شخصيتون ۽ خاڪا

افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

هن ڪتاب ۾ عالمي ڏاهن افلاطون، ارسطُو، سوفوڪليس، لونجائنس، فرانسس بيڪن، جان ڪِيٽس، چارلس ڊڪنز، گوئِٽَي، ٽالِسٽاءِ ۽ البرٽ ڪاميو جون ادبي ڪٿائون، قصا ۽ زندگيون تاريخي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيل آھي. ھي ڪتاب نوجوان ليکڪ رفيق کوسو لکيو آھي.
ڪتاب اندر جيڪي بي بھا جيون ڪٿائون، فلسفين ۽ اديبن جي پورهئي جي ٿوري گهڻي جهلڪ اسان جي دوست رفيق کوسو صاحب اسان کي پسائِي آهي اهو سندس ڪتابن سان عشق، ادب سان چاه ۽ عالماڻي ڊسڪورس جو هِڪ اهم ثبُوت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2908
  • 993
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رفيق کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

ليو ٽالسٽاءِ 1828__1910عيسوي سال

“جيڪڏهن مونکان ڪو به ماڻهو ڪهڙي به طرح جي خاص صَلاح وٺڻ جي نيت سان ايندو ته مان صلاح ڏيڻ کان اڳ هُن کي اهو چوندس ته خدا جي نالي کي ڇڏي پهريان پنهنجي اِردگرد ڏس ته ڇا ٿي رهيو آهي!؟ هِن صدي ۾ ۽ هِن دور ۾؛ تنهنجي چئو طرف، تنهنجي شهر ۽ تنهنجي آس پاس ماڻهو ڪيئن ٿا گذارين؟ ۽ انهن جي زندگِين جو مقصد ڇا آهي؟ ۽ تُنهنجي صلاح وٺڻ وارو عمل ڇا اُنهن کان مختلف آ يا تون به انهي معاشري جي استحصال ٿيلن مان هِڪ آهين!؟”
هن فطرت جو گھرائِي سان مُطالِعو ڪيو هو جنهن ۾ هُن انساني ذهن ۽ سماج کان ويندي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ وارو عڪس به پنهنجي لکڻِين ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو هو؛ جيئن هُن هِڪ دفعي چيو هو ته “هَر ڪو دنيا کي تبدِيل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي پر پنهنجو پاڻ کي ڪير به تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي”
اُهو زندگي ۽ شعور جو اهڙو فلسفو هو، جنهن کان انڪار ڪرڻ معنيٰ فطرت سان اِنحرافي ڪرڻ آهي. هر انسان جڏهن پيدا ٿيندو آهي تڏهن هِن ڌرتي تي هڪڙي ڪردار جو واڌارو ٿيندو آهي پوءِ اهو ڪردار ڪير به ٿي سگھي ٿو__اهو شيطان به ٿي سگھي ٿو ته خدا به ٿي سگھي ٿو! پر هر پيدا ٿيندڙ انسان سان گڏ اُن مُعاشري جي سوچ به شامل هُوندِي آهي جنهن ۾ هو جيئندو آهي ۽ زندگي گذاريندو آهي. اوڻويهين صَدي هِن ڌرتي تي اهڙو دور هو جنهن ۾ يُورپ جو مُعاشرو هِڪ نئي دور ۾ داخل ٿي رهيو هو .
“هڪ دور جڏهن پنهنجي پُڄاڻي تي پهچندو آهي ۽ نئين دور جي شُروعات ٿيڻ لڳندي آهي تڏهن ڀَڃ ڊاھ واري عمل جو وجُود ٿيندو آهي__پوءِ اهو ڀَڃ ڊاھ مُعاشراتي هُجي، نفسياتي هجي، معاشي هجي يا کڻي سائنسِي هجي! پر پهرين ۽ پراڻي دور جي ڀڃ ڊاھ کان سواءِ هڪ نئون دور ڪڏهن به پيدا نٿو ٿي سگھي. هر اِنسان جنهن دور ۾ پيدا ٿيندو آهي اُهو اُن لاءِ جدِيد دور هُجي ٿو جنهن جو هن کي احساس ته نه هوندو آهي ته اهو جديد دور هن جي لاءِ جديد ڪيئن بڻيو!؟ پر ان باوجود هُو پنهنجي اڳ جي دور تي سوچڻ کان بغير پنهنجي زندگي گذارڻ ۾ مشغُول ٿي ويندو آهي. هر انسان زندگي گذارڻ کي اهميت ڏيندو آهي پر هر انسان تاريخ نه ٿيندو آهي، صِرف ڪجھ انسان اهڙا پيدا ٿيندا آهن جيڪي صدين ۾ پيدا ٿي هڪڙي تاريخ مُقرر ڪندا آهن؛ جيئندا آهن، مَرندا آهن، مُعاشري کي تبديل ڪندا آهن ۽ حَياتي کسجي وڄڻ کان پوءِ به ايندڙ صَدين لاءِ سبق ٿي پوندا آهن ۽ هَميشهه زنده رهندا آهن__تاريخ جي وَرقن ۾ ۽ ماڻهن جي دِلين ۾!”
1826ع اُهو دور هو جنهن ۾ رُوس ۽ اِيران جي جنگ شُروع ٿي چڪي هئي؛ ايران (Persia) کي برطانيه جي پُوري سُهڪار حاصل هُئي، ۽ ايران پنهنجا ڪُجھ علائقا رُوس (Russia) کان ڇڏائڻ لاءِ جنگ ڪرڻ لاءِ تيار بڻجي پيو هو. اُهي علائِقا؛ جيڪي رُوس ايران کان 1813ع واري جنگ ۾ پنهنجي قبضي هيٺ آندا هئا__۽ 1813ع ۾ وري هڪڙو ٺاهُ ٿِيو هو جنهن کي گُلستان جو ٺاھ (Treaty of Gulistan) جو نالو ڏنو ويو هو، پر اُن باوجُود به فتِح علِي شاه ايراني (Fateh Ali Shah, The Persian) کي سُڪون ميسر نه ۽ هُو چاهي پيو ته “هڪ دفعي وري برطانيه سندس ساٿ ڏئي؛ جيئن ته هُو پنهنجا علائقا روس جي قبضي مان ڇڏرائي ۽ روس کي سبق به سيکاري”.
“ گلستان معاهدو” 1813ع واري جنگ دوران ٿيو هو جنهن ۾ ايران جا ڪجھ علائقا رُوس جي قبضي ۾ اچي ويا هئا؛ ان کان علاوه 1826ع واري جنگ تبريز (The battle of Tabrez) جي فتح سان ختم ٿي هئي. هي جنگ ايران لاءِ تمام گھڻو نقصان کڻي آئي هئي جنهن ۾ ايران جو وڏي پئماني تي جانِي ۽ مُعاشي نُقصان ٿيو هو__“گلستان معاهدي” کانپوءِ هڪ ٻيو معاهدو ٿيو هو جنهن کي تُرڪمانِي مُعاهِدي (Treaty of Turkimnistan) سان سڏيو ويو هو ۽ جنهن ۾ روس، ڪاڪاس (Cacass) تائين پکڙيل هئي. اُنِهي دور ۾ رُوس هڪ طاقتور مُلڪ هو به ۽ ايران کي به ايتري هِمٿ نه هئي جو هُو پنهنجا علائقا واپس ڪرائي سگھي. آخرڪار اُنهي ٻُڏتر ۾ رَهي ڪري ايران 1826ع ۾ روس سان جنگ جي ميدان ۾ لهي آيو هو؛ اُنهي جنگ جو نتيجو اِهو نڪتو ته ايران 160 ميلن تائين پنهنجو علائقو جيڪو پهرين روس جي قبضي ۾ هو هاڻي پنهنجي قَبضي ۾ آڻي ڇڏيو هو. 1828ع دوران روس جورجيا (Georgia)، آذربائيجان (Azurbaejan) ۽ آرمينيا (Armenia) کي پنهنجو اِتحادي بڻائي پاڻ سان ملائي ڇڏيو هو__پر انهي جنگ دوران آذربائيجان ٻن حصن ۾ ورهائجي چُڪو هو، جِتي آذُربائِيجان قوم به آباد رهي ته ايراني به!
روس کي پنهنجي طاقت تي غُرور هو ۽ اُنهي غُرور کي پاڻي ڏيڻ لاءِ 1826ع دوران روس مراڪ تي قَبضو ڪيو؛ جنهن کان پوءِ ايران جي حُڪومت مرزا محمد صادِق (Mirza Mohammad Saadiq) کي روس پيٽرسبرگ (Peturseburg) موڪلي زار (Xar) حڪومت سان ڳالهين ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر ان مان ڪو به کڙ تيل نه نڪتو__۽ مرزا صادق کي ڪاڪاس جي گورنر اليڪسِي يَرمَولوَو (Aleksi Yarmolov) کان به ڪجھ حاصل نه ٿيو؛ جنهن کانپوءِ دل شِڪسته ٿي ڪري ايران عباس مرزا (Abbas Mirza) جي اڳواڻي ۾ پنجٽيھ هزار فوجين جو جٿو تيار ڪري ڪَراباک (Karabak) ۽ “تَيلش” تي حملو ڪري ڏنو__۽ وڏي نُقصان کانپوءِ ڪراباک جي گادِي واري شهر تي قبضو ڪري ڇڏيو هُئائين. رُوس جا اِتحادي ڪمزور ٿي پيا هُئا ۽ اُنهن کي ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جي هِمٿ پيدا نه ٿي سگھي هئي! ايراني اڳتي وڌندا رهيا ۽ روس جي اِتحاد ۾ آيل شهر کي وڏي پيماني تي نقصان پهچائيندا ٿي ويا هُئا.
گھڻي تباهي جي ڪري روس طرفان هٿيار پُهچائڻ ۽ حِڪمت عَملي ڪرڻ واري عَمل کي ڏاڍو ڌڪ رسيو ۽ اُنهي جنگ دوران هڪ تاريخ جنم ورتو؛ اها تاريخ ويڙه جي تاريخ نه هئي، ۽ اها تاريخ هٿيارن جي تاريخ به نه هئي، اُها اوڀر يورپ جَي ادب جي تاريخ هئي! هڪ دروَيش صِفت اِنسان جِي تاريخ هُئي__جنهن مُحبت جو درس ڏنو هو__جنهن طبقن جو مُطالعو ڪيو ۽ نفرت جي باھ کي وِسائي مُحبت جي جَنت ٺاهڻ جي تاريخ هُئي! هن جو جنم آگسٽ 1827ع ڌاري هڪڙي جاگيردار خاندان (Feudal Class) ياسِنا پوليانا (Yesina Poliyana) روس ۾ ٿو هو. جڏهن هي اڃا ٻار هُيو ته هن جي والدين جي موت ٿي وئي هئي؛ هُو ماءُ پيءُ جي مُحبت کان محروم ٿي پيو هو، جاگير خاندان جي اصولن تحت هنجي مائٽن هنجي پرورش ڪئي__۽ هن کي سٺي تعلِيم ڏياريائُون. ننڍپڻ کان ئي هُن کي جرمن ۽ فرانسِسي استادن جي سِکيا ملِي هُئي ۽ جڏهن هو سَورنهن سالن جو ٿيو تڏهن هن “ڪازان يونيورسٽي” ۾ داخلا ورتي. يونيورسٽي ۾ داخلا ملڻ کانپوءِ هن جي سڀني استادن هن جي مائٽن کي گھرائي آگاه ڪيو هو ته “توهان جو ڇوڪرو يونيورسٽي پڙهڻ جي لائق نه آهي؛ ۽ هن کي نه ڪجهه اچي ٿو ۽ نه ئي هن کي پڙهڻ سان ڪا خاص دلچسپي آهي”. استادن طرفان اهڙن لفظن کي برداشت نه ڪندي هُن يونيورسٽي ڇڏي ڏني هُئي ۽ تعليم پوري ڪرڻ بغير اتان نڪري اَچي روس جي شهر ماسڪو (Mascow) ۾ رهيو هو.
ماسڪو ۾ رهڻ سان هُن کي دلي سُڪون مليو هو ۽ اُتان پوءِ هن روس جي ٻئي دِلڪش شهر پيٽرسبرگ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي__جِتي هن اُن وقت رُوس جي طبقاتي نظام جي مطالعي ڪرڻ ۾ به لڳي پيو هو. هن جي پيدائش ته جاگير دار خاندان ۾ ٿي هئي پَر اندر ۾ هُو هڪ هڏ_ڏوکي انسان (Philinthropist) هو، ۽ هُن کي اُن وقت جي مزدورن جي حالت تي بيحد ترس اچڻ لڳندو هو؛ هاڻي هي خود به سوچڻ لڳو هو ته “آخر ڪيئن مزدورن کي اُنهي طبقاتي نظام مان ڇوٽڪارو ڏيارجي!”
ٽالسٽاءِ مزدورن جي حقن جي ڳڻتي ۾ سوچڻ تي مصروف ئي هيو تڏهن هن کي دِلي طور فوج ۾ ڀرتِي ٿيڻ جو خيال آيو؛ ۽ 1851ع ۾ هي رُوسي فوج ۾ هليو ويو هو__پر هُن کي اتي به سُڪون مُيسر نه ٿيو هو ۽ اُن جو سبب 1854ع ڌاري روس ۽ ترڪي جي جنگ هئي؛ جنهن ٽالسٽاءِ جي فوج ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ کان هُن جي دل کڻائي ڇڏي هئي. هن فوجي زندگي کي الوداع ڪندي 1855ع ۾ اچي وري پيٽرسبرگ ۾ رهيو، جتي جي حالتن ۽ زندگي کان هُن گھڻو جُڪھ سِکي ورتو هو. هن جو پهريون ناوِل ننڍپڻ Childhood)) هيو؛ ۽ بعد ۾ هِنجي مُختلف جنگين تي لکيل ڪهاڻين هنکي شُهرت بخشي هئي. ماڻهو هن کي سُڃاڻڻ لڳا هئا ۽ مزدور طبقو هن جو بي_حد قدر ڪرڻ لڳو هو هو. چند سال پيٽرسبرگ ۾ رهڻ کانپوءِ هن کي يورپ جي مختلف مُلڪن گھمڻ جو شوق جاڳيو ۽ هن مَغربي يُورپ (Western Europe) جي تقريبن ملڪن جو سفر ڪيو هو__مغربي يورپ جي سفر دوران به هُن کي روس جي مزدورن جي هر وقت ڳڻتي رهندي هئي، جنهن ڪري 1861ع ۾ هُو سِياحت کان موٽيو هو پر هاڻي هي پِيٽرسبَرگ يا ماسڪو نه پر سِڌو اچي پنهنجي جاگِير ۾ رهائش پذير ٿيو هو!
پنهنجي جاگير سنڀالڻ دوران هُن اُتي هِڪڙو اسڪول قائم ڪيو هو؛ جتي هي خود هارين جي ٻارن کي پڙهائڻ ۾ مشُغول ٿي ويو هيو ۽ هن جاگيرداري جي نظامن کي پنهنجي سر آسان به ڪري ڇڏيو هُئائين. انهي دوران هُن کي پنهنجي اڪيلي پن جو به احساس ٿيڻ لڳو ۽ هن 1862ع دوران شادي ڪري ڇڏي هُئي. شادي کانپوءِ ٽالسٽاءِ ۽ هُنجي گهرواري جو ناتو شروعات ۾ ڪجھ وقت ته سهي رهيو پر بعد ۾ انهي رشتي هِن کي بيگانگي جو شڪار بڻائي ڇڏيو هو. ٽالسٽاءِ ايتري قدر صبُر وارو مرد به هيو جو پَنهنجي گھرواري کي ٻئي مرد سان ڏسي ڪري به ڪڏهن کيس شڪوه شڪايت نه ڪيائينس. 1865ع دوران هن جنگ ۽ امن (War and Peace) جي نالي سان ناول لکي پورو ڪيو هو__جيڪو هن جو بهترين ناول مڃيو ويو ۽ ان کان پوءِ هن اينا ڪرينينا (Anna Karenin) جي نالي سان هڪڙو ٻيو ناول لکيو هو جنهن ۾ هُن پنهنجي صبر ۽ پنهنجي گھر واري جي حقيقي ڪردار کي ڄڻ ناول واري انداز سان چٽيو هو ۽ ان کان علاوه طبقاتي نظام جي عڪس کي به هُن پنهنجي اُنهي ساڳي ناول ۾ ظاهر ڪيو هو؛ اَينا ڪرينينا لکڻ کان پوءِ هن کي اطمينان ۽ سُڪون به مليو هو__ڇو ته هِن پنهنجي زندگي جو ماتم انهي ناول ۾ ڪيو هو! طبقن جي هيٺاهين ۽ مٿاهين واري نظام کي ڏسي ڪري هن جو مذهب کان اَرواح ئي کڄي چڪو هُو، ۽ هِن انهي وقت چيو هو ته “مذهب به اندرُوني ۽ ظاهري طور غريب عوام، هاري ۽ مزدور جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي قابل نه آهي”___۽ سڀ کان اڳ ۾ پادري ئي هئا؛ جيڪي مزدُور طبقي جو استِحصال ڏسي ڪري سڪُون ۾ رهندا هئا. انهي مان اهو به ظاهر آهي ته مذهب ۽ استحصالي اَمير طبقا هرشي ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندا ٿي آيا هئا__اُهي ٻئي گڏجي پورهيت طبقي جو استحصال ڪري زمين ۽ ٽيڪسُون اُڳاڙي پنهنجا پيٽ ۽ خزانه ڀريندا رهندا هئا.
1879ع ڌاري هن “پنهنجي اعتراف” نالي هڪڙو ڪتاب لکي پنهنجي مذهب کي بيان ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هُن جو مذهب انسانيت هو، اخلاق ۽ سماجي برابري هئي. هُن وٽ عيسائيت جو مذهب هيو پر هُن اُن کي پنهنجي طريقي سان لکيو ۽ بيان ڪيو هو .
ٽالسٽاءِ جي اهڙن نظرِين هِن جي مائٽن ۽ ويجھن رشتن کي ڏاڍو پريشان ڪري وڌو هو! اُهو ان لاءِ ته ٽالسٽاءِ ۽ جاگير طبقي ۾ پيدا ٿيڻ باوجود به ذاتي ملڪيت جي خلاف هو___تنهنڪري هن جا ڪافي ويجھا مائٽ هُن کان ڪنارا ڪشِي ڪرڻ ۾ لڳي ويا هئا. انهن سڀني جي پرواه ڪرڻ بغير هي هلندو رهيو؛ پنهنجي خيالن سان ۽ پنهنجي مرضي سان!
هُن اڪيلائي کي پنهنجو ساٿي بڻائي ڇڏيو هو ۽ هن کي پيٽرسبرگ جون فرباني گِھٽين سان عِشق ٿي ويو هو، جتي ٽالِسٽاءِ اڪيلو گُھمندي آزادي محسوس ڪندو هو. ظاهري طور هُو جاگيردار خاندان جو فرد هو پر اندر ۾ ٽالسٽاءِ ڪجهه ٻيو هو__هڪ ضَعيف درويش صفت ۽ حق ڪرڻ وارو انسان هو! هن جي ويجھن مائٽن هن جي نظرين سان جنگ ڪئي هئي، ۽ هُن جي گھر واري به هنجي مُحبت ۽ هِنجي جذبن سان جنگ ڪندِي رهي هُئي__انهي سڀني اَڪيلاين جو سبب صرف ٽالسٽاءِ جوانسان جو انسان سان جبر ۽ استحصال کي ٻُنجو ڏيڻ واروهُن جو نظريو هو!
هاڻي هُن پنهنجي زندگي کي پَنهنجي اَصُولن ۽ عقيدن تحت گذارڻ ٿي چاهيو هو پر هنجي خاندان ۽ هن جي زال کي اها ڳالهه بلڪل نه وڻي، ۽ سڀئي هن جا مخالف ٿي بيهي رهيا هئا!
ٽالسٽاءِ جي زندگي جا آخري ڏينهن تمام افسوسناڪ رهيا هئا؛ هن جي نظرين هن جي عقيدن ۽ هن جي خُوداري هن کي شهر جي گِھٽين مان غائب ڪري ڇڏيو هو__هُو خود به گوشَه نَشِيني اختيار ڪري چڪو هو، ۽ فقير صِفت انسان بڻجي بي سبب هر گھٽي کي گھر سمجھي بي خبري جي دُنيا ٺاهي ڇڏي هئي هُن__شايد هُن کي اُتي سڪون ملڻ لڳو هو.
هُن______خاندان، گھر ۽ پنهجي زال کي الوداع چئي ڇڏيو هو ڇو ته اُنهن سڀني هُن کي بيحد اذِيتون ڏِنيون هيون__هِن کي جيئڻ جي قابل نه سمجھيو هُئائون ۽ هن جي نظرين ۽ عقيدن سان سَڀئي نَفرت ڪرڻ لڳا هئا.
ايتري قدر جو ٽالسٽاءِ کي پنهنجي جاگير ۽ گھر کان بيحد نفرت ٿي پئي هئي پر هُو ڪجھ به نه ٿَي ڪَري سگھيو هو_اُن کان اڳ هاڻي هُن وٽ ٻه رَستا بچيا هئا، “هڪ ته جاگير دار ٿي رهي جي نه ته پوءِ گھر کي الوداع چئي هليو وڃي____هميشهه لاءِ”!
هن فيصلو ڪري ورتو هو؛ گھر کي هميشهه لاءِ الوداع چوڻ جو! ۽ آڪٽوبر 1910ع دوران هي گھران نڪري ويو هو، ۽ ڪنهن کي ڪا خَبر نه هئي هو ڪيڏانهن ويو هو؟! ۽ ڪٿي رهڻ لڳو هو؟ خاندان وارن کي ڪابه خبر نه هئي ۽ نه ئي هُنن ڪا جُستجو ڪئي هِن کي ڳولڻ جي!
آخرڪار پُورو مَهِينو غائب رهڻ کانپوءِ 8 آڪٽوبر 1910ع ڌاري پليٽ فارم تي هڪ شخص جو لاش نظر آيو! جڏهن ماڻهن ڏٺو ته گڏ ٿي ويا ته “انهن ڏٺو ته اُهو ٽالسٽاءِ هو”.
لِيو ٽالسٽاءِ ادب جي دنيا ۾ منفرد ڪردار نِڀايو هو “وار اينڊ پِيس”، “اينا ڪرينينا” کان بعد هن “ڪوِٽرز سَوناٽا” لکي ڪري هُن ادب کي پنهنجوحَق ادا ڪيو؛ پر ادب تي وڌيڪ نظر رکڻ لاءِ هن ادب جي فن جي باري ۾ به پنهنجي مضمون فن ڇا آهي (What is Art) ۾ سچي ۽ ڪوڙي فن جو وڌيڪ گھرائِي مان مُطالعو ڪيو آهي؛ جنهن کي مُختصر جائزي طور هَيٺ بيان ڪجي ٿو.

[b]فن ڇا آهي What is Art
[/b] ٽالسٽاءِ جو نالو هن جي ٻِن ناولن اينا ڪِرينينا ۽ وار ايڊ پيس جي ڪري هَميشهه رهندو؛ پر هن جو تنقيدي جائزو “فن ڇا آهي” هڪ اهڙي صنف آهي جنهن مَغربي تنقِيدي ذڪر ۾ هڪ نئين باب جو اِضافو ڪيو هو__۽ اُنهي تنقِيدي جائزي ۾ ٽالسٽاءِ پنهنجا سڀ عقيدا ۽ نظريه ادبِي شڪل ۾ بيان ڪيا آهن. مَغربي ليکڪن ٽالسٽاءِ جي هِن جائِزي کي ناگوار به سمجھندا رهيا هئا__ڇو ته ان وقت ٽالسٽاءِ پنهنجي فن جي لکڻين ۾ شاهوڪارن کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو هو ۽ اوڻويهين صدي تائين تقريبن مغربي ادب شاهوڪارن جي رحم ڪرم تي بيٺل هو!
ٽالسٽاءِ پنهنجي فن ۾ شَيڪسپيئر ۽ نِٽطشي جي لکڻين کي رد ڪري ٿو ۽ گوئٽي جي “فائُوسٽ” کي حقيقي فن پارو سڏيو آهي. شيڪسپيئر سدائين مٿئين طبقي کي پنهنجي لکڻِين جو مُوضوع بڻايو هو__۽ ان کان عِلاوه ٽالسٽاءِ مطابق ته “مَغربي ادب ۾ مزدور ۽ پيڙهيل طبقي کي ڪا به جاءِ نه ملي هئي”__حقِيقي ادب کي نظر انداز ڪندي اُنهن صرف ٽن جُزن (Elements) کي ئي پنهنجي لکڻين کي پنهنجو موضوع بڻايو هو__يعني “پيار محبت ۽ جِنسي خواهشن کان ويندي زندگي جون احساس ڪمتريون”!
ٽالسٽاءِ مطابق ته “مَغربي ادب ۾ اها وصِيحَت به هاڻي نه رهي آهي جو هو مذهب تي لِکي ۽ مذهب جي اِستحصال جو جائِزو وٺي ۽ مذهب جي صحيح تشريح ڪري ۽ اهي سڀ مغربي ادب جا سرواڻ بيمار آهن، ڇو ته جنس پرستي کان علاوه انهن وٽ لکڻ لاءِ ڪو به ٻيو موضوع ئي ناهي بچيو”
ٽالسٽاءِ جڏهن “فن ڇا آهي” لکي پورو ڪيو هو تڏهن ان جي ڇپائي جو مسئلو پيدا ٿي پيو هو. اُهو ان لاءِ ته اُن وقت جي نام_نهادَن ۽ شاهوڪارن کي ٽالسٽاءِ جي لکڻين سان ڪابه دلچسپي نه هئي ۽ انهن کي اها به خبر هئي ته “اهو سڀ انهن سڀني تي هڪڙي قِسم جِي کُلي عام تنقيد پِڻ آهي” .
ٽالسٽاءِ “فن ڇا آهي” ۾ بنيادي سوال اِهو اُٿاري ٿو ته آخر فن مُعاشري لاءِ ڇو ضروري آهي!؟ ۽ پاڻ ئي جواب ڏيندي چئي ٿو ته “اسان جي مُعاشري ۾ فن ايتري قدر ته غلط راه تي اچي ويو آهي جو خراب فن کي به صحيح سَمجهيو وڃي ٿو ۽ فن پنهنجي اصل شڪل بلڪل مٽائي چڪو آهي”. وڌيڪ هي ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري ته “فن اندروني جذبو آهي ۽ هِڪڙي قسم جو اظهار به آهي، پر ماڻهو حقيقي جَماليات کي وساري ادب کي صرف تفريحي زمري تائين آڻي بيهارن ٿا__جڏهن ته تفريح دوکو آهي ۽ حقيقي فن مُعاشري جي حقيقي عڪس جو نالو آهي! فن اندروني اظهار جو هڪڙو اِهڙو عنصر آهي جيڪو صرف سچائي ۽ ٻين جي احساسن سان حقيقي شڪل ۾ پيدا ڪري سگھجي ٿو” .
“ڪو به ليکڪ جيڪڏهن ڪا شي لِکي پڙهندڙ تائين پهچائي ٿو ۽ پڙهندڙ جڏهن انهي ليکڪ جي ڪنهن به جذبي مان متاثر ٿي پنهنجي پاڻ کي خيالي طور ان جو اتحادي بڻائي ڇڏي ته ان کي فن چئبو آهي”.
پر ان سان گڏ فن ۾ اثر آفريني (جذبن کي ڇُوهڻ وارو اثر) جو هجڻ لازمي هوندو آهي. اثر آفريِني (Soul moving element) جيتري شديد هوندي فن اوترو ئي پُختو هوندو تنهنڪري؛ اثر آفريني جيڪو روح تائين پهچي ڪري پڙهندڙ جي جذبن ۾ ضابطو آڻي__اُهو اثر آفريني صرف ٽِن (ٽِرن) حالتن ۾ ئي پيدا ٿي سگھجي ٿو!
1 . ٻين تائين پهچايو ويندڙ احساسن جي انفراديت؛
2 . پنهنجي خيالن کي صفائي سان ٻين تائين پهچائڻ؛
3. فنڪار جي سچائي ۽ خلوص جو هجڻ يعني؛ قُوت ۽ شدت جنهن ۾ فنڪار جنهن شي کي ٻين تائين پهچائڻ چاهي ٿو پهريان اُن کي پاڻ به محسُوس ڪري؛
“پيش ڪيل احساس جيترو انفرادي هوندو اوترو ئي فنڪار پنهنجي پڙهندڙن تي اثر پيدا ڪندو__صَفائي سان خيال پيش ڪرڻ جو مقصد اثر آفريني ۽ شعُور کي پڙهندڙن ۽ ٻُڌندڙن جي جذبن اندر داخل ڪرڻ آهي__۽ ان کان علاوه رُوح تائين پُهچائڻ واري اثر آفريني جو وڏو ڪردار فنڪار جي پَنهنجي فن سان، سَچائي سان ۽ خُلوص سان وجود ۾ آڻيندو آهي__۽ جي فن ۾ شِدت جي کوٽ آهي ته هو ڪڏهن به پنهنجي پڙهندڙن ۽ ٻُڌندڙن جي اندر ۾ ڪنهن به قسم جي روح سان جڙندڙ هم_آهنگي کي جنم نٿو ڏئي سگھي. ٽِنهي حالتُن ۾ سڀ کان اهم آهي “خلوص”__جنهن ذريعي فنڪار پنهنجي اندر جي اظهار کان بيتاب ٿي ڪري پنهنجي حقيقي احساسن ۽ جذبن کي ٻين آڏو رکڻ جي جُستجو ڪندو آهي___۽ اهائي شي فنڪار لاءِ تمام اهم آهي جنهن ذريعي هو ڪوشِش ڪندو آهي ته هو پنهنجي احساسن کي پوري صفائي ۽ وضاحت سان پيش ڪري”. ان کان علاوه ٽالسٽاءِ انهي شي کي به بيان ڪيو آهي ته “حقيقي فن ڪهڙي قسم جي موضوعن ۽ مواد سان جڙيل هجي”؟ ٽالسٽاءِ مطابق فن جو دائرو ڪهڙي طرح طئي ٿئي ۽ موضوع کان ويندي مواد ڪهڙي قسم جو هجڻ گھرجي يعني ڪهڙي شي صحيح ۽ ڪهڙي شي خراب آهي جو تدارڪ ڪيئن ڪجي؟
انسان وٽ ڳالهائڻ به هِڪ فن آهي جنهن ذريعي هر ڪو خود ڪلام ٿي هر شي جي باري ۾ سوچِي سَمجِھي پنهنجي زبان مان لفظ ڪڍندو آهي ۽ هاڻي اهو انهي ڳالهائيندڙ تي ٿو ڇڏجي ته هو ڪهڙي قسم جي ڳالهه وات مان ڪڍندو آهي__۽ ان ۾ فن جو احساس ڪيترو آهي__“جيڪو ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ هَم آهنگي کي جنم ڏيندو آهي؛ جي هِن وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪابه شي سُٺي ناهي ته پوءِ هن لاءِ مُشڪل ٿي پوندو ته هُو ڪنهن جي دل ۾ فني احساس کي جنم ڏئي سگھي” .
“فن اصل ۾ اُهو آهي جنهن کي گھڻا ماڻهو اَحساسَن پسند ڪن ۽ حقيقي فن ان ڪري ٻاهر نٿو اچي جو هر ڪو ان کي ڌنڌي ڌاڙي جو ذريعو سمجهي ٿو ۽ فن کي جيڪڏهن سَچائي سان ظاهر ڪجي ته حقيقت پسندي خود بخود نظر اچڻ لڳندي”
ٽالسٽاءِ مطابق “فن ڪير به ڪِنهن کي سيکاري نٿو سگھي؛ اها هڪ قدرتي ڏات آهي__جيڪڏهن فن سکيا ذريعي حاصل ٿيڻ واري ڪا شي هجي ته هِن مَهل تائين فن جو نالو نِشان ئي نه رهي ها! فن هڪ زندگي جو ٻي زندگي سان جُڙندڙ تجربن ۽ احساسن جو ميلاپ آهي جيڪو هر طرح انفرادي ٿي سگھي ٿو__انهي لاءِ جيڪڏهن سِکيا ڏني وڃي ها ته فن جو انفرادي احساس ختم ٿي وڃي ها”
ليو ٽالسٽاءِ مطابق “فن هِڪ ڪائِناتي جذبو آهي؛ زندگي جي ڪنهن به تجربي ۽ واقعي کي فن اندر جاءِ ڏئي سگھجي ٿو”
هر ڪو ڪهڙي به تجربي؛ پوءِ ڀلي کڻي اهو مذهبِي خيال ۽ جذبو رکندڙ ڇو نه هجي پر ان کي ادبي دائري ۾ جاءِ ڏئي سگھجي ٿي__ڇو ته فن هڪ ڪائناتي جذبو آهي، مذهبي خيال، جذبا ۽ عقيدا جيڪي انسان ذات جي پنهنجي پاڻ کي مطئمن (Self Setisfication) ۽ هم آهنگ ڪرڻ جو رستو ڏسيندا آهن؛ يا انهي فن وسيلي ڪلاڪار پنهنجي سوچ بدلائين ٿا جهڙوڪ؛ انسانيت، ڀائپي ۽ هڪٻئي لاءِ عزت ۽ اَدب رکڻ اهو سڀ کان اول ڪائِناتي فن جو حصو آهي__انهي کان علاوه ٽالسٽاءِ جي عيسائيت تي پنهنجِي مُنفرد سوچ رهي آهي جنهن لاءِ هن ايئن به چئي ڏنو هو ته “فنڪار ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندڙ هجي پر فن کي جمالياتي انداز ۾ آڻي بيان ڪرڻ انڌي عقيدي جي نشاني هوندي آهي! تنهنڪري ان انڌي عقِيدي کي پاسي تي رکي اخلاقي ۽ معاشراتي پهلوئن کي فن جو لباس پارائجي ته جيئن فن ۾ حقيقت جو اثر نظر اچڻ لڳي”
جَماليات فن جو حِصو ضرور آهي پر اَولين فن آهي مُعاشرو_!حقيقي تجربو ۽ انسانيت جي احساس جو خيال رکڻ کان وِيندي ٽالسٽاءِ کي مذهبي فن کان مڪمل طور چڙ ته بلڪل ڪان هئي___پر هنجو صرف موضوع ۽ جذبو انصاف ۽ اخلاقيات هو! جيئن هن پنهجي لفظن ۾ باک (Bach)جي موسيقي، مولير (Moliere) جي ڊرامن، گوئٽي جي اخلاقيات، دوستو وسڪي ۽ چارلس ڊڪنز جي ناولن جي ساراه ڪئي آهي ۽ “انهن کي بهترين دورن جو فن سڏيو آهي” .
ٽالسٽاءِ کي ڪو به اعتراض نه هو ته “فن مذهبي هئڻ گھرجي يا نه؛ پر جيڪڏهن فن مذهبي هجي ته پوءِ اهو خيال رکڻ بِلڪل ضروري آهي ته مذهب جي حقيقت کي ظاهر ڪجي__ڇو ته مذهب سان جَماليات جو اثر ڪنهن حد تائين ٺهڪندڙ نٿو لڳي”
هن جي چوڻ جو مقصد اهو به آهي ته “جيڪڏهن فن صِرف ۽ صِرف مذهبي خيالن يعني ڏوھ، ثواب ۽ عقِيدي جو نالو آهي ته؛ اهو فن بلڪل ناهي يعني فن سان گڏ جيڪڏهن ڪو فنڪار معاشراتي اِخلاقيات کي به پنهنجي فن ۾ جاءِ ڏئي تڏهن اُهو فن هڪ “حقيقي فن” سڏبو جيڪو حقيقي ۽ ڪائناتي سچ جي نشاندهي ڪري ٿو”

[b]رُوسِي اَدب تي مُختصِر نَظر
[/b] جديد روس؛ جنهن جو ادبي سفر مغربي ملڪن کان ٻه سو سال بعد وجود ۾ آيو هو_پر ان باوجود رُوس ادب جي اهڙن مُفڪرن کي جنم ڏِنو جن تي سڄي دنيا جي ادب ناز ڪيو.
فرانس جهڙو ادبي ڪلچر(Literary Culture) فرانس کانپوءِ رُوس جي ئي حصي ۾ آيو_جتي بعد ۾ روس به پنهنجي ادبي دنيا ۾ نمايان ڏيک ڏيڻ لڳو هو_رُوس جي اديبن پنهنجي لکڻين ۾ حقيقت نگاري کي اولِين ترجِيح ڏِني هُئي؛ ۽ اُن ۾ عظِيم فن جو مُظاهرو ڪيو. روس جي افسانن ۽ ڊرامن ۾ حياتِ انسان ۽ نظامِ عالم مُتعلق غور ۽ فڪر ڪري هُنن پنهنجو جُدا ابي وجود (Literay existance) ٺاهيو هو_روسي ادب جي قِصن جو موضوع ۽ بحث عمومن مُعاشراتي انسان (Common Human being) ئي رهيو هو__جنهن ۾ انسان جو باهمي تعلق هُن جي خيالن، جذبن، رنجُن، خوشين جي ڪشمڪش__جدوجهد ۽ ان ۾ شامل ڪاميابيون ۽ ناڪامين سان هوندو هو.
اوڻويهين صدي جي آخر ۾ رُوسي ادب جي دنيا ۾ ٻه اديب نمودار ٿيا “ٽالسٽاءِ ۽ دوستو وسڪي” جن جي شُهرت مُلڪ در مُلڪ ڦهلجيِندي وئي هئي__ٻنهي انساني زندگي، نفسيات ۽ ڪردارن جي تشريح پنهنجي انداز سان ڪئي هئي. ٻنهي جي لکڻين روس ۾ پڙهندڙن جي ذهنن ۾ نوان موضوع بحث لاءِ چيڙي ڇڏيا هئا؛ منزل ته ٻنهي جي ساڳي هئي پر رستا مختلف هئا__دوستو وِسڪِي کان علاوه اَنٽونِي چِيڪوف، گارشَن، وِي سمَيڊ وِچ، اَيوِلن مَيڪوف، مَئڪسِم گورڪِي ۽ اَليگزنڊر ڪِپرن ادب جي ميدان ۾ اثر رسوخ رکندڙ اديب هئا جن روسي ادب کي فن جو پاڻي ڏئي جياريو.

[b]دَوستو وِسڪي
[/b] فِيودور دوستو وِسڪي ماسڪو ۾ 1821ع ڌاري پيدا ٿيو هو؛ هي ٽالسٽاءِ جيان امير خاندان جو حصو نه هو__۽ آخري وقت تائين هُن جي زندگي غربت ۾ گذرندي رهي. هن کي لِکڻ جو شوق تڏهن پيدا ٿيو جڏهن هي هڪڙي انجنيئرنگ اسڪول ۾ ملازمت ڪندو هو. هن جو پهريون ڪتاب فوڪ پُوئر (Folk Poor) جيڪو هن 1845ع ۾ لکي پورو ڪيو؛ جنهن سان ادبي ميدان ۾ هن جي سڃاڻپ پيدا ٿي هُئي. انهي سال هن هڪ اِشتراڪي تنظيم اندر قدم رکيو__جِتي حڪومت طرفان پَڪڙي هن کي چار سال جي سزا ڏني وئي ۽ انقلابي جذبي جي سهاري چار سال جيل جي قيد ۾ رهڻ دوران هن انسان جي فطرت ۽ انساني زندگين جي پيڙائن کي ويجھڙائي سان جاچيو ۽ محسوس ڪيو هو__ ۽ بعد انهي سڀني تجرُبن کي پنهنجي ادبي موضوعن جو حصو بڻايو هو.
1850ع ڌاري دَوستوِوسڪي سَينٽ پيٽرس بَرگ پُهتو جتي هن هڪڙِي اخباري اداري ۾ ملازمت ڪئي؛ پر اتي به هن جي غُربت ۾ ڪا گھٽائي نه آئي. هن جو ناول جيڪو گھڻو مشهور ٿيو اهو جرم ۽ سزا (Crime and Punisment) هو_ 1881ع ۾ هِي مُعتبر ناول نگار هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو .

[b]انٽوني چيخوف
[/b] انٽونِي چِيخوف رُوسي افسانه نِگار 1860ع ڌاري غريب گھراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن 1874ع ۾حِڪمت جي ڊگري پاس ڪئي پر ان کي روزِي روٽِي جو پيشو نه بڻايائين_چيڪوف جي مختصر ڪهاڻين هن دنيا کي ادب ۾ اول صف تي اچي بيهاريو؛ پنهنجي افسانن ۾ هن هميشهه انساني فطرت جي عڪاسي ڪئي. ڪهاڻين لکڻ سان گڏ هن بعد ۾ ڊرامه به لکڻ شُروع ڪيا هئا؛ جن ۾ هُن ڪمال جو تصور پيش ڪيو هو! ڪائنات حقيقي ۽ فطرت انساني کي هِن هڪ مِثال جي صُورت ۾ پنهنجِين لِکڻِين ۾ پيش ڪيو ۽ ڪاميابين جا سفر طئه ڪندو آخر جولاءِ 1903ع ڌاري هِن فاني جهان کي الوداع چئِي وڃي عالم حقِيقي سان مليو .

[b]گارشَن[/b]
گارشن 1855ع ڌاري مغربي روس ۾ پيدا ٿيو؛ ۽ هُن اِبتدائي تعليم سينٽ پيٽرس برگ مان حاصل ڪئي. هِن جُون پهريُون لِکڻيوُن تڏهن منظر عام تي آيون جڏهِن هي اڃان شاگرد مس هو .
1877ع ڌاري هي بلگيريا جي جنگ ۾ شامل ٿي ويو_هِن سپاهين جي نفسِيات جو گھرو مطالعو ڪيو هو؛ ۽ پنهنجي ڪھاڻين ۾ هن سدائين جنگي عڪسن کي چٽيو__آخرڪار هلي هڪڙي ڏينهن جنگ هلندڙ دوران هي زخمي ٿي پيو هو؛ جنهن کان پوءِ هي پنهنجو دِماغي توازن وڃائي ويٺو هو ۽ 1888ع دوران بَيخُودي واري حالت ۾ وفات ڪري ويو.

[b]وي سمَيڊ وِچ
[/b] وِي سميڊ وچ جيڪو رُوسي ادب جي دنيا ۾ “ويرِي سيف ” جي نالي سان متعارف ٿيو؛ ۽ 1867ع ڌاري پيدا ٿيو_ليکڪ هئڻ سان گڏ هڪ بهتر حڪِيم پِڻ هيو. هن پنهنجي لِکڻين ۾ اِشتراڪِيت (Communism) جي موضُوع کي اڳيان رکيو ۽ پنهنجي لِکڻِين ذريعي اهڙا ڪردار پيش ڪيا جن سان انسان اُونداهين راتين ۾ پنهنجي تنهائين سان گڏ رهڻ پسند ڪيو_هُن هَميشهه پراڻي کنڊرن ۾ نون انسانن کي تلاش ڪيو هو؛ جن جِي زندگي سدائين حق جي راه ڳولڻ ۾ گذري ۽ هن جي نظر ۾ اهي انسان ڪير هئا؟ اهي اِشتراڪِيت پسند هئا. هِنجُون لِکڻيوُن اڪثر “ڪارل مارڪس” جي معاشي خيالن جو عڪاسي ڪندي نظر آيون.

[b]ايولن ميڪوف
[/b] ايولن ميڪوف بنيادي طور هڪ سَنگتراش هو پر جلد بعد ۾ ادب جي ميدان ۾ پهچي ويو! هنجي پيدائش 1861ع ڌاري ٿي هئي ۽ هُن مُصوري جو عِلم پڻ سکي ورتو هو_ادبي دنيا ۾ هن کي شاعر جي حيثيت حاصل هئي ۽ مصور هئڻ جي ڪري هي شاعري ۾ بهترين منظر ڪشي گھڙڻ جي قابل هو؛ ۽ هن سادي طبيعت انسان جي وفات 1897ع ۾ ٿي .

[b]مَيڪسم گورڪِي
[/b] اليڪسز پيشڪوف گورڪي کي جيڪو ميڪسِم گورڪِي جي نالي سان رُوسي ادب جي ميدان ۾ ڄاتو ويندو آهي_ 1868ع ۾ پيدا ٿيو. اهو دور روس جي صنعتي ترقي جو دور هو ۽ انهي دور ۾ اشتراڪيت جي عُروج ٿي هئي_صنعتي دور دوران هارين ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هيو جنهن کان پوءِ انهي دور جي تقريبن ليکڪن جو موضوع مزدور طبقو بڻجي ويو هو. هن جي جڏهن پيدائش ٿي ان کان ٿورو وقت اڳ هن جو پيءُ گذاري ويو ۽ هن جي پرورش هن جي ڏاڏي ڪئي. هن جي ڏاڏي هِن کي هڪڙي جهاز ۾ ملازمت وٺي ڏني جتان هي ڀڄي آيو. قُدرت واري هِن کي ادِيب ٺاهيو هيو ۽ هُن جي ذهني طلاتُم هن کي روس جي گھٽين ۽ سرحدن تائين گهمڻ ڦرڻ ۽ فطرت کي پنهنجي رومانيت واري نظر سان ڏسڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. خانه بدوشي جي اهڙي سِياحت کي هِن 1890ع ڌاري ختم ڪيو. 1905ع ڌاري هن رُوس کي الوداع ڪيو ۽ “وِهائلي” ۾ وڃي رهائش پزير ٿيو. جتان 1917ع جي رُوسي اِنقلاب برپا ٿيڻ بعد واپس رُوس موٽيو هو__هن پنهنجي ڪافي سارِين لکڻين جي ڪري شُهرت حاصِل ڪئي جن ۾ هن فراموش زندگين کان ويندي انسان ذات جي حقيقي جذبن جي ترجُماني به ڪئي. هِن افسانه، ڊراما، ناول لکيا، جن ۾ هِن جو ناول “ماءُ” تمام گھڻو پڙهيو ويو هو. پنهنجي زندگي جي آخري سالن ۾ هي تمام گھڻو بيمار رهڻ لڳو پر ان باوجود هن جي خيالن جي مضبُوطي زنده رهي، بيماري سان جنگ ڪندي آخر 28 مارچ 1936ع ڌاري هي وفات ڪري ويو .

[b]اَليگزينڊر ڪِپرن
[/b] اليگزينڊر ڪِپرن جي پيدائش 1870ع ۾ ٿي__اِبتدائي تعليم کان بعد هن فوجي اداري مان تربِيت ورتي جنهن کانپوءِ اُنهي زندگي کان تنگ ٿي هِن فوج جي ملازمت کي خيرباد چئي ڇڏيو هو__هن جو پهريون ناول 1905ع ۾ شايع ٿيو هو ۽ ناول کان علاوه هن ڪيترائي افسانا لکيا جن ۾ هن جاگيردار ۽ چور کي هڪڙي صِف ۾ بيهاريو. هن جي لکڻين ۾ محبت به مظبوط هميشه مظبوط موضُوع رهيو هو ۽ آگسٽ 1938ع ڌاري 68 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو هو.