لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

ھي ڪتاب شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءُ تي لکيل مضمونن ۽ نون لفظن جي معنى بابت آھي جيڪو نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي جو لکيل آھي.
نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
Title Cover of book ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

شيخ اياز جو راڳي، صادق فقير

صادق فقير جو منهن موڙڻ هن تکي ۽ ڏکيءَ رُت ۾ جيئن سڀني تي ڪڙڪيو آهي تيئن شال ڪنهن سان به ههڙو ڪِيس نه ٿئي . صادق فقير جي سُرن جون صدائون، ٽهڪن جا ٽهوڪا هر سماعت ۾ سُري ۽ ٻُري رهيا آهن. هُن ايتري چپٽي ڀري هئي جا پوکي، ڏورانهين ڏيهه روانو ٿي ويو جتان ڪو موٽيو ئي ناهي يا ڪا سُڌ سار ۽ سماچار آيو ئي ناهي. صادق فقيرپنهنجو وارو وڄائي، ايترا موتي اڻ ميا ۽ سون سريکيون ساروڻيون ڇڏي ويو آهي جو جُڳن تائين جڳ ۾ سندس نالو ۽ ناماچار هلندو رهندو ۽ سندس هر جهلڪ هنيين ۾ ڀڳي هڏ جيان هُرندي رهندي. سندس زندگيءَ تي سرسري نظر وجهبي ته سندس جنم 20 مارڇ 1964 تي فقير فيض محمد گُڻسار ( مڱڻهارن جي هڪ نُک .... گڻ معنى خوبي يا خاصيت ۽ سارڻ معنى ڳڻڻ يعني ڳڻن جي ڳڻپ ڪندڙ ) جي گهر ڏيپيي ميگهواڙ جي جوڙايل شهر ڏيپلي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڏيپلي ۽ مٺيءَ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ جو امتحان 1981ع ۾ پنهنجي ناناڻڪي شهر ميرواه گورچاڻي مان پاس ڪيائين.سندس مامو حاجي الهڏنو هڪ تجريبيگار ۽ وچن نباه ڪندڙ سياسي ڪارڪن ۽ شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽي جو شيدائي هو. 1982ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران اُستادن جي همٿائڻ تي ” ٻُڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو، آهي بيوفا سارو زمانو “ ڳائي سُر جي سفر جي شروعات ڪئي. 1983ع ۾ سندس والد جو انتقال ٿيو ۽ هو خاندان جي وڏي طور ننڍيءَ عمر ۾ وڏي وزن هيٺ اچي ويو، تنهنڪري هن خانگي نوڪري به ڪئي ته ڪاروبار کولڻ جي ڪوشش به ڪئي پر صادق جي طبيعت انهن خفن کان پري هئي سو کيس راس نه آيا. انهي ڪشمڪش دوران هن 1986 ۾ مٺي ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو. انهن ڏينهن ۾ مٺيءَ ۾ هڪڙو بهترين اسٽيج ڊرامو ” آس نراس“ ٿيو هو جنهن ۾ مٺي جي هڪ ڀلوڙ پر گمنام شاعر ”امولک امر“ جا ٻول ” موهن منهنجا رُسڻ ڇڏي ڏي“ جڏهن صادق فقير جي صدائن ۾ گونجيا ته هر اک آلي ٿي پيئي هئي. 1986ع ۾ صادق فقير ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ” پايل موري رم جهم ۽ رومال مارو رنگيو“ گيت ڳائي ريڊئي جي دنيا ۾ پير پاتو. 1988ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي متعارف ٿيو . انهي سال لوڪ ورثي وارن جي ڪوٺ تي اسلام آباد فن جو مظاهرو ڪرڻ ويو. 1989ع ۾ هو تعليم کاتي ۾ فزيڪل ايڊيو ڪيشن ٽيچر طور داخل ٿيو . سندس پهرين مقري فضل بنڀري اسڪول ۾ ٿي.2002 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فزيڪل ايڊيوڪيشن ۾ گريجويشن ڪيائين . عمري تي وڃڻ کان ڪجهه وقت اڳ ئي هو ٿرپارڪر ۾ ڊائريڪٽر فزيڪل ٽريننگ طور مقرر ٿيو. ان کانسواءِ هن 1993ع ۾ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس پڻ ڪئي. 1992 ع ۾ اسلام ڪوٽ جي تعليم يافته گهراڻي جي استاد حاجي محمد سبحان خميساڻي جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين جنهن مان کيس 4 اولاد ........، هڪ ڌيءَ عظمى ۽ ٽي پٽ نزاڪت علي، علي رضا ۽ راحت علي .... آهي. صادق فقير سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سان واڳيل به رهيو. آخري دم تائين هو سگا شاخ مٺي جو صدر هو. کيس مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران اٽڪل 25 کن ايوارڊ پڻ مليل هئا.
راڳداريءَ جي دنيا ۾ هو هر طبقي ۾ مقبول هوندو هو پر نوجوانن جي داد ۽ محبتن جو محور هوندو هو. شاعري جي چونڊ ڪرڻ ۾ به هن معيار برقرار رکيو ۽ ٻهڳڻ نئين سنڌي شاعري ڳائي، لکين دلين تي پنهنجي محبوبيت جي مهر ثبت ڪري ڇڏي.
ثبت است برجريده عالمِ دوام ما (حافظ)
سڀني کان وڌيڪ جيڪو راڳ جو رنگ ۽ صدا جو سنگ هن جنهن شاعريءَ ۾ ڀريو سا شيخ اياز جي شاعري هئي جنهن جا موضوع عشق محبت ، وطن دوستي ۽ انقلاب هئا. شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته، ”منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي ضرورت هئي اهو صادق فقير جي روپ ۾ مونکي ملي ويو آهي.“ صادق فقير شيخ اياز جا جيڪي به اسم ڳايا تن کي وڏي موٽ ملي. سندس ڳايل ڪجهه مشهور وڙ هي آهن،
• ديس ڇڏي پرديس رُلي ٿي، دلڙي ٿِي ديواني ڙي.
• سَکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي،
• ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، هو پري آ، پري آ،
• ساوڻ ڪيئن اڪيلو آئين، ساجن کي به ته آڻ،
• چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو، جر جي ڄر ڪنهن ڄاتي ڪان،
• مڻهيار آيو مڻهيار ڙي، وڃو ڪنويليو وڃو،
• صدائون ته هونديون، اوهان جي اکين جو جام مئي مان نهاريو،
• ٿو موڪلايان الوداع، مون پيار ڪيو، مون پيار ڪيو،
• ڌرتي توکي منهنجي چمي اڌ ۾ رهجي ويئي
اهي سڀئي اسم مشهور ۽ مقبول ٿيا پر سکي پيا کي ملين ته چئجان سڀني کان گوءِ کڻي ويو. هر پروگرام ۾ ان ڪلام جي فرمائش ٿيندي هئي. ٻولن جي مقبوليت ڏسي ٻين فنڪارن به اهو ڪلام ڳايو پرکين اها موٽ نه ملي جيڪا صادق جي حصي ۾ آئي. اهو اسم هن ريت آهي،
سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي
اچين ته منهنجي اُماس ۾ آءُ، ڇو ته ٻي رات ڪان ايندي
هنن سٽن ۾ هڪڙو درد جو سنيهو آهي جيڪو سکيءَ جي معرفت شاعر پيا کي ڏيڻ چاهي ٿو ته پيا کي گڏجي ته چئجان توکانسواءِ سُهائي نه ٿيڻي آهي تنهنڪري جيڪڏهن توکي اچڻو آهي ته منهنجي اونداهي ٻاٽ رات ۾ اچ ڇو ته منهنجي جيون ۾ اُماس آهي. اماس ڪاري گگهه اوندهه رات کي چئبو آهي جنهنن ۾ چنڊ هوندو ئي ناهي. عاشق لاءِ چنڊ محبوب آهي. عاشقن جي جيون ۾ چانڊوڪي سندن پرين کانسواءِ ڪاري رات آهي. جيئڻ جاڙ آهي، محبوبن جو مکا ميلو ئي ماڙ آهي. ننڍي کنڊ جي خوبصورت انسان، ذهين صلاحڪار ۽ مهان موسيقار محترم امير خُسرو جو مرشد حضرت نظام الدين اولياءَ جڏهن هتان برقعو مٽايو هو تڏهن هن پنهنجي مرشد کي ڀيٽا ڏيندي اظهار ڪيو هو،
گوري سوئي سيج پي، مُک پي ڊاري ڪيس،
چل خُسرو گهر اپني، رين ڀئي اس ديس
ايئن محبوب سان ئي حياتيءَ ۾ چنڊ به آهي ته چانڊوڪي به آهي. انهي انتظاري، بيقراريءَ جي ڪيفيت کي جڏهن شاعر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ته هو محبوب لاءِ پنهنجا در کولي انتظار ۾ ويهي ٿو ته ڪٿان اها هستي ايندي جنهن لاءِ اکيون آسائتيون ۽ آسرونديون آهن. اکين جي انتظاري جا دروازا هميشه کُليل رهن . اڳين جا ٻه لُڙڪ سدائين، محبوبن جي آڌرڀاءَ ۾ آتا ۽ اُتاولا آهن ته ڪڏهن ٿو من جو ميت اچي. شاعر چوي ٿو،
ڪڏهن به توتي دوار دل جا نه ٻوٽبا، تون ڀلي هلي آ،
ٻه لُڙڪ آلا ڪڏهن به هوندا، متان چوين آجيان نه ٿيندي
لڙڪن ڀري اها آجيان انهي ڪري به سڀني کان وڌيڪ اهم آهي جو اکين جي آب جو ڪو آب مٽ ناهي. اهو آب دلين جا داغ ڌوئي، صاف ڪري ڇڏيندو آهي. اکين ۾ وهارڻ بابت به شاعرن وٽ نيارا تصور موجود آهن. محبوبن کي اکين ۾ وهڻ جي نينڍ ڏني ويئي آهي ته جيئن اهي اچي وهن ته واري ڇپر ڍڪي ڇڏجن، نتيجي ۾ نه ٻئي ڪنهن تي نظر پوي ۽ نه وري ڪو محبوب کي ڏسي . ميران ٻائيءَ انهي خيال کي هن ريت چِٽيو آهي
نينان انتر آئيو، پلڪ ڍانپ توهي لون،
نان مين ديکون اورڪو، نا توهي ديکن دون
اڳئين بند ۾ وري دعا آهي ته هيءُ ڏيئو سدائين روشن رهي ۽ لاٽ ج للاٽ شال جرڪي ڇاڪاڻ ته انهي روشن پيشانيءَ کي ڏسي ڪيترائي من مچن ٿا ۽ جيءَ جهومي اٿن ٿا. جيڪي روشن ڏين ٿا تن تا ن لکين پروانا جانيون گهورين ٿا . انهن جي روشني جڳ کي دڳ ڏيکاري ٿي. صبح نه ڄاڻ ڪڏهن ٿئي، روشن صبح جا اهڃاڻ جڏه ڏس ڏين ٿا ته پره اڃا پري آهي پوءِ ته ان اجري سهائي پرهه جي انتظار ي ۾ زندگي گذارڻي پوي ٿي ۽ اُماوسي رات جو ڏهاڳ ڏسڻو پوي ٿو.
نه ديپ دونهاٽجي ڪڏهن هي، للاٽ جي لاٽ شال جرڪي
پرهه پري آ، پتو نه آهي، رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي
انهي انتظاري ۽ دعائن جي وچ۾ رهندي روشن مستقبل جا خواب ڏسڻا ٿا پون جيسسن ڪٿي ڪو ڪنڌي ڪنارو نظر اچي. باک جي لاک پنهنجي ساک ڏئي تيسين اهو اوسيئڙو رهي ٿو، جيسين رتو راس ٿئي تيسين ڀڳي سان ڀيرڻو ٿو پوي. ماضي به انساني جيون۾ ساهس رهيو آهي ته ان جي اڪنڊ ۽ اُڪير ڪڏهن ڪڏهن گهرا گهرا گهاو به ڏيندي آهي. سر تي جڏهن به پکي ايندا آهن ته اهو سر آباد ٿي پوندو آهي ۽ ان آباديءَ ۾ سڀني لاءِ سرهائي جو پيغام هوندو آهي پر جيڪڏهن پکي سر تي اچڻ بند ٿي وڃن ته سر اُداس ٿي پوندو آهي اهڙي اداسي گهڻن جو جيءُ جهوري ڇڏيندي آهي. وري جڏهن آس پاس ڪٿي مينهن ملهاري ٿيندي آهي ته پوءِ ڪنهن نئين اُ ڏار جو آسرو ٿي پوندو آهي. انهي خيال کي شيخ اياز هي لفظ ڏنا آهن،
پکي پروڪا اڃا نه آيا، اُڪير تن جي هُري رهي آ
اُداس سر تي هوا اُٺي جي چئي پئي ڪا اُڏار ايندي.
اهڙين پراُميد هوائن جي آسري تي ماڻهو به پنهنجي ڏکي زندگي سُکي ڪري گهارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ايندڙ اُڏارن جي آسري تي سر به پنهنجي مايوسي ۽ اُٻاڻڪائي کي اميد ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي ته محبوبن جي انتظار ۾ ويٺل عاشق به وڇوڙي جو قهري وقت ڪٽي ٿا وڃن. اهڙو وقت ڏاڍو آزمائش وارو ۽ ٿڪائيندڙ هوندو آهي. هڪ پاسي پيا جي پياس هوندي آهي ته ٻئي طرف جڳت جي جوت جي ڄيري جون ڄڀيون هونديون آهن ۽ ٻنهي ڄيرن جي وچ ۾ هلڻو پوي ٿو. بقول ڀٽائي،
ڪي ڌرتتي ماءُ، ڪي ڄر سندي سڄڻين،
هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾
حيات جو اهو ڪاروان ايئن هلندو رهي ٿو جنهن ۾ سوين رنگ روپ به آهن ته وري ڪيئي ڪوجهايون، ڪميون ۽ ڪوتاهيون به آهن. هر ڪيفيت جو هڪڙو پنهنجو وقت آهي جنهن جي ٽائم لائن جي ڪنهن کي به ڪا پروڙ ڪانهي جيڪو ڪجهه مليو آهي ان ۾ ڪيتريون ئي غير يقينيءَ واريون ڪيفيتون آهن. هر ايندڙ وک انهي بي خبريءَ ۽ اڄاڻائي ءَ سان ڀري پيئي آهي. رضا جي قضا جي ڪونتل جي ڪا ڪل ڪانهي ته ڪٿي ڪڏي ڪرائيندو يا پرينءَ جي پار پڄائيندو. پرينءَ جو پار جيڪو ويجهن کان ويجهو هوندي پرانهون پار به محسوس ٿئي ٿو ته پريون پار به. همه اوست جي هيڪڙائي به حق آهي ته همه از اوست جي وار ريکا يا ڌار ريکا پڻ حقيقت آهي. انهن سڀني تههن ۽ تهه خانن جي انڌار ڀونرن مان جيڪا غير يقيني ڪيفيت اُڀري ٿي تنهن کي شيخ اياز هي لفظ ڏنا آهن،
پرار تي ڪا پڪار آهي، مگر اڳيان ته تار آهي،
ڪٿي اسانجي اُڪار آهي، اياز ڪيڏانهن ناو نيندي
پرارا جي انهي پوڪار جو ته پتو آهي پر تک تار جو ڀئو ڇڪا ڇڏائي ٿو ڇڏي. وڏن اڪابرن جو عقل اوڇو ٿي بيهي ٿو رهي. اهڙي ڪيفيت مان ئي بي يقيني وارو ادراڪ اڀري ٿو ۽ خبر نٿي پوي ته هي ٻيڙي جيڪا ڪنهن پل ٻُڏي رهي آهي ته ڪنهن پل مٿي اُپڙي رهي آهي، ڪيڏانهن کڻي هلندي. جيڏانهن کڻي ويندي اُن پار جي ٿوري گهڻي پروڙ ۽ پرک هرڪنهن کي حيرت ۾ هڻي ڇڏيو آهي. حسن جانان جي تعريف ممڪن ئي ناهي. نائي نيڻ نهارجن ته اندر ۾ ئي دوست جو ديرو آهي پر ان ديري تائين پهچندي پهچندي جيڪي ڦوڙائي جا ڦيرا ماڻهو ءَ کي ويرا وانگر وڙهن ٿا تن مان ئي ههڙي غير يقينيءَ واري ڪيفيت اُڀري ٿي ۽ انسان کي پيا کانسواءِ سڀڪجهه اُماس نظر ٿو اچي. اها اُماس تڏهن ويندي جڏهن پرينءَ جي پرتوو ڪا چوڏس چانڊاڻ ڪندو. انهن سڀني ڪيفيتن کي صادق فقير جيڪو صدائن جو روپ سروپ ڏنو هو ان ويس ورن اياز جي خيال کي پنهنجي منطقي انجام ڏانهن اُڏار ڪرڻ ۾ مدد ڏني ۽ ٻُڌندڙن اهڙن ٻولن کي صدائن جي ويس ۾ ٻُڌي پنهنجي پنهنجي زندگين ۾ ڪنهن معنى ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن سندن اماس هاڻيون زندگيون، چوڏسا چانڊوڪيون ٿي پون. خيال جي انهي سفر ۾ صادق فقير جو وڏو ڪنٽريبيوشن آهي. اهي سُر ٻُڌي سڀئي ماڻهو خصوصن نوجوان پنهنجي پنهنجي محبوبيت کي من ۾ سانڍي منزل ڏانهن وڌندا رهندا ۽ اهي صدائون منجهن جيڪو ساهس ڀرين ٿيو ن ۽ اُتساه اُڀارين ٿيون سو کين چٽي چانڊاڻ واري ماحول ڏانهن وٺي ويندو. اهو ڏينهن پري نه هوندوجڏهن سندن زندگين مان سمورا اُما سي روپ ڪُروپ ڪَٽجي وندا ۽ سندن جين جرڪي چٽي چانڊاڻ ٿي پوندو.
***