مهاڳ
مون کان ڪو به ماڻهو جڏهن ادب، فلسفي يا فِڪري نوعيت جي علم تي ڳالهائڻ لاءِ چوندو آهي تڏهن نه ڄاڻ ڇو تمام گهڻو مُنجهي پوندو آهيان_ ته “ادب، فلسفي ۽ سماجي علم بابت آءُ ڇا لِکان!!؟ ڇا ڳالهايان!؟_جيڪڏهن ڳالهايان به ته صحيح___پر ڳالھ ڪٿان شروع ڪيان؟ اُهي ڳالهيون جيڪي ڪنهن جي وڇوڙي بابت آهن، ڳالهيون جيڪي ڪنهن جي ميلاپ بابت آهن_يا اُهي ڳالهيون جيڪي دوپهرِي ٻانهن بابت آهن_يا اڃا اھي ڳالهيون جيڪي ڏور ڏور ڊجيٽل دنيا جي شور کان ڏور ڪنهن ڪومل ڪنيا جي سُرمئِي اکين ۾ سمويل سانوڻ بابت آهن!_۽ اهي سڀ ڳالهيوادب جو موضوع بڻجن ٿيون ۽ فلسفي جي فِڪر ڦرهي مٿان کُليل جيان هُجن ٿيون”
اسان وٽ تعليم صرف اُن ڪري حاصل ڪئي ويندي آهي جيئن ڪنهن سڻڀي سُٿري نوڪري تي هٿ سڻڀا ڪري سگهجن يا گريجوئيشن ڪري ڪنهن ٿلهي ٿنڀري وڏيري يا وزير کان چورائي سرڪاري ٻڌو ٻانهو ئي ٿجي. اسان وٽ تعليم ان لاءِ ڪون ٿي حاصل ڪئي وڃي ته هن سڄي مانڊاڻ کي سمجهجي يا ڄاڻجي يا پرکجي_۽ علم اُن لاءِ هتي حاصل ڪون ڪبو آهي جو ريشنل بڻجي ۽ تنقيد سوچ ذريعي شين کي پرکجي_وري جيڪڏهن جيڪڏهن ٿورا گهڻا دوست پڙهڻ ۾ دلچسپي وٺندا آهن تن کي سندس گهروارا، دوست احباب ۽ معاشروکين انهي سوچ ڏانهن ڌڪيندا ته “وارو ڪريو اوهان هوشيار آهيو_سي.ايس.ايس ڇو نٿا ڪريو”!؟ چلو____ٽي سال ڪُوڙا ڪتاب رٽي رٽي جيڪڏهن ڪو انهي ۾ پاس به ٿي وڃي تو ته وري ڪتابن کي پٺي ڏئي باقي حياتي لڳي وڃي ٿو ڪرپشن ڪرڻ ۾_سواءِ چند چڱن دوستن جي باقي هڙئي لڳي وڃن ٿا ڪرپشن جي وڌندڙ ڪاروبار ۾__اها به حقيقت آهي ته ڪتابن پڙهڻ واري سلسلي کي مستقل مزاجي طور اختيار ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
هي دور ڊجيٽل دنيا جو دور آهي جيڪو ٻي دنيا لاءِ ته خبر ناهي ڪو سٺو سنئوڻ ثابت ٿيو هُجي پر اسان وَٽ ڊجيٽل ميڊيا نوجوانن جي هٿن مان ڪتاب کسي ورتو آهي_هر ڪنهن جو اکيُون اڄڪلھ ڪرسٽل نما اسڪرينز تي کُپيون پيون آهن ۽ اسان هن ڊجيٽل لاوي ۾ ئي پيا لڙهندا وڃون. اهو سڀ اسان لاءِ هن مهل تائين ته ڪو لاڀائتو عنصر ته ثابت ناهي ٿيو پر ڪهڙي خبر ايندڙ دورن ۾ اهو طوفان مان بدلجي ڪجھ نارمل حالتُن تائين وڃي پهچي____مان مايوس ڪون آهيان!
اسان جو نصاب علم جي واٽ تي جيڪو جهالت ڦهلائڻ جو خاص سبب آهي ۽ جنهن جي پڙهڻ سان ڪنهن به قسم جي نقيدي سوچ ۽ منطقي ڇيد وغيره جي پيدا ٿيڻ جو سوال ئي بند ٿي وڃي_ ۽ اهو تعليمي نظام پوءِ ڀلي کڻي سرڪاري هُجي يا خانگي پر نظر ائين پيو اچي ڄڻ اسان علم بدران هر قدم جهالت طرف ئي پيا وڌائيندا وڃون. علم جو سوجهرو جيڪو مختلف ٻولين جي سکڻ، انهن ٻولين ۾ لکيل ڪتابن پڙهڻ ۽ ڪتابن بابت مذاڪرا ڪرڻ جي راز ۾ لڪيل آهي_تنهن مان شايد اڄ تائين اسان جو نسل گهڻي قدر فيضياب ٿيڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي_اهو منهنجو پنهنجو خيال آهي!
سماجي سائنس، سماجيات، ادب ۽ فلسفو جيڪو ڄاڻ جي هڪ وڏي کيپ جو مظهر آهي، اسان ان طرف ڪڏهن نهاريو ئي ناهي_اسان جو سڄو زور پنهنجي ٻارڙن ڪي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻائڻ تي هُجي ٿو_اسان ڪڏهن اهو ڪون سوچيو ته جيڪڏهن ٻار ڪڏهن انجنيئر يا ڊاڪٽر نه ٿو بڻجي ته خير_______! هِڪ سٺو انسان ته بڻجي! پر نه_هي جُڙتو مقابلي جو جهان آهي ۽ اسين ڪميونٽيز ۾ ملڻ بجاءِ هاڻ شاپنگ مالز ۾ ملڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏيون ٿا ۽ نتيجو اهو مليو آهي جو اسڪول ته وڏا ۽ مهانگا آهن پر علم چئوڏسان ڪٿي به نظر ئي نه پيو اچي_آبادي ته ڏينهنون ڏينهن وڌندي پئي وڃي پر اُنهن ۾ ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو سوچ بدلائيندڙ ۽ دلين کي جلائيندڙ جذبن سان ٽمٽار ٿين ٿا_سيمينٽ جا ٺهيل پڃرا ته کوڙ آهن پر گهر نظر نه پيا اچن_جستجو ته هر ڪنهن جي جاري آهي پر زندگي جو سُڪون شايد ڪنهن وٽ ميسر ئي ناهي!
اهو ته اسان جي معاشري جي سوچ جو عڪس هو پر اڄڪلھ جا ٽي_وي اينڪرز ڇا پيا ڪن؟ ها________اڄڪلھ جا ٽي وي اينڪرز اسانجي گهر جون ڀتيون ٽپي اسان جي شناخت ۾ مداخلت ڪرڻ لڳا آهن، اسان کي هُنن هِن ڪمرشلائيزڊ دنيا جي خواهشن جو ڳيجُهو بڻائي ڇڏيو آهي. ٽي وي ڊرامن مان ڊرامي جو رُوح نڪري ويو آهي باقي رُڳو خالي لفظن جي نه کُٽندڙ هڪ ڊگهي جنگ ئي پئي نظر اچي__جنهن جو لڳي ٿو ختم ٿيڻ ناممڪن ئي هُجي!
مونکان جيڪڏهن ڪو دوست منهنجي ڪتاب پڙهڻ لاءِ صنف پڇندو آهي ته مان کيس ڪٿائون، آتم ڪٿائون ۽ جيون ڪهاڻيون پڙهڻ جو ڏس ڏيندو آهيان_جيتوڻيڪ ڪهاڻي، ناول ۽ فلسفو پڻ منهنجي پسند جا موضوع رهيا آهن. جڏهن توهان ڪنهن ماڻهو جي جيون ڪٿا پڙهو ٿا ته اوهان ان جي سڄي زندگي جي عالم اندر ڦهليل تجربن، ڪاميابين ۽ ناڪامين کان ويندي اُن دور جي سياست، معيشيت ۽ سماجيات بابت به ڄاڻي سگهو ٿا_جيئن انگريزي ليکڪ مائيل هارٽ “سئو اثر رُسوخ رکندڙ شخصيتن” جي جيون ڪهاڻي لکي آهي يا جيئن ڊيل ڪارنگي ڪيترن ئي اهم شخصيتن بابت لکيو آهي. انهي کان علاوه انقلابي شخصيتن جون جيون ڪهاڻيون به هر شعورپرست فرد کي پڙهڻ گهرجن جيڪي منهنجي پسند جا ڪتاب رهيا آهن_ جيئن پئبلُو نرودا جي جيون ڪٿا، فيڊرڪ ڪاسترو جي “منهنجي زندگي”_ يا چي گويرا جي موٽر سائيڪل ڊائري وغيره.
انهي کان علاوه جيل ۾ تخليق ٿيل علم به ماڻهو کي تمام گهڻو لاڀ ڏئي سگهي ٿو_جيل ڊائريون وغيره_ان جو مطلب اهو هرگز ڪونه آهي ته اهي ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ ماڻهو چُپ ڪري ويهي رهي_دنيا ۾ فِڪشن به ڪمال جو موجود آهي جيڪو هر فرد کي دلچسپي سان پڙهڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌي، اردو يا انگريزي__يا کڻي ڪابه ٻولي جنهن ۾ انسان کي پڙهڻ اچي ته هُو ڪوشش ڪري ته انهي علم ما لاڀ حاصل ڪري_پر سوال وري به اهو ئي ٿو پيدا ٿئي ته____“آخر ڪتاب پڙهي ڪير”!؟
ڪتاب ماڻهو جو نئون جنم هوندو آهي__ماڻهو جو اندر ڌوئيو ڇڏي ۽ ماڻهو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ نت نون خيالن جي خوشبو سان موطر ٿيو وڃي.
هي ڪتاب “افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين” اسان جي پياري دوست رفيق وڏي محنت ڪري لکيو آهي جنهن جو احوال هُن “پنهنجي پاران” ۾ به لکيو آهي_۽ ڪتاب جي اندر به اهو سڀ ڪجھ جرڪي پيو جيڪو اسان کي انگريزي ادب دوران پڙهڻ لاءِ هٿ اچي سگهيو. ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي نڪ جي ڦلي جهڙو انگريزي ڊپارٽمينٽ جنهن مون سميت گهڻن جي زندگي ۾ کيرٿر جهڙيون لهانديون ۽ اوچايون پيدا ڪيون آهن_جيڪو اڄ تائين جاري ساري آهي ۽ اُن جو اندازو هن ڪتاب کي پڙهي به لڳائي سگهجي ٿو ته ادب سنڌ يونيورسٽي اندر جاندار فردن جي تخليق وارو ڪم اڃا سرانجام ڏئي پئي.
انگريزي ادب پڙهڻ دوران اهو راز عاشقار ٿئي ٿو ته ڪيئن نه دنيا جو خزانو بي بها ۽ امُلھ علم سان ڀريل آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو چاهي ته هِن دنيا جي علم جي واري ڇاڻي ان مان ڪي املھ هيرا موتي لعل حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪي پنهنجي شخصي ۽ ذهني واڌ ويجھ سان گڏوگڏ سماج ۾ به بهتر ۽ تعميري سوچ جي ڍنگ کي اُجاگر ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي سگهن ٿا.
اسان ماڻهو جيتريون يوناني ڦڪيون ۽ دوا استعمال ڪيُون آهن جيڪي هاڻي اسان لاءِ هِڪ مذاق پڻ بڻجي ويون آهن_اُن جي جاءِ تي جيڪڏهن اسين يوناني فلسفو ڪتب آڻيون ها ته اڄ اسان جي هي حالت ڪون هُجي ها. اها اسانکي ڀلي ڀت خبر آهي ته فلسفو صحتمند بحث ۽ تنقيدي سوچ کي اڀارڻ جو مُحرق بڻجي ٿو ۽ فلسفو هر پڙهندڙ جي اندر اعتماد پيدا ڪري ان کي سوال ڪرڻ سيکاري ٿو__۽ سوال ڪرڻ سان شين جو ادراڪ پيدا ٿئي ٿو، سوچ تبديل ٿئي ٿي. مثال طور___سچ اهو ناهي جيڪو نظر اچي ۽ سچ اهو به ناهي جوڪو نظر نٿو اچي_پر هر زماني جو سچ پنهنجو پنهنجو هوندو آهي جيڪو هڪ دور ۽ عهد تائين ماڻهن جي ذهني اوج جو ڪارڻ بڻجي ٿو_ بعد ۾ اهو سچ ٻئي دور لاءِ هِڪ ڏند ڪٿا ۽ کل جهڙي ڳالھ بڻجي پئي ٿو.
سج اوڀر کان اڀري ٿو_آسمان جو رنگ نيرو ٿيندو آهي، آسٽريليا ۾ جُون جولاءِ ۾ سيارو هوندو آهي، ناروي ۽ سئيڊن ۾ ڇهن مهينن جي رات ۽ ڏينهن ٿين ٿا، واري جو تپيل رڻ پاڻي ڀريل ڍنڍ نظر اچي ٿو___تنهن ڪري حواسن سان ٽڪرائجي معنٰي ٺاهيندڙ هر عمل سچ ڪون هوندو آهي__پر هڪڙو مقامي (Relative) سچ هوندو آهي ٻيو ڪائناتي (Universal) سچ ٿيندو آهي پر اهي سڀ سمجهاڻيون به هر دور ۾ هر انسان پنهنجي پنهنجي سهولت ۽ مشينري جي موجودگي جي ڪري ٺاهيون آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ معاملا ئي ٻيا هُجن!
هي جيڪو دنيا ۾ نيو لبرل ترقي جو اُڀار آيو آهي تنهن سان اسان وٽ رستا ۽ رشتا سڀ جُدا ٿي ويا آهن_دنيا جا هڙئي مُلڪ آمريڪا ۽ يُورپ وٽ گروي ٿي ويا آهن ۽ انهن جي وسيلن جي واهر ۾ سندن ثقافتون ۽ تهذيبون سڀ ڪجھ بلڊوز ٿي ويو آهي__اهي سڀ لقاءُ کي سمجهڻ جي اهم ضرورت آهي.
اسان جڏهن به ڪنهن تاريخ يا عِلم جو ذڪر ڇيڙيون ٿا ته ان ۾ يوناني فلسفيِن ۽ اديبن جي ذڪر کانسواءِ اُن جي پڄاڻي ممڪن ئي ڪون آهي. فلسفي ۽ ادب جا بڻ بڻياد کان ويندي دواسازي جا بڻ بڻياد سڀ يونان ۾ ٿي پيا هئا. هومر جيڪو دنيا جو پهريون شاعر هو ۽ اکين کان وڏو هو_اُن جيڪي داستان چيا هئا تن جا پڙاڏا به اسان جي ڪنن ۾ اڄ تائين گُونجن ٿا پيا.
سوفوڪليس ۽ اسڪائيلس جي لکيل ڊرامن ۽ ناٽڪن جهڙا ناٽڪ اڄ تائين ڪو لکي نه سگهيو آهي__يُورپيڊِيز جهڙي ڪردارنگاري اڄ تائين ڪو اُڻي نه سگهيو آهي پر انهن سڀني جي وچ ۾ انساني علميئي جهڙي ريت استاد ارسطو شاعري جي عهدنامي پوئيٽڪس(Poetics) ۾ اُڻيو آهي ۽ نائِڪ (Hero) جون جيڪي خصُوصيتون هُن بيان ڪيون آهن_ سو اڄ جو آمريڪي فلم ۽ ڊرامو سڀ ڪجھ انهن ئي مول متن تي بيٺل آهي.
موجوده ڪتاب اندر جيڪي بي بها جيون ڪٿائون، فلسفين ۽ اديبن جي پورهئي جي ٿوري گهڻي جهلڪ اسان جي دوست رفيق کوسو صاحب اسان کي پسائِي آهي اهو سندس ڪتابن سان عشق، ادب سان چاه ۽ عالماڻي ڊسڪورس جو هِڪ اهم ثبُوت آهي.
ارسطو جيڪو سقراط جو شاگرد هو اُن پنهنجي استاد جي علم موڙي کي ڪم آندو ۽ باقي زندگي انهي جي علم جي تاويل ۾ لڳائي ڇڏيائين. سقراط هن جهان جو وڏو داناءُ فلسفي ماڻهو هو ۽ ان جهڙو ماڻهو اڄ ڏينهن تائين رُوءِ زمين تي ڄمي نه سگهيو آهي__هُن کي سڄي دنيا ۽ ڪائنات ۾ موجود علم جي ڄاڻ هُئي پر پوءِ به هُو هميشه ائين چوندو هو ته “I know is, I know nothing”!___يعني “آءُ فقط ايترو ڄاڻان ٿو ته آءُ ڪُجھ نٿو ڄاڻا”.
اڄ اسان جا ڊجيٽل دنيا جا سقراط ۽ ارسطو هِڪ اڌ چوپڙي پڙهيو پاڻ کي سوا سقراط سمجهيو ويٺا آهيون. اسان جا ڪُجھ دوست پي.ايڇ.ڊي جي نالي ۾ ڪجھ ماڻهن جو ڪم ڪار کڻي اُن مان حوالا هيڏانهن هوڏانهن ڪيو__پاڻ ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر کي دوکو ڏئي، پرڏيھ مان گهمي ڦري واپس اچي تعليمي ادارن ۾ مُنشي گِيري ۽ باغباني ويٺا ڪن__۽ وري وزيرن مُشيرن جي ڪمداري ۾ مصرُوف آهن___جيڪڏهن هُنن کي اهو ئي ڪم ڪرڻو هو ته اُن لاءِ پي ايڇ دي ڪرڻ جي ڪهڙي ضوروت هُئي_اهو ته ائين به ٿي پئي سگهيو!؟
افلاطون پنهنجي خيالي رياست ۾ هِڪ غار جو واقعو هڪ تمثيل طور بيان ڪيو آهي جنهن ۾ هُو انسان جي علمي حدن جو تعيُن ڪري ٿو ۽ اهو سندس ڪمال آهي_يُوناني ڊرامه نويس ۽ شاعرن سان گڏ هِن ڪتاب ۾ ادبي تحريڪُن جڏهن يورپ جا دروازا کڙڪايا اُتي ڪيئن نه مسيحت جو ڄميل ڄارو علم ۽ سائنس جي روشني آڏو ڌڙا ڪري هيٺ ڪِريو__تي به ڪافي معلومات درج آهي.
سر فرانسز بيڪن دنياوي چوڻيون ۽ عام ڳالهين کي گڏ ڪري ٺوس دليلن تي ٻڌل جيڪي مقالا لکيا هئا سي لاطيني ٻولي ۾ لکيا هئا ۽ بعد ۾ اهي انگريزي ۾ ترجمو ٿيا_بيڪن جا اُهي مقالا انساني ڏاهپ، سُونهن، جذبن ۽ زندگي جي ونهوار تي هِڪ مستند دستاويز آهن.
انهي کان علاوه وجُوديت جي فلسفي کي فني طور متعارف ڪرائيندڙ البرٽ ڪاميو وجوديت (Being) سان واڳيل روڳ، تڪليف ۽ اڪيلائي کي پنهنجي ناولن ذريعي ظاهر ڪيو__سندس جڳ مشهور ناول طائون (The Plague)__ ۽ مٿ آف سسي فس(Myth of Sisyphus) گهڻا مشهور آهن. اسان کي اهڙن ڪتابن جي گهڻي ضرورت آهي جيڪي اسان جي اندر ۾ سوالن کي اُڀاري سگهن ۽ ڪُوڙ جي ٺهيل هن ڪاڪ کي ڪيرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.
رفيق پياري جو هي پورهيو هڪڙي وڏي عهد جو دستاويز آهي__جيتوڻيڪ اُن کان پوءِ دنيا جي ادب، فلسفي ۽ مشيني ماحوليات جي حوالي سان پُوري يورپ ۽ آمريڪا ۾ تمام گهڻو ادب تخليق ٿي چُڪو آهي ۽ گهڻيون پراڻيون ڳالهيون__۽ نظريا رد ٿي چُڪا آهن__دُنيا جو علم به تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي____پر پوءِ به هي منش ماڻهو کيروت لهڻي جو هو اسان جي سوچن مٿان نصابي زنگ کي پنهنجي پورهئي سان رڳڙڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
[b]شوڪت لوهار
[/b]___حيدرآباد، سنڌ
تاريخ______________30.05.2018