شخصيتون ۽ خاڪا

افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

هن ڪتاب ۾ عالمي ڏاهن افلاطون، ارسطُو، سوفوڪليس، لونجائنس، فرانسس بيڪن، جان ڪِيٽس، چارلس ڊڪنز، گوئِٽَي، ٽالِسٽاءِ ۽ البرٽ ڪاميو جون ادبي ڪٿائون، قصا ۽ زندگيون تاريخي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيل آھي. ھي ڪتاب نوجوان ليکڪ رفيق کوسو لکيو آھي.
ڪتاب اندر جيڪي بي بھا جيون ڪٿائون، فلسفين ۽ اديبن جي پورهئي جي ٿوري گهڻي جهلڪ اسان جي دوست رفيق کوسو صاحب اسان کي پسائِي آهي اهو سندس ڪتابن سان عشق، ادب سان چاه ۽ عالماڻي ڊسڪورس جو هِڪ اهم ثبُوت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2908
  • 993
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رفيق کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

چارلس ڊڪنز 1812__1870 عيسوي سال

فرانس جي انقلاب 1789ع جاگيرداري نظام کي ڊاهي چٽ ڪري ڇڏيو هو؛ ۽ اُن مَهل اُتان جي انقلابين بادشاه لوئي سورنهن جو گردن ڌڙ کان ڌار ڪري اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته “زندگي جيئڻ جو حَق هڪ پورهِيت کي به آهي”__انهي وقت فرانس جي انقلاب (French Revolution) سَببان سڄي يُورپ سان گڏ اِنگلينڊ به بدلجڻ لَڳو هو ۽ هڪڙو ٻيو دور شروع ٿيڻ لَڳو هو__جنهن کي صنعتِي دور (Industerial age) جو نالو ڏيڻ جي شروعات ٿِي وَئِي هئي .
نومبر 1774ع ڌاري هڪڙي نوجوان پنهنجي پِي ڏانهن خط لکيو ته “مان هِتي جنهن ڪم سان لڳو پيو آهيان تنهن ۾ ڪُجھ ڪامياب ٿيو آهيان؛ يعني ته باھ تي هلندڙ اُها انجڻ جيڪا مُون ايجاد ڪئِي آهي سان هلي رهي آهي ۽ هِن مَهل تائين ٻي هر مشين جي ڀيٽ ۾ گھڻو بهتر ڪم ڪري رَهي آهي”. اِهو خط اوزار ٺاهيندڙ جَيمس واٽ (James Watt) نامي هڪ اِسڪاٽ (Scott) شخص پنهنجي پيءُ ڏانهن لِکيو هو. اها هڪ حادثاتي تاريخ (History of a Miracle) هُئي جنهن ۾ ٻاڦ واري اِنجڻ تيار ٿي هُئي.
جَيمس واٽ جي ٻاڦ تي هلندڙ اِنجڻ آخر ڪار طاقت جي پُراڻن ذَريعن يَعني گھوڙن، ڏاندن، پاڻي ۽ ماڻهن جي طاقت جي اِستعمال کي يا ته گھٽائي ڇَڏيو هو يا وري اُنهن جي جاءِ والاري هُئي. جيمس واٽ جي وَفات يعني 1819ع تائين ٻاڦ تي هَلندڙ مشِينون برطانِيه جي ڪيترن ئي صَنعتن ۾ هٿ سان هَلندڙ اوزارن جي جاءِ والاري رهيوُن هيون. اوڻويهن صَدي تائين نوان صنعتي طريقا اَولھ يورپ ۾ به تيزي سان پکڙجي ويا هيا ۽ تنهن کان سواءِ اُهي سمُنڊن جي هُن پار آمريڪا (U.S.A) ۽ جَپان (Japan) تائين به پُڄي ويا هُئا.
صَنعت جي پيداوار سان گھڻي ترقي ٿي؛ سائِنس (science) ۽ دوائن جي ميدان (at field of Medical) ۾ جيڪي نيون دَريافتُون ٿيون؛ تن جتي اِنسانذات کي فائدو ڏنو اُتي اُنهن جي لاءِ مَسئلا به پيدا ڪيا. صَنعت پوڻ ڪري دُنيا ۽ هِڪٻئي جي باري ۾ ماڻُهن جا خَيال ۽ رايا به مَٽجي چُڪا هُئا__۽ اُوڻويهين صَدي جي صَنعتي انقلاب (Industrial Revolution) جو اَثر ادب، فَن، مَوسِيقي ۽ عِمارت سازي تي به پيو هو؛ اَهڙي طرح صَنعتي اِنقلاب وڏن شهرن واري سَماج جي نئين دور کي جنم ڏنو هو.
انقلاب جي معنيٰ آهي “ڪا زوردار تبديلِي جيڪا هر شي کي بدلائي ڇَڏي”؛ اهو لفظ تارِيخ جي واقِعن ۾ مُختلف اَندازن سان بيان ٿيل آهي ۽ اهڙي طرح يُورپ ۾ ٻه وڏا اِنقلاب برپا ٿيا جن بعد ۾ سڄي يورپ کي بدلائي جديد ٿيڻ جو رَستو ڏنو هو جن ۾ هڪ فرانس جو انقلاب ٻيو برطانيه جو صنعتي انقلاب
صنعتي انقلاب برطانيه (England) کان شروع ٿيو، هڪ ته برطانيه قُدرتي وسِيلن سان مالا مال هو ۽ ملڪ ۾ ڪوئلي ۽ لوح جا وڏا زخيره موجود هئا. اتي موجود ننڍيُون ۽ تيز رفتار نديون پاڻي تي هلندڙ ڦِيٿا پاڻي جي طاقت تي مِلُن کي هلائڻ جي قابل هُئا__۽ ٻيو ته بَرطانيه کي پنهنجين سَمنڊ پار ٻيٺڪن (Colonies) مان جيڪي قُدرتي وَسِيلا مليا تن جو هُن پورو فائدو ورتو هو. اُنهن بَيٺڪن مان مِلندڙ اُن ۽ ڪَپهه به برطانيه جي وڌندڙ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري (Textile Industries) لاءِ خام مال (Raw Material) مُهيا ڪيو جنهن سان سان گڏ اُن وقت انهن مشِينُن برطانيه جي پوکِي ۽ مُلڪ ۾ خوراڪ جي فراهِمي کي به وڌائي ڇڏيو هو. اُنهي کان پوءِ اُتي خام مال جي اَنگ ۾ واڌ اَچڻ ڪَري برطانيه جي آدم شُماري به تمام گھڻي وڌي وئي هئي__۽ ان کان علاوه اُتان جي وَسيلن ۽ افرادي قُوت سان گڏ هاڻي اُتان جا ڪاروباري ماڻُهو به گڏجي ويا هُئا جن وٽ سَرمايو هو! جنهن کان پوءِ اُتي سامان خرِيد ڪرڻ لاءِ مارڪيٽُون به موجُود هُيون ۽ تنهن کان سواءِ 1651ع ڌاري بَرطانيه پنهنجي بَيٺڪين لاءِ اهڙا ته قانون پاس ڪيا جو هاڻي ته انهن کي سامان به برطانيه جي ٺهيل فيڪٽرين مان خريد ڪري استعمال ڪرڻو هو. پر سڀ کان وڏو فائدو برطانيه کي اهو پيو جو اُتي موجُود هڪ لچڪدار سماج قائم ٿي پيو هو جنهن ۾ اُتان جي مزدورن سستي اگھ ۾ پنهنجي مالڪن لاءِ سخت محنت ٿي ڪئي، ۽ پنهنجي مالڪن کي گھڻِي رَقم بچائي ڏيڻ ۾ مهُو ٿي ويا هُئا. مَٿيان طبقا ڪاروباري هُئا ۽ اُهي مزدُورن ۽ هيٺين طبقن جي پئسي تي هر لحاظ سان زور تي حاوِي رهيا هئا. هاڻي مَشين هر شي ٺاهڻ لاءِ اِستعمال ٿيڻ لڳي هُئي گھرن ۾ ڪم ڪندڙ دَستڪار به روڊ رستن تي اَچي ويا هُئا؛ ڇَو ته مَشينون اُنهن دستڪارن کان هَزار ڀيرا وڌيڪ شيُون ٺاهڻ جي قابل هيون. اُنهي ڪري اُهي دَستڪار مجبُور ٿي ڪري هاڻي اُنهن ساڳين فيڪٽرين ۾ مَزدُوري ڪَرڻ لڳا هُئا؛ پَر تنهن باوجُود به شين جي ضرُورت وڌندي ٿي وَئي هُئي، جنهن کان پوءِ اُتي 1733ع ڌاري کان وڌيڪ مشينون ايجاد ٿيڻ لڳيون__۽ پوءِ خاص طور تي ٽيڪسٽائيل وارو ڪم گھڻو ۽ وڌيڪ ٿيڻ لَڳو هو. انهي ايجاد کان ڪافي وقت بعد 1779ع ۾“سموئيل ڪرامٽن” نالي هڪڙي ٻئي شخص پنهنجي اَيجادُن ذريعي اُن کي وڌيڪ آسان ۽ ڪارائِتو ڪيو؛ جنهن کان پوءِ ڌاڳي کان وٺي ڪپڙي ٺهڻ تائين وارو سَڄو ڪم مشين ڪرڻ لڳي هئي. هاڻي 1800ع ڌاري اُنهن ايجادن مان ٺهيل ڪپڙو وڏي مقدار ۾ بازارُن (Markets) ۾ اَچي ويو هو ۽ وڪرو ٿيڻ لڳو هو. اُنهي مَشينن جي استعمال سان برطانيه کي اهو فائدو به پيو جو خام مال کي ٺاهڻ سان گڏ هاڻي اُتي بجلي به گهڻي مقدار ۾ پيداٿيڻ لڳي__جنهن کان پوءِ پاڻي تي هلندڙ مَشِينُون به اَيجاد ڪيُون ويُون ۽ پاڻي وارين مشينن جي ڪري ڪافي ننڍا وڏا ڪارخانه تيز ندين جي ڪنارن تي ٺهڻ لڳا__جنهن کان پوءِ اتي ننڍا ننڍا شهر ٺهندا ويا؛ پر هاڻي ٻاڦ تي هلندڙ اِنجڻ جو به اُتي ڪم شروع ٿي چُڪو هو جنهن کان پوءِ ڪارخانه ندين جي ڪِنارن کان کڄي وڏن شَهرن ۾ پُهچي ويا هئا.
بَرطانيه ۾ وڏا شهر ٺهڻ لڳا هئا ۽ هاڻي اُتي روڊ رستن سان گڏ نَيڪال جو سسٽم تبديل ٿيڻ سان گڏوگڏ جديد به ٿيڻ لڳو هو. هزارين ماڻهو ڳوٺن کي ڇڏي شهرن جو رُخ ڪرڻ لَڳا هُئا؛ زندگي جيئڻ جي انداز سان گڏ اُتان جا فيشن تبديل ٿيڻ لڳا، سگريٽ پيئڻ ڀرم بنجي پيو هو، هر طرف هر ڪو پنهنجو پاڻ کي وڻائڻ ۽ خوشامدي واري چَڪر ۾ مَشغُول هُيو، اِخبارُون (Newspapers) ۽ رِسالا (Magazines)، ڪَهاڻِيُون (Stories) ۽ ڪتاب (Books) پڙهڻ ماڻهن جو شوق بڻجي پيو هو__اُن سان گڏ آمدَرفت آسان بڻجندي پئي وئي، سفر آسان ۽ آرامده ٿيڻ لڳو هو. “محبتون ڪنڊن کي گھيري چڪيون هيو”__هر هِڪ محبوب ۽ عاشق بڻجڻ لاءِ تيار هو، هر ڪَنهن وٽ زندگي جُون اڌُوريُون خُواهشُون ۽ اَرمان هُئا، هر ڪنهن جي دل ته خير خوش ڪان هُئي پر هر ڪنهن جي اک آلِي به نه هُئي؛ اُتي سڀ ڪجھ هيو به پر وري به ڄڻ گهڻين شين جي اڌوري پن جو احساس باقي هُيو. جديد سائنسي اسڪُول (Modern Scientific Schools) به ٺهڻ لَڳا هُئا ته لائبررين ۾ ويهي پڙهڻ جو رِواج به وڌي رهيو هو. تنهن باوجُود به ٻار فيڪٽرين ۾ ڪم ڪري پنهنجي زندگي جيئڻ جو وَسيلو تلاش ڪرڻ ۾ لڳل رهيا ٿي__صَنعت جو هي اُهو دور هو جنهن ۾ 1812ع دوران هڪ ٻار پيدا ٿيو، ڪنهن کي به اُن وقت اِهو اَحساس ئِي نَه هو ته اهو ننڍڙو ٻار اَڳتي هلي اُنهي دور جو بهترين لَيکڪ (Writer) يا ناول نگار (Novelist) ٿيندو__پر اُهو ئي ٿيو جو هڪ ڏينهن اُنهي صَنعتي دور ۾ چارلس ڊڪنز (Charles Dickens) کي پڙهڻ به هِڪ رواج بڻجي پيو هو!
7 فيبروري 1812ع ڌاري هڪڙي نيوي دفتر (Navy Office) جي ڪلارڪ جان ڊڪنز (Jhon Dickens) کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو هُن چَارلس ڊڪِنز (Charles Dickens) رکيو هو. چارلس ڊڪنز جو پي اَيترو امِير ته نه هو بس صَحيح نموني گَھر جا خرچ برداش ڪرڻ ۽ زندگِي گذارڻ جَيترو پَئسو هُن وٽ موجُود هو. چارلس ڊڪنز جي زندگي ٻاروَتڻ ۾ لَنڊن (London) جي شهر لينڊ پورٽ (LandPort) ۾ گُذرِي جِتي هُو ڄائو هو__اُنهي دَور جو صَنعتي اِنقلاب رَوان دَوان هو ۽ چَارلس ڊڪنز اُنهي ماحُول جي وچ ۾ پليو ۽ ننڍپڻ کان ئي اُنهي نِظام جو عادِي ٿِي چُڪو هو. انهي دور جو نهترين ناوِلسٽ هُجڻ سان گڏ؛ پنهنجي لِکڻين ۾، ڊِڪنز هميشه اُنهي دور جي صنعت، طبقن ۽ مزدوري واري نظام کي عنوان بڻائيندو لِکندو رهيو__پر اُن کان اڳ چارلس ڊڪنز جي ٻاروتڻ واري زندگي ڪا خاص بهتر ڪانه گُذري هئي___اُهو ان لاءِ ته جڏهن هي اڃا ٻار ئي هُيو تڏهن هِنجو پي قرضِي ٿي پيو ۽ قرض ادا نه ڪرڻ جي صُورت ۾ هُن کي جَيل موڪليو ويو هو .
جان ڊڪنز جي جيل وڃڻ کان پوءِ ٻين سڀني ڀيڻ ڀائرن ۾ هڪڙو چارلس ڊڪنز ئي هُيو جنهن کي پنهنجي ماءُ ايلزبيٿ جو قدر ٿيڻ لَڳو هو؛ ۽ هُن، تنهن وقت پنهنجي گهر جي مُعاشي بدحالِي کي محسُوس ڪندي هڪڙي فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ شُروع ڪيو هو. تڏهن هُنجي عُمر ٻارَنهن سال هُئي__پر بَعد ۾ پنهنجي پيءُ جي چَوڻ تي فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ کي ڇڏي وڃي لنڊن جي اسڪول (London School) ۾ داخلا ورتائين. هِي پندرهن سالن جي عُمر جو جڏهن ٿيو اُن وقت هُن کي هڪڙي وَڪيل جي آفيس ۾ پٽيوالَي جي نوڪري ڪرڻي پئجي وئي؛ پر اُتي هِن کي سُٺو ماحول پڻ مُيسر ٿي پيو هو ۽ چارلس ڊِڪنز اُتي ٿوري عَرصي دوران شارٽ هَينڊ (Short_Hand) لکڻ به سکي ورتو هو. تنهن باوجُود به هُن جي ذَهن ۾ خوف طاري هيو؛ ڇو جو ويهي ويهي ڪڏهن ڪڏهن هُن کي پنهنجا فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ وارا ڏُکيا ڏينهن (Hrad Time) به ياد اِيندا هئا.
هي هميشهه اُنهن ڏينهن کي ياد ڪري اداس ٿي پوندو هو ۽ تمام گهري خوف ۾ مُبتلا ٿي ويندو هو. اُنهي سوچُن واري ڪَشمُڪش جي ڪري ڊِڪنز سَدائين اڪيلو رهڻ پسند ڪندو هو__پر هاڻي هن پنهنجو ڪافي وقت ادب پڙهڻ کي ڏنو هو؛ جنهن ۾ هُو ٽُوبيا سومو ليٽ، هينري فِيڊلنگ (Henry Fiedling)، روبن سن ڪُروسو (Robinson Crusoe) ۽ الِف ليليٰ (Arabian Knights) جي لکڻِين کي گھڻو پَسند ڪندو هو.
1822ع چارلس ڊڪنز جي خُوش ٿيڻ جو سال هو؛ جڏهن هُن جي پيءُ کي وري نيوي واري نوڪري تي بحال ڪيو ويو هو__۽ بعد ۾ سواءِ چَارلس ڊِڪنز جي جان ڊڪنز پنهنجي سَڄي خاندان سان گڏ وڃي نيوي جي هَيڊ ڪُواٽر ۾ رهيو.
چارلس ڊِڪنز فِطرت جو کُلي اک سان مُشاهِدو (Analyse) ڪيو هو؛ ۽ هُنجا مُشاهدا هن جي زندگي جا ذاتي تجربا (Personel Experiences) پڻ هئا__معُاشراتي ماڻهو هُئڻ سان گڏ چارلس ڊڪنز کي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ به هاڻي گهري دلچسپي پيدا ٿيڻ لڳي هُئي__۽ اُن سان گڏوگڏ شارٽ هينڊ لکڻ جو فن ته هن ۾ اَڳ ۾ موجُود هو، تنهن ڪري ڪافي وقت بعد 1829ع ڌاري هي بنان معاوضي (Volunteerily) ڪورٽ ۾ رپورٽر بڻجي ويو هو؛ جنهن ۾ هي شارٽ هينڊ واري فن سان ڪيسن ۽ گواهِين کي اڇي پني ٿي اُتارِيندو هو.
1832ع ڌاري ڊِڪنز جي مُلاقات هڪ بئنڪ مَينيجر جي ڌي ماريه (Maria) سان ٿي جنهن سان هُن کي مُحبت ٿي وئي هئي__هاڻي ڊڪنز کي رَومانس کي سمجھڻ ۽ اُنهي عنصر کي پنهنجي پني تي اُتارڻ واري جذبي جي به خبر پئجي چُڪي هئي. هن کي لکڻ سان بي اِنتها مُحبت ٿي وئي هُئي ۽ 1832ع ۾ هن اِخبارُن لاءِ لکڻ شروع ڪيو هو؛ پر اُن دوران هن کي هڪ وڏو صدمو رسيو هو “اُهو هُنجو ۽ ماريه جو جدا ٿيڻ هو”__۽ اُنهي جو سبب هو ماريه جو پيءُ! جنهن ناپسندِي جو اِظهار ڪندي مَاريه کي ڊِڪنز کان رشتا ٽوڙڻ لاءِ ائين چيو هو ته “هي رشتو مون کي بِلڪُل به نٿو وڻي”.
ڊڪنز هاڻي اخبارن ۾ مضمُونن (Essays) لکڻ سان گڏ اَفسانا (Short Stories) ۽ گڏو گڏ قِسطن سان ناول (Novels) به لکندو رهيو__۽ پنهنجي لِکڻين ۾ سَدائين چارلس ڊڪنز پنهنجي زندگي جي عَڪس کي ڪردارن ۾ پيش ڪندي نظر آيو هو. هُنجي لِکيل (ناول) ڪتاب ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ (David Copperfield) جي نالي ائين به چيو وڃي ٿو، ته اهو چارلس ڊڪنز جي زندگي جي پنهنجي ڪهاڻي آهي.
چارلس ڊِڪنز جي پي کي ڪڏهن به هن جي ڏاهپ جو اَحساس نه هو ۽ نه ئِي ڪڏهن هُن چارلس ڊڪنز جي صلاحيتن کي ماپڻ جي ڪوشِش ڪئي هُئي. چارلس ڊڪنز جا ڀائر هن کي رولُو ۽ ناڪاره سمجھڻ لَڳا هُئا پر بعد ۾ جڏهن هن لکڻ شروع ڪيو ۽ هن وٽ پئسو اَچڻ لَڳو تنهن وقت هنجو پي ۽ هن جا ڀائر هنجو پاسَو وٺڻ لَڳا هُئا.
1835ع دَوران ٻيهر ڊڪِنز جي مُلاقات هڪڙي ٻي عورت ڪيٿرين هوگارٿ (Katherine Hogarth) سان ٿي ۽ هڪ دفعَي ٻيهر چارلس ڊِڪنز کي انهي مائِي سان مُحبت ٿي وئي، جنهن کان پوءِ 1836ع ۾ ٻنهي شادي ڪري ڇڏي. اُنهي دوران هاڻي چارلس ڊڪنز اَدب جي عروج کي ڇُهندو ٿي ويو هو؛ ۽ اُن مَهل تائين چارلس ڊڪنز جي تَخليق ڪيل ناول پِڪ وِڪ پيپر (PicWick Paper) هن کي هڪڙي نئين سڃاڻپ ڏني__هاڻي اُنهي لِکيل ڪِتاب جي ڪاميابي کانپوءِ چارلس ڊِڪنز عَهد ڪري ڇڏيو هو ته “مون کي هاڻي ناول_نگار (Novelist) ئي ٿيڻو آهي”.
اُنهي کان پوءِ چارلس ڊِڪنز 1839ع ڌاري هڪ ٻيو ناول اوليور ٽُوِسٽ (Oliver Twist) لِکِي مُڪمل ڪيو هو__۽ هاڻي ڊِڪنز ناوِل لکڻ سان گڏوگڏ اَخبار ۾ اَيڊوٽوريل لکڻ وَاري ڪم کي به جاري رَکيو__پر اُنهي سال هن اَخبار ۾ لکڻ واري نوڪري تان اِستعيفا ڏئي ڇڏي هئي ۽ پنهنجو پورو ڌيان ناوِل نِگاري ۽ اَدب کي ڏنائين. چَارلس ڊِڪنز يُورپ جي اُنهي دَور جي عَڪاسي ڪندي ۽ لکندي اُتان جو بَيسٽ سَيلر (Best Seller) ۽ مُعتبر ليکڪ بڻيو.
1840ع دوران چارلس ڊِڪنز جا ناول يورپ جي ڪيترن ئي مُلڪن تائين پَبلش ٿيندا رهيا پر اُنهي دَوران هُن کي هڪڙي ڳالهه ڏاڍو پريشان ڪيو هو؛ اَهو ائين ته يُورپ ۽ آمريڪا جي ڪُجھ پَبلشرن ڊِڪنز جي لکيل مَواد کي غَير قانُوني طور ڇپرائي اُنهن جو وِڪرو ڪري ڪمائڻ لَڳا هئا؛ جنهن جي رَائِلٽِي چارلس ڊڪنز کي نَصيب ڪا نه ٿيندي هُئي. تنهن کان پوءِ 1842ع ۾ چارلس ڊِڪنز ڪئنيڊا ۽ آمريڪا وڃي اُتان جي پَبلشرن سان مِليو ۽ قانُوني طور اُنهن کي پنهنجي مَواد ڇاپڻ جي تَلقِين ڪيائين؛ اُتان موٽڻ کان پوءِ چارلس ڊڪنز هِڪڙو ٻيو ناول ڪرسمس ڪيرول (Christmas Carol) لِکي پُورو ڪيو هو_جيڪو اُن وقت ماڻُهن کي تمام گھڻو وڻِيو ۽ وڏي تعداد ۾ اُن جي کَپت ٿي.
ساڳَي سال اُنهي ناوِل جي پَبلش ٿيڻ کان پوءِ چارلس ڊِڪنز پنهنجي خاندان سان گڏ اِٽلي گُھمڻ ويو ۽ تنهن کان پوءِ سُئيزلَينڊ ۽ فرانس به ويو؛ ۽ 1844ع ۾ هُو اُتان موٽي لَنڊن آيو پر اَلاهي ڇو 1845ع ۾ هڪ سال کان پوءِ وري وڃي اِٽلي ۾ رهيو ۽ اُتي ئي هن ڊيلي نيوز (Daily News) نالي هڪڙي اَخبار ڪَڍڻ شُروع ڪيو، جنهنجو ڪافي وقت هُو پاڻ ئي اَيڊيٽر (Editor) به رهيو__تنهن کان پوءِ هُن اٽلي کي الوِداع ڪيو ۽ وڃي سُئيزرلينڊ ۾ رَهيو ۽ اُتي رهڻ دوران هُو مُختلف مَئگزَينس ۾ لِکندو رهيو.
چارلس ڊڪنز وٽ زندگي جا ڪيترائي تَجرُبا هئا جيڪي هُن پنهنجي ڪهاڻِين ۽ ناوِلن ذريعي پَيش ڪيا هئا! پر تنهن باوجُود به هُن پنهنجي زندگي جي ڪٿا کي ڪهاڻي جو رُخ ڏئي پنهنجي ناول ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ ۾ کولي لِکيا__جيڪو هُن سَن 1849ع ڌاري لِکِي پُورو ڪيو هو. چارلس ڊِڪنز جي وڏي مصروفيت ۽ وِندر ناول نگاري سان گڏوگڏ اخبار نويسي به هئي؛ جنهن بعد 1849ع کان پوءِ چارلس ڊڪنز لڳاتار مختلف اخبارن ۾ هڪ ڪالم نِگار ۽ اَيڊيٽر جي حَيثيت سان به پنهنجُون خدمتُون سَر اَنجام ڏِيندو رَهيو.
1853ع ڌاري چارلس ڊِڪنز پنهنجي دوست وِڪي ڪُولن (Vicky Colins) سان گڏ ٻيهر اِٽلي گُھمڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ واپس اَچڻ تي ڊِڪنز ٻه ٻيا ناول لِکڻ شُروع ڪيا هُئا__هڪڙو بِليِڪ هائوس (Bleak House) ۽ ٻيو گريٽ دَ ايڪسپيڪٽيشن (The Great Expectations) جيڪي قسطوار مئگزين ۾ ڇپيا؛ ۽ بعد اهي ناول ۾ ڪتابن جي صُورت ۾ پَبلش پڻ ٿيا هُئا. تنهن کان پوءِ چارلس ڊِڪنز پنهنجي خاندان سان اِٽلي ۾ رهيو (جيڪي پهريان ئي اٽلي ۾ موجود هئا) ۽ جتان اُهي وري هڪ دفعي ٻيهر اٽلي ۽ پَئرس ڏانهن گھُمڻ لاءِ روانا ٿيا هُئا___۽ اتي هُن پنهنجي ٻئي ناول لٽل ڊارئِٽ (Little Doriat) تي ڪم ڪيو. 1856ع ۾ ڊڪنز جي دوست وِڪي ڪُولن ۽ هِن گڏجي هڪڙي ڊرامي فِورزن ڊِيپ (Frozen Deep) تي ڪم ڪيو. ٻنهي جو اهو ڊرامون لِکڻ اُن وقت راڻي کي خراج تحسِين پيش ڪرڻ هو؛ ۽ اُنهي دوران چارلس ڊڪنز ايلين ٽرنِن (Alen Ternan) جيڪا اُن ڊرامي ۾ خاص عورت جو ڪردار اَدا ڪرِي رهي هُئي تي فِدا ٿي پيو؛ جنهن بعد ٻنهي کي هڪٻئي سان مُحبت ٿي وئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ذِهني هَم آهنگِي ٻنهي کي تمام گھڻو ويجھو وٺي آئي هُئي___خَيالي طور بِه ته جِسمانِي طور به!
1858ع وارو سال چارلس ڊڪنز لاءِ تمام پَريشانين وارو سال ثابِت ٿيو هو؛ جنهن ۾ ڊِڪنز جو پنهنجي ليکڪ دوست ٿيڪري (Theckray) سان دوستي وارو ناتو ٽُٽي پيو هو__۽ اُنهي جو سَبب به ٻنهي جي ادبي دُنيا اَندر هِڪٻئي سان ناپوتِي هُئي. پر اُن کان وڏي پريشاني اِها ٿي جو؛ چارلس ڊڪنز ۽ هن جي زال جي وچ ۾ محبت ۽ اعتبار جو دَم ٽُٽي پيو هو، جنهن بعد ٻنهي هڪٻئي کي طلاق ڏئي ڇڏي هُئي. زندگي جي اَهڙن اوچتن حالتُن چارلس ڊِڪنز کي جَذباتي طور پريشان ۽ بيگانو بڻائي ڇڏيو هو__۽ في_الحال ڪافي وقت ته هُن کان ڪو به ڪم ڪرڻ نه پئي پُڳو. تنهن باوجود؛ ڊڪنز پنهنجي پاڻ کي سنڀالڻ جي ڀَرپُور ڪوشش ڪئي هُئي، پر پوءِ به هي پنهنجي پراڻي لکيل ناول ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ کي وري وري پڙهڻ لَڳو هو جنهن ۾ شايد هُنجي پنهنجي حقِيقي زندگي جو عَڪس سمايل هو.
1860ع ڌاري چارلس ڊِڪنز اِنگلينڊ (England) ۾ ترسِيل هو؛ جتي هُن هڪڙو هفتيوار (Weekly) مئگزين يِيئر رائونڊ (Round Year) جي نالي سان ڪڍڻ شُروع ڪيو هو؛ ۽ ان کان علاوه ساڳي اخبار ۾ هُن پَنهنجي ناول دَ گريٽ ايڪسپڪٽيشنز کي به قِسطوار لکيو هُئائين__ان کان علاوه هاڻي ڊِڪنز باضابِطه طور ماڻهن جي وِچ ۾ اَچڻ لَڳو هو، ۽ هن کي پنهنجي دوست ٿيڪري کان وِڇڙڻ تي جو به بَيحد اَفسوس هو__جنهن کان پوءِ ڊڪنز وِيڇن کي وساري ٿيڪري سان پنهنجي دَوستي کي ٻيهر بَحال ڪيو ۽ اُن وٽ وڃي سندس معافي گھريائينس. 1864ع تائين ڊڪنز لَنڊن ۽ يُورپ جي ٻين ملڪن کان ويندي پَئرس تائين پبلڪ ريڊنگس (Public Readings) ڪندي مصروف رهيو ۽ انهي مصرُوفيتن ڊِڪنز جي صَحت تي طبيعتُن ڪافي ناڪاري اَثر وڌو ۽ هاڻي هُن جي صحت بگڙڻ لَڳي هُئي__جنهن جو سَبب لَڳاتار ڪم ڪرڻ ۽ ٿڪجڻ هو.
1865ع وارو سال ڊِڪنز لاءِ تمام خراب ثابت ٿيو هو؛ جڏهن هي پنهنجي محبُوبه اَيلن ٽَرنن (جنهن جي محبت ۾گرفتار ٿي ڊڪنز پنهنجي اڳين زال کي طلاق ڏئي ڇڏيو هئو) سان جڏهن پئرس کان واپس اچي رهيو هو؛ ته جنهن ريل ۾ ڊڪنز ۽ هن جي محبوبه ٻَئي سوار هُئا اُها ريل پٽڙِي تان لهي وئي هُئي__جَنهن ۾ ڪافي مُسافرن سان گڏ ڊِڪنز به زَخمي ٿي پيو هو. اُنهي حادثي کان پوءِ ڊِڪنز کي ڊاڪٽرن طرفان آرام ڪرڻ جو چيو ويو هو ۽ هُنن ڊِڪنز کي هُن جون سڀ اَدبي مشغُوليُون ختم ڪرڻ جي صلاح ڏني هُئي__پَر ڊِڪنز؛ ڊاڪٽرن جي صَلاحُن کي نظر انداز ڪندو ويو ٿي، ۽ پنهنجي ڪمن ڪارن ۾ مصروف رهندو ٿي آيو هو__تان جو 1868ع ڌاري هنجي صحت وَيتر تمام گھڻي خراب ٿيندي وئي، پَر اُن باوجود هُن انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ (Scotland) ۽ آئر لينڊ جا دورا ڪيا. چارلس ڊڪنز کي هاڻي اِهو محسُوس به ٿيڻ لڳو هو ته سندس حافِظو ساٿ ڏيڻ ڇڏيندو پيو وڃي! پر اُن باوجُود هُن ڪُجھ وَڌِيڪ ڪرڻ ٿي چاهيو هو.
1870ع ڌاري ذهني ۽ جِسماني طور ڪمزور ۽ بيمار هُوندي به هُن پنهنجي ناول ايڊون ڊرُوڊ (Edwin Drood) تي ڪم ڪرڻ شُروع ڪري ڏنو هو! ۽ شايد هُن پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي لکڻين سان مُعاهدو ڪيو هو جو ايڊون ڊوُرڊ ناول کي پوري لِکڻ جي هُن خواهش ڪئِي هُئي__پَر هُن 9 جون 1870ع ڌاري اُنهي کي لِکڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ جيڪو پورو نه ٿي سگهيو هو__۽ 14 جون 1870ع ۾ ڊڪنز فانِي جَهان (Mortal Universe) کي الوِداع ڪيو؛ وفات کان پوءِ هُن کي وڏي اَعزاز سان ويسٽ مِنسٽر ابي (West Minster abbey) ۾ دفنايو ويو هو__ڊِڪنز اُنهي صنعتي دور تي ناول لکيا اُنهي دور کي جياريو هو ۽ پنهنجي زندگي لِکڻين کي سونپي ڇڏيو هُئائين. هُن ڪافِي ناول لِکيا هُئا پر هنجو گھڻو پڙهجيو ويندڙ ناول ٻن شهرن جي آکاڻي (A Tale of Two Cities) کي گھڻي مقبُولِيت ملي هئي ۽ اَدبي دنيا (Literary Arena) ۾ اَڄ تائين پڙهيو ۽ پَسند ڪيو ويندو آهي.
اڳتي هَلي ڪري اَسان ٻن شَهرن جِي آکاڻي (A Tale of Two Cities) کي مُختصر پڙهنداسين پَر اُن کان اَڳ اَسان ڊڪنز جي ٻين لکڻين کي به هت هَلڪِي نظر ضرُور پڙهنداسِين .

[b]اَوليِوَر ٽُوِسٽ Oliver Twist
[/b] چارلس ڊڪنز جو هي ناول 1838ع ۾ شايع ٿيو هو؛ جَنهن ۾ هُن اُنهي دور جي ڏوهن واري دُنيا کي پَنهنجي ناول جو موضُوع بڻايو هو__جَنهن ۾ ڏوهاري ماڻهو پنهنجي مُعاشِي مُفادن خاطر ننڍڙن ٻارن جي زندگِين کي يَرغمال بڻائي اُنهن کي چوري ۽ کِيسا ڪٽِڻ جا فن سيکاري پاڻ آرام سان تماشو ڏِسن ٿا. جنهن ۾ اَولِوَر نالي هِڪڙو يتيم خانَي مان ڀَڄي نڪرندڙ ٻار هڪڙي ڏوهاري گُروپ جي وَر چڙهي چَور بڻجي وِيندو آهي ۽ اُنهي ناوِل ۾ ڊِڪنز اُنهي دَور جي ڏوهارين جي زندگِين، انهن جي فن ۽ ڏوهن کي ڀَرپُور حقِيقت واري انداز ۾ کولي بَيان ڪيو آهي. اُن کان عِلاوه اُنهي ڏوهن جي ڌنڌي ۾ اُنهي دور جي نسل جي بگڙجندڙ زندگين کي به هُن سَچائي ۽ صَفائي سان بيان ڪيو آهي .
ڊَيوِڊ ڪَاپَر فِيلڊ David CopperField
چارلس ڊِڪنز جو هي ناوِل شادِي وارِي زندگي جي موضُوع جِي عَڪاسِي ڪري ٿو؛ اِهو ناوِل 1849ع ۾ شايَع ٿيو هو، جنهن ۾ ڏسيل آهي ته صنعتي دور ۾ پئسي جي کوٽ شادي شُده زندگين تي به ڪِيئن ناڪارِي اَثر وِجھي ٿو_جنهن ۾ ڊيوڊ نالي هڪ شخص زندگي جي ڏکيائين کي مُنهن ڏيندو آخر ڊورا (Dora) نالي عورت سان شادي ڪري ٿو؛ پر اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ هَم آهنگي پيدا نه ٿيڻ ڪري شادي ناڪام بڻجي وِيندي آهي__۽ آهسِتي آهسِتي سَندن مُحبت به خَتم ٿِي وِيندي آهي__ڊيوڊ ۽ ڊورا کان علاوه اُنهي ناول ۾ ٻين شادي شُده جوڙن جي شادي شُده زندگين جي عَڪس کي به چٽيو وَيو آهي؛ جنهن ۾ سَمُورن مَسئلن جي جڙ، ڊِڪنز، بَيگانگِي ۽ مُعاشي اَڻهُوند کي ڄاڻايو آهي .

[b]دَ گِريٽ اَيڪسپيڪٽيشَنز Great Expectations
[/b] چارلس ڊڪنز جو هي ناول 1861ع ۾ مڪمل طور تي شايع ٿيو هو؛ جنهن ۾ هُن صَنعتي دور جي ماڻهن جِي نفسيات کي عَڪس ڪندي هر مسئلي جو حل پئيسي کي قرار ڏنو آهي__جنهن ۾ پِپ (Pip) نالي هِڪڙَي ڇَوڪرَي کي “ايسٽيلا” سان مُحبت ٿي ويندي آهي؛ پر پِپ هِڪڙي لوهَار جو پُٽ آهي جيڪو خوفزده هوندو آهي ته “ڇا ايسٽيلا مونکي منهنجي غربت باوجود به چاهيندي يا نه”! يَعني مُحبت کان وٺي رشتن ۽ هر جاءِ صرف پئسو ئي آهي جيڪو ماڻهو جي هر نَفسِيات جو عِلاج ڪرڻ لاءِ هِڪ ٽِڪ آهي__اُنهي دور ۾ پئسي وارَو هُجڻ به هڪ فيشن ۾ شمار ٿيندڙ عَمل هو؛ جتي پوءِ پِپ به هاڻي ذهن ۾ خيال جوڙي وٺندو آهي ته ڇا به ٿي پوي پر پئسو ڪمائڻو آهي! پئسي کي موضوع بڻائيندي حقيقي غُربت وارِي زندگي کي چارلس ڊڪنز حقيقي رُوپ ۾ ڀرپور نموني عڪس ڪندي نظر اچي ٿو.

[b] ڪِرسمَس ڪَيرَول Christmas Carrole
[/b] چارلس ڊِڪنز جو هي ناوِل 1843ع ۾ شايَع ٿيو هو؛ جنهن ۾ هُن “ٻين کان نفرت ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي ٻين کان اعليٰ تر سمجھڻ” واري موضوع جي نشاندهي ڪئي آهي__اِسڪروج نالي هڪڙو شخص جيڪو ڪنجُوس ۽ پنهنجو پاڻ کي دنيا کان ڪٽيل ۽ اَلڳ سَمجھڻ لَڳندو آهي؛ هُن کي مُعاشري جي هر ماڻهو جي سَوچ کان چِڙ هُوندي آهي. اَيتري قدر جو هُن جو پَنهنجي ڀائٽَي ۽ ٻين رشتيدارن سان به ڪا به هَم آهنگي ناهي رهندي__پر هِڪڙي ڏِينهن ڪِرسمس کان موٽندي هُن کي رُوحاني طاقتن وسيلي پنهنجي اندر کي سُڃاڻڻ ۽ ٻين ماڻهن سَان هَم آهنگي پيدا ڪرڻ جو خيال پيدا ٿي ويندو آهي! ۽ هُن کي اُن کان علاوه اِهو اَحساس به ٿِيندو آهي ته دُنيا عارضِي آهي تنهنڪري جيترو ٿي سَگھي اُنهي کي سُٺو ۽ سَخِي ٿي گذارجي؛ اُن کان علاوه ڊِڪنز جو سَخاوت ۽ هم آهنگي ۾ حقيقي موضُوع مُعاشري ۾ حقِيقي مُحبت ۽ بَرداشت جو واحِد سَبب آهن .
چارلس ڊڪنز جي سَڀني ناولن جو ڄَڻ ڏِسجي ته حقِيقي مَوضُوع غُربت ئي رَهيو آهي؛ پر اُن بَاوجُود به هُن ۾ غُربت سان گڏ مُحَبت، قُربانِي، اَخلاقيات کي مُوضوع طور کڻي هلڻ جو فن هو! جنهن کي ٿورو وَڌيڪ بهتر نمُوني سَمجھڻ لاءِ اسان ڊِڪنز جي لکيل ناول ٻن شهرن جي ڪهاڻي (A Tale of Two Cities) کي ٿورو تفصيلي نَظر سان پَڙهنداسِين .
ٻِن شَهرن جِي ڪَهاڻي A Tale of Two Cities
چارلس ڊِڪنز اِهو ناول 1859ع دوران پنهنجي مئگزين ۾ قِسطوار لِکڻ شُروع ڪيو هو؛ جنهن ۾ ڊِڪنز بَغات (Rebellion)، محبت (Romanse)، رشتن ۽ سچائي جي موضُوع (Theme) کي فرانس جي انقلاب سان گڏ کڻي ڪري، اُن مهَل اُتي پيدا ٿيندڙ ماحول جي گَرمجوشِي ۽ بَعد ۾ سڊني ڪارٽن (Sideny Craton) جي قرباني واري انداز کي ڀرپُور نَموني پَڙهندڙن آڏو وڏي صَفائي سان پيش ڪرڻ وارو فرض نڀائيندي نظر اچي ٿو .
هي ناوِل جَڏهن شروع ٿئي ٿو اُن وقت هڪڙو واپاري جيڪو لنڊن کان پئرس ڏانهن روانو ٿئي ٿو؛ اُهو اُن لاءِ ته اَرڙنهن سال اڳ فرانس جي هِڪڙي ڊاڪٽر کي بنا سَبب فرانَس جي بيسٽائيل قلعي (Bastile Tower) جي جيل اندر رکيو ويو هو__جيڪو بَعد ۾ ويهن سالن کانپوءِ بنا سَبب ۽ ڳالهه ٻولهه جي آزاد ڪيو وڃي ٿو. تنهن کان پوءِ هُو پنهنجي پراڻي نوڪر ارينسٽ ڊيفريج (Earnest Defrage) وٽ رَهندو آهي. اُهو واپاري جيڪو لنڊن کان پئرس طرف روانو ٿئي ٿو__اُن جو نالو لوري آهي جيڪو قيد ۽ آزاد ٿيل ڊاڪٽر جو دوست هو. لوري جو پئرس وڃڻ جو مَقصد صِرف ۽ صِرف پنهنجي دوست ڊاڪٽر مَينيٽ (Dr: Mannate) کي واپس لنڊن وٺي وڃڻ آهي؛ جتي ڊاڪٽر جي ڌي مس مينيٽ (Mis Mannate) پوين ارڙهن سالن کان پنهنجي پي جو انتظار ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر مينيٽ جنهن ارڙنهن سال اڳ پنهنجي ڌِي کي لوري وٽ پالنا لاءِ ڇڏيو هو ۽ جيڪا هاڻي ارڙنهن سالن بعد هڪ خوبصورت، جوان ۽ حسِين ڇوڪري بڻجي چڪي هئي .
لوري چاهي پيو ته ڊاڪٽر مينيٽ کي لنڊن وٺي وڃي سُک واري زندگي گذارڻ جو شرف کيس ڏجي ۽ هوڏانهن ڊاڪٽر مَينيٽ قيد دوران (نظربند) پاڻ کي مصُروف رکڻ لاءِ پنهنجو گھڻو وقت بُوٽ ڳنڍڻ ۽ پنهنجي اُونداهي ڪَمري ۾ خُواهمخواه هَيڏي هوڏي گھُمڻ ۾ صِرف ڪري ڇڏيندو آهي__يَعني ڊاڪٽر تمام رحم واري زندگي گذاريندو آهي “پوراارڙنهن سال”!!!
لورِي ۽ ڊاڪٽر جي ڌي لوسي (مس مينيٽ) جي ڪوشش سان ڊاڪٽر انهي قيد مان آزاد ٿي لنڊن پهچندو آهي؛ جِتي هُن جي ڌي هُنجو ڀرپور خيال رکندي آهي. ڊاڪٽر جي صحت به بحال ٿي ويندي آهي ۽ هو عام روز مره جي زندگي ۾ وري پير پائيندو آهي ۽ پاڻ کي مڪمل آزاد سمجھندو آهي .
هي ڪهاڻي 1775ع جي پَهلو کان شُروع ٿيندو آهي؛ ۽ هاڻي ڊاڪٽر جي انگلينڊ پهچڻ بعد 1780ع تائين ڊاڪٽر پنهنجي ساڳي زندگي سان جڙي ويندو آهي___هن جي ڌي جنهن کي ارڙنهن سال اڳ هُن پنهنجي دوست وٽ پالنا لاءِ ڇڏِيو هو اُها به جوان ۽ سونهن جي شهزادي بڻجي پئي هئي. لوسي ۽ ڊاڪٽر جي محبت ڌِي ۽ پي جي رشتي جو مِثال هوندو آهي. ڊاڪٽر آزادي کان پنج سال بعد وري ساڳيو ڌَنڌو اَپنائي ڊاڪٽر بڻجي وِيندو آهي ۽ لوسي پنهنجي ننڍڙي گھر سوهو (Soho) واري عِلائقِي ۾ گُذاريندي آهي. اُن کان عِلاوه لَوري جَيڪو ڊاڪٽر جو دَوست آهي، اُهو به هاڻي هِنن جي خاندانِي زندگي جو حِصو بڻجي ويندو آهي .
اُنهي دوران هِڪڙي ڪَيس جي گواهِي لاءِ ڊاڪٽر ۽ لُوسِي کي ڪورٽ ۾ گھرايو وِيندو آهي. اُهو ڪيس اِنقلاب سان غداري جو ڪَيس هُوندو آهي؛ جيڪو چارلس ڊارني (Chales Darney) نالي شخص تي دائِر ٿيل هوندو آهي__چارلس ڊارني فرانس جي اعليٰ خاندان اَيوَر مَونڊِس خاندان جو فرد هوندو آهي__۽ هَوڏانهن فرانس ۾ مزدُورن جو اِنقلاب به روان دوان هوندو آهي__جِتي شاهي خاندان سان تَعلُق رکندڙ هر ماڻهو جو سِر ڌَڙ کان ڌار ڪري اُنهن کي موت جي ننڊ سُمهاريو ويندو آهي. اِهو انقلاب مزدورن جوانقلاب هُوندو آهي جيڪي هاڻي پنهنجي ٿيل اِستحصال جو پلاند ڪري رَهيا هُوندا آهن.
اُنهي ڪَيس جي گواهي دوران چارلس ڊارني جي مُلاقات لوسي يعني ڊاڪٽر مَينيٽ جي ڌِي سان ٿي ويندي آهي، جَنهن کان پوءِ ٻنهي جي مُحبت ٿي ويندي آهي .
اُنهي دوران هِڪڙو ٻيو ڪردار ظاهر ٿيندو آهي؛ سِڊني ڪَارٽن، جيڪو پَيشي جي حوالي سان وڪِيل هوندو آهي؛ اُنهي وڪِيل جِي به لُوسي سان مُحبت ٿي ويندي آهي. پَر لُوسي پنهنجي جَذبن جو رُخ چارلس ڊارني طرف موڙي ڇڏيندي آهي ۽ سِڊني ڪَارٽَن جي اظهار تي لوسي هن کي سڌو اِنڪار جو جواب ڏئي ڇڏيندي آهي
چارلس ڊارنَي ۽ لوسي شادي جو فيصلو ڪندا آهن ۽ شادي واري ڏينهن چارلس ڊارني ڊاڪٽر کي هڪ راز ٻڌائيندو آهي ته “مان فرانس جي اعليٰ خاندان جو فرد آهيان ۽ مان هن وقت فرار ٿي لنڊن ڀڄي آيل آهيان ۽ مُنهنجو تعلق فرانس جي اعليٰ خاندان اَيورمونڊس سان آهي” اهو ٻڌي ڊاڪٽر جا حَواس کن پل لاءِ ته ٺپ ٺري ويندا آهن! ڇو ته ايورمونڊس اُهو ئي خاندان هو جنهن ڊاڪٽر کي اَرڙنهن سال بنا سَبب جَيل ۾ رَکيو هو ۽ انهن فرانس (پئرس) ۾ هر ماڻهو تي ظلم ڪيا هُئا؛ ۽ هاڻي اُتي عام ماڻهن جي بَغاوت اَيورمونڊس خاندان جي خلاف هئي__جيڪو به اُنهي خاندان جو فرد اُنهن کي هٿ چڙهِيو اُنهي جو سِر ڌڙ کان ڌار ڪيو ٿي ويو. اُنهي ڪري چارلس ڊارني فرانس ڇڏي لَنڊن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پهچي ويو هو؛ جِتي هن کي بعد ۾ ڪورٽ ۾ به گھُرايو ويو هو؛ پر لُوسي ۽ ڊاڪٽر جي اَڻڄاڻائي واري گواهِي تَحت هُن کي آزاد ڪيو وِيندو آهي ۽ اُنهي دوران هُنجِي لوسي سان هاڻي شادي به ٿي ويندي آهي.
ڊاڪٽر کي چارلس ڊارني جي اُنهي خبر ۽ راز سوچڻ تي مجبُور ڪري ڇڏيو هو! پَر ڊاڪٽر چارلس کي هُن جي خاندان کان اَلڳ ۽ صَحيح ماڻهو جي حيثيت سان پنهنجي گھر جو فرد بڻائي ڇڏيندو آهي__۽ پراڻين خاندانِي ڳالهين تي سوچڻ کي هُو فضُول سمجهي اُنهن کي درگُزر ڪري ڇڏيندو آهي!
اِهو هيو لنڊن جو احَوال، پر فرانس يعني پئرس ۾ ڇا صُورتَحال هُئي؟ لنڊن ۾ ته ڊاڪٽر، لوسي ۽ ڊارني خوشحال زندگي گذاري رهيا هئا، پر پئرس جو حَشر ڪُجھ ٻيو هو! جتي بَغاوت چوٽ چڙهيل هُئي ۽ اُها بغاوت ڊارني جي خاندان خلاف هُئي__جِتي پئرس جو اعليٰ خاندانن عوام جو خيال نه ڪندا هُئا؛ جيڪڏهن ڪو به مقامي ماڻُهو اُنهن جي ٽانگي (بَگِي) هيٺان غلطِي سان اچي ويندو هو، ته اُهي اُنهي کي چيڀاٽي ماري هليا ويندا هئا؛ جنهن جو رَدِ_عَمل اِهو نڪتو ته پئرس جا ماڻهُو پاڻ ۾ گڏجي ويا، ۽ هُنن بغاوت جو اَعلان ڪَري ڇڏيو هو_اِنقلابي گرُوپ جُڙي چُڪا هئا! ۽ اُنهي گرُوپ ۾ اِنقلابي ماڻهو هڪٻئي کي “جَيڪيُوز” جي نالي سان سُڃاڻيندا هئا
اُهو ڳوٺ جِتي اَيوَرمَونڊس خاندان رَهندو هو اُتي هڪڙي باغِي ماڻهو يعني؛ اُنهي خاندان جي رخوالِي ڪندڙ ماڻهو مارڪيُوز (اعليٰ خاندان جو سردار) کي ماري وجهي ٿو، ۽ هَاڻي ڳوٺ ۾ رَهندڙ ماڻهُن نئين کان نئين مارڪيُوز جي گھر ڪئي هُئي ڇو ته اُتي جي مارڪيُوز يَعني اُنهي ڳوٺ جي چڱي مڙس (اڳواڻ) جو لقب هو__جيڪڏهن هِڪڙو مارڪيُوز (چڱو مُڙس) مرندو هَو ته اُنجي جاءِ تي ٻيو مارڪيُوز اُن ڳوٺ (علائقي) جي رخوالِي ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويندو هو. ماڻهُن اَيورمَونڊس خاندان جي آخِري وارِث کي به ختم ڪرڻ پيا چاهن__۽ اُهو آخري وارث چارلس ڊارنَي ئي هو جنهن جي هاڻي لنڊن ۾ ڊاڪٽر جي ڌِي لوسي سان هاڻي شادي ٿي هئي!
ايورمونڊس خاندان جو داروغو لنڊن هِڪڙو خط اُماڻيندو آهي، ۽ اُنهي خط لکڻ کان پوءِ باغِي ماڻهو (جَيڪيُوز) داروغي کي جيل ۾ وجھي ڇڏيندا آهن__۽ هاڻي اِنتظار ڪندا آهن ته نئون مارڪيُوز يَعني اعليٰ خاندان جو آخرِي فرد ۽ وارِث (چارلس ڊارني) اَچي ته اُن کي پڪڙي اُن جو سِر ڌڙ کان ڌار ڪجي، يَعني مارڪِيُوز کي ماري چوڻ لڳا هُئا ته “اسان کي هي پسند نه هو ۽ اسان کي نئون مارڪيوز کپي”، جنهن تي پوءِ اُهي باغي خوُد گڏجي داروغو کان چارلس ڊارني ڏانهن خط لکرايو هُئائونس__خَط لکِرائڻ بعد اُنهن باغِين جو مَقصد چارلس ڊارنَي کي گھُرائي عَدالت ۾ ڪَيس هَلرائي هُنجو سر ڌَڙ کان ڌار ڪرائڻ هو__خط جڏهن چارلس ڊارني کي مليو ته هُو ڊاڪٽر ۽ پنهنجي زال کي آگاه ڪرڻ بغير لنڊَن کان پَئرس اچي پُڄندو آهي؛ جتي باغي هُن کي انهي شهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ئي پڪڙي اچي جَيل ۾ بند ڪندا آهن__هَوڏانهن ڊاڪٽر ۽ لُوسِي کي به خبر پئجي ويندي آهي ته پئرس ۾ چارلس ڊارني کي پڪڙي جيل ۾ رکيو ويو آهي__تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر مَينيٽ ۽ لُوسي اَچي پئرس پُهچندا آهن! .
ڊاڪٽر پَئرس اچي ڪورٽ ۾ وڃي جذباتي درخواست ڪندي چوندو آهي ته “مُنهنجي ڌي جِي مڙس کي آزاد ڪيو وڃي!!” ڊاڪٽر ڪورٽ کي اُن وقت ٻڌائيندو آهي “هي مُنهنجو نِياڻو آهي ۽ اَهڙي ڪنهن به خاندان سان هن جو تعلق ناهي” اَهڙي درخواست ۽ شڪ جي بنيادن تي جَج چارلس ڊارني کي آزاد ڪندو آهي؛ پر حُڪم جاري ڪري ڇڏيندو آهي ته “جُستجو جاري رکي، اِهو مَعلُوم ڪريو ته ڇا واقعي چارلس ڊارني پئرس جي اَيورمونڊس خاندان جَي اولاد مان ناهي ناهي”!
بغاوت جو وِچون دور جاري هو__ڊاڪٽر ۽ لُوسي چارلس ڊارني جي آزادِي تي بَيحد خُوش هئا پر اها خوشُي مُختصر هُئي! جو چارلس ڊارني کي ٻيهر حِراست ۾ وٺي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو! اهو ان لاءِ ته ڊاڪٽر جو پئرس ۾ رهندڙ پراڻو ملازم “ارينيسٽ دفيريج” جا پڪين گواهِين ۽ ثبوتن وارا بيان، چارلس ڊارني کي اعليٰ خاندان ايورمونڊس جي اولاد ثابت ڪندا آهن__جنهن تي ٻيهر ڊاڪٽر مَداخلت ڪرڻ جي ڪَوشِش ڪَندو آهي، پر ناڪام ويندو آهي!
هاڻي چارلس ڊارني جو سر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ جو حڪم جج ڏئي ڇڏيو هو!__ڊاڪٽر ۽ لوسي بي حال ۽ ناڪام ٿي ويا هئا پر اتي سِڊني ڪَارٽَن، لوُسي جو پراڻو ۽ ناڪام پُراڻو عاشق به لنڊن کان پئرس پُڄي ويندوآهي! جيڪو لُوسي وٽ پُهچڻ شرط ئي هُن سان واعِدو ڪندو آهي ته “مان تنهنجي مُحبت چارلس ڊارنَي کي ڪڏهن به مرڻ نه ڏِيندُس”.
سِڊني ڪارٽن جَيل ۾ وَڃي چارلس ڊارني جا ڪپڙا وغيره پاڻ پائي چَارلس ڊارني کي چَمڙا پَوش (Disguise) ڪري جَيل مان فرار ڪري ڇڏيندو آهي__۽ اُن جي جاءِ تي پاڻ چارلس ڊارني بڻجي ويهي رهندو آهي. ٻئي ڏينهن چارلس ڊارني جي جاءِ تَي سِڊني ڪارٽن جو سِر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو آهي؛ ۽ چارلس ڊارني، ڊاڪٽر ۽ لُوسِي لنڊَن طرف بگي ۾ روانا ٿيندا آهن!
“سڊني ڪاراٽن پنهنجي پراڻي عشق جي لاءِ قرباني ڏئي پنهنجي ناڪام محبت جي اتحاظ کي ھميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو”.

[b]راڻي وِڪٽَورِيا جَو دَور مُختصر جائِزَو
[/b] راڻي وڪٽوريا جو دور (Victorian Age) عام طور تي 1837ع کان شُروع ٿيو هو__جنهن وَقت راڻي وڪٽوريا بَرطانيه جي تَخت تي ويٺي هُئي؛ 1830ع کي اَنگريزي اَدب ۾ رَومانيت جي پُڄاڻي جو دور چيو ويندو آهي__جتان پوءِ نئون ۽ ٻيو دور شُروع ٿيو هو، جنهن کي وڪٽورنزم (Victorianism) سَڏيو ويو هو. اُهو دور اُن وقت پُڄاڻي تي پُهتو جڏهن راڻي وڪٽوريا جي وفات ٿي.
عام طور هن دور مُطابق اِهو به رايو رهيو هو ته اُن دور جا ماڻهو بناوتي (Artificial)، منافق (Hypocrate)، مفادن سان ڀريل (infested with mercenary reasons) ضمير جا مالڪ ۽ هلڪڙي ذهانت جا مالِڪ هُئا__پر ڪيترن ئي تاريخ دانن اهو خيال مُسترد به ڪيو؛ ۽ اُنهي دور کي ايترو سَستو ۽ پَست ڪري لکي پيش ڪرڻ تي ڪافي تنقيدي بحثن به جنم ورتو! پر اها به حقيقت ضرور هُئي ته اُنهي دور ۾ طبقاتي فرق تمام گھڻو وڌي ويو هو؛ جنهن ۾ هر وچين طبقي جو ماڻهو جَتن ڪندو رهندو هو ته اعليٰ ۽ مٿين ڪلاس جي ماڻهن سان رُلجي مِلجي وڃي!
هِن دور جي ٻي نواڻ اها به هُئي ته اُن وقت برطانيه جي سَلطنت اڌ دُنيا تي قائم ٿي چُڪي هُئي؛ ۽ اَنگريزي ٻولِي به ڪوهين ڏُور ٻين مُلڪن تائين پَکڙجي چُڪي هُئي.
هي دور برطانيه جي ڪافي ماڻهن لاءِ جتي خوشامدي وارو دور هو؛ اُهو وقت هڪ دريافُتن جو دور پڻ هو__جنهن ۾ سائِنس ترقي ڪئي ۽ نيُون شيُون جهڙوڪ؛ اَوزار ۽ نيُون مَشينون اَيجاد ٿيُون هُيون__ماڻُهن جي مَشيني طاقت ٻيڻي ٿي ۽ اُن دور جي ماڻهن زندگي کي آسان ڪرڻ جا نوان طرِيقا پڻ ڳولي لڌا هئا.
هن دور کان اَڳ يورپ اندر جتي عِيسائيت جو قبضو هو، هاڻي اُتي ماڻُهن جي ذهنن ۾ شَڪ واري فلسفي جنم ورتو هو. جنهن پوءِ اَدب فڪر، روشن خيالي ۽ رومانيت کي پنهنجي جذبن سان مِلائي پنهنجو پاڻ کي عِيسائيت ۽ پاپئيت جي ڄار کان آهِستي آهِستي آزاد ڪرائيندا ٿي آيا.
اُن سان گڏ هن دور نون نظرين (Theories) کي جَنم ڏنو هو؛ جِهڙوڪ نئين جَھموريت (Democracy)، عَورتَزادِيت(Feminism)، سوشلزم (Socialism)، ماڪسزم (Marxism) ۽ اُن کان عِلاوه؛ ٻيون به ڪيتريُون ئي تحريڪون (Movements) هِن دور ۾ پنهنجي پنهنجي اثر سان اُڀريُون هُيون.
اهو هِڪڙو اهڙو دور هو جنهن وقت اِلاهِي ماڻهو چرچ کان پري ٿي چُڪا هُئا ته ٻئي پاسي چرچ جا پوئِلڳ ۽ مذهبي ماڻُهو به هُئا، جيڪي اڃا تائين بائيبل جا سبق پڙهندا هئا پنهنجي مذهبي اخلاقيات جو درس به ڏيندا وتندا هُئا.
اُنهي وِڪٽورين دَور جي اِنگلينڊ ۾ تعليم به هر ڪنهن لاءِ ساڳي نه هُئي، غريبن ۽ هيٺين طبقي جا ٻار يا ته ڪِنهن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندا هُئا يا وري وڃي ڪنهن غريب اِسڪول ۾ داخلا وٺي ڇڏيندا هُئا__پر اَميرن جي ٻارن لاءِ تعليم مُختلف هئي__اَميرن جي ٻارن لاءِ اُنهن جا مائٽ بُنيادي تعليم کين گھر ۾ ڪو ماستر پگهار تي رکي ڏياريندا هئا__۽ بعد ۾ اُنهن کي تيار ڪري اِسڪول يا ڪالَيج موڪليو ويندو هو__اُنهن جي تعليم ۾ لازمي طور انهن کي رياضي (Mathematics)، قانون (Law)، فلسفو (Philosophy) ۽ جديد تاريخ (Modern History) پڙهايو ويندو هو. ٻئي پاسي جنسي تفاوت به اُنهي دور ۾ موجُود رهيو هو! اُهو ايئن ته ڇوڪرين لاءِ سڄي تعليم کين گھر۾ مُهيا ڪئي ويندي هُئي ۽ ڪٿي ڪٿي اُنهن لاءِ مائٽ الڳ اسڪول ۽ بورڊنگ ۾ تعليم جو بندوبست ڪندا هُئا__ڇوڪرين جي تعليم به ڇوڪرن کان مُختلف هئي جنهن ۾ ڇوڪرِين کي ڊرائينگ، ڊانس ۽ موسيقي وغيره سان گڏ ڀَرت ڀَرڻ وارو ڪم به سيکاريو ويندو هو.
اُن دور ۾ ٽي طبقا موجُود هُئا؛ جَن ۾ پهرِيون مزدور طبقو جَيڪي مزدوري ڪندا هُئا؛ ۽ کين اُجرت ڏِينهنن يا هفتن جي حِساب سان ڏنو ويندو هو__ٻيو وِچولو طبقو جيڪي هر ڪم ۾ پنهنجو ذهن استعِمال ڪندا هئا ۽ انهن کي اُجورو (Remuneration) مَهيني يا سالن ۾ ادا ڪيو ويندو هيو__ٽِيُون (ٽرِيُون) طبقو يعني مَٿيون طبقو جيڪو ڪنهن به قسم جو پورهيو ڪونه ڪندا هُئا ۽ پنهنجي اَبن ڏاڏن طرفان ورثي ۾ ڇڏيل ملڪيت تي گذارو ۽ عياشِيُون ڪندا هُئا. مزدور طبقي لاءِ اُنهي دور ۾ جنسي مَيلاپ جو ذريعو بنا روڪ ٽوڪ جي هُيو__۽ اهو اُن لاءِ ته فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ مزدُور طبقي جي مردن ۽ عورتن جي ملڻ تي ڪا به پابندي ڪانه هُئي، ۽ مزدور طبقا پنهنجي شادي جو فيصلو به پاڻ ڪندا هُئا__۽ شادي کان پوءِ به جِنسي مَيلاپ انهي طبقي لاءِ ڪا وڏِي ڳالهه ڪان هُئي. 1800ع ڌاري مَزدُور طبقي جُون تقريبن ٽيون حصو عورتون شادي کان اَڳ ئي پيٽ سان (Pregnant) ٿي چُڪِيون هُيُون .
وِچين ۽ مٿين طبقي جي ماڻهن لاءِ جنسي ميلاپ جو ذريعو شادي کان اڳ پَنهنجي نوڪرِياڻِين (Maids) يا ڪَسبِياڻِين (Mistresses) سان رهندو هو.
اُنهي دور جي اَنگن اَکرن مُطابق انگلينڊ ۾ تقريبن اسي هزار (Eighty Thousand) مايُون اُنهي وقت جسم وِڪڻِندِيُون هُيون؛ ۽ هزارن جي تعداد ۾ مايُن کي ڪِرائي تي هلائڻ وارا مرد (Pimps) به موجُود هُئا! تنهن باوجُود اِنگلينڊ ۾ اُن وقت هم جنس پرستي (Homo_Sexual Activities) جي سزا موت هُئي؛ ۽ رياست طرفان اهو هڪڙو وڏو جُرم تصور ڪيو ويندو هو، جنهن جي سزا کين هر حال ڏني ويندي هئي!
پر تنهن سڀني اُڻاين باوجود اُنهي دور جي اَدب اندر ڪافي نواڻ جو مُظاهرو ٿيو هو جِنهنجو احوال هيٺ ڏجي ٿو؛
وِڪٽوريه دَور ۽ مُختصر اَدبي جائِزو
رَومانيت جو جنم هڪڙي تيز طوفان جيان ٿيو هو، جيڪو ٽيهن سالن تائين وڌندو ئي رهيو هو__۽ جنهن ۾ اُن وقت جي شاعِرن ۽ نَثرنگارن اَلهامي جذبن ۽ قُوتن جا ڪرِشما جوڙيا هُئا. 1822ع ڌاري رومانيت سياست اندران پيدا ٿي، جنهن بعد 1835ع کان پوءِ ساڳي رومانيت کي ادب ۾ جاءِ مِلي__پر رومانيت کان بعد هڪڙَي نئين دور جي پيدائش ٿي هُئي__۽ اهو هو راڻي وِڪٽوريه جو دور! جنهن دور ۾ انگلينڊ جون سلطنتون به سمنڊن پار ڦهلجي ويون چُڪيون هُيون، ۽ اُنهي بدلجِندڙ دَور سان گڏ اَنگريزن اندر قوم پرستي (Nationalism) به مظبوط ٿي چُڪي هُئي__۽ انهي دوران انگريزي قوم دنيا ۾ ۽ يوُرپ اندر ٻين قومن کان مٿي ترقي جا ڏاڪا به چڙهندي ٿي وئي هُئي! هاڻي انهي قوم کي پنهنجي پاڻ کي سنوارڻ جو احساس به ٿيو؛ جنهن کان پوءِ اُتان جي مُلڪي مُعاملن ۽ سَماجي اخلاقياتن کان ويندي فَن ۽ اَدب کي به اُتان جي ماڻهن پنهنجي زندگي جو حِصو سمجهي انهي کي نئين سِر ۽ نَئين اَنداز سان تَخليقڻ جي ڪوشش ۾ لڳي چُڪا هُئا.
انهي دوران علمن جي ميدان ۾ اَنيڪ تبديليون رونما ٿي رهيون هُيون، صدين کان يورپ اندر فلسفَي ۽ سوچُن جي گردشن نون خيالن کي جنم ڏنو هُو؛ جنهن کان پوءِ هاڻي يورپ جي ماڻهن ڪائنات جي نظرين کي ڳولهڻ جي جُستجو جاري رکي هُئي___تنهن وقت چارلس ڊاروِن (Charles Darwin) آرِجن آف اِسپَيشِيز (Origin Of Species) لکيو هو___جنهن جي انهي انساني اِرتقٰه جي نظرئي (theory of Evolution) يورپ اندر نئين بحثن جي هِڪ نئين ججهڙ کي مچائي ڇڏيو هو! اِرتقٰه جي نظرئي ان وقت ماڻهن کي اهو ٻڌايو هو ته “انسان پنهنجي جانورِي (Animalical) واري زندگي کان ترقي ڪندو آخر ڪار هِڪڙو انسان بڻيو آهي؛ ۽ هاڻي آدَم (Adam) ۽ حَوا (Eve) کان ويندي خُدا جي مرضِي جو ته ڪو سَوال ئِي پيدا ڪون ٿو ٿئي”! ڊاروِن پاڻ هِڪ مذهبي ماڻهو ۽ خُدا جي ذات جو قائل هو پر اُن وقت اُتان جا مذهبي ماڻهو انهي نظرئي کان ڇرڪِي ويا هُئا ۽ ڊاروِن خلاف مختلف محاذ قائم ڪري ڇڏيا هُئائون!
انهي وقت تائين يورپ اندر اڃا هزارين اهڙا ماڻهو هُئا جيڪي سائنس جي مخالفت ۾ لهي آيا هُئا! پر تنهن باوجود ڊاروِن جو اهو نثري نظريو انگلينڊ جي ادبي دُنيا اندر شاهڪار تخليق هُئي.
هاڻي ته انهي نظرين جي مُخالفت باوجود ڪافي ماڻهن انهي نظرئي جي پوئلڳي به ڪئي هُئي؛ ٿامس هينري هَڪسلَي (Thomas Henry Huxley__1825ع کان 1895ع) انهي نظرئي کي ڦهلايو هو__ تنهن کان پوءِ ٿامس آرنَلڊ (Thomas Arnold___1795ع کان 1846ع) انهي مذهبي ۽ ارتقائي اختلافُن کي مَنطقي انداز سان حَل ڪرڻ جو درس ڏنو هو__ته وري براڊ چرچ (Broad Church) به مذهبن جي وچ ۾ رواداري کي اَهم ٿي سَمجهيو هو! رَومانيت لاءِ هاڻي اِنگليند اندر ماڻهن جو اهو به خيال هو ته “رومانِيت هڪڙي مخصُوص عَنصر جو نالو هُيو جيڪو حقيقي دُنيا اندر انساني جذبن جي نمائندگي ڪرڻ جي قابل نه هو” ؛ اهو هيو اُن وقت انهي دور جي ماڻهن ۽ اديبن جو خيال!
گهڻن جو ته خيال اُن وقت اهو به هيو ته “ڪلاسيڪي دور پنهنجي اندر ۽ فن ۾ پنهنجي جذباتي حوصلن کي قابو ۾ رکڻ جو دور هو پر رومانيت پَسندن جذبن کي هَوا جي لهرن جيان ڇُڙواڳ ڇڏي ڏنو هو”__تنهن باوجود وِڪٽورين دور جا اديب رَومانيت جا پيروڪار رهندا ٿي آيا هُئا؛ پر وري به اُنهي سان گڏ هُنن پنهنجي نئين قومي جُڙندڙ حالتُن ۽ اثرن کي پنهنجي قومي اَدب اندر جاءِ ڏئي لکڻ لڳا هئا. وڪِٽورين دور جي تقريبن اديبن نثرنگاري (Prose) تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو هو؛ ۽ هُنن پنهنجي قلم جي زور تي نون اصلاحي خيالن کي جنم ڏنو هو!
انهي دور ۾ نثرنگاري جي نمائندگي ڪندڙن ۾ نمايا نثرنگار ٿامس ڪارلائيل (Thomas Carlyle) هيو__هُن ايڊنبرا يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي هُئي ۽ جرمن فلسفي سان هُنجو خاص عشق ٿي ويو هو؛ اُن کان علاوه هُن گوئٽي (Goethe) جي ڪيترن ئي لکڻين کي به ترجمو ڪيو هو. ٿامس ڪارلائيل ڪيترائي مضمون لکيا هُئا ۽ انهي وقت هُن هڪڙي جرمن فلسفِي وليم مئيسٽر (William Meister) جي زندگي (Biography) به لکي هُئي. فرانس جي انقلاب (French Revolution) جي تارخ لکڻ سان گڏوگڏ هُن؛ آن هيِروز اينڊ هِيرو ورشپ (On Heroes and Hero-worship) تي ڪافي ليڪچر ڏنا هُئا__جن اُن وقت هن کي وَڏي شُهرت جو دَم بخشيو__اُنهي پنهنجي صِنف ۾ هُن فلسفي، تاريخ ۽ زمانن جي منزلن کي پيغمبرن جي مثالن سان پيش ڪيو هو. ڪارلائيل عجيب قسم جو انسان هو جيڪو سائنسي دور ۾ پيدا ٿي ڪري به روحاني ڪَشمُڪش جي ور چڙهيل هو!__انهي کان پوءِ هُن پاسٽ اَئنڊ پِريزَنٽ (Past and Present)، لَيٽر ڊَي پَمفليٽ (latter Day Pamphlets) ۽ پرافٽ آف چيلسي (Prophet of Chelsea) کان ويندي ڪرام ويل (Cromwell) جهڙا نثري مضمون لکيا ۽ انهي دور جي نثر اندر پنهنجو ادبي حصو ڇڏيو هو. ڪارلائيل کان پوءِ انهي دور جو ٻيو نثر نگار لارڊ ميڪالَي (Lord Macaulay___1800ع کان 1859ع) جنهن اُن وقت ڪيترائي مضمون لکيا هُئا ۽ اُن سان گڏ هُن انگلينڊ جي تاريخ (History of England) تي به کوڙ سارا مضمون لکي انهي دور جي ادب ۾ حصيدار ٿي ويو هو.
هون ته وِڪٽورين دور حقيقت جي پيماني تي ٻڌل دور هيو؛ پر انهي سڀني ۾ انهي وقت جو نثرنگار جان رَسڪن (John Ruskin___1819ع کان 1900ع) تي اڃا رومانوي دور جو اثر جاري هيو___رسڪن هڪڙي شرابي واپاري جو پُٽ هو ۽ بعد ۾ هُن آڪسفورڊ مان تعليم پِرائي هُئي. وِليَم بِلئَڪ ۽ وَرڊس وَرٿ کان هُو بيحد مُتاثر هُيو__روحانيت ۽ اخلاقيات سان هُنکي تمام گهڻي دلچسپي ٿي وئي هئي؛ جنهن پوءِ مُصوري، ادب کان ويندي تعمير جي فن ۾ به هُن حُسن کي رُوحانيت جي ڪَرشمي جِيان پيش ڪيو هو. هِن جو مَاڊَرن پَينٽرز (Modern Painters) پنجن جُلدن ۾ ڇپيو هو؛ جنهن ۾ هُن تعميراتي فن ۽ عمارت سازي جي فن کي به روحاني حُسن سڏيو هو__تنهن کان پوءِ هُن اقصاديات تي ڪتاب، اَنٽوُ دِس لاسٽ (Unto this last) لکيو، جنهن کي ماڻهن وڏي شوڪ سان پڙهيو هو.
انهي سڀني جي وچ ۾ هڪڙي تعليمدان، ٿامس آرنلڊ (Thomas Arnold) جي پُٽ مَيٿيُو آرلنڊ (Mathew Arnold ) به انهي دور جو تهذيبي يافته نثرنگار پيدا ٿي اڀريو هو__مَيٿيُو آرلنڊ آڪسفورڊ مان تعليم ورتي ۽ بعد ۾ انهي ساڳي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ شاعري جو پروفيسر بڻيو هو__شاعري سان گڏ هُن نثر به لکيو ۽ اُنهي ثرنگاري ۾ به هِن جي ٻولي مان رومانيت جي خُوشبو ايندي هُئي جو هو بُنيادي طور هڪ شاعر هو__۽ سُهڻن لفظن جي اُڻت هُن جي فطرت ۾ سَمايل هئي__هُن شاعري کي زندگين تي تَنقيد سڏيو هو__۽ هُن وٽ تنقيد جو به ڪافي علم هو؛ هُن جي مشهور لکڻين مان هڪِڙو دَ فنڪشنز آف ڪِرٽيسزم (The functions of criticism) آهي؛ ۽ ٻيو هُن لِٽريچر ائنڊ ڊوگما (Literature and Dogma) جي عنوان سان به مواد لکيو هو__جنهن ۾ هُن مذهب جي جاءِ تي فلسفي کي ترجيع ڏيڻ جي صلاح ڏني هُئي__پر انگريزي ادب ۾ بهترين ڄاتل هِنجو نثري مَسودو ڪلچر ائنڊ انارڪي (Culture and Anarchy) آهي__جنهن ۾ آرنلڊ انگريز قوم اندر هيٺين، وچولي ۽ مٿين يعني ٽنهي طبقن جي باري ۾ پنهنجا خيال ونڊي ٿو ۽ مذهب کي به انهي طبقن جي وچ ۾ هڪڙي عنصر جيان پيش ڪري ٿو.
اُنهي کان علاوه وِڪٽورين دور ئي اِنگلينڊ لاءِ اهو دَور هو جتان کان نثرنگاري عروج کي ڇهندي ٿي هلي هُئي، پر تنهن باوجود اُنهي دور ۾ ڪن مشهور شاعرن جو اتي جنم ٿيو__تن ۾ انهي دور جو مشهور شاعر لارڊ ايلفرِڊ ٽينيسن Lord Alfred Tennyson)__1809ع کان 1892) هو__ هُن ڊرئميٽِڪ مونالاگ (Dramatic monologue) به لکيا ۽ هَومر جي اَوڊيسي جي هيرو يوليسِس (Ulysses) جي به پنهنجي شاعري ۾ ڪردارڪشي ڪئي هُئي__يا انهي کان پوءِ انهي دور جو ٻيو شاعِر رابرٽ برائوننگ (Robert Browning___1812ع کان 1889ع) هو جنهن شاعري جي دُنيا اندر فن جي نئين اثر کي ڇيڙيو هو__۽ بعد ۾ هُن لَوَ ائند رُونس (Love and ruins) کان ويندي لاسٽ رائيڊ ٽو گيڌر (Last Ride together) ۽ ماءِ لاسٽ ڊچز (My last Duches) جهڙا شاهڪار نظم لکي وِڪٽورين دور ۾ ڄڻ رومانيت جي تار کي ڇيڙيو هو
انهي دور جي ناول نگارن ۾ وِليم مَيڪ پِيس ٿَيڪري (William Makepeace Thackeray) ۽ جارج اِليئٽ (George Eliot) ئي هُئا پر__وري به انهي دور جو وڏي ۾ وڏو ناول نگار چارلس ڊڪنز (Charles Dickens) ئي هُيو!
چارلس ڊِڪِنز جي لِکڻِين ۾ حَقيِقت پَسندِي جَو جائِزو
چارلس ڊِڪنز اُوڻهين صدي ۽ وڪٽوريه دور جو مشهُور لَيکڪ طور ڄاتو وڃي ٿو__هن جي تَخليق ڪيل ادب دَ گريٽ ايڪسپيڪٽيشنز، اوليورٽوسٽ ۽ ڪرسمس ڪيرول ۾ ڊِڪنز هر لحاظ کان حقيقت پسند ٿي پنهنجي دور جي ترجُماني ڪندي نَظر آيو آهي. جنهن ۾ ڏُکي زندگي، خوشامندي ۽ ماڻهن طرفان پيدا ڪيل ڏوھ وارا ڌنڌا شامل آهن. اُن کان علاوه چارلس ڊڪنز اُن وقت اِنگلينڊ اندر برپا ٿيندڙ صنعتي دور جي هر نُقطي کي پنهنجي لِکڻين جو موضُوع بڻايو هو. اوليور ٽوسٽ ۾ هڪڙي يتيم ٻار جي ڪردار کي ڏوهي گرُوه جي هَٿن تائين پُهچائڻ؛ ۽ ڏوه جي دُنيا کان ويندي اُن وقت اُتي رائِج نااِنصافي واري ماحُول کي پنهنجي لکڻين ۾ لکي ننگو ڪرڻ هو__اُهو اُن لاءِ ته وِڪٽورين دور ۾ چارلس ڊڪنز ئِي اُهو دَمدار ناول نگار هو جنهن رومانوي ۽ تنقِيدي ٻنهي لحاظن سان اُنهي دور جي ترجماني ڪئي هُئي.
چارلس ڊڪنز وارو اهو دور تعليم جي کوٽ ۽ اڻ_سَهپ واري جذبن جو دور هو! جنهن ۾ هن ثابت ڪيو هو ته “واقعي هُو اُنهي دور جو بهترين لَيکڪ آهي”__ساڳي طرح دَ گِرَيٽ اَيڪسپيڪٽيشنز ۾ هُن پئسي جي پويان ڀڄندڙ وچين طبقي کي کڻي پنهنجي ناول جو موضُوع بڻايو هو جنهن ۾ جيڪڏهن مُحبت به ڪرڻي آهي تڏهن به اُهو پئسي کان بغير نامُمُڪن آهي
ٻين ناولن ڪِرسمَس ڪَيرول ۽ ڊَيوِڊ ڪاپَر فِيلڊ کانپوءِ هُنجو مشهور ناول ٻن شهرن جي آکاڻي پڻ حقيقت پسندي جو بهترين مثال آهي__جنهن ۾ اُن وقت چارلس ڊڪنز صنعتي ڪار_وهنوار سان گڏ فرانسي اِنقلاب جي پهلو تي به نظر هڻي اُن کي پنهنجي ناول جو موضُوع بڻايو هو. ڊڪنز اُن دور ۾ لکڻين ذريعي ظاهر ڪيو هو ته “اُن وقت ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح سان ماڻُهن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا ويا هُئا؛ ۽ ڪهڙي طرح بزنس کان ويندي عِلم جي کوٽ سَبب ۽ ڪيئن عام ماڻهن جُون زندگيون ٻُڏتر جو شڪار ٿي ويون هُيون”! اُنهي سڀني موضُوعن جي پَهلُوعن تي لکڻ کان ويندي ڊِڪنز مُحبت ۽ اُن وقت اُتي جنم وٺندڙ داخلي ۽ ظاهري جذبن جي ترجماني ڪندي اَدب جي دُنيا اندر اُنهي دور جي هر طرح سان شاندار مَنظر ڪشِي (Diction of sublimity) جو مُظاهرو ڪيو؛ جيڪو اُن وقت حقيقت پَسندي جو بَهترين مِثال هو.