شخصيتون ۽ خاڪا

افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

هن ڪتاب ۾ عالمي ڏاهن افلاطون، ارسطُو، سوفوڪليس، لونجائنس، فرانسس بيڪن، جان ڪِيٽس، چارلس ڊڪنز، گوئِٽَي، ٽالِسٽاءِ ۽ البرٽ ڪاميو جون ادبي ڪٿائون، قصا ۽ زندگيون تاريخي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيل آھي. ھي ڪتاب نوجوان ليکڪ رفيق کوسو لکيو آھي.
ڪتاب اندر جيڪي بي بھا جيون ڪٿائون، فلسفين ۽ اديبن جي پورهئي جي ٿوري گهڻي جهلڪ اسان جي دوست رفيق کوسو صاحب اسان کي پسائِي آهي اهو سندس ڪتابن سان عشق، ادب سان چاه ۽ عالماڻي ڊسڪورس جو هِڪ اهم ثبُوت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2908
  • 993
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رفيق کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

جان ڪِيٽس 1795__1821 عيسوي سال

هن کي خبر هئي ته هو مرڻ وارو هو تمام جلد! فراريت هُن جو مقدر بڻِجي چُڪي هئي؛ ۽ زندگي هن سان راند کيڏي رهي هئي! هي هر وقت اُنهي انتظار ۾ رهندو هو ته ڪيڏي مهل موت جو فرشتو اچي هن جي زندگي هن کان کسِيندو!! موت کان هن کي نفرت هئي؛ هي پاڻ جڏهن نون سالن جو هو تڏهن هن جي پيءُ زندگي کي اولداع چيو هو__۽ جڏهن هِي اڃا پندرنهن سالن جي عُمر کي مس پهتو ته هن جي ماءُ به هن کي اڪيلو ڇڏي وڃي ابدي ننڊ سمهي رهي__۽ آخر ۾؛ اُنهي کان پوءِ هِن جو ننڍو ڀاءُ به موت جي گھيري ۾ اچي هن کان هميشهه لاءِ جدا ٿي ويو هو. هن کي خبر هئي ته هنجي ڦِڦِڙن جي بيماري ٽي_بي هن کي به زنده رهڻ ڪڏهن نه ڏيندي! هِن موت کان هر وقت پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر هِنجُون سڀ ڪوششُون صرف فراريت جون بيگانگيُون هُيون! هن کي لفظن سان جنگ ڪرڻ جو فن ته ضرُور هيو پر فطرت سان مُقابلو هن جي وس ڳالهه نه هئي. سڀني عالم ماڻهن جو خيال آهي ته هن کي زندگي صرف ڇويهه سال جيئڻ جي مُهلت ڏنِي هي بهتر شاعر بڻيو پر جيڪڏهن زندگي هن کي وڌيڪ رعايت ڏئي ڇڏي ها ته هُو اڃا وڌيڪ ڪُجھ ڪرڻ جي قابل هُيو!
نئين جاگرتا جو دور (Renaissance) جي پڄاڻي کانپوءِ يورپ ۾ رومانوي (Romanicism) جو ظهور ٿيو هو جنهن ۾ ادب، فن ۽ ذهني ڪيفيت ڪلاسيڪي دور (Classicism) جي مونجھارن کان آجو ٿيندي نظر اچڻ لڳو هو. 1800ع دوران يورپ ۾ هڪِڙي تحريڪ جنم ورتو؛ جيڪو بعد ۾ تاريخ، فلسفَي کان ويندي سياست تائين نمايان ٿيڻ لڳي__اُنهي تحريڪ دوران 1800ع کان پنج سال پوئتي 31 آڪٽوبر 1795ع ڌاري مُووئرگيٽ لنڊن ۾ رهندڙ ٿامس ڪيٽس جي گھر ۾ هڪ ٻار پيدا ٿيو جنهن جو نالو هن جان ڪِيٽس (John Keats) رکيو. جان ڪيٽس به انهي تَحريڪ جو حِصو بڻجِي ويو هو، جيڪا تحريڪ اتي جنم وٺي رهي هئي؛ اُها تحريڪ هئي روناموي تحريڪ (Romanticism)__رومانيت جا سرواڻ ورڊس ورٿ (Wordsworth)، پرسي برسي شيلي (P.B Shelly)، ايس_ٽي ڪالرج (S.T Colridge)، لارڊ بائرن (Lord Byron) ۽ رابرٽ سدي (Robert Suthey) هئا جن تي فرانس جي انقلاب (French Revolution) بيحد اثر ڇڏيو هو! ڪلاسيڪي دور کي الوداع چوڻ جو وَقت اَچي چُڪو هو جنهن ۾ مَوضُوع مَذهب، خُدا جي تعريف، مٿيئين طبقي جي ساراه ۽ بادشاه کان ويندي راڻين کي لکڻين ذريعي خراج ۽ خوشامديون پيش ڪري روزي روٽي ڪمائڻ جو رواج هو؛ جنهن ۾ تقريِبن ادِيب شاعر ۽ ڊرامه نِگار درباري ليکڪ بڻجي ڪري پنهنجي پنهنجي فن کي اثر رسوخ واري واٽ تي وٺي هلندا رهيا.
پهرين دفعي رومانيت دوران لکڻين جا موضوع تبديل ٿِيڻ شروع ٿيا هئا؛ لکڻين دوران ٻولي کي سولو لکڻ سان گڏ هَم_اَوست، فِطرت، اِنسان جي آزادي ۽ جنگين ۾ بهادري جي قِصن کان ويندي يُوناني قِصن ۽ ڏند ڪٿائن کي رَوناموي شڪل ۾ لکيو ۽ ڳايو ويو.
رومانيت جو وجود اصل ۾ هڪ آزادي جو سياسي نعرو هو، جنهن ۾ جان ڪيٽس ۽ وليم گاڊوِن جهڙن مُفڪرن ارڙهين صدي ۾ انسان جي چرچ ۽ مذهبي عقيدن جي ڄار ۾ ڦاٿل زندگي کي آزادي جي لاءِ اُتساهيو هو ۽ خُوبصورت فِطري زندگي گذارڻ جو درس ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويا هئا. رومانيت دَر حقيقت فرانس جي انقلاب جو اثر هو جنهن يورپ تي گھرو اثر ڇڏيو هو ۽ تقريبن يورپ جي هڙني ملڪن جي بادشاهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو.
اُن وقت هر شاعر، ناول نگار ۽ ڊراما نگارن کي صدين کان پوءِ آزادي جو موضوع لکڻين جي لاءِ ملي چڪو هو؛ جنهن ۾اُنهن شعوري طور فرانس ۾ آندل تبديلي کي لفظن جي عطيئي سان خوب ساراهيو، ۽ دل کولي لکندا رهيا__پر اُهو سياسي نعرو گھڻو وقت نه هلي سگھيو هو؛ ڇو ته ٿوري ئي وقت کان پوءِ فَرانس جي آندل اِنقلاب اندر ڏڦيڙ جنم ورتو جنهن ان وقت جي ليکڪن کي دلشِڪسته ڪري وڌو هو__۽ تنهن کان پوءِ اُهي سَڀ ليکڪ رَومانيت کي اَدب ۽ شاعري جي زمري ۾ آڻي فطرت جي نشاندهي ڪري جَلال ۽ اَندر جي اُڌمن تائين کڻي ويا هُئا. روسو ۽ گاڊوِن جي ڏنل رَومانيت تي شاعرن جو قبضو ٿي ويو هو؛ پر اُهو قبضو به هڪ انقلاب هو ڇو ته اُن وقت شاعري کي به اُنهي شي جي سخت ضرورت هئي .
1798ع دوران ورڊس ورٿ ۽ سموئيل ٽيلر ڪالرج، لِيريڪل بيلِڊز (Lyrical Ballads) ۾ چيو هو ته “سونهن ۾ جمالِيات کي شاعري ۾ بنان ڊپ جي لکڻ گھرجي ۽ هاڻي هر شي کي اصُل ٻولِي ۽ سولي ٻولي ۾ لکڻ هن دور جي شان وٽان هُوندو؛ هر شاعر کي گھرجي ته جنهن به حقيقي شي کي هُو ڏسي ٿو اُنجو تجزيو پنهنجي رُوح ۽ جَذبن سان ڪري بعد ۾ پاڻ به اُن کي محسوس ڪري__۽ هاڻي هِي دور هر حقيقت کي آزاد تصور ڪرڻ جو آهي؛ اِنسان جو حقيقِي ساٿ فِطرت آهي، فِطرت سان گڏ هَلڻ گھُرجي ۽ فِطرت جي پيروي ڪري هڪ نئين راھ هموار ڪرڻ گهرجي”
رومانيت دور جي شاعرن وٽ علويت (Sublimity) جو قدر وڌڻ لڳو هو ۽ جنهن شي کي اُنهن ڏٺو ۽ جتي هُنن پنهنجي زندگي گذاري، هر لمحي ۽ هر تجُربي کي اُنهن رَومانوي شاعري جو حصو بڻايو ۽ ايندڙ شاعرن جي نسلن کي به ڪلاسِيڪل ۽ رومانوي لکڻين ۾ صاف فرق ڪري ڏيکاريائون.
’ انهي رَومانوي لاڙي کي تَخليق ڪرڻ ۾ وڏي وڏو ڪردار ورڊس ورٿ جو هو؛ جنهن شاعري جي نالي چيو هو ته “شاعري هڪ پيمانو آهي جيڪو خُود به خُود لَبريز ٿي ويندو آهي” ۽ اُن کان علاوه اُنهي رَوناموي دور جي ٻئي شاعر ڪالرج مطابق “شاعري انساني جذبن ۽ فطرت وچ ۾ هڪڙو ڳانڊاپو آهي”_جنهن مان مراد “اِنسان فطرت جو تجربو ڪري پنهنجي ذهن ذريعي لطف اندوز ٿي ان مان سُرور وٺندو آهي ۽ انهي سرور ۽ لُطف کي هو ڪڏهن عام لفظن سان ته ڪڏهن شاعري ۽ اَدب جي فن ذريعي بيان ڪندو آهي”.
رومانيت جي نئين اِنقلاب بابت ماڻهن جا جيڪي خيال ۽ احساس هئا تن جي ترجماني فنڪارن اديبن ۽ فلاسافرن ڪئي ۽ ڪن اَديبن ۽ فنڪارن مَوٽ ڏيندي خيالي قصن، ٻاهرين دنيا جي ڪهاڻِين ۽ ماضِي جو ذڪر ٿي ڪيو ته ٻين وري سماج کي بدلائيندڙ طاقتن کي بيان ڪيو .
رَومانيت پسندن جو اهو به چوڻ هو ته “ماڻهن کي انهن احساسن ڏانهن به ڌِيان ڏيڻ گھرجي جيڪي ماڻهو جي وَس کان ٻاهر آهن” ۽ وڌيڪ چوڻ هو ته “پيار ۽ سونهن کان پيدا ٿيندڙ جذبن يا مذهبي اثاثن کي فقط عقُلي دَلِيلن وسيلي بيان نٿو ڪري سَگھجي”. سڀ کان وڏي ڳالهه رومانيت پسند اِها ڪندا هئا ته “فن جي فنڪار کي پنهجي طريقي موجب سندس اندر جو عڪاس هئڻ گھرجي” پَر اُن باوجود به رَومانيت پسند نئين صَنعتي سَماج جي مَڪروھ ۽ مادي پرست پاسي کان فراريت جو ٻيو نالو هو.
اَدب جي ميدان ۾ ادِيبن پنهنجي وِيچار کي ڇُوٽ ڇڏي ڏنو ۽ سڀ کان اَهم موضُوع آزادي هو__ٻيو وري؛ هوڏانهن جرمني ۾ به اِسٽرم اَينڊ ڊَرينگ (Strum and Drang) نالي هڪ جرمن تحريڪ اهڙن نوجوانن جي سوچ کي اڳتي وڌايو هو جيڪي سماج جي مڃيل مَعيارن جا مُنڪر هُئا. اُنهي تَحريڪ جي ميمبرن مان هڪڙو جَوهان فِيڊرڪ (Johan Fedrick) به هو جنهن سُئيزرلينڊ جي آزادي جي جنگ کي موضوع بڻائيندي 1804ع ۾ وليم ٽيل (william Tail)نالي ڊرامون لکيو هو.
فرانس جي سماجي فلاسافرن کان وِيندي جَان ڪِيٽس ۽ رُوسو وانگر رومانيت پسندن جو به خيال هو ته “قديم ماڻهو معزز ۽ سُٺا هئا ڇاڪاڻ ته تهذِيب کين کارِيو نه هو”. اُنهي ڪري رَومانيت پَسند ڏند ڪٿائُن (Mythologies)، پريِن جي ڪهاڻِين (Fairy Tales) ۽ لوڪ گِيتن (Folk Songs) ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺندا هئا ۽ اُهي پراڻين ڪهاڻين ۽ گيتن جا ڪتاب رومانوي تحريڪ جا خزانا (Assets) پڻ هئا.
اَدب کان علاوه هِن تَحريڪ جي عڪاسي پَينٽنگ ۾ به ٿي جنهن ۾ فرانس جي “يو جين ٽي لاڪروا” کي رَنگن ڀرڻ جو بادشاه سڏيو ويندو هو ۽ هُن اُن وقت ٻاهرِين فِطرتي نظارن سان گڏ 30___1820ع دوران يُورپ جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ پيدا ٿيل بغاوتُن جي تصوير ڪشِي کي پنهنجي پَينٽنگ جو موضُوع بڻايو.
رَومانيت واري دور ان کان علاوه موسِيقي ۾ به نئي جوت کي پيدا ڪيو هو؛ جيئن سُرن جو ميلاپ اڳي کان وڌِي ويو هو__۽ موسيقي ۾ وڌيڪ ساز شامل ٿي ويا هُئا ۽ آرڪيسٽرا (Orchestra) به وڌي وڏو ٿي ويو هو؛ جنهن کان پوءِ آساني سان ساز ٺاهڻ به سولا ٿي پيا هُئا. اُنهي دور ۾ موسِيقي (Music) کي هٿِي ڏيڻ ۽ ان کي رَومانيت جو لباس اَوڍائِڻ ۾ وڏو هٿ “ لُڊوگ وان بيٿون” 1827____1770 ع جو هو .
19 صدي جي وچ واري عرصي ۾ ڪي اهڙا ته تَمام جذباتي رومانوي فن به وجود ۾ آيا جن ماڻهن کي رومانوي آدرشن جي خلاف ڪري ڇڏيو هو.
رَومانيت سان گڏ اُنهي وقت صَنعتي دور جو ظهور به يُورپ ۾ ٿيڻ لَڳو هو؛ جنهن کانپوءِ ڪافِي ماڻُهن رَومانيت جي جذبي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو. ڇو ته اُنهن رَومانِيت کي پَسند نه ڪيو هو ۽ اُنهي زماني ۾ ادب ۽ فن جو هڪ نئُون رُوپ منظر عَام تي آيو هو__جيڪو نئين صنعتي دور جي ماڻهن جي پَسند وٽان هو ۽ اُنهي دور کي هِنن حقيقت پسندي سڏڻ شروع ڪيو هو. حقيقت پسندن کي به رومانيت پسندن جِيان پَنهنجي زماني جُون اوکيُون سماجي حالتُون نظر اچي رهيو هيُون پر رومانيت پسند زندگي کي هُوبهُو اصُلي شڪل ۾ جيئن گُذري پئي تيئن بيان ڪرڻ لاءِ سَرگردان هئا. اُنهي دور جي شاعرن ۾ هڪڙو يگانو جان ڪيٽس (Jhon Keats) به هُيو__جيڪو رومانوي دور جي ٻين فنڪارن کان وڌيڪ فرار (Skeptic) ۽ بيگانو ٿي پيو هو ۽ جنهن هر طرح سان زندگي کان فرار ٿيڻ جي ڪوشِش ڪئي هُئي ڇو ته هن کي زندگي جو فلسفو سمجھ ۾ نه آيو هو__يا وري زندگي هِن کي ڪنهن به قسم جي رِعايت ڏِيڻ لاءِ تِيار نه هُئي .
جان ڪيٽس جو پي هڪڙي هوٽل جي تَبيلي ۾ نوڪرِي ڪندو هو جتي هُن کي گھٽ پگهار ملندي هئي؛ ۽ هُنجو پي اُنهي هوٽل طرفان مليل هڪ ڪُواٽر (Inn) ۾ پنهنجي زال ۽ اولاد سان گڏ رهندو هو. جان ڪيٽس جي پيدائش به انهي ڪواٽر ۾ ٿي هئي؛ ٿامس ڪيٽس غرِيب هُجڻ ڪري جان ڪيٽس کي ڪنهن سُٺي اِسڪُول ۾ ۾ داخِل ڪرائڻ جي قابل نه هو؛ تنهن ڪري 1803ع دوران هن جان ڪيٽس جي داخلا هڪ سَستي اسڪول جان ڪلارڪ جو اسڪول (Jhon Clerk’s School) ۾ ڪرائي__جان ڪيٽس کي ننڊپڻ ۾ ئِي بورڊِنگ واري زندگي گذارڻي پئجي وئِي هُئي .
اِسڪُول ۾ پڙهائِي دوران جان ڪيٽس اُن اسڪول جي هَيڊ ماستر “ڪلارڪ” جي دادلن شاگردن منجهان بڻجِي ويو هو، ۽ ان کان پوءِ انهي ساڳي هيڊ ماستر جو پوٽو چَارلِس ڪَوڊِن (Charles Cowden) جان ڪِيٽس جو دوست بڻِيو جَيڪي بعد ۾ ڪافِي زندگي جي عرصي تائين هڪ ٻئي سان ساڻ رهيا__۽ چارلس هر وقت ۽ هر طرح جان ڪِيٽس جي مدد ڪرڻ کان به نه لنوايو هو “پوءِ اُها مَدد مالي کڻي ڇو نه هُجي”
چارلس هميشهه جان ڪيٽس جي کُلي دِل سان تعريف ڪندو هو؛ هڪڙي هنڌ هُن جان ڪيٽس لاءِ ائين به چيو هو ته “جان ڪيٽس ننڍپڻ کان ئي هر شي جا اندازا هڻڻ ۽ اُنهن کي سمجھڻ ۾ تمام تَيز هو پر خبر ناهي ڇو ننڍپڻ کان ئِي هن جي طبيعت هميشهه ڦرڻي گھرڻي (Fickle Minded) رهي آهي!”
اپريل 1804ع دوران جڏهن ڪيٽس اٺن سالن جو هو تڏهن هن جي پِيءُ جي موت چمڙِي جي بيماري سبب ٿي ۽ پيءُ جي موت کانپوءِ هن جي ماءِ جان ڪيٽس ۽ پنهنجن ٽن ٻين ٻارن کي هنن جي ڏاِڏي وٽ ڇڏي پاڻ وڃي ٻي شادي ڪري ڇڏيائين جنهن بعد 1810ع يعني ڇه سال بعد ڪِٽس جي ماءُ جي به وفات ٿي وئي ۽ اُن وقت ڪيٽس جي عمر چوڏهن سال هئي_مزي جي ڳالهه اُها به آهي ته جَان ڪِيٽس ۽ هن جي ماءُ جي موت جو سَبب ساڳي بِيماري سَبب ٿِي هئي .
پنهنجي ماءُ جي موت کان ٿَورو وقت پوءِ جان ڪيٽس؛ ڪلارڪ جي اسڪول کي الوداع ڪيو ۽ وڃي سرجن بڻجڻ وارو پيشو اپنايائين__۽ اُنهي جي سِکيا هن 1813ع تائين جِيننگ خاندان (انهي خاندان جا جَان ڪِيٽس جي خاندان سان به ڀائِپي وارا ناتا هئا) جي هڪ ڊاڪٽر وٽ ورتائين.
جان ڪيٽس جي سرجن بڻجڻ واري سِکيا وقت واري حالت جي باري ۾ هنجو دوست چارلس ڪوڊِن چيو هو ته “اهو وقت جان ڪيٽس لاءِ زندگي جو پهريون اِمتحان هو جڏهن هُو سرجن بڻجڻ وڃي رهيو هو!”
سرجن واري سکيا ختم ڪرڻ بعد هن ڪِنگز ميڊيڪل ڪاليج (Kings Medical College) ۾ باقائدي طور پنهنجي داخلا وٺِي ڇڏي هُئي ۽ هڪ مهينو اُتي پڙهڻ کان پوءِ هن کي آپريشن ٿيٽر ۾ مريضن جي پٽِي ۽ صفائي ڪرڻ وارو ڪم سونپيو ويو هو؛ جنهن بعد پَڙهائي دوران ئي هُن کي اُتي هائوس سرجن ڪري رکيو ويو هو. هاڻي جان ڪيٽس عَهد ڪري ڇڏيو هو ته غُربت جي لَعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ هُن کي باقائده طور تي صحيح معنيٰ ۾ هڪ ڊاڪٽر بڻجڻو پوندو!! ۽ ڊاڪٽر بنجڻ هاڻي هن جي خواهش به بڻجي پئي هُئي. پر هن جي دوست چارلس مُطابق ته “هي هَميشهه ڦرڻو گھرڻو رهيو هو”_۽ اَيئن واقعي به هُيو ڇو ته جان ڪيٽس ميڊيڪل جي ٽريننگ ۽ ڪمن ڪارن دوران به لکڻ واري عمل کي پاڻ کان پري نه ڪري سَگھيو هو. اُن مان صاف ظاهِر آهي “لازمي نه آهي ته جيڪو اِنسان سوچي حقِيقت ۾ به اُهو ئي ٿئي”__جان ڪيٽس کي جيڪڏهن ڪَير به اَڄ تائين سُڃاڻي ٿو ته اُهو هڪ شاعر جي حيثيت سان، بلڪه؛ نه ڪنهن سرجن يا ڊاڪٽر جي حيثيت سان!
جان ڪيٽس جا ڀائر هميشهه اهو چاهيندا رهيا هئا ته ڪيٽس هڪ سٺو ڊاڪٽر بڻجي “جيئن اسان مالي گھوٽالي مان نڪري سک واري زندگي گذاري سگهون”_پر هر انسان وٽ هڪ سوچ هوندي آهي جتي هو پاڻ کي مُطمعن سمجھندو آهي هميشهه ان مقصد طرف ئي ڊوڙيندو آهي. ساڳِي طرح ڪِيٽس کي مُطمعن ڪندڙ مقصد هو “شاعري ڪرڻ”__۽ هاڻي ڪِيٽس پنهنجي ٻين مصروفِيتُن سان گڏوگڏ شاعِري ڪَرڻ واري ڪرت کي به لڳو رهيو جنهن ۾ لاءِ هنٽ (Ligh Hunt) ۽ لارڊ بائِرن (Lord Byron)کان هي اُن وقت تمام گھڻو مُتاثر هيو؛ ۽ 1814ع ۾ اوڻويهن سالن جي عمر ۾ هن پهريون بيت “اِسپينسر جو نقل” لکيو جنهن ۾ هن اسپينسر جي فيري ڪُوئِن کي پنهنجو موضوع بڻايو هو. ان کان عِلاوه اُن دور ۾ نوجوان ليکڪن لاءِ ڪنهن ٻئي لَيکڪ کي نقل ڪرڻ به هِڪ رَواج بَڻيل هو ۽ جان ڪيٽس اُن وقت اسپينسر جي لکڻين مان بيحد متاثر هو.
1816ع ڌاري جان ڪيٽس کي سَرجن هُئڻ جو ليسڻ (Liscens) ملي چڪو هو؛ جَنهن بَعد هُو اڳتي پڙهي ڪري ائناٽامِي (Anatomy) ۽ فِزيشن (Physician) جو ماهر بڻجي پئي سگھيو__پَر هُنجو مقصد شاعِري لکڻ هو تنهنڪري هاڻي هِن پنهنجي عزيزن اڳيان کُلي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته هُو ڊاڪٽري وغيره واري شعبي کي ڇڏي مڪمل طور هڪ شاعر بڻجڻ چاهي ٿو! هن جي ٻين ڀائرن جو آسرو هُيو ئي جان ڪيٽس؛ هُو به هاڻي اُهو سمجھي چُڪا هئا ته “سندن جِتي ۽ جھڙي حالت ۾ هُو زندگي بَسر ڪري رهيا هُئا اُهو سڀ سندن مقدر سمجِھي کين کي اپنائڻو پوندو”___۽ رَسمي طور ته خير جان ڪيٽس ڊاڪٽري واري ڌنڌي سان لَڳو رَهيو هو پر پنهنجو گھڻو تڻو وقت ادب کي ڏنو هُئائين، جنهن ۾ هُن نون بيتن ۽ غزلن جو تجربو ڪرڻ شروع ڪيو هو. مئي 1816ع ۾ هُن هڪڙو ٻيو بيت “تنهائي” لکيو جنهن کي لائي هَنٽ پنهنجي مئگزين د ايگزمِنر (The Eximiner) ۾ چاپيو هو ۽ اُها هِن جي پهرِين شاعري هئي جيڪا مئگزين ۾ چپي هئي.
جان ڪيٽس جي اها پهرِين شاعِري مئگزين ۾ ڇَپجڻ دوران هُنجي پُراڻي دوست چارلس ڪوڊِن هن لاءِ چيو هو ته “مونکي هاڻي احساس ٿيڻ لڳو آهي ته هن واقعي پنهنجي لاءِ زندگي جو صحيح رَستو چُونڊيو آهي ”.
اُنهي شاعِري جي ڇپجڻ کان پوءِ جان ڪيٽس پنهنجي زندگي جي يادُن کي تازو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ننڍپڻ ۾ گُذاريل اسڪُول ڪلارڪ جو اِسڪُول گُھمڻ لاءِ مارگريٽ جي شهر ڏانهن رَوانو ٿيو هو جتي ڪِيٽس پنهنجي پُراڻي اُستاد ڪِلارڪ سان به مليو هو ۽ هُن کي پنهنجي ڇَپيل شاعِري بابت به ٻُڌايو هُئائين .
اُنهي سال جان ڪيٽس جِي ملاقات ڪِلارڪ جي مدد سان اُنهي دور جي ٻن شاعرن “پَرسي بَرسي شَيلي”۽ “لارڊ بائرن” سان به ٿي جَن هنجي شاعري کي رومانيت جو حقيقي عڪس سڏيو؛ تنهن کانپوءِ اُنهي سال جان ڪِيٽس جي شاعري جو پَهريون مجمُوعو آءِ اِسٽُوڊ ٽِپ ٽُو (I Stood Tip_toe) ۽ سِليپ ائنڊ پوئِٽري (Sleep and Poetry) ڇَپجي چُڪا هُئا؛ پر اُن وقت اُهي ٻئي والِيم ڪي خاص نه پڙهيا ويا هُئا جنهن تي ڪلارڪ (ڪيٽس جي پراڻي ماستر) ايئن به چئي ڏنو هو ته “اُهي ٻَئي والِيم ڦِڦِڙن جِي بِيماري جي وَر چڙهي ناڪام ٿي ويا”
پَر اهو سڀ سفر اتي ختم نه هو ٿيڻو ۽ جان ڪيٽس به هار نه مڃِي؛ هُن جي ڇَپيل شاعري جي مجمُوعن هن کي ان وقت ته شُهرت کڻي نه ڏني پر ان ذريعي ڪيٽس کي ڪالرِج، هَيزلٽ ۽ ٿامس ڪارلائِل (Thomas Carlyle) جَهڙا دَوست ضرُور مليا، جن هُن کي ۽ هُنجي ڪم کي هر وقت ساراهِيو هو ۽ هُن جي همٿ_افضائي ڪئي هُئي .
اُن سَڀ جي باوجُود؛ جان ڪيٽس ڪنهن به حوالي سان دلشِڪسته نه ٿيو ۽ نه ئي وري “لائِي هَنٽ” جھڙي ماڻهو هن کي اڪيلو ڇڏيو هو. هي پنهنجي مُنهن لکندو رهيو هو ۽ هن کي ڪنهن به شي جي لالچ نه هئي__۽ نه وري ڪنهن به قسم جي شُهرت جي بُک هئي. هن وٽ جذبو هو جيڪو هن کي هر وقت شاعري ڪرڻ تي مجبُور ڪندو رهيو هو__رَومانوي خيالن جي دنيا ۾ هن کي مزو اچي چُڪو هو ۽ هِن دنيا داري جي شُهرت کان فَراريت واري واٽ ورتي هُئي؛ جنهنجو اِظهار هُن پنهنجي هڪڙي دوست بَيلِي (Belly) ڏانهن خط لکي ڪيو هو ته “مُون وَٽ ٻيو ڪُجھ به ناهي مُون وٽ بس نيڪ نِيتي آهي، مُحبت آهي؛ خيالن جي سَچائي آهي ۽ اُهائي سچائي ئي مُنهنجي اندر جي خُوبصُورتي آهي”
اُنهي سچائي ۽ شاعِري جي دُنيا کي اپنائيندي جان ڪيٽس هميشهه هميشهه لاءِ مڪمل طور تي پنهنجي ڊاڪٽري واري شُعبي ۽ ڌِنڌي (Profession) کي الوِداع چئي چُڪو هو__جنهن کان پوءِ وري هُن کي مُعاشي بَدحالي کي مُنهن ڏيڻو پئجي ويو هو. هن کي جيئڻو ۽ گذارو به ته هَر حال ۾ ڪَرڻو هو جنهن کان پوءِ هُن هڪڙي پينٽر بينجمن هائڊن (Benjamin Hyden) کان قرض (Loan) کڻڻ شروع ڪيو هو__مُعاشي ڏيوالپِڻي هن کي آخر اَيترو ته تنگ ڪيو جو هُن کي رهڻ لاءِ ڪمرو به نه هُيو ۽ هاڻي ڪيٽس وڃي پنهنجي ڀائرن جارج (George) ۽ ٽام (Tom) سان گڏجي اُنهن جي ڪُواٽر ۾ رهيو. ڪيٽس جي اُنهي ٻنهي ڀائرن مان ٽام کي ٽي_بي جي بيماري هُئي__جنهن جي دَيک ڀَال (Treatment) جان ڪيٽس ۽ جارج گڏجي ڪرڻ لڳا هئا. ٽام جي طبيعت ٿوري بَهتر ٿي وڃڻ کان پوءِ جان ڪيٽس پنهنجي ڀاءُ جارج ۽ جارج جي زال ۽ پنهنجي ٻئي دوست چارلس ڊائِيڪ (Charles Dyke) سان گڏ اسڪاٽ لينڊ (Scotland)، آئر لينڊ (Ireland)، ليڪ ڊسٽرڪ (Lake District)، لنڪاسٽر ۽ لِيور پُول (Liver_Pool) کان ٿيندو آمريڪا جو چَڪر لَڳايو هو__۽ اُنهي سَفرن دوران جان ڪيٽس کي ڦِڦڙن جي بيماري ٽي_بي سبب گھڻي تڪليف ٿي رهي هُئي ۽ هُو ڪمزور به ٿيڻ لڳو هو؛ جنهن کان پوءِ جان ڪيٽس واپس پنهنجي ڀائرن واري ساڳي رهائش گاھ تي پهتو__جِتي هِن پنهجي ڀاءُ ٽام کي به شديد ڪمزور ڏٺو هو. اُنهي کانپوءِ هن فلحال طور تي سڀ ڌَنڌا ڇڏي صرف پنهنجي ڀاءُ جي علاج (ڇو ته هي خود ڊاڪٽر به هيو) ۽ ديک ڀال ڪرڻ ۾ لڳي ويو هو پر شايد پنهنجي ڀاءُ کي بچائڻ ڪِيٽس جي هَٿ ۾ نه هو ۽ 1 ڊسمبر 1818ع ۾ ڪِيٽس جو ڀاءُ ٽام پنهنجي ڦڦڙن جي بيماري ٽي_بي سان وِڙهندي فوت ٿي ويو.
جان ڪيٽس کي پنهنجي ڀاءُ جي موت جو ته شدِيد ڏک ٿيو هو پر هُن ٽي_بي کي خانداني بيماري سمجھي پنهنجي اَندر کي دِلاسا ڏيندو وري پنهنجي لکڻين واري دنيا ۾ مصروف ٿي ويو هو. پنهنجي ڇَپيل ٻن شاعرِي جي مَجمُوعن جي ناڪامي ڪيٽس لاءِ ايتري اَفسوسناڪ نه هئي جيتري خُوشي ڪيٽس کي پنهنجي بعد جي بهترين شاعري لِکڻ تي ٿي هُئي. ۽ اُنهي بعد جي شاعرِي جان ڪيٽس کي ڪيترائي مَداح ڏنا. جنهن کان پوءِ اُنهي دور جو مشهُور رومانوي شاعر ورڊس ورٿ به جان ڪِيٽس جي لکيل شاعري مان بَيحد مُتاثر ٿيو؛ ۽ پوءِ ٻنهي جي اُها سڃاڻپ دوستي ۾ بدلجي وئي هُئي. جان ڪيٽس جا جيڪي غزل تمام گھڻو مشهور ٿيا تن ۾ اَوڊ آن گِريشن ارن (Ode On Gracian Urn) جيڪو هن مئي 1819ع ۾ لِکيو هو جنهن ۾ فن ۽ اُن جي سُونهن جي تعريف ڪندي حقيقت کي خُوبصورتي ۽ خوبصورتي کي حقيقت سڏيو هو. اُنهي ساڳي مهيني مئي 1819ع دوران هن جو ٻيو لکيل غزل اوڊ ٽو نائِيٽينگل (Ode to Nightingale) حقِيقي رومانوِي عَڪس جو شاهاڪار هو؛ جنهن ۾ هُن فِطرت جي پيروي ڪندي ڪوئِل جي ٻولي ۽ اُن ۾ فِطرتي ڪشش جي مِٺاس (Sweetness) کي محسُوس ڪري پنهنجي لَفظن ۾ شاعري جي صُورت ۾ بيان ڪيو هو. اُن کان پوءِ هنجو اوڊ آن اِنڊولنس (Ode on Indolence) جيڪو هن 1819 ع ۾ لکيو هو، اُنهي غزل ۾ هڪڙي اهڙي ماڻهُو جو ذِڪر آيل آهي جيڪو اُونهاري جي ٿڌڙي صُبح ۾ پنهنجي اَندر ۾ پاڻ سان ڳالهائِيندي دُنيا جي هر ڌنڌي کي تُرڪ ڪري مُحبت ۽ خُواهش جي دُنيا کي حقِيقي دُنيا سمجھي ٿو__۽ اُنهي ۾ ئِي هُو سُڪون تلاش ڪرڻ جي ڪوشِش ۾ رهي ٿو. “ اينڊ مائِن” جيڪو هن 1818 ع ۾ لکيو هو پر اُهو بعد ۾ دير سان هڪڙي مئگزين ۾ ڇپيو، ۽ اُنهي بيت ۾ جان ڪيٽس دنيا جي ظاهري وَجُود ۽ خيالن جي جُڙيل دُنيا جي وچ ۾ فرق ڏسيندي ٻڌائي ٿو ته “هي دنيا فانِي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي سچي مُحبت حاصل ڪرڻي آهي ته هُن کي پنهجي اندر ۾ رهي ڪري زندگي جي حقيقي مُحبت ۽ عِشق کي پنهنجي خيالن جي رَومانوي اَنداز ۾ ڳولڻ کپي”. اُنهي کان پوءِ هُن جا د اِيو آف اَيس_ٽِي اَيگنس ( The Eve of S.T Agence) لا بيل ڊيم سنز مرسي ( LA Belle Dame Sans Merci)، هائپرن (Hypron) “ليما” جهڙن لکيل غزلن ۽ شاعري ڪِيٽس جي شخصيت کي وڌيڪ اُجاگر ڪيو هو. هن کي هاڻي ڪنهن شي جي ڪمِي نه رهي هُئي__۽ ها اُن کان علاوه جَان ڪِيٽس کي هن جي هِڪڙي دوست چارلس برائون (Charles Brown) پنهنجو محل “وينٿروِٽ محل” کيس تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو ۽ جنهن کانپوءِ جان ڪيٽس کي رهڻ جي لاءِ سُٺو گھر ملي پيو هو. جان ڪيٽس جي وفات کان پوءِ هِن مَهل تائين اُهو گھر جان ڪيٽس جي نالي سان اُنجو مِيُوزيم بڻيل آهي. پنهنجي شاعري جي رومانيت ۾ جان ڪيٽس ايترو ته مَهُو ٿي پيو هو جو دُنيا جي هر حُسن سان هن کي مُحبت ٿيڻ لڳي هئي.
1817ع هن جڏهن شاعرن ۽ پڙهيل دوستن کي گڏ ڪري اِسٽڊي سَرڪل هلائڻ شروع ڪيو تڏهن اتي هنجي سڃاڻپ آئس بيلا جونس (Isbela Jhons) نالي عورت سان ٿي جيڪا بيحد خوبصورت ۽ دِلڪش هُئي_جان ڪيٽس پنهنجا ٻه بيت (At the Eve of S.T Agnes) ۽ (Athe Eve of S.T Mark) آئسبيلا جي ساراه ۾ ۽ سُونهن تي موهجِي لِکيا هئا. اُنهي وقت اُتي ڪافِي موجُود ماڻهن جو خيال هو ته “جان ڪِيٽس ۽ آئسبيلا پاڻ ۾ صرف سُٺا دوست هُئا ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪي به جنسي لاڳاپا نه هئا”__پر اُنهي دوران ڪِيٽس پنهنجي ڀاءُ جَارج ڏانهن خط لکي هُنکي ايئن به ٻڌائي ٿو ته “آئسبيلا تمام خوبصورت آهي ۽ منهنجي دل نه پئي چاهيو پر ان باوجود به مان پنهنجي جسم کي هنجي جسم سان گرم ڪري ڇڏيو ۽ مان هن جي چپن کي به چُميو، هُو ديوي آهي__سونهن جي ديوي!!”
پر آئسبيلا ۽ جان ڪيٽس جو ساٿ گھڻو نه هَلِي سگهيو هو؛ اُهو اُن لاءِ ته 1817ع ۾ آئسبيلا پنهنجون موڪُلون گذارڻ لاءِ بو_پيپ (Bo_Peep) جي ڳوٺ هاسٽنگس (Village of Hasting) آئي هئي؛ ۽ هُن کي عِلمي ڪِرتن سان چاھ هو، جنهنڪري هُن ڪيٽس جي اِسٽڊي سَرڪلز ۾ وڃڻ شروع ڪيو هو__جتي ٻنهي جي دوستي ٿي ۽ چند مهينا اُتي رهڻ کان پوءِ هُو اتان واپس هلي وئي. اهو رشتو ايسيتائين تائين ئي هلي سگھيو هو پر سيپٽمبر 1818ع ڌاري هن جي ملاقات ڊائيڪ خاندان سان تعلق رکندڙ اَرڙهن سالن جي فيني بران (Fanny Brawn) سان ٿي هئي .
جان ڪيٽس ۽ فيني جا ابا ڏاڏا شُروع کان کي هِڪ ٻئي جو خاندان (خاندان معنيٰ جيئن اَسانجي سِنڌ ۾ ڀائِپي ۽ برادري) هئا. فيني کي به پڙهڻ ۽ فطرت جي سُونهن سان بَيحد مُحبت هُئي جَنهن کانپوءِ ڏسندي ۽ ملندي؛ ٻئي هڪ ٻئي کي تمام ويجھو اَچي چُڪا هئا__۽ 13 اپريل 1819 ع ڌاري فيني ۽ هن جي بيواھ ماءُ پنهنجو گَھر تبديل ڪري اَچي وينٿروٽ محل جي سامهُون رَهيا جتي هر روز ۽ هر وقت جان ڪيٽس ۽ فيني هڪ ٻئي کي ڏسي ۽ مُلاقات ڪري ٿي سَگھيا. جان ڪيٽس جا سَڀ حَواس ۽ وقت هاڻي صرف فيني لاءِ مقرر ٿي چُڪا هئا جنهن سان گڏ هُن کي گھُمڻ، گڏجِي ماني کائڻ، گڏجي ڊانٽي(Dante) جا ڪتاب پڙهڻ ۽ گڏجي سمهڻ ۾ هميشه سُڪون مِلندو هو. جان ڪيٽس جي خواهش هئي هُو فيني سان شادي ڪري جنهن کان پوءِ ٻنهي جي مڱڻِي ٿي ۽ اهو ڪِيٽس جو فَيني سان حقِيقي عِشق هو.
سسيپٽمبر 1820ع اُنهي ڏينهن ڪِيٽس جو سڄو جِسم پگھر ۾ ٽِمي (ٽِرمِي) رهيو هو؛ جڏهن ڊاڪٽرن ڪِيٽس کي ٻڌايو ته “تنهنجي ڦڦڙن جي بيماري ٽِيُوبَر ڪلاسِز (ٽي_بي) شديد ٿي وئي آهي”__ُانهي خَبر ڪيٽس کي دِلشِڪسته ڪري ڇڏيو هو. زندگي هن سان ڌوڪو ڪري رهي هئي! پر هي هاڻي زنده رهڻ پيو چاهي ۽ هُن فيني برائون سان شادي ڪرڻ جو سوچي ڇڏيو هو__پر شايد؛ بَخت جا سِتارا هن جي حق ۾ گردش ڪرڻ لاءِ نه بچيا هئا!___ڊاڪٽرن کيس صلاح ڏني ته “توکي کي هاڻي وڃي ڪنهن گرم علائقي ۾ رهڻ کَپي ڇو ته؛ ٿڌي علائقي ۾ رهڻ تنهنجي زندگي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سَگهي ٿو!”
اُنهي بيگانگِي واري صُورتحال ۾ ساڳي مهيني سيپٽمبر 1820ع ڌاري جان ڪِيٽس رَوم ڏانهن وڃي رهڻ جو اِرادو ڪيو هو؛ جتي گرم موسم شايد هُن کي ڪُجهه فَرحت ڏئي وجھي__پر قسمت کي ڪِيٽس جو اهو فيصلو به گوارا نه لڳو ۽ روم ۾ وڃي رهڻ کان پنج مهينا بعد هُن پنهنجي بيماري سان وڙهندي بَيگانگي جي عالم ۾ دَم ڏنو .
روم وڃڻ وقت ڪيٽس فينِي بران سان نه مليو هو؛ هُن فقط فيني جي ماءُ کان موڪلايو ۽ رَوم وڃڻ کان پوءِ هَر وقت فيني ڪيٽس جي اِنتظار ۾ بيچين رهڻ لَڳي هُئي. جڏهن روم ۾ جان ڪيٽس جي موت ٿي تڏهن ذَريعن جي نه هُجڻ ڪري هڪ مَهينو بعد ڪيٽس جي موت جي خبر لَنڊن پُهتي؛ ۽ اها خبر فيني بران لاءِ تمام گھڻو ڏُکوئِيندڙ خبر هئي جنهن کان پوءِ ڇهن سالن تائين فيني اُنهي ڏک ۾ پنهنجي رُوح اندر ماتم ڪندي رهي. جان ڪيٽس جي موت کان پوءِ ٻارنهن سالن تائين فينِي ڪنهن ٻئي شخص جي باري ۾ نه سَوچيو هو پر پنهنجي ماءُ جي چَوڻ تي هُن بعد ۾ شادي ڪري ڇڏي هُئي ۽ ٽن ٻارن جي ماءُ بڻي. جان ڪيٽس جي موت کان پوءِ هُو چالِيھ سال پنهنجي ازدواجي زندگي ۾ هر وقت جان ڪيٽس کي ياد ڪندي رهندي هُئي ۽ فَينِي کي اهو به اِحساس هو ته “جان ڪيٽس هن جو پهريون مڱيندو هو” .
جان ڪيٽس جو فيني بران ڏانهن شَديد مُحبت ۽ چاهت ڀريو هِڪڙو خط جيڪو دوستن لاءِ سِنڌي ۾ هيٺ ترجمو ڪجي ٿو.
خط
منهنجي پياري !
هن وقت آئون پنهنجي بيتن کي پنهنجي اندر ۾ لاهي نئين سِر لکي رهيو آهيان پر خبر ناهي مونکان اهو لکڻ نٿو پُڄي! تنهنڪري مان سوچيو ته توڏانهن چند سٽون لکان ۽ ڏسان ته ان ذريعي ٿوري وقت لاءِ متان تون منهنجي ذهن تان هٽي وڃين_پر نه مان سمجھي ويو آهيان منهنجي رُوح ۾ تو سوا ٻيو ڪجھ به ناهي هاڻي. خير اھُو وقت گذري ويو جو مان صبح جو اٿڻ وقت به تنهنجي تمنا ئي ڪندو هو يا صبح جي ياد توکي ڏياريندو هوس_منهنجي توسان محبت مونکي خود غرض بڻائي ڇڏيو آهي ۽ مان تو کان سوا پاڻ کي ڪٿي به موجُود ڪون ٿو سمجهان_مان هر شي کي ڪٿي ڪٿي وساري ويهندو هان پر توکي ڏسڻ وساري نٿو سگهان_۽ منهنجي زندگي مون کي اُتي اچي بيهاريو آهي جو هاڻي توکان سواءِ مونکي ٻيو ڪجه نظر ئي ناهي ايندو!.
تو مونکي هر طرح سان پنهنجي رُوح اندر جذب ڪري ڇڏيو آهي جو مونکي منهنجي پنهنجي اندر جي ڳرڻ جو احساس به ٿيندو آهي_ توکي مونکي ڏسڻ وقت ناقابِلِ رداشت ٿيڻ کپي ۽ توکي مونکي پاڻ کان پري رکڻ تي ڊڄڻ به گهرجي. منهنجي پياري فينِي...مونکي اهو به ٻڌا ته ڇا تنهنجي محبت ته نه بدلبي ڪڏهن؟ ۽ تنهنجي هڪڙي چِٺڙي ملي جنهن کي پڙهي مان ڪافي خوش ته ڪون ٿيس_غربت ته آهي امير هئڻ جي برخلاف واري شي ۽ مونکي ڪڏهن به اُنهي حال ۾ جيئڻ جو تعنو نه ڏجانءِ_مان حيران آهيان ته ڪي ماڻهو پنهنجي مذهب خاطر به پنهنجي جان ڏئي شهيد ٿي ويندا آهن_ ۽ مان به پنهنجي مذهب خاطر قربان ٿي سگهان ٿو پر ياد رک ته منهنجو مذهب منهنجي محبت آهي_۽ تون ئي آهين منهنجي محبت!!۽ ها مان تولاءِ شهيد ٿي سگهان ٿو!
اِها ڳالھ به ٻڌ ته منهنجي زندگي جِي وڏي ۾ وڏِي لالچ محبت آهي ۽ تون ئي صرف انهي جو هِڪڙو اُصول آهين_ جيڪڏهن پنهنجي طاقت سان تون مونکي پاڻ کان دور ڪندِيئن تگ مان ضرور اُن جي مزاحمت ڪندُس_۽ جڏهن کا مان توکي ڏٺو آهي تڏهن کان مان ان جو مقابلو ڪندو رهيو آهيان_انهي سان گڏ جڏهن آءُ توکي ڏسندو آهيان تڏهن اڪثر ڪري منهنجا سڀ حواس پنهنجو ڪردار نڀائڻ ڇڏي ڏيندا آهن_ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪجھ آءُ لکي به نٿو سگهان_عشق جو درد هميشھ مٺو ئي هوندو آهي ۽ سڪُون بخشيندڙ به_پر منهنجي محبت به خود مون جِيان غريب آهي ۽ مونکي ايتري ئي خبر آهي ته مان توکان بغير هڪ پل به نٿو رهي سگهان ۽ نه ئي جِي سگهان ٿو!

جان ڪِيٽس
13 آڪٽُوبر 1819