسان عملي طريقي سان ڪيترائي حربا استعمال ڪري حاصل ڪري ٿو ۽ ٻيو فن آهي سنگيت ۽ شاعري جو_پر اُنهن سڀني ۾ جيڪر نقل نه ڪجي ته فن جو حقيقي رُوپ هميشهه لاءِ غائب ٿي ويندو. نقل هر شي ۾ سمايل آهي، فِطرت جي رنگن ۾ به ته آوازن ۾ به___۽ ٺيڪ اُنهي طرح جيئن ڊانس ڪَرڻ تَرنُم جو نقل آهي___۽ شاعري ۽ آواز سُر جو نقل آهي”.
ارسطُو پنهنجي تنقيدي لکت پَوئِٽڪس ۾ نقل ڪرڻ جا واضع دليل ته ڪو نه ڏنا آهن پر اُن باوجُود به هن افلاطون طرفان ڏِنل نقل ڪرڻ واري بحث کي پنهنجي جملن ۾ آڻي تَصحيح ڪرڻ جي ڪوشش ضرُور ڪئي آهي. افلاطون هر نقل ٿيندڙ شي تي ظاهري طور بيان ڏنا ۽ تنقيد ڪيو آهي پر ارسطو جو چوڻ آهي ته “نقل شين ۽ ڪائنات جو ظاهري عَمل بلڪُل نه آهي ۽ انهي ۾ نقش نه پر خيال نقل ٿيندا آهن ۽ خيال نقل ٿي وڃڻ کان پوءِ خيال مُسلسل پنهنجي شڪل ۽ مفهُوم بدلائيندا رهندا آهن”___يعني نقل ڪرڻ مان مُراد آهي “ڪنهن تخليق ٿيل شي کي وري ٻيهر تَخليق ڪرڻ ۽ اهو دُنيا جو به ڪائناتي سچ آهي ته دنيا جو وجود نقل ڪرڻ واري عمل تي بيٺل آهي”
ارسطو جو خيال اهو به هُيو ته “نقل انسان جي ظاهري وجود وارو عمل ناهي بلڪه جذبن، خيالن ۽ داخلي عَمل جو عَمل آهي_جيئن هڪڙو شاعر خيالن کي نقل ڪري ٿو، داخلي عمل کي نقل ڪري ٿو ٻولي کي نقل ڪري ٿو پر ظاهري صُورت، لباس ۽ جسم يا هَڏ هاٺ کي نقل نه ٿو ڪري___فطرت جتي آهي اُتي پنهنجي محور تي رَوان دَوان آهي__انسان جي جيئڻ مرڻ وارو عمل به جاري آهي____پر بدلجي ڇا ٿو؟ صرف خيال جيڪو وقت ۽ حالتن سان بدلجندو رهي ٿو ۽ نقل جي صورت ۾ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ۽ هڪ فرد کان ٻئي فرد تائين منتقل ٿيندو رهي ٿو”. ادب جي دنيا وسيع آهي جنهن ۾ شايد ڊرامو، ڪاميڊي، مضمُون افسانو سڀني صنفن ۾ ڪردار ڊائيلاگ پلاٽ ٻولي ۽ وقت کان ويندي هر شي جو منصوبو هجي ٿو. ادب جي دنيا ۾ شاعر جي باري ۾ ارسطو جو خيال آهي ته “ايئن نه آهي ته ڪو شاعر جيڪو حقيقي انداز ۾ ڏسي ٿو يا جيڪو ڪُجھ وهيو واپريو اُن کي اُنهي سِڌي ٻولي ۾ بيان ڪري پر شاعر اهڙين شين کي بيان ڪندو آهي جيڪي ٿي سگھن پيُون”!! شاعري يا نثر ايئن ناهي جيئن ڪو تاريخدان هڙني واقعن کي کولي بيان ڪري ٿو جيئن “هَيرو ڊِٽس” جي تاريخي سهيڙيل مضمونن ۾ هر واقعو ۽ هر شي ترتيب سان بيان ڪيل هوندو آهي ان کي ايئن به چئي سگھجي ٿو ته تاريخ اُنهن شين جي باري ۾ ٻڌائيندو آهي جيڪي ٿي چُڪِيُون آهن ۽ شاعري انهن شين جي وضاحت ڪندو آهي “جيڪي ٿي سگھن ٿيون يا ٿيڻ واريون آهن”. ارسطو شاعري کي تاريخ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فَلسفِياڻو سڏيو آهي ۽ وڌيڪ هُن چيو ته “شاعري آفاقي صَداقتُن جي نشاني آهي ۽ تاريخ جڏهن ته مخصُوص واقعن کي بيان ڪندي آهي” .
اُنهي سڀني حالتن سان گڏ ارسطوءَ فَنِي اثرن کي به بيان ڪرڻ تي زور ڏيندي چوي ٿو ته “منصُوبو (Plot) کي هڪ واحد مظهر هئڻ گھرجي ۽ پلاٽ جي مُختلف واقعن (events) جي ترتيب اهڙي هئڻ گُھرجي جيڪڏهن اُنهن مان هڪڙي به واقعي کي ٿورو پنهنجي جڳھ کان هٽائي ٻي جاءِ تي رکجي يا خارج ڪري ڇڏجي ته اُنجو اثر ۽ ان جي وَحدت بگڙي وڃي___جيڪڏهن اَهڙي طرح ڪنهن شي جي مَوجُودگي ياعَدم موجُودگي سان ڪنهن شي تي خاص فرق نٿو پوي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته ان ۾ سمايل شي مڪمل ناهي ۽ اصُلي به ناهي”. انهي ڳالهين کي اڳتي وڌائيندي افساني جي صورت کي به ارسطو بيان ڪري ٿو جنهن جي جديد شڪل کڻي ايئن چئجي ته “ناول به آهي” .
افساني ۾ ارسطو مُطابق “پلاٽ جي ترتيب ائين هُئڻ گھرجي جو ڪهاڻي کي اِسٽيج تي ڏٺي بنا ئي خالي ٻڌي يا پڙهي هر ماڻهو واقعن ۽ ڪردارن جي خوف سان خوف کائي ۽ بيان ٿيل خوشي ۾ پاڻ رڱجي وڃي ۽ رُوح پنهنجي کي اُنهي ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ شامل ڪري ڇڏي”_اهڙي طرح جيئن “هر ڪو اوڊيپس ريڪس جي ڪهاڻي کي پڙهي بادشاه جي حال تي ترس کائيندو آهي ۽ ڪردارن وچ ۾ بدلجندڙ تقدِير سان حيرت کائيندو آهي”.
ارسطو جو پوئٽيڪس انهي لکڻين جي حوالي سان تخليقي عمل جو اهڙو شاهڪار آهي جنهن ۾ هر صنف (genre) تي الڳ الڳ اَصُول قائم ڪيل آهن ارسطو پنهنجي هِن ڪتاب ۾ ٽريجڊي کي ٻين صِنفن کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي___انهي کانپوءِ ٽريجڊي جي باري ۾ جيڪو بحث مليو انهي ۾ شاعري جي بنيادي مقصدن تي به روشني پئي ٿي. ٽريجڊي مان مراد “روح جو تزڪيو (Katharsis) جنهن ذريعي خوف ۽ ترس جي جذبن کي ختم ڪري سگهجي ٿو”. پر ارسطو مطابق “ٽريجڊي اندر اهڙو فني اثر پيدا ڪرڻ لاءِ اُنهي جي لَمبائي، ڦهلاءُ ۽ ان جي ڪِردار، ان جي طرز ۾، خيال ۾ ڪورس ۽ تماشي جي نوعيت ۾ هڪ توازن برقرار هئڻ گھرجي ”
اسان کي ارسطو جو هي ڪتاب پڙهڻ وقت ذهن ۾ اِهو خيال به ضرور رکڻ گھرجي ته پوئيٽڪس جو اثر عربي، فارسي ۽ اُردو تي تمام گھٽ پيو آهي_پوئٽڪس کان جيڪا روايت جُڙي آهي اها گھڻو تڻو مغرب جي شاعري ۽ مغربي ادب جي ورثي ۾ وڌيڪ سمائجي سگھي آهي__انهي روايت جِي پيروي ڪندي مغربي ادب جي مُختلف پهلُوئن تي قديم ۽ جديد تِرز مُطابق مُثبت اثر پيو ۽ وڏي پئماني تي مغربي ادب ارسطو جي پوئٽڪس جي پيروي ڪندي پنهنجي ادب ۾ جدت پيدا ڪئي. انهي کان علاوه اڄ کان هزارين سال اڳ ارسطو جيڪي سوال کنيا ۽ انهن جي وصفن کي بيان ڪيو هو، اُهي اڄ به ادب جي دنيا ۾ مضبُوطي سان بيٺل آهن ۽ زنده آهن ان کان علاوه هر ادبي صِنف تي جاندار تنقيدي سلسلي جو آغاز به رهنديون پيون اچن. اُنهي حوالي سان ذهن ۽ انساني تاريخ ۾ پوئٽڪس جي پنهنجي دائمي حيثيت برقرار رهي آهي
پوئٽڪس جي بغير ادبي مُطالعو نامُمڪن آهي ۽ اُن کان بغير مَغرب جي قدِيم ۽ جديد تنقيدي ۽ ادبي روايت کي سمجھڻ به ڏکيو آهي پر اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ ضروري آهي ته “پوئٽڪس کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ کانپوءِ توجھ جي ضرورت پوندي آهي ڇو ته هن جي گهرائي کي سَمجھڻ مان مُراد ادب جي گھرائي کي سجھڻ آهي”.
ارسطو جو خاص مقصد ادب جي هر پهلو ۾ روح جي تزڪئي (Katharsis) کي پيدا ڪرڻ آهي___شاعري، افسانو ۽ ٽريجڊي کان ويندي ڪاميڊي تائين، جيڪڏهن اُنهن ۾ ڪو به اهڙو عنصر نه آهي جيڪو پڙهندڙ يا ٻُڌندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ته پوءِ اُهو سمجهجھي ته “ليکڪ يا ٻُڌائيندڙ جي لهجي يا لکڻ واري توازن ۽ انداز ۾ طاقت جي کوٽ ڪٿي نه ڪٿي موجُود ضرور آهي”. انهي سڀني شين جي داخلي عنصرن کي سمجھڻ لاءِ اسان کي ٿوري وڌيڪ وضاحت ڪرڻ جي ضرورت پڻ آهي .

[b]شاعري، ڪاميڊِي ۽ ٽريجڊِي ۾ نقُل جو مُختصِر جائِزو
[/b] هر فنڪار جو نقل ڪرڻ جو پنهنجو انداز هوندو آهي، هِڪڙا ته رَنگ شين ۽ آواز کي نقل ڪندا آهن____پر ٻئي طرف نقل جو فن وَزن، مَوسِيقي ۽ رَقص ۾ به نمايا آهي، جيڪي رُوح ۾ حَرارت پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. هتي ارسطو مُطابق “هر شي ۾ نقل سمايل آهي”_۽ اُنهي حوالي سان ارسطُو جي “نقل” واري نظرئي کي افلاطون جي نقل واري نظرئي کان وڌيڪ مضبُوط ۽ ٺهڪندڙ چئي سگھجي ٿو. نقل مان ارسطو جو مراد اُهو نه آهي ته “شيُون اڳ ۾ جيئن ٺهيل آهن اُنهن کي اهڙو جو اهڙو پيش ڪري ٻين اڳيان رکڻ”_پر ارسطو جو خيال اهو آهي ته “نقل جو مقصد نقل ڪندڙ شي اندر تخليق جو واڌارو ڪرڻ آهي”. ان جو مثال هُو اُن طرح ڏئي ٿو ته “موسيقي جو ناتو انسان جي جسم ۽ جذبن سان آهي ۽ موسيقي ڄڻ ته خود هڪ نقل ٿيل فن هُوندو آهي”___پر تنهن باوجود به ماڻهو موسيقي سان موهجي پوي ٿو، ۽ ان جي اندر ۾ هلچل ۽ حرارت پيدا ٿي پوي ٿي. اُنهي مان اِهو اندازو به لڳائي سگھجي ٿو ته “افلاطون جو نقل وارو نظريو محدود هو جڏهن ته ارسطو ان کي هر لحاظ کان بيان ڪيو ۽ روح جي تزڪئي (Katharsis) کي به انهي نقل ٿيندڙ فن جو حصو چئي ڏنو هُئائين”. هن مطابق سُقراط، سَوفُرون ۽ زِنارڪِس جو جيڪي نقل ٿيل مواد پڙهيو ٿو وڃي ۽ جنهن ۾ قافِيو پڻ ڀرپور استعمال ٿيل آهي ۽ ان لاءِ اسان وٽ ڪو خاص نالو نه آهي ته ڪهڙو نالو ڏيونس؟ ان کان علاوه هومر جي شاعري ۽ “ايمپيڊو ڪلاس” جي ڪلام ۾ خالي ڪافئي (Meter) کان سواءِ ٻي ڪا به شي ساڳي ناهي ته پوءِ اسان ٻنهي کي هڪجھڙو چئي سگھون ٿا؟ نه هر گز نه، “هومر هڪ شاعر هو ۽ اَيمپِيڊو ڪلاس هڪ فطري فلاسافر هو”____فن ۽ نقل دوران وزن (Rhythm)، موسيقي (Music) ۽ قافئي جو استعمال نقل ڪرڻ جي نمائندگي جا مثال آهن.
نقل ڪرڻ وارا فنڪار انسان کي عمل ڪندي پيش ڪندا آهن ۽ انهن انسان ۾ لازمي طور ڪي بُرا هوندا ۽ ڪي ڀلا، پر هر ڪو فطرتن الڳ طبيعت ۽ جذبن جو مالڪ هوندو آهي ۽ هر ڪنهن وٽ الڳ طبيعت هُوندي آهي ۽ هرڪو پنهنجي فطري طبيعت مطابق هر شي کي بيان ڪندو آهي. ٺيڪ انهي طرح جيئن “پَولي گِنوٽِس” انساني جذبن کي بيان ڪيو ۽ “ڊائيونسِسِ” انسان کي انهي طرح پيش ڪيو جيڪو هُن کي جيئن نظر آيو___يعني پوءِ اُهو سڄو فن، نقل ڪندڙ جي هٿ ۾ آهي ته هو زُبان جو سهارو ٿو وٺي يا لکڻِين جو___شاعري جو يا نثر جو جيئن هومر بهترين انسان کي کڻي اڳيان بيان ڪرڻ لڳي ٿو ۽“ڪليوفون” نارمل قسم جي انسان ۽ “ٿاسُوس ڪاهِيگِمين” انهي انسان کي خراب حالت ۾ پيش ڪري ٿو .
ارسطو مطابق “نقل ڪرڻ جا ذريعا به هئڻ گھرجن جيئن هڪ هنڌ آواز واري مِيڊيم کي استعمال ڪرڻ جيئن سَوفوڪلِيس ۽ هَومر ڪيو ۽ انهي کان علاوه ارسٽوفينز وارو عمل به هومر جيان ماڻهن جي خُوبين کي نقل ڪري پيش ڪرڻ آهي”. شاعري کان پوءِ ٽريجڊي ۽ ڪامَيڊي ۾ به ڏسڻ ته گھرجي ته ڪيئن ڪردار پنهنجو ڪردار پاڻ نڀائي رهيا آهن ۽ اُنهن جي چال چلت ڪهڙي ٿي بيهي؟ ڪاميڊي ۾ ظاهر ٿيندڙ ڪردار پَستِي قدرن جو ماريل هوندو آهي ۽ ٽريجڊي ۾ ڪردار عام ماڻهو جي حيثيت کان به وڌيڪ اعليٰ نظر ايندو آهي. ڪاميڊي کي وجود ۾ آڻڻ جا دعويدار “مَيگاريا” ۽ “سِسِلي” آهن جن جو چوڻ آهي “اُنهي قسم جون صِنفون هتان اسان وٽان اُڀريُون آهن ۽ نقل ادب جي هر صنف جو حصو آهي ۽ اهو ڏسجي ته ڪير ڪيترو ۽ ڪيئن پنهنجي ڪردار کي تخليق پيو ڪري” .
شاعري ۾ تخليق ٻن سببن وسيلي پيدا ٿئي ٿو، هڪ ته شاعري جو فن شاعر ۾ ڄائي ڄم کان هوندو آهي___ٻيو ته شاعري تجربن ۽ مُشاهدن جي زنجير به آهيِ ۽ آخر ۾ هوندو آهي “نقل”. پر اُن نقل ۾ اهڙو تجربو سمايل هُجي جيئن ايئن محسُوس ٿئي ته جيڪو پڙهڻ وارو پڙهي ۽ ٻڌڻ وارو ٻڌي اُهو اُن کي نئون ۽ حقيقي لڳي ۽ انهي پيدا ڪيل نقل مان مُسرت جي خوشبو اچي___هاڻي اهو نقل ۽ تجربي کان ويندي شاعري ڪرڻ وارو ڄائي ڄم کان فنڪار جي طبيعت تي اِنحصار ڪري ته هو پاڻ ڪهڙي ذهنيت جو مالڪ آهي ۽ جيڪڏهن پاڻ اعليٰ سوچ جو مالڪ آهي ته هو اعليٰ عملن ۽ اعليٰ ماڻهن جي نِشاندهي ڪندو ۽ جيڪڏهن هنجي سوچ پَست آهي ته هُو هميشه پست ماڻهن جي سوچ ۽ عمل کي پنهنجي ٻولي ۾ بيان ڪندو ان کان علاوه نقل ڪرڻ جي سگھ به هر ڪنهن ۾ مُختلف آهي___ورِي به صحيح ۽ شاندار نقل جو مطلب هر اها شي آهي جيڪا ناپسنديده هجي ان کي شاعر وڻندڙ ڪري پيش ڪري ته تنهن جو مطلب “نقل” جو فن پنهنجي صحيح ۽ ڪامياب رستي تي پيو هلي.
يُوناني دور جي شاعري جيڪا ٻن حصن ۾ به ورهائجي وئي هئي جنهن ۾ هڪ طرف هومر ۽ ٻئي طرف “ماءِ گائِٽس” ۽ ٻين شاعرن جا نظم هئا، جيڪي پنهنجي اندر ۾ هڪڙا اعليٰ قدرن جا مالڪ هئا ۽ پنهنجي شاعري ۾ بهادري (Heroic) جو درس پيش ڪندا هئا، ۽ ٻئي طرف وري هُنن آئيامبڪ ورسز (Iambic verses) کي شاعري ۾ آڻي گارگند ۽ طنز ڪرڻ واري فن ۽ نقل کي به مُتعارف ڪرايو هو__پر حقيقي طور انهي ٻنهي حصن ۾ نقل سرفهرست آهي، ٻنهي کي پنهنجي تخليق ۾ نقل ڪرڻ جي فن کي سمجھڻ آهي جيڪو شاعري ۾ نقل ڪرڻ جي فن کان ويندي ڪاميڊي ۽ ٽريجڊي ۾ به سمايل آهي، پر وري به هر شي نقل ڪرڻ واري تي آهي ته هُن وٽ نقل ڪرڻ جي صلاحيت ڪيتري آهي ۽ ڪردارن سان هُن جي سچائي ڪيتري آهي!

[b]ناٽَڪ Comedy
[/b] “ناٽڪ جو گھڻو واسطو مِزاح سان آهي جنهن ۾ انسان جي حالت کي بگاڙي پيش ڪيو ويندو آهي”. حالت بگاڙي پيش ڪرڻ مان مراد ته انسان ۽ حالتن کي بي ڊَولو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ ڪردار پاڻ کي خراب صُورت ۽ خراب ڪردار ڪشي ذريعي پيش ڪندو آهي پر اُنهي ۾ ٻين ڪردارن ڪنهن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ناهي پُهچائيندو ۽ نه ئي وري ڪنهن کي ڪو نقصان ڏيندو آهي___اُنهي صِنف ۾ ڪردار جي شِڪل هاٺِي ۽ ڪردار خُود بَد حالي جي ور چڙهيل هوندو آهي ۽ اُنجو تعلُق ڪردار جي وحشي هُئڻ سان بلڪُل به ناهي هُوندو .
ابتدا ۾ ته ڪاميڊي طرف ڪنهن به قسم جو ڌيان نه ڏنو ويو هو پر بعد ۾ ڪاميڊي ۾ ڪورس (Chorus) کي شامل ڪيو ويو هو ۽ ڪيترن ئي شاعرن اُنهي صِنف ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاريو هو، ۽ شاعرن جو ڪاميڊي ڏانهن لاڙي هن صنف کي اڃا به مضبوط بڻايو هو. اُها ته خبر ناهي ته ڪاميڊي ۾ ڪنهن چهرن جي ماسڪ (پرلاگ اداڪارن) ۽ انهن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو پر ڪاميڊي ۾ صحتمند پلاٽ گھڻو تڻو سِسِلي ۾ “اَيپِيڪامِس” ۽ “فَورمِس” استعمال ڪيو هو. اَٿينس جي شاعرن ۾ پهريون شخص “ڪَريٽِس” هو جنهن ڪاميڊي کي طنز (Satire) واري ڍَنگ ۾ بَدلائي عام پلاٽ جي حصي ۾ شُمار ڪري ڇڏيو هو .
رمزيه شاعري (Epic) ٽريجڊي سان مُشابهت رکي ٿي پر وري به اُنهي ٻنهي ۾ فرق صرف ايترو آ ته اِپِڪ هڪ ئي بَحر ۾ هُوندو آهي ۽ اُنجي شڪل اَفساني واري هوندي آهي___۽ ٽريجڊي جڏهن ته سج وانگر گردش ڪندڙ واقِعن ۽ ڪردارن کي گهُمائيندڙ فن جو نالو آهي. انهي کان علاوه اِپڪ ۾ وقت جي ڪابه پابندي ناهي ۽ ٽريجڊي ۾ جڏهن ته وقت جي نذاڪت کي نظر ۾ رکڻو پوندو آهي. ان کان علاوه اِپڪ ۽ ٽريجڊي ۾ هڪڙي ڳالهه اها به آهي ته ٽريجڊي ۾ جيڪو شخص سُٺائي ۽ بُرائي جو تميز ڪرڻ ڄاڻي ٿو اُهو اپڪ جي باري ۾ راءِ ڏئي سگھي ٿو پر ايپڪ وارو ٽريجڊي تي گھڻو تڻو راءِ ڏئي نٿو سگھي__اُهو ان لاءِ ته ٽريجڊي جون ڪافي شيون اپڪ ۾ نٿيون ملي سگھن يعني ٽريجڊي ڪٿي ڪٿي مَخصُوص صنف آهي.

[b]ٽريجڊي Tragedy
[/b] ٽريجڊي سَنجيده عَمل جي نقل جي اهڙي نمائندگي آهي جيڪا توجه لائق آهي ٽريجڊي جِي پنهنجي وسعت به هوندي آهي_اُن ۾ ٻولي به هوندي آهي ۽ اها ٻولي اَفساني کان مُختلف هُوندي آهي. ٽريجڊي خوف ۽ تَرس جي ذريعي اهڙن جذبن کي پيدا ڪندو آهي جنهن ۾ روح جو تزڪيو (Katharsis) خودبخود اچي ويندو آهي__ٽريجڊي ۾ مناسب وقت ۽ واقعن کي ڪٿي نظم ته ڪٿي گِيتن جي مدد سان پيش ڪبو آهي.
ٽريجڊي ۾ نقل جي نمائندگي انهن ماڻهن جي مدد سان پيش ڪيو ويندو آهي جيڪي اُن ۾ عمل جي ڪردار کي نڀائيندا آهن، تنهنڪري ٽريجڊي جو لازمي حصو “تماشو” آهي. ان سان گڏ ٽريجڊي ۾ گيتن کي شامل ڪرڻ تمام لازمي آهي ۽ گيت به ان ۾ ڪردارن ۽ واقعن جي نمائندگي ڪندا آهن.
ٽريجڊي ۾ عَمل ئي نقل هُوندو آهي ۽ اُهو نَقُل وارو عمل اُنهي ڪردارن جي خيالن مان ظاهر ٿيندو آهي جيڪي انهي وقت ڪردار پيش ڪندا آهن__جن تي سڀني جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو انحصار هوندو آهي. عمل (Action) جو نقل ٽريجڊي جو پلاٽ هوندو آهي ۽ اهو ان لاءِ ته واقعن (Events) جي ترتيب سان ئي ٽريجڊي جو پلاٽ ٺهندو آهي جيڪو انهي پلاٽ ۾ عمل، فطري تعريف کي ۽ خيال ڪنهن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي .
ٽريجڊي ۾ اهڙا ڇهه (Six) ضرُوري حصا پڻ آهن جيڪي ٽريجڊي جي صِنف کي برقرار رکن ٿا انهن ۾ منصُوبو(Plot)، ڪردار(Character)، زبان (Language)، بيان(Intrepration)، خيال(Ideas) تماشو ۽ گيت اچي وڃن ٿا. اهي اهڙا ڊرامائي عنصر آهن جيڪي هر ڊرامه نگار استعمال ڪندو آهي__ڇو ته هر ڊارمي ۾ تقريبن اُنهن ڇَهن عَنصرن جو وڏو ڪردار آهي ۽ انهي ڇهنِي جي ملڻ سان ڊرامون مُڪمل ٿيندو آهي.
انهن عنصرن ۾ سڀ کان اهم “پلاٽ”_ يعني واقين جي ترتيب آهي ڇو ته ٽريجڊي روبرو انسان جو نقل ناهي، پر اُهو انساني عَمل، زندگي، خُوشي ۽ غم جي نقل جي نقل سان تعلق جو نالو آهي__هڪڙي ڳالهه اُها به آهي ته انسان جيڪو ڪجھ آهي اهو پنهنجي ڪردار جي ڪري آهي پر ان جي خُوشي ۽ غم جو تعلُق هُن جي پنهنجي عمل سان هوندو آهي. ٽريجڊي انسان جي ڪردار جي لاءِ ناهن لکيُون وينديون پر ان ۾ عمل جي لاءِ ڪردار کي لکيو ويندو آهي ان لاءِ واقعا ۽ پلاٽ ئي ٻه اهڙا مقصد آهن جنهن سان ٽريجڊي ۾ ڪهاڻي جي ارتقا ٿيندي آهي_يعني پلاٽ ئي ٽريجڊي جو پهريون ۽ بنيادي جُز آهي؛ پلاٽ جي حيثيت ٽريجڊي ۾ رت مثل آهي ۽ ڪردار جو ڪردار ٻئي نمبر تي هوندو آهي__ڳالهه وري به ترتيب جي اچي وڃي ٿي، يعني پهريون واقعو بعد ۾ ڪردار__اُنهي جو مِثال ارسطو هيئن به ڏئي ٿو ته “جيڪڏهن هڪڙو مُصور ڪينواس تي حسين ترين رنگن کي بي ترتيبي سان وکيري ته ان مان اهو اثر پيدا نه ٿيندو جيڪو اثر هڪڙي خُوبصورت شڪل ۽ صورت جي ٺهڻ سان ٿيندو”. ٽريجڊي عمل ۽ نقل آهي ۽ اُنهي عمل جي ذريعي ئي شخصن جي نمائندگي به ٿيندي رهندي آهي.
پلاٽ ۽ ڪردار کان پوءِ ٽريجڊي جي ٽين صِنف آهي “خيال”__خيال مان مراد “اهڙي قابليت جنهن وسيلي هر موقعي تي موزُون حالت کي ظاهر ڪرڻ آهي”__خيال جو گھڻو تڻو تعلق فنَو سِياست ۽ خُطبن سان هُوندو آهي__جن جو ناتو زبان ۽ ٻولي کان ويندي آواز سان جُڙي ٿو؛ ۽ جنهن وسيلي ڊرامي ۾ تقرير جي فن واري جُز کي طاقت ملي ٿي__قديم دور جا ڊرامه نِگار پنهنجي ڪردارن کي سياستدانن جي ٻُولي جيان ڳالهائڻ لاءِ پيش ڪندا هئا پر هاڻي اڄڪلهه انهن جي زبان مان ڪنهن مقرر جيان ڳالهائڻ واري ڍنگ کي اوليت ڏني وڃي ٿي. يعني ڪِردار اُهو آهي جيڪو هر فن کي پنهنجو ذاتي جذبو سمجھي اظهار ڪري ۽ هر شي کي واضح بيان ڪرڻ کان وڌيڪ ٿورو مُبهم ۽ پوشِيده رکي ڪري بيان ڪري__ڪردار ادا ڪندڙ جي اها به ذميواري آهي ته “هو هر جذبي کي پوشيده پر اَيترِي طاقت سان بيان ڪري جو ڏسندڙ ۽ ٻُڌندڙ ڪردار جي هر جذبي جي تهه تائين آساني سان پهچي ان کي سمجھي سگھي”.
انهي کان علاوه ٽريجڊي ۾ چوٿين مقام تي زبان ۽ تقرير جي فن جي نمائندگي آهي. “زبان ٻولي کي پيدا ڪندڙ ذريعو آهي جنهن ۾ ڪردار کي هر وقت لفظن جو صحيح استعمال ڪرڻو آهي ۽ ڪجھ به چوڻ ۽ ڪُڇڻ وقت لفظن جو استعمال چٽو هئڻ سان گڏوگڏ ان ۾ نثر، نظم ٻئي برابر هُجن ۽ ٻئي برابر اثر ڇڏين” .
تماشو ۽ گيت پلاٽ جا آخري حصا آهن_ٽريجڊي ۾ تماشو گيتن ذريعي ئي پيش ٿيندو آهي. “جڏهن تماشو ۽ گيت گڏجي پوندا آهن تڏهن تفريح (Enteratainment) پيدا ٿي پوندي آهي؛ ان کان علاوه تماشو ۽ تفريح اسٽيج جي آرائش کي وڌيڪ دلچسپ ۽ دلڪش بڻائيندا آهن__تنهن ڪري ٽريجڊي ۾ جيڪڏهن تفريح نه ٿيندو ته اُنجو اثر اِسٽيج تي ويهي ڊرامو ڏسندڙن تي نه پوندو؛ پر جيڪڏهن ڪردارن ۾ رَنگيِنِيت موجود آهي ته اسٽيج تي ويهي ڊرامو ڏسندڙ هر ماڻهو ۾ دلچسپي پيدا ٿيندي”.

[b]رُوح جو تَزِڪِيَوKatharsis ؛ مُختصِر جائِزو
[/b] ڪَٿارسِسِ جي مفهُوم کي پهرئين دفعي ارسطو پنهنجي پوٽڪس جي بوڪ نمبر پنج ۾ بيان ڪيو هو، جنهن جي معنيٰ آهي “رُوح اندر هلڪائي پيدا ڪرڻ ” ۽ “پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيل ڀڙاس (Purgation) کي ٻاهر ڪڍي پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيل اُڻ تڻ کان پاڻ کي آجو ڪرڻ”. ڪٿارسس_ارسطو جي بيان ڪرڻ کان اڳ علاج جو هڪڙو ذريعو هوندو هو، جڏهن يونانين جي اوائلي دور ۾ ماڻُهن جو علاج جڙي ٻُوٽِين کان علاوه سَنگيت، موسيقي ۽ آواز ذريعي به ٿيندو هو جنهن ۾ مريضن جي رُوح کي موسيقي ۽ گِيتن سان ملائي اُنهن جي حواسن کي صحيح جاءِ تي آندو ويندو هو.
“ڪٿارسس” هڪ اهڙو اصطلاح آهي “جنهن ذريعي انسان جي اندر ۾ پيدا ٿيل خوف (Fear) ۽ ترس (Pity) کي ٻاهر ڪڍي اُنهن کي ختم ڪري سگھجي ٿو”. ارسطو ڪٿارسس کي “ڊرامي جو فَن سڏيو آهي ۽ ڊرامي ۾ ڪٿارسِس پيدا ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ڪردار کي واقعن ۾ حقيقي جذبن جو مُظاهرو ڪرڻ گُھرجي؛ ان لاءِ ارسطو اهو تصور به ڏنو آهي ته “ڪٿارسس جي ظاهر ٿيڻ جو تعلقُ ڊرامي ۾ هِيرو جي سُڃاڻپ ۽ ڪُشائي (Anagorsis) سان گڏوگڏ سٺي ڪردار نڀائڻ سان جُڙيل آهي”. اُهو اُن لاءِ ته هر ڊرامي ۾ هر ڪنهن جا جذبا هيرو (Protagonist) سان جُڙيل هوندا آهن، ۽ ڊرامي کي ڏسندڙ جو غور اُنهن واقعن تي هُوندو آهي ته حالتُون ڪيئن بدلجن ٿيُون ۽ ڊرامي ۾ مُکِيه ڪردار ادا ڪندڙ (هيرو) ڪيئن حالتن ۽ مختلف صُورتحالن کي مُنهن ڏئي ڊرامي کي کڻي آخر تائين پهچائي ٿو .
هر ڊرامي ۾ هڪڙو ڪردار يا واقعو اهڙو هُوندو آهي جنهن ۾ ڏسندڙ جو جذبو انهن ڪردار ادا ڪندڙن جي عملن سان ڳنڍجي ويندو آهي؛ ۽ جيڪو ڪجھ ڪردار ادا ڪندڙ اِسٽيج تي بيهي عمل ڪندا آهن اُن جو اثر ويٺل ۽ ڏسندڙن تي پوندو آهي، ۽ اُن وقت تماشائين جُون همدرديُون به اُنهن جي پسنديده ڪردارسان جُڙي وينديُون آهن. يعني جيڪو ڪردار جيئن پنهنجي عملن کي واقعن تحت نڀائيندو ويندو آهي تيئن ڏسندڙ اُنهن جي هر عمل کان موهجندا ويندا آهن ۽ انهن جي اندر ۾ جيڪي جذبا جنهن حالت ۾ هوندا آهن اُهي اُنهن جي پڪڙ کان نڪري وڃي ڪردار اداڪندڙن سان جُڙي ويندا آهن___۽ پوءِ حالت اها پيدا ٿيندي آهي جو اُنهن ڏسندڙن جا جذبا ڪردارن سان تعاوُن ڪري پنهنجي خوف ۽ خُوشي جو اظهار ڪندا آهن .
ڪَٿارسِس هڪڙو اهڙو فِطري عمل آهي جنهن کي ڪِردارن ۽ عَملن ذريعي حرڪتُن ۾ آڻي سگھجي ٿو ۽ حالتُن، واقعن ۽ ڪردارن ذرِيعي ان کي ظاهر ٿيندي پسي سگھجي ٿو .