ٿرپارڪر جو مختصر تعارف
ٿرپارڪر جي ڌرتيءَ کي مٿاڇري جي لحاظ کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اُن کي هِن ريت ورهائي سگهجي ٿو.
• ٿر يا وارياسو ۽ ڀِٽن وارو ڀاڱو
• پارڪر يا سنئون سنواٽو مٽيءَ هاڻو ميداني ڀاڱو
• رڻ يا رڻ جولوڻاٺين ڌٻڻن وارو علائقو
• ڪارونجهر يا جابلو ڀاڱو
زمين جا اهي ڀاڱا پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي وسيلن ۽ زرخيزين کي سمائي، سوين سالن کان ٿر جي ماڻهن، جيت جڻن، جانورن، پکي پکڻ ۽ نباتات جي عمدي رهائشگاهه طور ڪم اچي رهيا آهن. انهن ڀاڱن ۾ وري جر جي پاڻي، سماجي حالتن يا ڪن ٻين شين کي نظر ۾ رکندي ٿر کي وڌيڪ طبعي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي جيڪي هِن ريت آهن:
• ڪَسُ، • مهراڻو، • ونگو، • سامروٽي، • وٽ، • ڪنٺو، • پارڪر، • کائڙ، • ڍٽ، • رِڻ.
ٿر ۽ سِنڌوءَ جي پيچ وارو علائقو جتي پاڻ ۾ گڏجن ٿا اُها هڪ ڊگهي پٽي آهي ۽ جتان کان سنڌ جي پراڻي وهڪري يا هاڪڙي جو گس آهي جيڪا اُن کي ٿر کان الڳ ڪري بيهاري ٿي، انهيءَ پٽيءَ کي ڪَسُ چوندا آهن ڪَس لفظ جي لفظي معنيٰ آهي ”دنگ جو ليڪو يا نشان“ . ٿر ۽ پَٽَ جو اهو دنگ مٺيءَ پاڻيءَ جو ڪَسُ آهي اِن ڀاڱي ۾ رهندڙ ماڻهو ٿر ۾ رهندا آهن ۽ منجهن ٻنهي ڀاڱن جون خاصيتون موجود آهن بئراجي آبادي به هن خطي ۾ ايندي رهندي آهي خاص ڪري جيئن ئي ڀٽون سايون ٿينديون آهن ته بئراجي ماڻهو به مال ڪاهي اچي سانگي ٿي وهندا آهن.
”مهراڻو“ ٻن لفظن جو مجموعو آهي ”مُهر “ جي معنيٰ آهي ”اَڳُ“ ۽ ”آڻو“ معنيٰ ”ايندڙ“. ٿر جي ماڻهوءَ لا هِي ڀاڱو بئراجي خطي کان اڳ ۾ اچي ٿو تنهنڪري هن کي مهراڻو چوندا آهن. هتي ڪُشاديون ۽ ڀليون زرخيز زمينون آهن جن کي تليون سڏيو وڃي ٿو. هتي جر جو پاڻي اونهون ۽ کارو آهي.
”ونگو“ لفظ جي جي معنيٰ ”ورُ“ يا وراڪو آهي ۽ ونگ مينهن کي ڏُهڻ وقت هنيل نوڃڻ کي به چيو ويندو آهي ۽ اتي درياهه جي وَهڪ ونگ ڪيو ته اهو خطو ونگو سڏجڻ لڳو ۽ هي ڀاڱو چڱو خاصو آباد ڀاڱو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته درياهه جي وهڪري سبب ”ونگو پتڻ“ هو ۽ اڳتي ٻيو پتڻ ”ڄار جو پتڻ“ هوندوهو . انگريز دور جي ليکڪن به اِن کي ”ونگا بزار“ لکيو آهي.
سامروٽي مِٺي شهر کان ڏکڻ ڏيپلي تعلقي جو حصو آهي جنهن جو سيمون بهترين ۽ تمام گهڻي وڻراهه آهي، پاڻي به زمين کي ويجهو آهي جنهن ڪري مال ججهو ڌاريو وڃي ٿو. لڪ اوچا آهن جيڪي چڙهڻ ۾ ڏُکيا آهن پر هاڻي پڪن رستن ٺهڻ جي ڪري ڪجهه سهوليت ٿي پئي آهي نه ته ڀُرڀري واريءَ وارن چاڙهيڪن تي چڙهڻ مشڪل هوندو هو.
وٽ جي معنيٰ به ڪنارو آهي پر مُڙيل ڪنارو، هِيءَ پٽي سامروٽي ۽ رڻ کي پاڻ مان ڌار ڪري ٿي يعني کاري پاڻيءَ جي دنگ کي وٽ سڏيو ويو آهي .هِن پٽيءَ ۾ پاڻي بلڪل زمين کي ويجهو آهي تنهنڪري وڻراهه به تمام ججهي آهي هتان جا ماڻهو مالدار آهن ۽ پنهنجي رويي ۾ انتهائي سادا ۽ سٻاجها آهن.
لفظ ”ڪنٺي“ جي معنيٰ آهي نِڙي يا گلو هِيءَ ڇا جو ڪنٺو آهي تنهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. مِٺي کان اوڀر وارو ۽ ڇاڇري تعلقي جو اولهه ڏکڻ وارو علائقو ڪنٺو سڏيو ويندو آهي. ڪنٺي ۾ پاڻي اٽڪل 150 فوٽن کان 200 فوٽن تائين آهي آبهوا معتدل آهي وڻ ٽڻ گهاٽا آهن ۽ ٻنيون سُٺيون آهن . هِي ٿر جو مرڪزي ڀاڱو آهي هِتان جا ماڻهو شاڪر ۽ صابر آهن.
ڪنٺي جي اوڀر ۾ ڍٽ آهي جنهن جي رهاڪن کي ڍاٽي چوندا آهن ڍٽ ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڪافي حصو اچي وڃي ٿو هِتي پاڻي اونهو آهي ۽ ماڻهو به محنتي ۽ اورچ آهن.
کائڙ جو علائقو ڇاڇري جي اُتر ۾ ۽ عمرڪوٽ جي اوڀر اُتر ۾ آهي هِن علائقي ۾ زميني پاڻي تمام اونهو آهي جنهن ڪري هتي وڻ به گهٽ آهن ته اوڀڙ جو اڌيڙ به ٿيندو رهي ٿو. گرمين جي مُند ۾ جرجو پاڻي ڪِن ڪن هنڌن تي ختم ٿي وڃي ٿو. هِن علائقي جا ماڻهو انتهائي اُتساهڪ ۽ دنڌي داڙيءَ جا ڪوڏيا آهن. هندستان پاڪستان جي دنگ تي رهڻ جي ڪري منجهن دنگ وارن ماڻهو وارا گڻ به آهن.
پارڪر لفظ ٻن لفظن پار+ اُڪرڻ جو مجموعو آهي ڇاڪاڻ ته هن ڀاڱي ۾ پاري نگر جهڙو عظيم بندرگاهه رهيو آهي جتي پهرين صدي عيسويءَ تائين ٻيڙا هلندا هُئا ۽ جهاز راني ٿيندي هُئي ائين سنڌ جي کاري (نار)پار ڪرڻ لاءِ هِيءَ خطو ڪم ايندو هو تنهنڪري مٿس اهو نالو پيو. پارڪر جو علائقو سنئون سنواٽو مٽيهاڻو ميدان آهن جيڪو انتهائي زرخيز آهي منجهس باراني پوک کانسواءِ برساتي پاڻي، کوهن، ۽ ٽيوب ويل تي به پوکي ٿئي ٿي. پارڪر جو علائقو باقي ٿر کان بلڪل نيارو آهي ڇاڪاڻ ته منجهس ڀٽون وغيره ناهن، پاڻي به ڪافي آهي خاص ڪري برساتي پاڻي ايترو گهڻو آهي جو هِن تي سڄو پارڪر آباد ٿي سگهي ٿو.
رڻ جو ڀاڱو جنهن کي برٽن رڻ ڪڇ جو نالو ڏنو هو جيتوڻيڪ اهو سنڌ جي نار هو ۽ سڪنڊر مقدونيءَ جو ٻيڙو ان کاريءَ تائين پهتو هو جتان واپس موٽائڻ لاءِ سنڌي ملاح ڪم آيا هُئا ڇو ته يو نانين کان پاڻيءَ جو آر مٿاهون هو. رڻ ۾ اندر ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون آهن . هي خطو جيوتي گهڻا گهڻي ۾ مالا مال آهي. چوپايو مال وغيره اُتي چرڻ به ويندو آهي. ظاهر ۾ نظر ايندڙ لوڻاٺي گرڻ ۾ ڪجهه حصا انتهائي ڀلوڙ آهن جتي جيوت جي جوڳي رهائش آهي.
اهڙي طرح ٿرپارڪر جو هتي ٻهڳڻ علائقو مختلف نالن وارن ڀاڱن سان سُڃاتو وڃي ٿو هتي ڪم ڪندڙ لاءِ ضروري آهي ته اُهي هِن ڀاڱي جي سموري مانڊاڻ کي سمجهن جيئن ڪم ڪار ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.