لَونجائِنس پهرئين صدي عيسوي
لونجائنس ڪڏهن به هڪ جَڳهه ۽ ملڪ کي دائِمي ڪري نه رهيو هو؛ ڪڏهن رَوم(Rome) ته ڪڏهن اٿينس(Athens) ۽ وري ڪڏهن “ پَليمَيرا رياست” جي گھٽين ۾ بي سبب گھمندو رهندو هو، ۽ زندگي جا تجُربا حاصل ڪندو رهندو هو. لونجائنس جي امڙ جڏهن گذاري وئي هُئِي تنهن وقت هُو ننڍو ٻار هو، تڏهن هُن جي ماسِي فرونٽو(Fronto) هن کي پاليو ۽ ننڍي هوندي کان ئي هِن کي سٺي تعليم به ڏياريائينس؛ اُنهي ڪري ئي جڏهن لونجائنس جي ماسي زندگي جي آخري ڏاڪي تي پهتي تڏهن چئي ڏنائينس “تون ئي منهنجي زندگي جو وارث آهين”.
لونجائنس کي فلسفي(Philosophy) پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو تمام گھڻو شوق هو، پر حقيقي طور لونجائنس فلسفيِن جيان پيدا ئي نه ٿيو هو؛ هي هڪ عالِم هو جيڪو تنقيد (Criticism)، گرامَر (Grammar) ۽ فن خطبات (Rhetorics)جو ماهر هو .
فلسفي بڻجڻ جي چڪر ۾ لونجائنس اٿينز اچي پهتو هو، پر اٿينز پهچڻ کان پوءِ هُن کي خبر پئجي چڪي هئي ته هو ڪڏهن به فلسفِي بڻجي نٿو سگھي! تنهن باوجود به هُو اتي ئي رهيو چند سالن لاءِ ۽ پنهنجي لکڻ واري ڪم ۾ لڳو رهيو هو__هُن جو اُهو ڪم جڏهن پورو ٿيو هو تڏهن هُن اٿينز کي ڇڏِڻ جو فيصلو ڪيو هو، ۽ هاڻي لونجائنس اٿينز ڇڏي اوڀر طرف نڪري پيو هو___جتي هن جو هڪ پراڻو دوست رهندو هو. دوست سان وڃي رهڻ کان پوءِ ان علائقي جي راڻي (جيڪا عورت هجڻ سان گڏوگڏ ذهين ۽ علم سان چاه رکندڙ هئي) سان هن جو واسطو ٿيو، ۽ اُن واسطي کان پوءِ اُن راڻي، جنهنجو نالو “زِينوبِيا” (biyaZino) هو ۽ ھُو پليميرا جي حڪومت هلائيندي هئي، لونجائنس کي پنهنجو “ٽِيوٽر” مقرر ڪري ڇڏيائين__هاڻي لونجائنس کي رهڻ لاءِ سٺو ماحُول، صاف سُٿرو ڪَمرو ۽ هِڪڙي لائبرري ڏني وئي هئي؛ جتي هُن کي تمام سبجيڪٽن تي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو ملي ويو هو__پر لوئنجانس کي وڌيڪ ترقي اُنهي مَهل ۽ اُن وَقت مِلي هُئي جڏهن راڻي جو مڙس وفات ڪري ويو هو ۽ حڪومت جون واڳون هرلحاظ کان مڪمل طور راڻي جي هٿ ۾ اچي ويون هيون .
هاڻي راڻي کي حُڪومت هلائڻ واري معاملن تي هر وقت لونجائِنس جي ضرُورت پوندي هئي ۽ هو هر مسئلي جو حل تلاشڻ لاءِ به لونجائنس سان صلاح مشورو ڪندي هئي. پر اها ترقي لونجائنس کي نصيب نه ٿي ڇو ته لونجائنس ان وقت راڻي کي اُها صلاح ڏني هئي ته “پليميرا رياست (ان وقت جنهن تي راڻي حڪومت ڪري رهي هئي) کي رومي قبضي مان آزاد ڪري هميشهه لاءِ پنهنجي آزاد حڪومت ۽ آزاد رياست بڻائي ڇڏجي”. لونجائنس جي چوڻ تي راڻي بغاوت جو سڏ ڏيڻ شروع ڪيو ۽ رومِين کان پليميرا کي آزاد ڪرائڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو هو__هوڏانهن وري رومين کي راڻي جي بغاوت جي خبر پئجي وئي هئي ۽ رومي بغاوت جي باھ ڀڙڪڻ کان اڳ پليميرا تي ڪاهي آيا هئا، ۽ راڻي جي تيار ٿيل فوج تي حملو ڪري ڏنو هُئائون__جڏهن ته ان وقت لونجائنس به راڻي جي فوج ۾ شامل هو ۽ راڻي جي حڪومت ۽ ساخ (onorH) کي بچائيندي رومين جي فوج سان وڙهندي پاڻ به شهيد ويو هو.
[b]عَلوِيت جَي باري ۾ On the sublime
[/b] On the Sublime جي معنيٰ علويت جي باري ۾ يعني ٻولي ۽ لکڻ ۾ خُوبي ۽ اوچائي پيدا ڪرڻ آهي. اِهو ڪتاب ئي ثبوت آهي جنهن مان لونجائنس جي وجود جو ثبوت ملي ٿو___هي ڪتاب يوناني (Greek) ٻولي ۾ لکيل مليو هو ۽ هن ڪتاب جو يوناني نالو هائِپوسِس (Hypsos) هو. انگريزي ۾ ترجمي دوران هن ڪتاب کي On the sublime جو نالو ڏنو ويو، جيڪو جنهن ۾ هائپوسس (Hypsos) لفظ جي جاءِ تي اُوچائِي (sublimity) وارو نُقطو جوڙيو ويو؛ اهو لفظ استعمال ڪرڻ اصل ۾ هائپوسس (Hypsos) جي گھڻي قدر معنيٰ کي ظاهر ته نه ٿو ڪري؛ پر ان باوجود، وري به ڪنهن حد تائين ٺهڪندڙ ضرور لڳندو آهي_“پروفيسر سَينسِٽري” لونجائنس جي سَبلائِيم لاءِ چيو آهي ته “سبلائيم پڙهڻ وارن جي دل ۾ ادب کي گھري طرح سان پڙهڻ ۽ پرکڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي”. لنجائنس پنهنجي سبلائيم لکڻ دوران هر طرح سان ارسطو(eAristotl) جي منطق (Logic) جي پيروي ڪندي نظر آيو آهي؛ جنهن لاءِ هن وڌيڪ چيو آهي ته “ادب پڙهڻ جو بنيادي ۽ آخري مقصد مُسرت وٺڻ (Fantasy) آهي ۽ اهو اَدب بَذات خود ئِي ڪافِي آهي” .
ٽَيرين ٽِياس خطن جي انتظار ۾ هو؛ اُنهن خطن جي انتظار ۾ جيڪو لنجائنس هُن ڏانهن موڪليندو هو، ۽ جنهن ۾ فن اندر اوچائي پيدا ڪرڻ وارو سبق لکيل هوندو هو. لنجائنس پنهنجي دوست ٽيرين ٽياس کي اهو چوي ٻڌائي ٿو ته “عقُليت جي باري ۾ سَيسي ليَس (Cecylys) جيڪي مڪالما (Articles) لکيا هئا، اُهي ايترو قدر عَلويِت(sublimity) کي سمجھائڻ ۾ ڪا خاص مدد نه ڏئي سگھيا___اُهو اُن لاءِ به ٿِي سگھي ٿو ته شايد سَيسِي لَيس جو اُن موضوع تي ايترو گرفت نه هو! تنهن ڪري هُو کولي سمجھائڻ ۾ ناڪام رهيو”_سڀ کان پهرين هر موضُوع کي شُروع ڪرڻ دوران ٻه ڳالهيون ضرور ذهن ۾ رکڻ گھرجن_“هڪ ته موضوع جي شروعات خوبصورت هئڻ گھرجي ۽ موضوع شروع ڪرڻ وقت وڏي پئماني تي سوچ ويچار ضرور ڪرڻ گھرجي ته ڪٿي اُهو پنهنجي جاءِ تان هٽي نه وڃي___ٻيو اِهو ته جيڪو طرِيقه ڪار توهان جي ذهن ۾ آهي اُن کي انهي دائري ۾ صحيح نموني رکڻ گھرجي ۽ انهي جا طريقا ڳولجن ته ان کي صحيح ۽ بهتر نموني بيان ڪرڻ جا ڪهڙا طريقا ٿي سگھن ٿا” .
ٽيرين ٽياس هڪ عالم فاضل شخص هو جنهن کي علوِيت جي باري ۾ هُو وڌيڪ ايئن به ٻڌائي ٿو ته“ لکڻ واري قوت ليکڪ جي جذبي ۾ آهي__هاڻي ليکڪ کي اِهو ذِهن ۾ رکڻ گھرجي ته هنجو مقصد صرف ۽ صرف وِڙهندڙ لفظن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ آهي” .
علويت هڪ فن آهي ۽ هِڪڙي قسم جو فِطري تجربو آهي، جيڪو اِنسان کي قدرت طرفان تُحفي طور ملندو آهي. علويت فطري ناهي نه ئي سيکاربي آهي “انسان جي تخليق فطري آهي ٺيڪ انهي طرح جيئن انسان جي اندر جِيوَ (Gen) فطري هوندا آهن”. علويت به جيو وانگر انسان جي اندر فطري طور داخل ٿيل هوندا آهن ۽ هر ماڻهو کي ڄمڻ وقت اهو تحفو نصيب ناهي ٿيندو. هاڻي اُهي سڀ جيو جيسين تخليق ڪرڻ جي سگھ رکندا تيسين اهي جيئرا رهندا؛ جيڪڏهن جِيو ختم ٿي وڃن ته سڄو تخليق وارو عمل به ختم ٿي ويندو__هر تخليق ۽ جِيو جو هڪڙو آخري ڏينهن به ضرور هوندو آهي.
لنجائنس انهي جو وڌيڪ مثال هن طرح به ڏئي ٿو ته “جيڪڏهن توهان کان وڌيڪ ڪو شخص صلاح وٺڻ ايندو ته توهان ضرور ڪوشش ڪندو ته هُن کي سٺي صلاح ڏجي! ۽ سٺي صلاح رحمت جيان هوندي آهي__جيڪڏهن توهان سٺي صلاح ڏيڻ ۾ ناڪام ويندو ته توهان محسوس ڪندو ته توهان جي صلاح ڏيڻ واري فن ۾ علوِيت يا اوچائي (sublimity) موجود ناهي___يعني سٺو مشورو به هڪڙو سٺو فن آهي جنهن ۾ پڻ علويت جو ڪردار ادا ٿيل هوندو آهي”.
ٻولي (Language) کي لنجائنس هڪڙو بونيادي فن ڪوٺي ٿو ۽ هُن مطابق “ٻولي جو رشتو به علويت سان آهي؛ ۽ ٻولي هِڪڙو فطري تحفو آهي جنهن ذريعي لفظ جڙن ٿا ۽ زندگي جو وهنوار هلي ٿو. ٻولي علويت مان جڙندي آهي جي ٻولي مان علويت (اُچائي) غائب ٿي وڃي ته ٻولي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهندي”.
علويت مان مراد “ٻولي ۾ خُوبي ۽ اُوچائي پيدا ڪرڻ آهي ۽ اُهو سڀ علويت جي هجڻ سان ممڪن آهي”. هر شاعر ۽ هر نثر نگار جيڪي به علويت تي دَسترس رکندڙ هوندا آهن اُهي سڀ لافانِي فن جا حقدار هوندا آهن. علويت ذريعي ماڻهن جي جذبن کي ٽَيڪ ڏئي سَگھجي ٿو__علوِيت جُملن ۽ جَذبن جو مَيدان آهي “جنهن ۾ آواز، لهجا ۽ لفظ جَمال جو مظاهرو ڪندا آهن”.
هر ماڻهو کي گھڻيون شيون ته فطرت طرفان ڄائي ڄم کان تحفي طور نه ملنديون آهن؛ پر تنهن باوجود به هر ماڻهو ۾ ٿورو ئي صحيح علويت جو جزو ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو آهي جنهن جي هُن کي خبر نه هوندي آهي. هر انداز علويت آهي ۽ هر ادائگي علويت جي نشاندهي ڪندي آهي__انسان جي سوچ، وَجود هُنجو رهڻ ڪرڻ، هُنجا جذبا ۽ انهن جذبن کي منظرِ عام تي کليل رکي حقيقي انداز ۾ پيش ڪرڻ کي علويت چوندا آهن.
ادب جي دنيا ۾ علوِيت خيالن ۽ لفظن کي خوبصورت بڻائي سولي سهڻي معنيٰ ۾ اظهار ڪرڻ جو هڪڙو فن آهي. “هر فن ۾ خُصوصِيت کي جاءِ ڏيڻ لاءِ الڳ فن آهي ته علويت کي انهي سڀني ۾ پهريون مقام ڏيڻ گھرجي”__جيئن ته علويت کي فن ۾ جاءِ ڏيڻ ۽ سمائڻ جا پنج مکيا ذريعا هي به آهن .
[b]فن ۾ اُوچائِي پيدا ڪَرڻ لاءِ عَظِيم خَيال جَوڙڻ؛
[/b] انسان جي سوچ جو تعلق رُوح سان آهي؛ ۽ روح ئي جذبن کي جنم ڏيندو آهي___جنهن مان اوچا خيال پيدا ٿي نڪرندا آهن. فن ۾ آزادي (Freedom) جو ڪردار هجڻ لازم آهي؛ جيڪڏهن آزادي ناهي ته فن عمدو (Sublime) نظر نه ٿو اچي__ان لاءِ لازم آهي ته علويت کي قائم رکڻ لاءِ خوشامدي (Adulation) وارا جذبا هڪ پاسي رکي ڪري، ٻولي، خيال (Intelligence) ۽ لفظن (Words) کي حقيقي جذبن سان نظر پيش ڪجي جيئن فن جو اصل توازن (Avenness) برقرار رهي سگھي. فن ۾ خيالن جي جوڙجڪ کان ويندي هر قسم جي لفظن جو تعلق فن کي پيدا ڪندڙ جي سچائي سان هجي__جنهن مان فن کي ڏسندڙ ۽ پڙهندڙن کي ڪنهن به قسم جي جهول محسوس نه ٿئي.
اُهو ئِي موضُوع چُونڊڻ گھُرجي جَنهن ۾ مَهارت هُجي ۽ اُنهي کي تَرتِيب ڏِيڻ جو فَن هُجي؛
هر ڪنهن وٽ فن کي بيان ڪرڻ جو انداز الڳ هوندو آهي ۽ ڏاهپ (Wisdom) انهي ۾ آهي ته جيڪي به خيال (Ideas)، جذبا ۽ واقعا انسان پنهنجي فن ذريعي بيان ڪرڻ گھري ٿو تن ۾ کيس مهارت ۽ دسترس (Accessibility) هجڻ گهرجي. جيڪو ڪجھ فنڪار پاڻ پرکي ان کي ترتيب ڏئي پيش ڪري. جيڪڏهن فنڪار وٽ انهي سڀني جُزن (Elements) کي ترتيب ڏيڻ جي سگھ ناهي تنهن مان مراد هُن وٽ علويت جي کوٽ آهي. هر روز فنڪار پنهنجي حواسن (sSense) ذريعي ڪيترن ئي شين جو تجزيو (Analysis) ۽ تجربو(Experience) ڪري ٿو پر صحيح معنيٰ ۾ ترتيب ڏيڻ وارو عمل صرف علويت کي سمجھڻ کان بعد ۾ ئي سرانجام ڏئي سگھجي ٿو.
[b]عَلوِيت ۾ ڦِهلاءُ پَيدا ڪرڻ ۽ اُن کي مشهُور بڻائڻ؛
[/b] ڦهلاءُ (Amplification) مان مراد هر طرح جون گڏ ڪيل معلُومات؛ ۽ اُنهي معلومات کي صحيح نموني هڪ هنڌ رکي ڪري انهن کي بيان ڪرڻ کي ڦهلاءُ چئبو آهي_پر انهي کي صحيح نموني ترتيب ڏيڻ ۽ پيش ڪرڻ علويت کان بغير ناممڪن آهي .
[b]نَقُل Immitation ۾ علوِيت کي جاءِ ڏِيڻ جَو عَمل؛
[/b] هر دور جو فنڪار ماضي کي نقل (Immitation) ڪرڻ ڄاڻندو آهي ۽ پنهنجو گھڻو ڌيان ۽ گِيان اعليٰ شين کي پرکڻ ۾ لڳائي ڇڏيندو آهي پر انهي نقل ڪرڻ واري فن ۾ به علويت لازمِي جُز(Element) آهي. جيڪي به شيون اعليٰ پائي جون تخليق ٿيل هونديون آهن انهن کي اڄ جو ليکڪ يعني شاعر ۽ نثر نگار نقل ڪري پنهنجي اندر پيدا ٿيل علويت جو حصو بڻائي ڇڏيندو آهي. انهي ۾ لنجائنس، هومر(Homer) ۽ افلاطون(Plato) جو مثال کڻي اڳيان رکي ٿو ته “انهن جي لکڻين تي نظر وجھجي ۽ انهن کي پهرين سمجھجي ته انهن جي ٻڌڻ ڳالهائڻ ۽ لکڻ کان ويندي هُنن جي هر ردِ عَمل جو مُعائنو ڪجي_اُنهن جي ڪم جي جوڙ جڪ کي پرکجي ته جيئن اڄ جو ليکڪ انهن جي علويت کي پنهنجي روح ۽ جذبي ۾ سمائي پنهنجي تخليق کي مضبوط ۽ اثر انداز بڻائي” .
[b]لِکڻِين ۾ تَشبيهُن جو اِستعِمال؛
[/b] ڪنهن شي کي جيڪڏهن ڪو فنڪار تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تڏهن “سڀ کان پهرين خيال جوڙڻ لازمي هوندو آهي”__۽ خيال ذِهن جي پيداوار آهي جنهن ۾ تشبيهه (Metaphor)__يعني جُڙيل مختلف خيالن کي ڪو شڪل ڏئي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ آهي. انهي تشبيهن جو مرڪزي ڪردار شاعري (Poetry) ۽ نثر نگاري (Prose) ۾ حيرت ۽ صفائي Clarity & Cleanness)) پيدا ڪرڻ آهي .
علويت جا پهريان ٻه ذريعا ڄائي ڄم کان فطرتن انسان جي اندر ۾ مختلف اندازن ۾ سمايل هوندا آهن؛ پر ٻيا ڪيترائي ذريعه آهن جنهن کي اپنائي ۽ سِکي سگھجن ٿا. پر مرڪزي پهريان ٻه ذريعه يعني “عظيم خيال جوڙڻ ۽ مهارت وارو موضوع چونڊڻ”_ جيڪڏهن اسان جي اندر ۾ ناهن ته پوءِ فنڪار ۽ تخليڪار لاءِٻيا ذريعه سمجھڻ ۽ سمجھائڻ بيحد ڏکيو ۽ناممڪن ٿي پوندو.
علويت لفظن جملن کي صحيح حالتن طور صحيح انداز ۾ جوڙڻ جو هڪڙو فن آهي؛ جتي خيالن ۾ تخليق دوران مَنظر ڪشِي کي مظبُوط رکڻ لاءِ واقعن ۽ ٻولي جو ڳانڍاپو لکڻين جي فن کي وڌيڪ پڙهندڙ جي ذهن ۽ روح تي اثر انداز ڪندو آهي. جنهن ذريعي فن ۾ بلندي (Elevation) ۽ بهتر انداز (Style) جو ڪارنامو بلڪل صاف نظر اچي ٿو .
علويت سادن ۽ سٺن خيالن سان جڙندو آهي، ٻولِي سُهڻي ۽ آسان لفظن جي بناوت هُجڻ کپي خيال ڪيترائي کڻي وڏا هجن پر انداز(Style) معياري ۽ وڻندڙ هُجڻ ضروري آهي. جذبن جي جوڙ جڪ ۽ خيالن جو ڦهلاءُ اهڙو هُجي جو پڙهندڙ پاڻ کي انهي لکڻين ۾ سمائي ڇڏي ۽ پڙهندڙ خود پنهنجو پاڻ هڪ ڪردار بنجي وڃي.
علويت لاءِ سادگِي ۽ سُهڻائپ جو هجڻ بيحد ضروري آهي؛ ۽ لکڻين ۾ چند اهڙيون به شيون لڀن ٿيون جيڪي فن کي صحيح ثابت نٿيون ڪن_“مثال طور ٻولي جو اِستعمال ڏکيو رکڻ يا خيالن ۾ ڪا به مظبوطي (Coherence) جو نه هجڻ ۽ ترتيب سان واقعن کي بيان نه ڪرڻ ۽ ڳالهه ڊگھي ڪري وڃڻ پر ان ۾ مقصد جي کوٽ هجڻ جهڙيون شيون فن ۽ لکڻين ۾ مزو پيدا نه ڪري سگھنديون آهن”. جنهن سان ليکڪ پڙهندڙن جي روح ۽ جذبن تي ڪهڙي به حوالي سان پنهنجو اثر نٿو ويهاري سگھي.
مٿي بيان ٿيل سِٽن ۾ جيئن فن کي وڃائڻ ۽ علويت کي غلط (False Sublime) ڍنگ سان پيش ڪرڻ سان لکڻين ۽ فن ۾ ڪنهن به قسم جي چاشِني پيدا نه ٿو ڪري سگھجي__جنهن ۾ علويت واري جذبي کي ڪمزور ڪندڙ عملن ۾ ڪجھ ٻيون به شيون اچي وڃن ٿيون__جهڙوڪ خيالن کي ٻاراڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ، ٻولي کي ترتيب نه هجڻ ۽ جيڏانهن جهڙا هٿ ٺوڪيا ۽ جُڙتو جُملا ۽ لفظ استعمال ڪرڻ؛ مواد گھڻو هجي پر پڙهندڙ کي پڙهڻ دوران شديد تنگ ڪري__اُهي چند شين جي ڪارڻ ڪري لکڻين مان مزو ڇڏائجي وڃڻ جو خدشو ۽ انديشو ٿيندو آهي .
تنهن ڪري علويت کي پيدا ڪرڻ لاءِ ٻولي ۽ مواد دمدار هئڻ سان گڏ سهڻي انداز ۾ بيان ٿيل هجي؛ جنهن ۾ روحاني جُز جو هجڻ لازمي آهي ۽ انهي سان گڏ هر شي فطري ۽ روانگي سان بيان ٿيل هجي. ان سان گڏ لکڻين ۾ جوش (Passion) جو هجڻ لازمي طور ضروري آهي ڇو ته “جڏهن ڪو به ليکڪ يا فنڪار قلم کڻي ۽ ڪجھ لکي ته خبر پوي ته هُن وٽ جذبا زنده آهن”. جذبن سان گڏ ويهي لکڻ سان لکيل مواد ۾ جڙت پائي نظر نه ايندي ۽ جذبي کان خالي ٿي جيڪڏهن ڪو ليکڪ مواد لکي ٿو تنهن مان مراد هُو صِرف خالي پنا ڀري ڦٽو ڪري ٿو__ڇو ته جذبا ئي اهڙي شي هوندا آهن جيڪي لکڻ دوران لکڻين ۾ چاشني (Tinge) پيدا ڪرڻ جو سبب بڻبا آهن .
انهي سڀني شين سان گڏ عبارت (Cross Out) جو مضبوطي سان خيال رکڻ ضروري آهي. عبارت مان ليکڪ جي لکڻين جي پوري خبر پوي ٿي ته هُن جو انداز ڇا آهي؟ سندس خيال بيان ڪرڻ وقت جذبن جو معيار ڪيترو اٿس؟ يا عڪس جوڙڻ جي طاقت ۽ ٻولي ۾ چاشني پيدا ڪرڻ جو ڪيترو ماهر آهي؟ ماڻهن کي ۽ پڙهندڙن کي موهڻ (Move) واري شڪتِي ڪيتري اٿس!؟ ايئن ئي ليکڪ يا فنڪار جي اهڙين شين جو خاص خيال رکڻ ۾ ڀڙ (Expert) آهي ته ان مان مراد علويت جو زور اُن وٽ برقرار آهي__۽ ليکڪ (Writer) يا فنڪار (Artist) پنهنجي ڪردار کي آزمائڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي___لکڻ ڇا آهي؟ لنجائنس جي نظر ۾ “لکڻ يعني ڪردارن ۾ حقيقي ساه ڀرڻ آهي جنهن ذريعي هر ڪردار ڀرپور نموني پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائي سگھي”. اُن سان گڏ، منظرن ۾ رنگيني آڻڻ (Romantic Diction) ۽ واقعن (Events) ۾ مقصد (Plot) رکي بيان ڪرڻ هر فنڪار ۽ ليکڪ جو اول جذبو هجڻ گھرجي.
انهن سڀني شين کي سهيڙي ذهن ۾ رکڻ کان پوءِ آخر ۾ ليکڪ لاءِ لازمي هوندو آهي ترتيب (Coherence) ڏيڻ__۽ ترتيب مان مراد ٻولي کي ٺاهي جملن ۽ لفظن جي جوڙ جڪ ڪرڻ ۽ انهي جوڙجڪ ۾ وزن(Rhythm) جو هجڻ به لازمي آهي؛ جنهن ذريعي لکيل منصوبي(Plot) جي تهه تائين پهچڻ لاءِ پڙهندڙ کي تڪليف نه ٿئي ۽ آساني سان پڙهندڙ ليکڪ جي لکڻين سان جذباتي طور پنهنجو پاڻ کي کڻي هلي .
علويت جو ظهور ڪيئن هوندو آهي؟ جڏهن ليکڪ جو مکيه ڪردار هڪ ته پنهنجو خيال ٻين تائين پهچائڻ هوندو آهي ۽ ٻيواُنهي خيال ۾ پيدا ڪيل فهم (Genius) ۽ ٽيون هوندو آهي خوش بياني (Euphamism)__جنهن سان ادب پنهنجي شان مان (Grandeur) واري نقطي جو پورائو بڻجندي آهي .
ادبي دورن ۾ هر ليکڪ وٽ پنهنجو مجاز(Mode) هوندو آهي ۽ هر اديب پنهنجي انداز سان لکندو آهي. ادب جو خاصو رشتو تاريخ (History) ۽ صِنف (Genre) سان جڙيل آهي__ساڳي طرح لنجائنس پنهنجي علويت ۾ هُومر جي لکيل واقعن کي ان دور جي تاريخ سان ملائيندي ڳالهه ڪري ٿو ته “هَومر جو لکڻيون حقيقي، تاريخي ۽ دلچسپ لکڻين جو مظاهرو آهن؛ جنهن ۾ هومر پنهنجي شاعري ۾ علويت جو مظاهرو ڪندي نظر اچي ٿو ۽ جنهن ۾ هر دور جو پڙهندڙ پاڻ کي جذباتي طور هومر جي لکڻين ۾ شامل ڪندي نظر اچي ٿو”. اهو شان مان ۽ اوچائي وارو فن هو جنهن ۾ فنڪار پنهنجي اکين سان ڏٺل واٺل حالتن ۽ واقعن کي شاعراڻي (Poetic) انداز ۾ بيان ڪري پڙهندڙن آڏو پيش ڪري پڙهندڙ کي پنهنجي لِکڻين جي آغوش ۾ ڀري وٺي ٿو”.
لونجائنس پنهنجي ساڳي تنقيدي نصاب ۾ يوناني، رومي ۽ هيبرِيو (Hebrew) ادب جي پاسن جي سربراهي ڪندي نظر آيو_جنهن ۾ هر نسل (Generation) جي ليکڪ وٽ پنهنجو هڪڙو مخصوص انداز(Solid Style) آهي؛ ۽ علويت کي پرکڻ جا طريقا ۽ مختلف رستا آهن___لونجائنس پنهنجي تنقيد ۾ لکڻين کان ويندي عڪس (Imagination) ۽ انداز(Style)___يعني هر شي تي گھري نظر وجھي پنهنجي قلم کي ادب جي ميدان ۾ وهايو جنهن ۾ خيالن ۽ رُوح کان نِڪرندڙ آواز کان ويندي شاعري، نثر نِگاري تائين شين جي اُونهائي (Depth) کي جاچي ڪري انهن جي پرچار ڪئِي ۽ ادب ۾ علويت کي مضبوط ٺاهڻ لاءِ مختلف رستا ڏنا.