لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

ھي ڪتاب شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءُ تي لکيل مضمونن ۽ نون لفظن جي معنى بابت آھي جيڪو نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي جو لکيل آھي.
نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
Title Cover of book ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

خيام جي سرمستيءَ جهڙو شخص .........!!

شيخ اياز سنڌ جو اُهو فڪري سالارآهي جنهن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ عشق هو ۽ هُن ٻنهي سان اهڙو نڀايو جو صدين تائين عشق جو عروج هن کي ٻَک وجهڻ لاءِ آتو رهندو، تيئن ئي هُن سنڌ جي صحرائن کي پوڄيو، پوءِ اُها مٽي ڇو نه سندس ئي شهر جي هجي يا ٿر جي وارياسي پٽن جي . هُن سِر جهڪائي نِمي سلام ڪيو ۽ پنهنجي ڏات وسيلي ان عشق ۽ محبت کي اُچاريو. هن ڪارونجهر جي ڪور جي فطرتي حسن کي ڏسي هن ريت چئي ڏنو؛
ڪارونجهر تي باهڙي، هوءَ جا ڪنهن دُکائي
آڌيءَ جو آئي، جنهن مان ڄاڻ ڄراٽ جيئن
جتي اياز کي ڀٽائي، شيڪسپيئر، خيام جون سِٽون سُجهي اينديون هيون، تن سِٽن کي نواڻ ڏيڻ ۽ ساڳئي تسلسل لاءِ، خالق ڪُل، انهي وارياسي ڀٽن ۾ هڪ اهڙي شخص کي جنم ڏنو جنهن جو ساهه پساهه اُنهن ڀٽن، ريگستانن، ساوڪن، ڏونگرن،ٻولين، سُرن، مطلب ته هر شيءِ ۾ سمايل آهي . ان حساس طبيعت واري شخص کي سڀئي نوراحمد جنجهيءَ جي نالي سان سُڃاڻن ٿا.
سائين نور احمد ان مهان ڪوي شاعر شيخ اياز جي بيتن ۽ احساسن کي ڪائنات جي وسيع ڪينواس ۾ هڪ خدا جي مصوري ڏسي، سمجهائڻ جي ڪوشش طور مضمونن جي شڪل ڏيڻ لاءِ آتو ٿي پوي ٿو . هي اسان جو سائين نور احمد جنجهي خيام جي سرمستي، شمس تبريز جي حيرت، روميءَ جي رقص، حافظ جي ترنم جهڙو شخص آهي جنهن لاءِ مونکي ايئن محسوس ٿيندو آ ته ڄڻ اياز هي شعر کيس ِ ارپيو هجي .
پرارتي ڪا پڪار آهي، مگر اڳيان تک تارآهي
ڪٿي اسان جي اُڪارآهي، ايازڪيڏانهن ناو نيندي
هي يار هرڻ ۽ هماءَ پکي وانگي بنا ڪنهن لوڀ، لالچ جي مٽيءَ سان سيس سمائڻ لاءِ سرگردان آهي، جنهن لاءِ محترم گُل محمد عمراڻي چيو ته ”نور احمد جڏهن به، جيڪي به، ڪجهه لکي ٿو، تڏهن هن جو قلم نوائي سروش جو ڪم ڪري ٿو“
سائين نور احمد جنجهي جي انهي قلمداني ۽ علمداني کي نروارڪرڻ ۾ سندس والدين جي اعليٰ تربيت جو اهم ڪردارآهي. سندس والد غلام محمد جنجهي جيڪو خود هڪ وڏي يونيورسٽي جيان هو ، تنهن جو سايو سائين تي سلامت آهي جيڪو هُن کي اهڙي تخيل جي اُڏام ڏيارڻ تي مجبور ڪري ٿو . جڏهن اياز جي ظاهري جسم پويان لڪيل حساسيت جي لباس ۾ ڪارونجهر جون ڪڪريون اياز اياز ڪري پُڪارَ ڪن ٿيون تڏهن هُن جي روح واري راهه ۾ هي سِٽ پڙاڏو بنجي گونجي ٿي .
اڪن نيرا ڦليا مٿان مينهن وسن
سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر سان ڪڪريون
اُنهي ڪارونجهر جي ڪڪرين اياز جي تخليقي سگهه جي سونهن ۽ ساڀيا کي امرتا بخشي هوندي جنهن امرتا کي اڳتي کڻي هلڻ لاءِ وري ڪڏهن هن جَي صدين جي صدا مٽيءَ ۽ ساڻيهه واسين لاءِ هيئن به زبان تي تري اچي ٿي،
جي تو اڃان نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي
انهي مٽيءَ جي سُرهاڻ کان واسجي پنهنجي ديس جي دانهن کي روح ۾ رَلي، پنهنجي جنم جنم جي جوڳ کي فرض سمجهي سائين نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
سنڌ جي اُنهي سپوت کي هر ماڻهو هر شهر هر ڳوٺ هر اُها ذات جنهن جي تن من ۾ قدرت واري اُهو حسين روح رکيو آ انهن لاءِ هو ”مرشد اياز“ آهي جن جي دماغ مان به دل ٿي ڳالهائي دل مان به دلربائي ٿي چئي شاهه کان پوءِ سنڌ ۾ اي! اياز تنهنجون وايون رهنديون . انهن واين جي ورلاپ کي سائين نوراحمد به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. روح جو هي ريلو.....ڪارونجهر تي باهڙي .........اميد ته باذوق پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ مڃتا ماڻيندو. اسان جي دعا آهي ته سائين جو قلم عِلم جو عَلم بنجي، ٿربر، جهرجهنگ جهولندو رهي ...آمين

ميرمنصور مڱريو
شڪارپور هائوس
آر بي بي ڪالوني، ڄامشورو سنڌ