شخصيتون ۽ خاڪا

افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

هن ڪتاب ۾ عالمي ڏاهن افلاطون، ارسطُو، سوفوڪليس، لونجائنس، فرانسس بيڪن، جان ڪِيٽس، چارلس ڊڪنز، گوئِٽَي، ٽالِسٽاءِ ۽ البرٽ ڪاميو جون ادبي ڪٿائون، قصا ۽ زندگيون تاريخي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيل آھي. ھي ڪتاب نوجوان ليکڪ رفيق کوسو لکيو آھي.
ڪتاب اندر جيڪي بي بھا جيون ڪٿائون، فلسفين ۽ اديبن جي پورهئي جي ٿوري گهڻي جهلڪ اسان جي دوست رفيق کوسو صاحب اسان کي پسائِي آهي اهو سندس ڪتابن سان عشق، ادب سان چاه ۽ عالماڻي ڊسڪورس جو هِڪ اهم ثبُوت آهي.
  • 0/5.0
  • 2833
  • 951
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏاهن افلاطون، ارسطُو، سوفوڪليس، لونجائنس، فرانسس بيڪن، جان ڪِيٽس، چارلس ڊڪنز، گوئِٽَي، ٽالِسٽاءِ ۽ البرٽ ڪاميو جون ادبي ڪٿائون، قصا ۽ زندگيون تاريخي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيل آھي. ھي ڪتاب نوجوان ليکڪ رفيق کوسو لکيو آھي.
ڪتاب اندر جيڪي بي بھا جيون ڪٿائون، فلسفين ۽ اديبن جي پورهئي جي ٿوري گهڻي جهلڪ اسان جي دوست رفيق کوسو صاحب اسان کي پسائِي آهي اهو سندس ڪتابن سان عشق، ادب سان چاه ۽ عالماڻي ڊسڪورس جو هِڪ اهم ثبُوت آهي. ھن ڪتاب ۾ شاندار سرخ ماضيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تاريخ جا باب خوب محفوظ ٿيل آهن. هي لکڻيون جديد دور جي علمي ۽ ادبي تقاضائن موجب لکيل آھن. هن ڪتاب ۾ تخليقي صلاحيتن سان گڏوگڏ تنقيد ۽ تحقيق جي شاندار جهلڪ نظر اچي ٿي جنھن لاءِ ليکڪ کيرون کيِرون لھڻيون.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2018ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو. سنڌ سلامت پاران سنواريل، سڌاريل ۽ وڌايل ڊجيٽل ايڊيشن اوھان اڳيان آندو ويو آھي. اسان ٿورائتا آھيون محترم رفيق کوسي ۽ پياري مدھوش مير جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
سنڌ سلامت پاران

پنهنجي پاران

مهاڳ

اَفلاطوُن 347_427 قبل مسيح

ارسطوُ 384 ___332 قبل مسيح

سَوفو ڪلِيس 497 قبل مسيح

لَونجائِنس پهرئين صدي عيسوي

فرانسِس بَيڪن 1561__1626عيسوي سال

جان ڪِيٽس 1795__1821 عيسوي سال

چارلس ڊڪنز 1812__1870 عيسوي سال

يَوحان وَولف گانگ گوئِٽَي 1749___1832عيسوي سال

ليو ٽالسٽاءِ 1828__1910عيسوي سال

البرٽ ڪاميو 1913_1960عيسوي سال

مددگار ڪتاب ۽ مضمون

بئڪ ٽائيٽل پيج

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • ليکڪ رفيق کوسو
  • ڇپيو ويو 2018
  • ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
  • لاٿو ويو 951 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون