لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

ھي ڪتاب شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءُ تي لکيل مضمونن ۽ نون لفظن جي معنى بابت آھي جيڪو نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي جو لکيل آھي.
نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
Title Cover of book ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

شيخ اياز جو لکيل ”نئون همرچو“

لوڪ ورثواهڙي املهه سماجي لقاءُ آهي جنهن ۾ لوڪ جا سموراٿوڪ سمايل آهن. لوڪ ورثي ۾ جتي نثرجي ناماچاري آهي تتي نظم جا نياڻ به آهن جيڪي پيارجي پورهئي جي پلر جي پالوت سان سدائين تاررهن ٿا۽ انهي مان باذوق اڃاراپرپياليون پي پنهنجي اندرجي اڃ اجهائيندا رهن ٿا. نسل در نسل اهو سلسلو هلندڙ آهي. انساني ذهني اوک ڊوک جي اها منتقلي صدين کان هلندي اچي. لوڪ ادب جي منتقليءَ جو طوطريقو نج فطرتاڻو آهي جنهن وسيلي انهي ۾ سمايل املهه موتين جا واهڙ وهندا رهن ٿا. انهي سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪو تعطل اچي ٿو ته قوم جي ثقافتي زندگي ۾ اهو تعطل تواريخ جو حصو بنجي اهڙو خال ٿي اڀرندو جنهن کي ڪوبه ڀري نه سگهندو. لوڪ ادب جيئن ته مجلسي ادب آهي ۽ ڪچهرين يا زندگيءَ جي معمول مطابق هلندو رهي ٿو۽ عوام ۾ عام ٿيندو رهي ٿو. شادين مرادين ۾ جيڪي ڪچهريون ٿين ٿيون تن ۾ لوڪ ادب جا سموراورونڊياورڇياوينداآهن .انهن ميڙاڪن ۾ ٽي همعصر نسل ويٺل هونداآهن جن ۾ ٻه نسل سرگرمي ۾ سرگرم ٿي حصو وٺنداآهن ۽ ٽيون نسل وري خاموش ٻُڌنڌڙ جي صورت ۾ موجود هوندو آهي . اڳتي هلي انهن مان ڪو اتساهڪ فرد نروار ٿيندوآهي جيڪو انهي الک ثقافتي ورثي کي اڳتي وڌائيندو آهي. جهرجهنگ ۾ هلندڙ ڌنارچنگ وسيلي، بوڙينڊي وسيلي، ويراڳڻ وسيلي جڏهن من ورتيءَ جي مام کي سُرن سان سلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته سمورو جهر جهنگ ٻهڪي اٿي ٿو. انهي درد ڀري واڻيءَ کي جڏهن هرڪو ٻُڌي ٿو ته من ئي من ۾ انهي واڻي کي ورجائڻ ٿو لڳي. اهڙي طرح جڏهن مختلف لوڪ گيت ۽ ڳيچ ڳايا وڃن ٿا ته پنهنجي مخصوص اثر وارو تاثر ڇڏين ٿا ۽ اهڙي ريت اهو سلسلو هلندو رهي ٿو. عورتون، ٻار ۽ مرد ٽيئي ڌريون گڏجي هن سماجي ڪم ڪار کي اڳتي وڌائين ٿيون ۽ اهو سمورو ڪم اهڙو ته غيرمحسوس طريقي سان ٿئي ٿو جو ٿوري ٿوري تبديلي ايئن ايندي وڃي ٿي جو اها جڏهن نروار ٿئي ٿي ته اها اهڙي طرح الک محسوس ٿئي ٿي . ٿر جي لوڪ گيتن ۾ همرچو مشهور لوڪ گيت آهي جيڪو وسڪاري جي موسم ۾ مخلف سرگرمين دوران ڳايو وڃي ٿو جيئن ليڏاڻ يا گُڏ ڪڍڻ دوران ۽ گاه ڪانو گڏ ڪرڻ دوران.
لوڪ ادب رٿا جي 17 هين ڪتاب “لوڪ گيت ” ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، محترم معمور يوسفاڻيءَ، رائچند هريجن ۽ سوڍي هريسنگهه کان مليل روايتن جي مدد سان همرچي جي اُپٽار ڪئي آهي . ڊاڪٽرڄيٺي لالواڻيءَ “ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت” ۾ به همرچو ڏنو آهي جنهن جو ماخذ به ڊاڪٽربلوچ جو مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب آهي. ڊاڪٽرلالواڻي جي لفظن ۾ “هيءُ گيت ڪُڙمين، هارين نارين جو آهي ۽ اڪثرلاباري وقت ڳائينداآهن. هيءُ گيت وسڪاري جو ماڻهو ٻنين ۾ ڪم ڪندا آهن، تڏهن گڏجي ڳائينداآهن.” همرچي ڳائڻ جي مقصد جي اُپٽار ڪندي ڊاڪٽرلالواڻي لکي ٿو،“ڪم جو تڪڙو اُڪلاءُ ڪرڻ ۽ ڪم کي جلدي نبيرڻ لاءِ هي رس ۽ مٺاس سان ڀرپور گيت ڳائبو آهي. هن گيت جي راڳ ۾ اهڙو جوش ايندو آهي، جو ڪم بلڪل تڪڙو ٿيندو آهي. ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ مطابق، “لفظ “همرچو” هن گيت جي وراڻيءَ ۾ گهڻو ڪم اچي ٿو جنهنڪري هي گيت پڻ انهي نالي سان ئي مشهور ٿيو. مختلف روايتن موجب اهو نالو “همراه اچو” لفظن جي گڏيل صورت آهي جو جهيل سان چوڻ ۽ وري وري چوڻ سبب صورت بدلائي “همرچو” جي تلفظ سان ڪم آيو.“ هن گيت جي اهڙي عوامي من موهنتا ڏسندي شيخ اياز پڻ ”نئون همرچو نالي لوڪ گيت لکيو. جنهن بابت پنهنجي ڪتاب ڪپر ٿو ڪُن ڪري جي 56 ۽ 57 صفحي تي هو پاڻ هن ريت لکي ٿو،””هڪ ڀيري اسان مٺيءَ کان ننگرپارڪرجيپ ۾ وڃي رهيا هئاسين. لونڍار نالي ڳوٺ ۾ هڪ چاءِ جو هوٽل هو، جتي اسان جيپ روڪي اوچتو پرين سُريلو آواز آيو، جو منهنجي ڇاتي ۾ ڇري وانگروانگر پيهي ويو. مون ڪنائي ڏٺو ته ٻه ٽي فرلانگ پري ڪي هاري کيت ۾ ڳائي رهيا هئا. اسان کيڙيءَ مان پنڌ ڪري، ان کيت وٽ پهتاسين. ان وقت آڪاس آگميل هو ۽ اتر اوڀر ۾ ٻڪرال ٻهڪا ٿي ڪيا. کيت ۾ ڪجهه ڀيل ۽ ٺڪر گُڏ ڪري رهيا هئا. وڄ جي چمڪاٽن سان هنن جي ڪنن ۾ پيل گوکرو ۽ مُرڪيون چمڪي رهيون هيون ۽ هو هڪ عجيب سُر ۾ ڳائي رهيا هئا......
آڙنگيو آڀي مان
اونڏو گجي ٿو گاجڙلو
همرچي جو ويلو
ٿڌي مند جو وائرو لڳو.....
جنهن وقت هنن همرچي جو ويلو لفظ ٿي چيا تنهن وقت لونءَ لونءَ مان صدين جا سيسراٽ ٿي اُڀري ويا. اهو همرچو ٻُڌي ڪهڙو ڪافر چوي ها ته سنڌ جي منفرد ثقافت کي اهميت نه آهي!
اڄ مون هڪ لوڪ گيت نئون همرچو لکيو آهي.“
شيخ اياز جي لکيل همرچي تي به پراڻي همرچي جوئي اثر آهي. هي همرچو هن ريت شروع ٿئي ٿو:
گرجي گرجي گاجڙلو، لا......
همرچي جو ويلو ڙي !
برسي برسي مينهڙلو،لا...
همرچي جو ويلو ڙي !
گوڙجي هجگوڙ کانپوءِ مينهن اچي ٿو ۽ انهي مينهن ۾ هو همرچو اچاريندي ان کي همرچي جو ويلو سڏي ٿو. اهڙي ماحول جي منظر ڪشي به ڪري ٿو هيل گهٽا گنگهور آهي جنهن جي ڪري سانوڻ به زوران زور آهي. رات سموري رم رم جهم مينهڙلو وٺو آهي ته پرڀات جو به لهڻ زور آهي ۽ گهنن گهنن گرجي رهيو آهي. اهڙي سمي همرچي جو ويلو آهي.
هيل گهٽا گنگهور الالا!
سانوڻ زوران زور الا لا!
همرچي جو ويلو ڙي !
رم جهم رم جهم رات الا لا!
گهنن گهنن پرڀات الالا!
همرچي جو ويلو ڙي !
آسمان ۾ آگم آهي. ڪڪرن جون قطارون آهن. واءُ کي وڄن ونگي ڇڏيو آهي. اهڙو ماحول پاڻي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ٿو ڇڏي . اهڙو آگم تراين کي توڙي ٽوڀن کي تارڪري ڀري ٿو ڇڏي. ترائي ۽ ٽوڀو پلرپاڻي گڏ ٿيڻ جا قدرتي هنڌ آهن. جتي برسات جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو.
آڀي ۾ آڙنگيو ڙي لا!
واءُ وڄن سان ونگيو ڙي لا!
همرچي جو ويلو ڙي !
تل ترايون تار ٿيو لا!
ٽوڀڙلا ٽمٽار ٿيو لا!
همرچي جو ويلو ڙي !
جڏهن تل ترايون تار ٿي پوندا ته پوءِ اهڙو خوبصورت ماحول جُڙندو جنهن جي جمالياتي جهلڪ انسان جي اندر ۾ موجود تخليقي سگهه کي اڀاريندي ۽ هو پوءِ ڪيئي ڳاڄ ڳائڻ لڳندو .وسڪاري جي موسم ۾ ڪارونجهر جي ڪور تي مور جو ٽهوڪڻ سموري ڏونگر کي ڏيئا ڏيئا ڪري ٿو ڇڏي.مور جو جهينگور سان ٻولڻ به هن مند جي مانڊاڻ جو حصو آهي.مينهن لاءِ تاڙو به ٻولي ٿو ۽ تاڙي جي اها تنوارشاعر جي اندر ۾ پرين جي سڪ ۽ اڪنڊ کي وڌائي ٿي ۽ سندس لاڙو اوڏانهن ٿي پوي ٿو.
برساري ۾ مورالالا!
ڪارونجهر جي ڪورالالا!
همرچي جو ويلو ڙي !
تڙتڙٻولي تاڙيو ڙي لا!
ڏورپرينءَ ڏي لاڙيو ڙي لا!
همرچي جو ويلو ڙي !
سونهن ۽ سندرتاوارو ماحول انهي اندر جي پيڙا کي اتپن ڪري ٿو جيڪا پرين جي ڏور هجڻ جي ڪري پيدا ٿي آهي. ڏوٿي ڏٺي ڏينهن ٿي وياآهن. تنهنڪري سندن سڪ ۽ تانگهه وڌيل آهي. هيل جيڪي مينهن پيا آهن سي ملڻ جا موهري آهن يعني انهن سان پرين جيڪي پرديس آهن سي محبوب ملندا.
ڀرجي آئي آ پيڙا لا!
ڏوراسان جا ڏيسيئڙا لا!
همرچي جو ويلو ڙي !
ڏوٿي ڏيکي ڏينهن ٿيا!
هيل ملڻ جا مينهن پيا لا!
همرچي جو ويلو ڙي !
همرچي جو ويلوڙي لا!
ماروئڙن جو ميلو ڙي لا!
همرچي جو ويلو ڙي !
ٿري همرچي متاثر ٿي شيخ اياز پاران سرجيل هي نئون همرچو انتهائي ڀلوڙ تجربو آهي جيڪو پنهنجي پر ۾ انوکو خيال آهي. ٿري همرچو گڏيل سرگرمي جو گيت آهي جنهن کي پورهيتن جو ترانو چئي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته انهي کي لاسيا لون ڪانڊاريندڙ انداز ۾ ڳائن ٿا ته صدين جي پيڙااُڀري اچي ٿي. جڳن جا ڏک سورهن گيت جي سورن مان اٻڙڪا ڏيئي نڪرڻ لڳن ٿا. ان سان گڏوگڏ ايندڙ وقت جو اونو به هن گيت مان نروار ٿيندو نظرايندو آهي.
• همرچي جي ڪڍيل معنائن ۽ گيت جي آهنگ کي ڏسي اها راءِ جُڙي ٿي ته همرچو لفظ ”همه يعني سڀ“ ۽ ”رچڻ يعني ملي هڪ ٿي وڃڻ “ جي ڳنڍجڻ سان ٺهيل آهي، يعني هن سرگرميءَ لاءِ گڏجي هڪ ٿي وڃو جيئن ڪم به جلدي نبري پوي ۽ ڪم جو بار به هلڪو محسوس ٿئي. ”همراه اچو “ واري ڳالهه ۾ ڪو خاص وزن ناهي.
• شيخ اياز هن گيت ۾ منظر به چٽيا آهن ته ٿري لفظ به استعمال ڪياآهن. ڪارونجهر جي ڪور تي مور جي ٻولڻ جو منظرشيخ اياز کي سدائين متاثر ڪندو رهيو آهي. آڀو، آڙنگ، تاڙو، ڏيسي، ڏوٿي، برسڻ وغيره لفظ هن انتهائي خبرداريءَ سان استعمال ڪيا آهن.
• شيخ اياز هن گيت کي فطرت جي منظرن، پرينءِ جي اڪنڊ ۽ اڪير، ڏولائي جي ڏينهن ۽ ان کان پوءِ ملڻ جي مينهن جي ڳالهه بيان ڪندي خوب نباهيو آهي ۽ هن قديم الک ثقافتي ورثي کي جديد دورجي خيال جي کُڻ مان کنوائڻ جي ڀلوڙ ڪوشش ڪئي آهي
• شيخ اياز وانگر اسان جا ٻيا شاعر به هن ريت قديم الک ثقافتي ورثي کي جديد ويس پارائي، موجوده دور جي پيڙا ئن کي پڌرو ڪندا ته سندن شاعريءَ کي وستي واهڻ ۽ ڳوٺن ۾ هرهنڌ مانائتي موٽ ۽ مڃتا ملندي.