شخصيتون ۽ خاڪا

افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

هن ڪتاب ۾ عالمي ڏاهن افلاطون، ارسطُو، سوفوڪليس، لونجائنس، فرانسس بيڪن، جان ڪِيٽس، چارلس ڊڪنز، گوئِٽَي، ٽالِسٽاءِ ۽ البرٽ ڪاميو جون ادبي ڪٿائون، قصا ۽ زندگيون تاريخي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيل آھي. ھي ڪتاب نوجوان ليکڪ رفيق کوسو لکيو آھي.
ڪتاب اندر جيڪي بي بھا جيون ڪٿائون، فلسفين ۽ اديبن جي پورهئي جي ٿوري گهڻي جهلڪ اسان جي دوست رفيق کوسو صاحب اسان کي پسائِي آهي اهو سندس ڪتابن سان عشق، ادب سان چاه ۽ عالماڻي ڊسڪورس جو هِڪ اهم ثبُوت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2908
  • 993
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رفيق کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book افلاطون کان البرٽ ڪاميو تائين

اَفلاطوُن 347_427 قبل مسيح

“مَحبوب جي هوندي ڪو به انسان ڪڏهن به بزدلي جو مظاهرو نٿو ڪري سگھي تنهن ڪري دوست مونکي عاشقن جي فوج ڏيو مان توهان کي سڄي دنيا فتح ڪري ڏيندس .”____اَفلاطُون

اَٿينز جي شاعر اگاٿن کي يوناني ٿيٽر ۾ پهريون انعام مليو هو_اُن وقت “ آگاٿن” پنهنجي خوشي ملهائڻ لاءِ سڀني ڏاهن کي دعوت ڏني جتي اُن وقت جا سڀ عقلمند ۽ فلسفي گڏ ٿيا هئا ۽ سڀني مهمانن محبت جي موضوع تي بحث ڪيو هو، جيڪو افلاطون جي “سمپوزيم” ۾ پوري ۽ بهترين انداز سان بيان ٿيل آهي. ان دعوت ۾ فلسفِي سقراط پڻ موجود هو ۽ ان کان علاوه “اَسرٽو فينز” ۽ افلاطون به موجود هئا جتي افلاطون اُهي (مٿي چيل) لفظ چيا هيا. افلاطون 274 ق.م دوران اٿينز يونان ۾ ڄائو هو ۽ هلي ڪري جواني ۾ سقراط جو شاگرد بڻيو. افلاطون هڪ امير خاندان ۾ پيدا ٿيو هو، هن جو والد مالدار ۽ دولتمند هو جنهنڪري افلاطون جي پرورش تمام سٺي ماحول ۾ ٿي. مضبوط هڏ ڪاٺ ۽ جسم جي تندرستي سان گڏ عُمدو ذهن رکڻ ڪري سڀ هن کي پيار ما ن پَلاٽو (Plato) سڏيندا هئا_افلاطون کي فلسفي واري علم سان ايتري ته چاهنا ٿي وئي هئي جو هو ويهن سالن جي عمر ۾ اچي سقراط جي سنگت ۽ شاگردي ۾ شامل ٿيو_ جتان پهرين ڏينهن کان ئي هو سقراط مان بي حد متاثر ٿيو ۽ بعد ۾ پاڻ کي سقراط جو شاگرد سونپي ڇڏيو هُئائين. سقراط جيڪو پيرين اُگھاڙي اٿينز جي گھٽين ۾ پاڻ کان وڌيڪ ڏاهي ماڻهو کي ڳولهڻ جي تلاش ۾ نڪري پيو هو، اها ته خبر ناهي ته هن کي اهڙو ماڻهو مليو يا نه پر “افلاطون ۽ اِلسي بَائِيڊس” جھڙا شاگرد هُن کي ضرور مليا جن بعد ۾ سقراط جي فلسفي کي ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ وارو فرض نڀايو هو. افلاطون جا پسنديده بحث جا موضوع ادب ، آرٽ ، انصاف، محبت، سياست ۽ دوستي هئا، جيڪو سقراط جي شاگرد هئڻ ڪري هن جي نس نس ۾ ڦهلجي ويا هئا ڇو جو سقراط خود اٿينز جي گھٽين ۾ ماڻهن سان اهڙي قسم جي سوالن ۽ جوابن جي ڏي وٺ ڪندو رهندو هو__جيئن “جھموريت ڇا آهي؟ انصاف ڇاهي؟ نيڪي ۽ بدي ڇاکي چوندا آهن، استاد هين يا شاگرد هين؟ مطالعو ڇاهي؟ ذهانت ڪيئن ختم ڪري سگھجي ٿي”؟ وغيره . اهڙن سوالن جي پڇڻ سان سقراط عقل جي ويجھو ايندو ويندو هو ۽ انهن سڀني شين جو گيان ڪندو هو جيڪي ان وقت هنجي زندگي جي ذاتي تجربن ۾ پڻ هئا ۽ ان وقت هي سوال پڇڻ کي غلط نه سمجھندو هو ۽ سقراط مطابق “جيڪڏهن سوال نه پُڇبو ته زندگي ۾ ڪڏهن به صحيح جواب تائين نه پهچي سگھبو”_ تنهن ڪري سقراط تمام وڏو فلسفي (Philosopher) هجڻ جي باوجود به پنهنجو پاڻ کي جاهل سمجھندو هو ۽ چوندو هو “مونکي صرف هڪڙي شي جي ڄاڻ آهي ته مونکي ڪا ڄاڻ ناهي”
پيشي جي حوالي سان سقراط هڪ بت تراش هو پر فلسفي جي گيان سقراط کي علم سان محبت ۾ ايترو ته مَگن ڪري ڇڏيو هو جو هن کان دنيا جا سڀ ڌنڌا وسري ويا هئا_ ايتري قدر جو پنهنجو گھر به هن کي ياد نه رهندو هو جنهن تي سقراط جي گھرواري به هميشهه سقراط تي ڪاوڙيل رهندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن گھر اچڻ تي هن کي گهرواري طرفان بيعزتي به سهڻي پوندي هئي. سقراط کي فلسفي واري علم سان بي تحاشا عشق ٿي ويو هو جنهن لاءِ هُو ائين به چوندو هو ته “فلسفو پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ جو علم آهي”__ ۽ سُقراط هر عِلم ۽ گيان واري انسان لاءِ اِها نصيحت به ڪندو هو ته “پنهنجي پاڻ کي سڃاڻ” !
سُقراط جو اٿينز جي ماڻهن ۽ نوجوانن کي انصاف جي ڄاڻ ۽ گِيان ڏيڻ واري عمل کان خوفزده ٿي اُن وقت جي حڪمرانن سقراط کي ذهر پيئڻ جي سزا ڏئي ڇڏي ۽ سقراط اهو ذهر سچائي کي ثابت ڪرڻ لاءِ راز ۽ خُوشي سان پي ڇڏيو هو. ان وقت جي حڪمرانن ۽ رعِيت هڪ “سچ جي پتلي” کي ماري ڇڏيو هو پر هُن جي اندر لڪيل سچائي کي نه ماري سگھيا هئا جيڪو هِن مهل جي صدين تائين به ساڳيو سچ ئي آهي .
ذهر پيئڻ کان اڳ به سقراط جا تقريبن سڀ شاگرد هن سان جيل ۾ ملڻ ايندا هئا ۽ اُتي به هُو سقراط سان فلسفي تي به بحث ڪندا رهندا هئا . 399 ق.م ۾ جڏهن سقراط ذهر جو پيالو پي فلسفِين واري موت جي آغوش ۾ هميشهه هليو ويو تنهن وقت افلاطون اٿينز کي ڇڏيو ۽ سفر تي نڪري پيو هو، جتان هن کي ان وقت جي دُنيائي اُصولن کي وڌيڪ پَرکڻ جو موقعو مِليو. هي اِٽلي ويو جتي هن جي مُلاقات اِٽلي جي رياضي دان “فِيثاغَورث” سان ٿي جنهن بعد هو سِسِلي، سائِرين ۽ مِصر کان ٿيندو گنگا جي پهاڙن تائين پهتو هو. انهي ٻارنهن سالن جي سير وسفر افلاطون جي فلسفي ۽ علم ۾ وڌيڪ واڌارو پيدا ڪيو ۽ ٻارنهن سالن کان پوءِ افلاطون جڏهن واپس اٿينز پهتو ته ڏاهپ کي پاڻ سان گڏ کَڻي آيو هو.
سقراط وانگر افلاطون کي به سچائي واري علم سان مُحبت ٿي وئِي هئي تنهن ڪري، اُن وقت، هُن اٿينز جي هڪڙي عوامي باغ ۾ هڪڙو مدرسو قائم ڪيو هو جنهن کي اِڪيڊمي (Academia) جو نالو ڏئي ڇڏيو هُئائين_جتي پوءِ افلاطون سُقراطي فلسفي کي اَٿينز جي نوجوانن تائين پُهچائڻ واري عمل کي جارِي رکيو ۽ ان وقت اُنهي دوران افلاطون سقراط جي عِلم کي سُقراط جي نالي سان پنهنجي زبان سان پنهنجي لکڻين ذريعي پيش ڪندو رهيو__جنهن مان صاف ظاهر هو ته سقراط ۽ افلاطون جو مقصد ۽ موضُوع ساڳيو هو ۽ اُهو هُيو “اِنصاف” .
اُن وقت افلاطون ڪنهن عَبراني پيغمبر جيان ٿي لڳو جنهن چيو هو ته “ناانصافي هڪ اهڙي بدي رُوح آهي جيڪو ٻاهران ته بلڪل حسِين پر اندران کوکلو ۽ سڙيل لَڳندو آهي پر سچائي ۽ انصاف اَبدي سَچ ۽ دائم آهي ”.
اُنهي فلسفياڻي ڪم کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي افلاطون پنهنجي فلسفي ۽ بحث مباحثن کي لکڻين جي شڪل ڏيندو ويو جتي هُن انساني ڀائپي، مُحبت، رَعِيَت، اَدب، آرٽ ۽ رِياست جي موضُوعن کي پنهنجي فلسفي جو حصو بنايو ۽ انهي خواهش کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ ان وقت افلاطون هڪڙو ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ هُن رياست کان اِشتراڪِيت ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي خيالي نظريا ڏنا. افلاطون جي انهي ساڳي ڪتاب کي رَعِيَتِي راڄَ (Republic) سڏيو ويو ۽ اسان هتي اُن ريپبلڪ جي ڪتاب نمبر ڏھ (Book No: X) کي مُختصر نظر پڙهنداسين جنهن ۾ هُن ادب، آرٽ، شاعر ۽ شاعري جي نقُل تي بحث ڪيو .

[b]رَعِيَتِي راڄَ ڪِتاب نمبر ڏھ Republik Book No:X
[/b] رِيپبَلِڪ ۾ افلاطون ڪافي ساري جُزن تي پنهنجي فلسفي واري نظر سان بحث ڪندي نظر اچي ٿو__جنهن ۾ هُن رياسَت، سِياست، اِنصاف، ۽ اِشتراڪيت کان ويندي اَدب، آرٽ ۽ شاعري تي ڀَرپُور بحث ڪيو آهي، جيڪو “ريبلڪ جي ڪتاب ڏهون” ۾ اسان کي مِلي ٿو. افلاطُون پنهنجي آرٽَ ۽ شاعري جي بحث تائين وڃڻ کان اڳ ۾ اُهو چئي شروعات ڪري ٿو ته “خلقِڻهار کان پوءِ هي سَڄي دُنيا نقُل آهي”_افلاطون جي مُطابق “هِي دُنيا نقل تي مشتمل آهي جيڪو اسان کي سڀني شين سان گڏ آرٽ ۽ شاعري ۾ به ملي ٿو”. افلاطون آرٽ کي به نقل سڏيو آهي ڇو ته “هڪ آرٽِسٽ صرف فِطرت طرفان تخليق ٿيل شين کي نقل ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو آهي” .
افلاطون مُطابق “جيڪڏهن هڪ چترڪار پنهنجي فن مان ڪا شي ٺاهي ٿو ته اصُل ۾ اُهو انهن ٺهيل شين جي ظاهري شڪل هوندي آهي پر داخِلي هرگز نه ڇو ته افلاطون مطابق اُهو چترڪار پنهنجي حواسن (Senses) جي طاقت سان صرف ان جي ظاهري شڪل تائين دسترس رکي سگھي ٿو پر داخلي جُزن(elements) تائين هو نٿو پهچي سگھي” .
افلاطون مُطابق وڌيڪ ته “هر شي جا ٻه وجُود ٿين ٿا هڪ ظاهري وجُود ۽ ٻيو داخلي وجُود__ظاهري وجود کي ته هرڪو بيان ڪري سگهي ٿو پر داخلي وجود تائين رسائي حاصل ڪرڻ صرف هڪڙي صحيح فلسفِي جو ڪم آهي. ڪنهن شاعر ۽ چترڪار ۾ ايتري سَگھ ئي ناهي جو هُو هر شي جي داخلي وجود ۾ داخل ٿي اُن کَي بيان ڪري سگھي ڇو ته فطرت طرفان تخليق ڪيل شين جو راز صرف فطرت وٽ آهي ۽ اُن کي هڪ فلسفي ڪنهن حد تائين دليلن جي ڏي وٺ ذريعي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آهي” .
افلاطون اهڙي نمُوني هڪ مثال ڏئي ٿو ته “توهان هڪ آئينو کڻو ۽ ان آئيني کي جنهن شي جي اڳيان رکندوَ ته توهان کي ان شي جو عڪس اُن آئيني ۾ نظر ايندو پر اُهو عڪس آئيني ۾ نظر آيل شين جو ظاهري وجود آهي جنهن کي ڏسي سگھجي ٿو پر سمجھي نٿو سگھجي. ظاهري طور تصور ۾ ايندڙ شين جو عڪس ته ڏسي سگھجي ٿو پر انهن جي داخلي تصور جو ڪڏهن به ڪو خاص اندازو لڳائڻ سولو نه هوندو آهي_مطلب ته هڪڙو تخليقار يا چترڪار ڪنهن فطري شي کي نقش ڏئي اُن جي نقل ڪري ٿو جيڪو فطرت طرفان تخليق ٿيل شين جي تمام گھڻو مختلف هجي ٿو” .
ٻئي هنڌ جيئن افلاطون چئي ٿو ته “هڪ چترڪار پنهنجي فن سان هر فِطرت جي شي کي رُوپ ڏئي سگھي ٿو”_جيئن وڌيڪ افلاطون مطابق ته “هڪ چترڪار هڪ مَوچِي جي عڪس کي ظاهري طور ٺاهي سگھي ٿو__مِثال طور هُو صرف موچي جي موجوده حالت کي ظاهري شڪل ڏئي ٺاهي سگھي ٿو پر هُو اُن جي اَندر لڪيل فن تائين رَسائي حاصل ڪري اُن کي منظرعام تي پيش نه ٿو ڪري سگھي جيڪو موچي جي فنِي عِلم ۾ آهي”. ان مان مراد ته موچي جو موچڪو ڌنڌو ان موچي جو داخلي تجربو آهي جنهن کي داخلي طور بيان ڪرڻ چترڪار جي وس جي ڳالهه نه آهي .
اُن کان علاوه “جيڪڏهن اهو چترڪار چالاڪ آهي ته هُو فِطرت سان مذاق ڪرڻ ۾ به ڪو دير نٿو ڪري ۽ فطرت طرفان ٺهيل شين ۾ بگاڙ به آساني سان پيدا ڪري سگھي ٿو”_ مثال کڻي وٺجي ته هُو ٻار کي پوڙهو ۽ بَدصُورت کي خُوبَصُورت ۽ خوبصورت کي بدصورت ٺاهي پيش ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح اُهو چترڪار پنهنجي فن سان جيئن وڻيس تيئن شين کي پيش ڪري ۽ نقل ڪري سگھي ٿو جيڪو افلاطون مطابق “فطرت سان اِنحرافي آهي”.
افلاطون ساڳي ڪِتاب ڏهين ۾ “گِلاڪَن” سان چترڪاري تي گھڻي بحث ڪرڻ کان پوءِ شاعِري طرف اچي ٿو جنهن ۾ پڻ افلاطون شاعر کي نقل ڪرڻ جو ماهر سڏي ٿو ۽ ان کي فطرت جو نقل ڪندڙ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو .
افلاطون شاعر بابت ڳالهائيندي چوي ٿو ته “حقيقي شاعر صرف اُهو آهي جيڪو حقيقيت کان واقف هجي ٿو”. وڌيڪ افلاطون مُطابق ته “شاعر هميشهه نالو ڪمائڻ چاهيندو آهي__جڏهن ته شاعر کي خبر هُوندي آهي ته نقل ڪرڻ ۽ حقيقيت ۾ فرق آهي پر تنهن باوجود به شاعر حقيقيت کان هٽي ڪري پنهنجي شاعري ڪرڻ واري عمل کي جاري رکندو آهي ۽ انهي نقل ڪرڻ واري فن سان هو ماڻُهن جي جذبن کي مجرُوح ڪرڻ کي پنهنجو حقيقي فن سمجھندو آهي ۽ اُن ۾ ئِي هُن کي مزو ايندو آهي” .
هَومر (Homer) بابت بحث ڪندي افلاطون چوي ٿو ته هَومر هڪ وڏو شاعر آهي پر اُن کان صِرف ايترو ته پڇا ڪري سگھجي ٿو ته “پيارا هومر اوهين پنهنجي ڪَلام ۾ ته نه پر ٻه درجا حقيقت کان پري ضرُور آهيو__يَعني جيڪڏهن اوهِين عڪس جوڙِيندڙ ۽ نَقُل ڪندڙ نه آهيو ۽ جيڪڏهن اوهان کي خبر آهي ته ڪهڙا ڪم انسان جي خانگِي ۽ قومِي زندگي کي سُٺو ۽ خراب ڪن ٿا ته پوءِ اوهان ٻڌايو ته اها ڪهڙي حُڪومت آهي جنهن ۾ اوهان جي سهڪار سان سُڌاره آيا هُجن؟ جڏهن ته ان وقت “ لَئِسِي ڊَيمن” جو بهتر انتظام “ لائِڪَرگَس” جي ڪري قائم رهيو_اهڙي طرح ٻيا به ننڍا وڏا شهر آهن جن کي ٻين کان فائدو رسيو پر اهو ڪو ديس آهي جنهن جي لاءِ اوهان سُٺا قائدا ۽ قانُون جوڙيا هُجن ۽ انهن ديسن ۾ رهندڙ ماڻُهن کي اُنهي مان فائدو رسيو هُجي!!_اِٽلي ۽ سِسِلي ۾ ان ڏس ۾ “چِيرن ڊاس” جو نالو کنيو ٿو وڃي ان سان گڏ ان دور جا ماڻهو “سَولُون” جا به ٿورائتا آهن پر اهڙو ڪو شهر آهي جيڪو تُنهنجو نالو“ هَومر” وٺي سگھي”؟
وري افلاطون گِلائڪَن کان سوال ڪري ٿو ته ٻڌاءِ “ڇا جنهن جنگ جي باري ۾ هومر لکيو آهي ان مان ڪو اهڙو قانون ٺهيو آهي جيڪو دائمِي هجي يا اُن دور جي ماڻهن ۽ ان کان پوءِ ايندڙ نسل لاءِ ڪنهن قسم جو ڪو نِظام ٺاهيو هُجي يا اُن ذريعي ڪا تبديلي آئي هجي”؟!
چوڻ جو مطلب ته “ڇا هومر جي زندگي کانپوءِ اڄ تائين ڪو به هُن جو پوئِلڳ رهيو آهي يا هن جي لکڻين تي ثابت قدم رهيو آهي؟ جيئن “ڦَيثا غَورث” جي ڪافِي لکڻين ۽ زندگي جي قائدن جا پوئِلڳ رهيا ۽ اُن دور جي ماڻُهن “ڦَيثا غَورث” جي عملن کي عِزت جِي نگاھ سان ڏٺو ۽ ان کان پوءِ اڄ تائين هن جا پوئلڳ رهندا پيا اچن پر هومر جا ڇو نه”!؟
افلاطون مطابق “هومر جيڪڏهن نقل ڪرڻ بدران ماڻُهن کي تعليم ڏئي ها ۽ ماڻهن جي اندر حقيقت جي جذبن کي اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري ها ته شايد اڄ تائين ماڻهو “ڦيثا غورث” جيان هن جا به پوئِلڳ هُجن ها___پر هَومر ائين نه ڪيو هُن پنهنجو سڄو ڌيان شاعري (نقل) ڪرڻ تي ڏنو___جنهن سان انهي مُعاشري ۾ ڪنهن به قسم جو قانون نه جُڙيو ۽ ڪنهن به قسم جي هَم آهنگِي ۽ مُحبت جو جذبو پيدا نٿي سگھيو” .
افلاطون شاعرن کي هر دور ۾ هميشهه نقل ڪندڙ سڏيو آهي جيڪي هر دور ۾ هڪڙو ئي ڪم ڪري سگھندا آهن ۽ اُهو ڪم آهي “نقل ڪرڻ”!! ماضي ۾ شاعرن نقل ڪيو ۽ ايندڙ دور ۾ به شاعر نقل ڪندا رهندا__ٺيڪ اُن چترڪار وانگر جيڪي صرف شين جي ظاهري عڪس کي بيان ڪري خُوش ٿيندا آهن پر کين شين جي داخلي طور ڪابه خبر يا ڄاڻ نه هوندي آهي__۽ اُهي اهڙي قسم جا ڪلاڪار هُوندا آهن جيڪي صرف شين جي ٻاهرين ۽ ظاهري رَنگت تي موهجي پوندا آهن ۽ اُنهن کي حقيقت ۽ سچائي جي ڪابه خبر نه هُوندي آهي .
اهڙي طرح شاعِري لفظن، جُملن ۽ مُحاوَرن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري اُنهن کي ترتيب ڏيڻ جو هڪ مجمُوعو آهي جنهن ۾ شاعر پنهنجي نقل واري فن سان اُنهن کي جوڙي شاعري جي رُوپ ۾ پيش ڪندو آهي. “اصُل ۾ شاعر جي شاعري واري فن جي ڪري ئي لفظ ۽ جُملا سُهڻا ۽ وڻندڙ لڳندا آهن پر جي اُن شاعري مان سَنگيِت جو رَس لاهي ڇڏجي ۽ ان کي سڌي ريت “نثر” ۾ پيش ڪجي ته ڇا اُها سُهڻي لڳندي”!؟
افلاطون مطابق “نقل ڪرڻ وارن کي حقيقت جي ڪابه ڄاڻ نه هُوندي آهي_ايتري قدُر جو اُنهن کي نَقُل ڪرڻ وقت اُها به خبر نه ناهي هوندي ته هُو نقل ڪري رهيا آهن پر اُنهن کي صرف اُها خبر هُوندي آهي ته هُو ايئن ڪري خُوش ٿيندا آهن” .
افلاطون ساڳي هنڌ هڪ ٻيو مثال ڏئي ٿو ته “هر شي پري کان مُختلف ۽ ويجھي کان مختلف نظر ايندي آهي___ٺيڪ اُنهي طرح شاعري ۽ چترڪاري وغيره جھڙُيون شَيُون نظُرن ۽ حواسن جو ڌوکو هُونديون آهن جيڪي؛ جھڙوڪ پري کان ئي حسين ۽ وڻندڙ لڳنديُون آهن پر جڏهن اُنهن کي ويجھي واري نظر سان ڏسبو يا حقيقت وارِي اک سان ڏسبو ته چٽائي سان معلُوم ٿيندو ته اُهو سڀ نَقُل آهي” .
شاعري ۽ ڪَلا کي افلاطون حقِيقت کان گھڻو پري ۽ اَلڳ سَڏيو آهي ۽ چيو آهي ته “نقل ڪندڙ جذباتي اثر هيٺ اچي حقيقت کان گھڻو دُور نڪري ويندو آهي جنهن ۾ هُن کي بُري ڀلي کان وٺي حقيقت ۽ نقل واري جذبن جي ڪا به خبر نه هُوندي آهي ۽ ايتري قدُر جو اُهو شاعر ۽ چترڪار خُدائي معاملن کي ۽ خُدا جي عظمت کي به شاعري ۽ چترڪاري جي زَد ۾ آڻي نقل ڪرڻ واري عمل کي جاري رکندو آهي ۽ پنهنجي مرضي مُطابق جيئن وڻيس تيئن شين کي پيش ڪرڻ ۾ جُنبي ويندو آهي” .
افلاطون مطابق “نقل ڪرڻ سان ڇا انسان جي حقيقي زندگي تي اثر وجھي سگھجي ٿو؟ ڇا نقل ڪرڻ سان انسان جو علاج ڪري سَگھجي ٿو؟ ڇا شاعري جي ذريعي قانون ٺاهي ۽ ان قانون کي مضبُوط ڪري سگھجي ٿو؟ ڇا شاعري ۽ چترڪاري ذريعي انسان ذات جي حالت ۽ پوئتي پيل زندگين جو تَدارُڪ ڪري سگھجي ٿو”!؟
هرگز نه_افلاطون مُطابق “شاعري ۽ نقُل ڪرڻ وارو عمل انسان کي صرف سُست ۽ نڪمو بڻائي سگھي ٿو ۽ اُهو نڪمو ۽ سُست انسان هميشهه لاءِ پنهنجو پاڻ ۾ گُم ٿي وڃي ٿو جنهن تي رَعِيت، مُعاشرو ۽ عام انسان جي خيالن ۽ زندگين جو ڪو به اَثر ناهي پوندو_ڇو جو اُهو شاعر اِنفرادي طور سمجھندو آهي ته هُن جو مُعاشري سان ۽ مُعاشري جو هِن سان ڪوبه تعلقُ نه آهي ۽ انفرادي طور هُو رياست جو پاڻ تي ۽ پنهنجو رياست تي ڪوبه حق نه سمجھندو آهي”.
افلاطون شاعري کي اِنصاف جي بَرخِلاف سڏيو آهي ڇو جو شاعر حقيقي دُنيا ۾ رهي ڪري دُنيا جي فرق، انصاف، توازُن ۽ حقيقي رَنگ کي وساري ويهندو آهي. هن لاءِ دُنيا صرف هڪ عَڪس آهي جنهن ۾ حقيقت کان وڌِيڪ نقل سمايل آهي. پر افلاطون چواڻي ته “دنيا ڪڏهن به نقل سان تبديل نٿي ٿي سگھي ڇو جو دنيا هڪ حقيقت آهي نه ڪي نقل___۽ اُن حقيقت جو پهريون ۽ آخري جُز صرف اِنصاف آهي جيڪڏهن انصاف آهي ته حقيقت آهي ۽ جيڪڏهن حقيقت آهي ته پوءِ هر ماڻُهو خُوشحال_ڏُکن ۽ ناانصافين کان دُور رهي سگھي ٿو”.

[b]يُونانِي اَدب تي مُختصر نظر
[/b] يُونانِي اَدب گھڻو تڻو 9 صَدي ق.م وارن سالن ۾ هَومر سان مَنسُوب ٿيل جنگي شاعري سان شُروع ٿيو؛ ۽ اُنهي دور کي يُوناني ادب جو سونهري دور سڏيو ويو جيڪو بعد ۾ ايندڙ يوناني اديبن کي ورثي ۾ مِليو هو.
يوناني ادب کي ٻيو سونهري دور بادشاه “پارڪَلِيس” جي زماني ۾ مليو ۽ ان وقت يوناني دَيويِن ۽ دَيوتائن جي باري ۾ بيشُمار ڪهاڻيون ۽ ڏند ڪَٿائون ٺاهيو ويون هُيون. انهي دور ۾ ڪو به ماڻُهو پنهنجي مرضي مُطابق ديوتائن کي مڃي يا نه مڃي پر وري به اُهو تاثُر برقرار هو ته ديوتائن جي عزت ڪرڻ هر يُوناني شهري جو اهم فرض سمجھيو ويندو هو. اُن کان علاوه شاعرن، ڪهاڻِيڪارن، داستان نِگارن، ڊرامه نِگارن ۽ تارِيخ دانن به دَيوتائن جي ساراه ڪرڻ وارو فرض نڀايو .
يوناني ڊرامي جي ايجاد به مذهبي ريتُن رسمُن جي هڪ حصي طور شروع ٿيو جيڪي شراب جي ديوتا “ڊائيونِس” جي اعزاز ۾ ٻارهَي طور ملهايو ويندو هو___ماڻهن جو هڪ ٽولو (ڪَورس) گڏجي ديوتائن جي شان ۾ گيت ڳائيندو ۽ نچندوهو_تنهن کان پوءِ 6 صدي ق.م دوران مذهبي ريتن رسمن ۾ آيل تبديلين آخر ڪار ڊرامي جو رُوپ ڌاري ورتو هو____جنهن ۾ ڌار ڌار اداڪارن کي ڪورس مان ڪڍي جُدا جُدا ڪِردارنِگاري ڪرائي وئِي ۽ کين ڊائيلاگ به چورايا ويا هُئا___تمام وڏي ڳالهه اُها ٿي جو ڊرامه اهڙن نون مضمونن تي ٺهڻ لڳا جيڪي سُورميائِي وارين ڏند ڪَٿائُن (Heroic Mytholohy) جا عڪس هئا___جن جو بعد ۾ “ڊائيونس” سان ڪو به واسطو نه رهيو هو .
5 صدي ق.م ڌاري اٿينز ۾ ڊرامي جا ٻه جُدا جدا قسم منظر عام تي آيا هڪ دُکدائِڪ (Tragdy) ٻيو ناٽڪ (Comedy)___ٽريجڊي جي ليکڪن پنهنجن پِلاٽَن لاءِ گھڻي ڀاڱي ديوتائن ۽ سُورمن جي ڄاتل سُڃاتل پُراڻن داستانن وارا موضوع چونڊي ورتا. يونانين پنهنجي زماني جي قدرن ۽ مسئلن جي روشني ۾ پراڻن مضمونن جي نئين سر تشريح ڪئي هئي___ناٽڪ ۾ اداڪاري جي سمجھاڻي لاءِ مُکيه حصو گڏجي ڳائِڻ (ڪورس) ئي رهيو هو ۽ ان کان علاوه يوناني ٽريجڊي ڳنڀير مسئلن بابت هوندي هئي جن جي پُڄاڻي غم يا تباهي تي ٿيندي هُئي.
يونانين ۾ ٽريجڊي لکڻ وارن مان سڀ کان مشهُور ٽي اٿيني شاعر ٿي گذريا آهن جيڪي 5 صدي ق.م جا هئا اهي هئا “اَيسڪِيلِيس” “سَوفَو ڪَليِس” ۽ “يُورِيپِيڊِيز”___يوناني ايسڪيليس کي ٽريجڊي جو ابو سمجھن ٿا. هُن 90 کن ڊرامه لکيا هُئا جن مان صرف ست سلامت آهن. هُن کي پنهنجي زماني ۾ رائج نظرين سان گڏوگڏ پُراڻن ڏند ڪٿائن ۽ جنگي داستانن مان به اُتساھَ مليو هو. “اَورِيٽَيشا” نالي ڊرامن جي سِلسِلي ۾ ايسڪيليس “ٽُروجَن جنگ” ۽ اُن جي نتيجن مان به پنهنجو مواد حاصُل ڪيو هو. ڊرامي جو هِيرو “آگمَينِن” جنگ مان ته سلامتي سان گھر موٽي اچي ٿو پر پنهنجي زال “ڪَليٽِنٽس” هٿان مارجي وڃي ٿو_هِن جو پُٽ “اَوَرسٽِيز” ۽ سندس ڌِي “اِليڪَٽرا” پنهنجي پي جو بدلو وٺن ٿا ۽ اورسٽيز پنهنجي ماءُ جو خُون ڪري ڇڏيندي آهي_پر اورسٽِيز چريو ٿي بڻجي ويندو ۽ اهڙي طرح هن کي پنهنجي ڏوھ جي قيمت ادا ڪرڻي ٿي پوي ۽ خون جي بدلي خون ۽ سزا جو اُهو چڪر هلي ٿو .
ٽريجڊي لکندڙ ڊرامه نگارن ۾ سڀ کان اهم ۽ خُدائي انصاف بدران انساني فطرت ۽ فرد جي مُحرڪ سان واسطو ڏسيندڙ “سوفو ڪليس” هو. هُن اهڙن ماڻهن تي ڊرامه لکيا هُئا جن ۾ ڏکن سورن ۾ به انساني جذبي جي طاقت ڏيکاريل آهي. هن جي بچيل ڊرامن مان “اوڊيپس ريڪس” يعني بادشاه اوڊيپس جي ڪهاڻي دکدائڪ (Tragic) نتيجن جي چوڌاري ان وقت ڦري ٿي جڏهن اوڊيپس پنهنجي والدِين جي سچي سُڃاڻپ رکڻ ڪري پنهنجي پي کي ماري ٿو ڇڏي ۽ بعد ۾ پنهنجي ماءُ سان شادي ڪري ٿو_(تفصيلي جائزو اڳتي ايندو ) .
يُوريپڊيز ٽريجڊي لکندڙن ۾ اُنهن ئي مشهور اَٿَينِيائِي ليکڪن مان آخري ليکڪ هو جنهن اهڙي خطرناڪ جذبي تي روشني وڌي جيڪو “پَيلوپَونِيشَن” جنگ جي زماني ۾ موجود هو. هن جي نظر ۾ انساني زندگي گھڻو ڪري درد ڀري هئي ۽ ڪن وقتن ته ديوتائن جا طريقا به کِل جهڙا هئا__پوريپيڊيز جي مقبُوليت سونهري دور کان پوءِ به گھڻو وقت هلي ۽ شايد اُنهي ڪري جو هُن پنهنجي لکڻين ۾ روزمره جي عام ٻولي ڪتب آندي هُئي ۽ زندگي جي باري ۾ سندس نُقطه نَظر جديد تَنقِيدي انداز وارو هو .
ڪامَيڊِي (Comedy) جيڪو هڪ کِلائيندڙ يا خُوش ڪرڻ واري پڄاڻي وارو ناٽَڪ هوندو آهي سو پڻ ڊايونيس جي ڏڻن سان شُروع ٿيو هو. ڪاميڊي جو سڀ کان مشهور لکندڙ “اَرسٽُو فَينز” هو جيڪو 5 صدي ق.م جو يوناني ليکڪ هو_جيئن ته ڪُوڙن يا نُقصان رسائيندڙ اَنِيائُن کان بچاءُ لاءِ اٿينس وٽ ڪي به قانُون موجُود نه هئا تنهن ڪري ارسٽوفينز اڪثر اهم شهرين ۽ سياستدانن تي پنهنجي ناٽڪن ذريعي ٽوڪُون، ٺٺوليُون ۽ تنقيد ڪندو رهندو هو.
اُنهي دور ۾ تاريخ لکڻ جو فن پڻ يُونانِين وٽ جنم ورتو ۽ جيستائين اسان کي تاريخ مان خبر پئجي سگھي آهي ته گذريل واقعن کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ “تاريخ” پهريون ڀيرو 5 صدي ق.م ڌاري يونان ۾ “هَيروڊٽس” استعمال ڪيو هو ۽ هن جو پهريون شاهڪار تاريخي مَجمُوعو “اِيرانِي جنگِين جِي تاريخ” (۽ مختصر ايراني ۽ يوناني جنگ جي تاريخ اسان سوفو ڪليس واري باب ۾ پڙهنداسين) نالي ڪتاب آهي جيڪو قِصن، ڪهاڻِين، ڏند ڪٿائُن ۽ ڪيترن ئي دل وندرائيندڙ عجيب بَي ڊولي اهڙي ڄاڻ سان ڀريو پيو آهي جنهن کي ڀروسي جوڳي تاريخ جي ثابتي ته نٿو چئي سگھجي پر تِنهن باوجود واقعا بيان ڪندي هُو چوي ٿو ته پڙهندڙ کي ڄاڻ هئڻ گھرجي ته_“هو تصديق ڪري سگھي ٿو”.
5 صدي ق.م جو ٻيو اهم يوناني تاريخدان “ ٿِيَوسِڊَئيِڊيز” هو_هَيروڊِيٽس جيان “ٿيوسڊئيڊيز” به فقط هڪڙو ئي ڪتاب “پَيلوپَونَيشن جنگ جي تاريخ” تي لکيو هو جنهن ۾ فقط اهو مواد استعمال ڪيو ويو هو جنهن کي تاريخ لاءِ اهم ٿي سمجھيائين. هڪ سچي تاريخ نويس وانگي “ٿيوسڊئيڊيز” هر شاهديءَ کي پرکيو ۽ فقط اهڙا واقعا بيان ڪيا جن کي هُن چڱي طرح چڪاسي ڏٺو هو .
“ ٿيوسڊئيڊيز” يوناني جنگين جا سبب ڳولِيا ۽ هُو اُها ڳالهه نه مڃيندو هو ته “ڪو انساني واقعن کي قسمت يا دَيوتائُن جو ڪم چئي انهن جي سمجھاڻي ڏئي سگھجي ٿي”!!___ٿيوسڊئيڊيز جي پيلوپونيشن جنگ جي تاريخ ٻين تاريخ نويسن لاءِ هڪڙي نموني جو ڪم ڏنو.
انهي کان علاوه يونان ۾ حَياتِيات، فَلڪِيات، ادب، تنقيد، مَنطِق، سِياسَت، اَخلاقِيات، مابَعدالطَبِعيات کان ويندي رُوحاني عِلم تي به هلندو رهيو__جنهنجو مثال اسان کي يوناني لکڻين جي تاريخ ۾ هر هنڌ ملي ٿو .