لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

ھي ڪتاب شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءُ تي لکيل مضمونن ۽ نون لفظن جي معنى بابت آھي جيڪو نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي جو لکيل آھي.
نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
Title Cover of book ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٿر جو ذڪر

سنڌ جي تهذيب پنهنجي وجود جي بقا لاءِ هڪ پاڻ هرتو سرشتو نروار ڪيو آهي جنهن ذريعي صدين کان وٺي ان جو وجود ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾، سڀني اهنجن ايذائن، انقلابن، ڏکن ڏولائن باوجود، برقرار رکيو آهي.اهڙي پاڻ هرتي سرشتي جو هڪڙو مک روپ ۽ رخ ٻولي آهي جنهن وسيلي، نج پج خمير جي مافي الضمير جو اظهار ٿيندو رهيو آهي .اهڙي اظهار جي جنهن رنگ جون پاڙون عام ۾ آهن تنهن کي دوام مليو آهي باقي ٻيو سڀ ڪي وقت جي وير جي رک جو بَکُ بنجي تاريخ جي ڪٻاڙخاني جي تهن جي زينت بنجي چڪو آهي. ٻوليءَ جي سڀني روپن ۾ شاعري اهڙو روپ آهي جنهن ٻوليءَ کي قائم دائم رکڻ ۾ تمام اهم ڪردار نباهيو آهي. هن وقت سنڌي ٻولي زبانن جي قطار ۾ جتي بيٺل آهي تنهن جي سانڍ ۽ سوڌ سنوار ۾ سنڌي شاعريءَ جو اهم حصو آهي. شاه لطيف، شاه ڪريم، شاه لطف الله قادري، قاضي قادن، خواجه محمد زمان، سميت سمورن ڪلاسيڪي شاعرن کان وٺي جديد دور جي، شاعرن تائين هڪڙو اهڙو سلسلو آهي جنهن جي مالها جا سمورا موتي اڻ ميا ۽ املهه آهن. جديد دور جي شاعرن ۾ شيخ اياز سنڌي شاعري توڙي نثر جو اهڙو آبائتو اهڃاڻ آهي جنهن جي اُهاءَ ۽ اوجيس تي سندس دور ۽ پونيرنسلن پنهنجي ڏات کي سجهايو، سنواريو ۽ سينگاريو آهي. شيخ اياز جي شاعري توڙي نثر جنهن سطح جا آهن اهي جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ هجن ها ته نوبل انعام جي لائق آهن . شيخ اياز پنهنجي ڏات ڪنهن انعام لاءِ نه پر پنهنجي قوم جي سجاڳيءَ، شعور ۽ سُڌاري لاءِ ڪم آندي آهي . انهي مقصد ۾ هو ڪامياب پڻ ويو آهي. سندس شاعريءَ توڙي نثر ٻنهي جو اثرسنڌي ادب جي لفظ لفظ ۽ سٽ سٽ ۾ ڏسي سهجي ٿو.شيخ اياز جي دبنگ شخصيت سنڌي ادب تي اثرانداز ٿيندي، تمام گهري ڇاپ ڇڏي آهي. سندس تخليق موتي اڻ ميا آهن، جنهجي ڪٿ جو ڪاٿو تاريخ ڪندي رهندي، نسل در نسل ان مان اُتساه ملندو رهندو. هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ لکيو آهي،
وڃان ٿو وينجهار موتي ڏيئي اڻ ميا
صديون پيا سونجهبا جن جا ڍير هزار
ٻڏي سوچ ويچار پرکيندا مون پارکو
سوچ ويچار ۾ ٻُڏڻ کان پوءِ به شيخ اياز جي شاعريءَ جا ڪيئي پاسا اڻ ڇهيل رهجن ٿا. شيخ اياز پنهنجي وسيع مطالعي ۽ منفرد مشاهدي مان جيڪا مام پروڙي تنهنکي هن جيڪو به لفظن جو روپ ڏنو آهي تنهنجي اثرپذيريءَ کان ڪو پاڳل ئي انڪاري هوندو. هن لکين موضوع سنڌ کي متعارف ڪرايا جن هزارين نجوانن ۾ پڙهڻ جو جذبو پيدا ڪيو.ايئن علميت جي تند تنوار ۾ جيڪو به جمود آيو هو اهو اياز ٽوڙيو ۽ سنڌي ادب وري ڪر کڻي هلڻ جي لائق ٿيو. سندس شاعريءَ جي لهجي جي شدت، جمالياتي اظهار ۽ بين الاقوامي حوالن سندس شاعريءَ کي ڪلا جي ڪائناتي روپ تائين رسايو. سندس شاعريءَ ۾ جتي دنيا جهان جي موضوعن جو ذڪر آهي ته ان ۾ ٿر جي نياري ۽ نرالي علائقي جو به تفصيلي احوال اوريل آهي. شيخ اياز پنهنجي نثر ۾ به ٿر جو ڀلوڙ انداز سان ذڪر ڪيو آهي ته نظم ۾ ته هن هڪ پورو مجموعو “اڪن نيراڦليا” لکي ٿر جي ڏيک ۽ ڏيا جي حسن جو هوڪو ڏنو آهي. ٿر سندس خيال کي تمام گهڻو موهيو آهي جنهن جو هو معترف به آهي. پنهنجي آتم ڪٿا جي پهرئين ڀاڱي ۾ هو ٿر جي سفر جو ذڪر ڪندي ان کي سفر در سفر ڪيفيت سڏي ٿو . هڪ اهڙي ڪيفيت جيڪا کيس زمان ۽ مڪان جون سرحدو ن ٽپائي پرانهين پار اپار وٺي وڃي ٿي. هو اهڙي ڪيفيت مان جڏهن ٽُٻي ڏيئي مٿي اُڀري ٿو ته کيس گوڙي ڏهرن جا کنڊر نظر اچن ٿا. حيدراباد کان مٺي تائين جي واٽ سواٽ کي هو “پٽائون رستو ” سڏي ٿو. هو ٿر جي منظر ڪشي ڪندي آتم ڪٿا ۾ هن ريت اظهاري ٿو، “ٿر خدا جي مصوري آهي. خدا جو عظيم ترين مصور آهي ۽ پوري ڪائنات هن جي ڪئنواس آهي. مون کي سارو ٿر تصوير وانگر نظر آيو جنهن مون تي ۽ منهنجي شاعري۽ تي اَمِٽ ڇاپ ڇڏي آهي.” اهڙي پيهي وڃڻ واري ڪيفيت، ٿر سان سندس ڏات کي اهڙي رشتي ۾ سلهاڙي بيهاريو جهڙو سڱ چڪور ۽ چنڊ ۾ آهي. ٿرجي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر محترم عبدالقادر منگيءَ جڏهن 1992ع ۾ ٿر سيمينار ڪوٺايو ته شيخ اياز ٿر سان محبت کي نباهيندي ان سيمنار لاءِ لکيل پيغام ۾ ٿر سان محبت جو هن ريت اظهار ڪيو آهي، “منهنجي ٿر سان ايئن محبت رهي آهي جيئن نوبل انعام يافته شاعر ڪازان زاڪس جي ڪريٽ سان محبت هئي، توڙي هو يوناني هو، ڪريٽ هن کي ايئن پوئين دم تائين اُتساهيندو رهيو جيئن مون کي ٿر جي ياد اُتساهيندي رهندي آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته چترال لاءِ ته هيلي ڪاپٽر جي سروس آهي، پر ٿر جي لاءِ نه آهي.“ سندس ٿر لاءَ جيڪو جمالياتي تصور هو ان ۾ ڪارونجهر جي ڪور تي ويٺل مورن جا ٽهوڪا به هيا ته گنگهور گهٽائن جي گرج به هئي . هن ساڳي پيغام ۾ اڳتي لکيو آهي، “جڏهن به گنگهور اينديون آهن، ته مون کي خيال ايندو آهي، ته ٿر ۾ مور نچندا هوندا.گهٽائون ۽ مور منهنجي شاعريءَ جي بهترين علامت آهن.” انهي سيمينار جي مقالن جي سهيڙيل ڪتاب ۾ “اياز جي شاعريءَ ۾ ٿر جو پس منظر” پُڻ ڏنو ويو آهي جيڪو شيخ اياز جي امر خيال جو آئينه دار آهي.
اڪن نيراڦليا ۾ سيخ اياز ٿر جي فطري حسن، ٿر جي ڏُکن ڏوجهرن ۽ ٿر جي ڪلا ونت روپ جو ٻهڳڻ اظهارڪيو آهي جنهن ۾ ٿر جي ڪيترين ئي لڪل وٿن جو وستار سان ذڪر ٿيل آهي. فطرتي روپن جي اُپٽار ڪندي شيخ اياز ٿر جي نرم نظارن جو ذڪر ڪيو آهي . اتي جي فلورا۽ فائونا جو سڙ ڇيڙيو آهي. مروئي جي مهڪار به کيس موهت ڪري ٿي ته ڳاڱيءَ جا ڳاڙها ڳل ڏسي به هو هرکي پوي ٿو ۽ ڳاڱين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ هنڌ “ڪارونجهر جون ڪامڻيون سڏي ٿو. مروئو جنهن کي ناز بو به چوندا آهن اهو سڳنڌ جي ڪري مشهور آهي ۽ ڳاڱي جنهن کي گانگهيٽي به چيو وڃي ٿو سا پنهنجي سون سروپي ڳاڱين جي ڪري مشهور آهي سندس سخت هڏ گڏ هيڪاري ٻين ٻوٽن کان کيس مٿاهون درجو ڏياري ٿو. جڏهن گانگهيٽا پچي راس ٿيندا آهن ته انهن ورن ڪن ڪنوارن ڳلن جو ڏيک ڏيندو آهي.
مروئي جي مهڪار، اڃا اڱڻ سُپرين،
اچين جي ٻيهار، مهڪي ساٿ سُڳنڌ سان
ڪارونجهر تي مينهن جون اورڪون شاعر کي موهين ٿيون پر جوڀن ڏينهڙا تتر تيزاُڏار آهن جن جي وڃڻ سان ماڻهوءَ جي موه جي نوعيت تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ رس مان چس هليو ٿو وڃي. روهيڙي ڦُٽڻ جو ذڪر به شيخ اياز پره جي باک سان ڪري ٿو ۽ روهيڙي کي پنهنجي اڱڻ ۾ ڦٽندو ڏسي ٿو. هو تراين جو ذڪر ڪندي راڻاسر جي ڳالهه ڪري ٿو. راڻاسر جي نالي سان ڪيتريون ئي ترايون ٿر ۾ آهن. راڻو نالو آهي ۽ لقب پڻ. سر برساتي پاڻيءَ جي قدرتي طور گڏ ٿيڻ واري هيٺاهين هنڌ کي چئبو آهي. انهن سرن جي سَٺي سانگ سان ٿر ۾ راجپوت دور ۾ ڳوٺ آباد ٿيا. راڻاسر جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪري ٿو
اڄ به منهنجي جندڙي، راڻاسر تي رات
ڪيڏا منهنجي ڏات، تارا، تر، تروڪڻيون
ٿر جي حسن ۽ اقدار پسنديءَ کي به اياز تمام گهڻو ساراهيو آهي .ان جي سدا ملوڪ نظارن جي واکاڻ ڪئي آهي. ٿرجي ريت جو هرڪڻو رتن آهي جنهن جي جوت ۽ جرڪاءَ جيئن جڳ کي موهيو آهي تيئن اياز به ان تي هرکي پوي ٿو ۽ هن ريت چوي ٿو،
هوءَ ڊاڳي ۾ ڊيل جيئن، بيٺي آهي ڪير،
آئي آهي سوير، دلو کڻي چيلهه تي
شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ ٿر جي ڏکن ڏولائن ۽ اهنجن ايذائن جو به احوال اوريو آهي. ڏيهه جا ڏُک ڏسي هو هنجهون هارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ هرڪنهن هانو کي هيڻو سڏي ٿو. کيس ان ڳالهه جو اونو آهي ته ڪير بنا سَٺي سهاري جي ڪيئن ڪٺن جيون ڪاٽي. انهي ڪيفيت جي شدت هن نموني سندس شاعريءُ ۾ نروار ٿئي ٿي،

آيل هاريان آنء، هنجهون ڪنهنجي هنج ۾
دکي سا رو ديس آ هي هرڪنهن هيڻو هانءٌ
جنهن کي ڏ ڍ نه ڏانءٌ سا ڪيئن ڪاٽي ڏينهڙا
بک بدحالي جي ڪهاڻي به دنيا جي جڳاندر جهوني ڪهاڻي آهي. ٿر ۾ به انهي بک جو بي رحم راڪاس ڦيرا ڏيندو رهيو آهي. ڪڏهن ڏڪارن جي روپ ۾ ڪڏهن ڪنهن ڌارئي حملي آور حڪمران جي روپ ۾. اهڙي بُک ۽ بدحالي ڪيترين ئي معصوم جانين جو بَکُ وٺي ٿي ڇڏي. اهڙي مصيبت جي مار معصوم ٻارڙن ۽ اٻلا عورتن تي سرس ۽ سوائي پوي ٿي. اهڙي محسوسات کي اياز، نامياري صوفي شاعر “باهوءَ” سان مخاطب ٿيندي هن ريت چوي ٿو،
باهو اڄ بي موت مرن ٿا، ڇو ماڻهو جا ٻچا هُو
آئون نه ڄاڻان، ڪهڙا ڪوڙا ڪهڙا آهن سچا هُو
ٻاهر ماڻهو پٿر جهڙا، اندر ڪاوا ڪچا هُو
ڪنهن کي ڪوئي چين نه آهي، ملڪ مڙيو ئي ڏچا هُو
اهڙي بک ماڻهوءَ کي ڏوهه جي ڏيه وٺي وڃي ٿي جتان موٽڻ ڏاڍو شڪل هوندوآهي. پوءِ ڏوهه جي اها دنيا جڏهن وسيع ٿي وڃي ٿي ته پنهنجو پاڻ کي اداري جي صورت ۾ مڃرائي وٺي ٿي. ماڻهو ان کي مثال بنائي ساڳي واٽ تي هلڻ جي ڪن ٿا. اهو عمل دنيا کي دوزخ بنائي ٿو ڇڏي . شيخ اياز چوي ٿو،
ڪيڏا ڪيس ڪري ٿو باهو،ماڻهو بُک جي وڳهي هُو
ڊگهي رسي ڏيئي هن کي رب پيو ٿو پسي هُو
ٿر اهڙيءَ بک ۽ بدحاليءَ باوجود پنهنجي امن کي بچايو آهي.امن نهن لاءِ دنيا آتي آهي. هر هنڌ امن لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن پر امن اڃا پرانهين پار جو ڪو سهانو سپنو لڳي ٿو.ڇاڪاڻ جو دنيا جي امن کي خراب ڪرڻ پويان انسان جي نه کٽندڙ هٻڇ آهي ۽ انهي هٻڇ جو مقصد نفعي جي صورت ۾ مال ميڙڻ آهي جنهن جو ڏس سرمايه واد جي ڪلچر جو “ڪُل” آهي جنهن جو هر جز هٻڇ ۽ منافعي خوريءَ جي ماليخوليا ۾ سڀڪجهه وساري ويهي ٿو. نتيجي ۾ قدرتي وسيلن ۽ انهن جي واهپي جي وچ ۾ جيڪو توازن آهي سو بگڙي پوي ٿو. جڏهن اهو توازن متاثر ٿئي ٿو ته فطرت جو قوتون گردش ۾ اچي ٿيون وڃن ۽ ڌرتيءَ تي وڏيون وڏيون تبديليون اچڻ لڳن ٿيون جن جو ڀئو انسان کي ڀنواٽي ڏيئي ٿو ڇڏي ۽ هو پنهنجي ڪرتوتن ۽ ڪوپن کي ترڪ ڪرڻ بجاءِ، ڪلائميٽ چينج ڳالهه ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ان ۾ به وري دنڌي جو پهلو ڳولي ٿو. اهو ناڪاري رويو انسان ذات کي نه ڄاڻ ڪيڏانهن وٺي ويندو. شيخ اياز به جڏهن غريب بجيرياڻي ءَ جا بيمار ٻار ڏسي ٿو ته تڙپي پوي ٿو ۽ انهني درد ناڪ منظر کي لفظن جو هي ويس ڍڪائي ٿو،
ساري رات سُکالڙا بجيرياڻي ٻار
ڪيڏي پگهر لار، منجي آلا رلڪا
ڏکن ڏوجهرن جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏوگڏ، هو ٿر جي املهه ٽئلنٽ کي به باريڪيءَ سان ڏسي ٿو جنهن جو مٽ دنيا ۾ کيس ڪٿي به نظر نٿو اچي. اهو ٽئلنٽ ۽ هنر ئي آهي جيڪو ٿر کي گل و گلزار بنائي سگهي ٿو .ٿر جي ماضي جي پاري نگر واري دور جي خوشحالي کي موٽائي سگهي ٿو جنهن جو ذڪر سڏيونت سارنگا جي ڪٿا ۾ ٿيل آهي جڏهن ٿر جو سمورو ڏاکڻيون ڀاڱو سامونڊي ڪنارو هوندو هو جنهن ۾ ونگي جي وڻج ڀري بازار کان ويندي راهومڪيءَ بازار تائين ڀريون تريون بازارون هونديون هيون، جن جي ڏکڻ اڀرندئين ڇيڙي تي پاري ننگر جهڙو بندرگاه آباد هو جنهن جي ڪناري تي ناريل جا وڻ هوندا هئا. انهي بندرگاه کي محمد حسين پنهنور 400 ورهيه عيسى ڄم کان اڳ جو ڄاڻايو آهي. پارڪر کان مٿي اها پٽي کاري مٺي پاڻيءَ جو ميلاپ هوندي هئي . انهي پٽيءَ کي هن وقت “وٽ” سڏيو وڃي ٿو. هو مڪي ڀريت ڀريندڙن جي خوبصورت انداز ۾ ڳالهه ڪرڻ سان گڏ سونارن جو تذڪرو به ڪري ٿو ته رڱ ساز ماڻهن جي ڳالهه به کيس متاثر ڪري ٿي. ڀرت ڀرڻ، سون جو ڪم، رڱڻ جو ڪم اهڙيون ڪرتون آهن جيڪي ٿر ۾ نه رڳو سالن کان موجود آهن پر هن وقت به انهن جو واهپو ٿري سماج ۾ ججهو آهي.. جيسلمير جي ٺڪراڻين جي ڳالهه به سندس شاعريءَ ۾ آهي ته ڪاسٻي، ڀالوا، ويراواءِ جو به احوال آهي. اهي سڀئي حوالا اياز جي شاعريءَ کي سُريلو بنائين ٿا ۽ ان جي سيلائي اڃا به وڌي وڃي ٿي جڏهن ٿر جو امر راڳي مرحوم صادق فقير اياز جي راڳيءَ جي روپ ۾ سنڌ جي نوجوان دلين جي ڌڙڪڻ بنجي اُڀري ٿو يا وري ڪريم فقير جڏهن “توکي ڪهڙي ڪل، جيءَ اڇي نه جهل، مونکان سنڌ نه وسري” پنهنجي منفرد انداز ۾ ڳائي ٿو ته صدين جي سُرون جا سيسراٽ نڪري ٿا وڃن ۽ هر دل سنڌ لاءِ ڌڙڪڻ ٿي لڳي. شيخ اياز جي شاعري تي ته ٿر جي حسن جو اثر آهي پر ٿر جي تخليقي ڪئنواس تي اياز جي شاعريءَ جو اثر به آهي. سندس شاعريءَ کي جڏهن پيارو شواڻي “ڍاٽڪي” ويس ڍڪائي ٿو ته اها “ٻاٻيهو ٿو ٻولي” ٿي ٿر ۾ اڃا به نت نئين روپ ۾ نسرڻ لڳي ٿي.
شيخ اياز ٿر جي امر ڪردار مارئي ءَ کي به نه وساريو آهي. هو مارئي کي دلاسو ڏيندي، اميد پسنديءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ مارن جي ملڻ کي يقيني سمجهي ٿو،
مانڌي ٿي نه نيٺ ايندا مينهن ملير تي
وڄون ورنديون اوچتو لڳه لهندا هيٺ
مارو ماکي ميٺ ملندا توسان مارئي
ٿر ۾ خوشحالي شيخ اياز جو به اهڙو خواب آهي جهڙو سڀني ٿرين جو يا ٿر دوست ڌُرين جو. تنهنڪري ئي هن ٿر کي پنهنجي تصور جي دنيا ڪري چونڊيو آهي. ٿر جي نانگ بلا جي ڪکجڻ واري مسئلي کان وٺي، ٽرانسپورٽ جي مسئلن تائين سڀني مسئلن کي هن گهرائيءَ سان ڏٺو آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ پلٽيو آهي، جنهن جي تفصيلي اڀياس لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو شيخ اياز جي شاعريءَ جو ميدان به وسيع آهي ته ٿر جي وشال ڌرتي به پنهنجو پاڻ ۾ وڏي وسعت رکي ٿي. اها ئي ڳالهه آهي جو ٿر، هر ماڻهوءَ کي، ٻنهي صورتن ۾ ..... بدحالي ۽ خوشحالي...... پاڻ ڏانهن ڇڪيندو رهيو آهي. اهائي ڪشش هئي جنه اياز جي جمالياتي حس کي ڇيڙيو ۽ هو مٿس موهت ٿي پيو ۽ پنهنجي ئي لفظن ۾ هن ريت چئي ويٺو،
ساٿي مون دُنيا گهمي، چونڊيو آهي ٿر،
ڄڻ ڪنهن سُرڳ سمان، آ، واريءَ تي هي گهر،
سانجهي وير امر، آهي رتيءَ ريت تي
***