لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

ھي ڪتاب شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءُ تي لکيل مضمونن ۽ نون لفظن جي معنى بابت آھي جيڪو نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي جو لکيل آھي.
نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
Title Cover of book ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

مون ۾ آهي ملير، آهيان آءُ ملير ۾

”مارو پاڻ املهه، ملير هونئن ٿي مرڪڻو “ جهڙيون سٽون سرجيندڙ، سنڌي سماج جو ناڙي ويڄ سماجياتدان شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي خيال کي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ مختلف ڪهاڻيون ۽ سُورما سورميون نمائندي طور اڳتي ڪندي، پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهي جاکوڙ ۾ شاه لطيف جو پنهنجو نرالو گهاڙيٽو آهي جنهن ۾ هُو انهي آکاڻيءَ جي ڳر کي کڻي پنهنجي مطلب واري تصور کي مهند ڪري ٿو ۽ آکاڻي جي ڊيگهه ۾ نٿو وڃي. ڪبير جي بقول ”ڇاڇ“ سنسار لاءِ ڇڏي مکڻ کائڻ وارو اهو اسٽائيل برک ڍنگ اثرائتو به آهي ته جٽادار پُڻ ـ شاه لطيف جي انهي واٽ تي هلندي سنڌي شاعرن به انهي ميدان ۾ پوکي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙين ڪوششن مان هڪڙي ڀلوڙ ڪوشش شيخ اياز پاران به ڪئي ويئي آهي. جنهن ۾ هُن شاه لطيف پاران کيڏيل ميدان تي شعرن وسيلي پنهنجي خيال جو ٻج هاريندي مارئي، سسئي، گهاتو، سهڻي جا سُر سرجيا جيڪي سندس ڪتاب ڪپر ٿو ڪُن ڪري ۾ پڙهي سگهجن ٿا. اهو ڪتاب برقي ڪتاب جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي به موجود آهي پر اُن ۾ ڪجه غلطيون آهن ڇاڪاڻ ته ڪتاب نئين سِر ڪمپوز ڪري نيٽ تي چاڙهيل آهي جڏهن ته بهتر طريقو اِهو آهي ته اصلي ڪتاب کي اسڪين ڪري پوءِ کڄي سگهڻ جوڳي روپ PDF ۾ مٽائي رکيو وڃي ته ڪتاب جي اصلي صورت بنا ڪنهن ڦيرڦار جي موجود رهندي. اها للڪار سڀني ڪتابن کي آهي جن کي نئين سِر ڪمپوز ڪري رکيو وڃي ٿو اُن ۾ به خاص ڪري اهڙا ڪتاب جن جا ليکڪ دنيا ۾ موجود ناهن ـ ڀٽائي جي رسالي سان به ايئن ئي ٿيو جيترا رسالا آهن اوتريون پڙهڻيون آهن. خير اِهو الڳ موضوع آهي جنهن بابت ڪنهن ٻئي ڀيري ــ هِن وقت شيخ اياز جي سُرن بابت هلي پيئي ۽ شيخ اياز جي لکيل سُرن ۾ سُر مارئي به آهي جنهن کي پڙهڻ سان هُن سُر ۾ شاه لطيف جي شاعري، شيخ اياز پاران ڪيل ٿر جو اڀياس ۽ عصري تڪليفون ليئا پائيندا نظر اچن ٿا ــ شاهه لطيف جو سُر مارئي هِن تخليق جو بنياد آهي جڏهن ته شيخ اياز جي ذهن ۾ همعصر دور جي ڪٺنتا ۽ ڏولائو به آهي ته روشڻ مستقبل جي اُميد پُڻ ـ انهيءَ ڀيٽاڀيٽيءَ کي شاعر پنهنجي ٿر جي اڀياسي مُشاهدي مان قلم ٻوڙي جيڪي املهه رتن آڇيا آهن تن جي اوک ڊوک ضروري آهي جيئن پڙهندڙن کي خاص طور ايندڙ وقت جي پڙهندڙن شاعري جي گوناگو نيت جو پتو پوي ۽ پنهنجي تهذيب تاريخ کي نه رُڳو سمجهن پر پنهنجي اجتماعي وجود کي رسندڙ ناقابلِ تلافي نقصانن ۽ صدين جي صدمن جو علم به رکن ۽ پاڻ اُن کان پاڻ کي بچائين ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي رهنمائي لاءِ ڪا لاٽ ٻاري وڃن ــ شيخ اياز پاڻ انهي تخليقن بابت لکي ٿو ته هن ڀيري مون سنڌ جي ڪهاڻين وارا سڀيئي سُر لکيا آهن ۽ هر سُر ۾ ڪنهن خيال کي اُن جي توڙ تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کان اڳ هر سنڌي شاعر وحدت الوجود جي فلسفي پيش ڪيو آهي پر مون هر سُر ۾ هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي ۽ اُن جو سلسلو قائم رکي اُن کي گُهربل نتيجي تي پهچايو آهي ــ حالانڪه هر شاعر رڳو وحدت الوجود جي ڳالهه نه ڪئي آهي ـ ڀٽائي اهڙي ڏات ڌڻي آهي جنهن وحدت الوجود کانسواءِ پنهنجي بيتن ۽ واين ۾ زندگي جي سڀني انڊلٺي رنگن جي ڏانگڙي جو عڪس پيش ڪيو آهي ۽ سُر مارئي ته هُن علامتي طور جبر ۽ ڏاڍ ۽ هيڻائي جي قوتن جي وچ ۾ حق سچ ۽ ايمان جي لڙاي جو رزميو ڪري پيش ڪيو آهي ـ ڪارا ڪراين ۾ اسان کي سون سوءُ جهڙي سٽ سرجهيندي يقينا ڀٽائي جي نظر اقتصادي، بدحالي تي هُوندي جنهن ۾ صدين کان سماج جو وڏو طبقو پيڙهايو ويو آهي ۽ چند چالاڪ فرد پوءِ گهراڻا دنيا جي وسيلن کي پنهنجي حرفت جي حرامپائي ۽ چالاڪي وسيلي گوڏن هيٺيان ڏيئي پنهنجي کاتي ڪري باقي دنيا جي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي ويهي ٿا رهن. اهو هر دور جو الميو رهندو آيو آهي. ڀٽائيءَ جي سورمي مارئي کي ”سون“ سوءَ محسوس ٿئي ٿو يعني هوءَ زر کي سوگ سمجهي ٿي ــ مارئي وٽ سون سينگار ناهي ــ سندس ڪراين ۾ ڪارا چُوڙا وڌيڪ سونهن ٿاـ شيخ اياز ڀٽائي پاران مارئي ءَ کي ڳائڻ بابت هن راءِ جو آهي ”مان ڀانيان ٿو ته ڀٽائي مارئيءَ کي اهڙي امرتا بخشي آهي جهڙي هومر هيلن کي بخشي آهي“. هو انهيءَ اثر کان متاثر ٿي مارئيءَ جو سُر لکڻ چاهي ٿو ۽ سندس ڳوڙهو مشاهدو ۽ گهرو مطالعو کيس اهو سُر نرالي انداز ۾ لکڻ تي آڀارين ٿا. هُو لکي ٿو ” مان سُر مارئيءَ لاءِ ڇا لکان؟ مان ڀانيان ٿو ته جي مان وحدت الوجود جو روايتي تصور ڦيرائي سگهان ته مان سُر مارئي ٻيهر لکڻ لاءِ وٿي پيدا ڪيان ۽ مارئيءَ کي سنڌ جي حُب الوطني جي مُڪمل نشاني (Symbol) بڻائي ڇڏيان ته منهنجو پورهيو سجايو ٿيندو“. اهڙي طرح اياز سُر مارئيءَ ۾ سنڌ سان وحدت الوجود جي ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ٿر جي نامياري شاعر غلام محمد جنجهي وري مارئي ۽ ٿر کي وحدت الوجود جي سنهيءَ سئيءَ سان سبيو آهي. اِهي باريڪ ۽ نفيس رشتا ناتا اهڙو جوڙ آهن جو توڙ کي سمجهڻ لاءِ ”ابر جي اوصاف“ وانگر ٻيهر ڄاپي ڄاڻڻو پوندو.
شيخ اياز ڪپر ٿو ڪُن ڪري جي مُهاڳ ۾ اهي سڀ تفصيل لکندي، ٿر جي ڌاڙيل جئمل ڪراڙ کي پنهنجو پورو جُهٽ ڪوٺيو آهي ۽ لونڊار ۾ ليڏاڻ ڪڍندڙ لاسين پاران ڳائجندڙ لوڪ گيت ”همرچي“ جي ڪيفيتن کان متاثر ٿي نئون همرچو لکڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. هُو لکي ٿو ”هڪ ڀيري اسان مٺيءَ شهر کان ننگرپارڪر جيپ ۾ وڃي رهيا هئاسين.لونڊار نالي هڪ ڳوٺ ۾ چانهه جو هوٽل هو، جتي اسان جيپ روڪي ــ اوچتو پريان سُريلو آواز آيو جو منهنجي ڇاتيءَ ۾ ڇُريءَ وانگر پيهي ويو. مُون ڪنائي ڏٺو ته ٻه ٽي فرلانگ پري هاري کيت ۾ ڳائي رهيا هئا. اسان کيڙيءَ مان پنڌ ڪري، اُن کيت وٽ پهتاسين، اُن وقت آڪاش آگميل هو ۽ اُتر اوڀر ۾ ٻڪرال ٻهڪا ٿي ڪيا. کيت ۾ ڪجهه ڀيل ۽ ٺڪر گُڏ ڪري رهيا هئا. وڄ جي چمڪاٽن سان هنن جي ڪنن ۾ پيل گوکرو ۽ مُرڪيون چمڪي رهيون هيون ۽ هو هڪ عجيب سُر ۾ ڳائي رهيا هئا؛
آڙنگيو آڀي مان،
اونڏو گجي ٿو گاجڙلو،
همرچي جو ويلو
ٿڌي مُند جو وائڙو لڳو
جنهن وقت هُنن ”همرچي جو ويلو“ لفظ ٿرچيا، تنهن وقت لونءَ لونءَ مان صدين جا سيسراٽ اُڀري وياـ اهو همرچو ٻُڌي ڪهڙو ڪافر چوي ها ته سنڌ جي منفرد ثقافت کي اهميت نه آهي ـ انهي اثر کانئس نئون همرچو به لکرايو.
شيخ اياز جو سُر مارئي ٿر جي وسيع ۽ خوبصورت ڪينواس جو چٽو منظرنامو پيش ڪري ٿو. هو وڻن ٽڻن، ريتن رسمن ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جو چٽ چٽي ٿو ايئن ٿر جا نظارا گهمائيندي، پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪري ٿو ــ وڻن ٽڻن ۽ مينهن جي ڏيک جي منظر ڪشي ڪندي هن ريت لکي ٿو؛
ڪنڊيءَ ساري سڱريون، پُسيءَ ڳاڙها گُل
مٿان وسيون مينهن جون، بوندون مٽيءَ تُل
ڪهڙا مٽي مُل، گهوري جان ملير تان
ڪنڊي ٿر جو اهڙو ٻهڳڻ وڻ آهي جيڪو سڀني موسمي جھٽڪن ۽ مُشڪلاتن باوجود پاڻ بچائي، ٿر پٽ ۾ ڪر کڻي بيٺل نظر اچي ٿو. ڪنڊيءَ ۽ ڪاري نانگ جي عمر تمام وڏي ٿئي ٿي. ڪنڊيءَ ۾ پهرين ٻُور لڱي ٿو ۽ اُڻهي ٻُور دوران جيڪڏهن وڻ کرڻ جو اُهڃاڻ ڏئي ٿو ته ڳرنڊو ٿي پون ٿا نه ته اهو ٻُور سنهين ڦرهي نما بناوتن ۾ تبديل ٿئي ٿو جن کي ”ٽويا“ چئبو آهي. ٽوين جي ڀاڄي بهترين ٿئي ٿي. سواد به سرس هوندو اٿس ته تندرستي لاءِ ٽڪ آهي ـ ٽويا وڏا ٿين ته اُنهن کي سڱريون چيو ويندو آهي. سڱريون ٿر ۾ بهترين ڏُٿ آهي. ڏُٿ کاڌي جو اهڙو قسم آهي جو اڪيلي رڇ طور کائي سگهجي ٿو ۽ غذائي ضرورتون پوريون ڪري ٿو. سڱريون ٻڪرين ۽ اُٺن جو به پسنديده کاڌو آهن ــ ماڻهو سڱريون سُڪائي به سُڪائي رکندا آهن جيئن ڪُمندائتو ڪم ڏي. سڱري پچي کوکي ۾ تبديل ٿئي ٿو ۽ کوکو کائڻ ۾ چهرو ٿئي ٿو جنهن کي ٻار ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. ”پُسي“ ڪرڙ جي وڻ جي گُل کي چئبو آهي. اُن جي گلابي رنگت وڏو سُرور بخشي ٿي . ڪرڙ جي وڻن مان به ڏُٿ ملي ٿو . اها پُسي پچي ڏونرا ٿئي ٿي جنهن کي ڀاڄي طور پچائي کاڌو ويندو آهي ته اُنهن جو سانڌاڻو به تيار ڪيو ويندو آهي. ڏونرا به کائڻ ۾ تمام گهڻو لذيذ ٿين ٿا ۽ پيٽ لاءِ اڪسير آهن ــ ڏونرا پچي پڪا ٿين ٿا جن کي ٻار توڙي وڏا شوق سان ميوي طور کائيندا آهن. ايئن ڪنڊيءَ جي سڱرين ۽ پُسيءَ جي پيازي گلن جي ڳاله ڪندي اياز اُنهن تان پوندڙ بوندن جي ڳالهه ڪندي اُنهن کي موتي سمجهي ٿو. اُنهي موسم ۾ ڪا هيڪڙ ٻيڪڙ برسات پوندي آهي ڇاڪاڻ ته اها برسات جي رُت ناهي. انهي منظرنگاري ءَ کان پوءِ هُو ملير تان جند گهورڻ جي آڇ ڪري ٿو.
وچينءَ جو منظر بيان ڪندي هو ڍٽ جي علائقي ۾ ڌنارن جي ڪرت جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو ته ڪيئن مارو ڌڻُ ڪاهي نڪرن ٿا ۽ پوءِ سندن دعائن ۽ مال جي تانگهه کي ڏسندي سانوڻ به سندن ساٿ ڏئي ٿو؛
وچينءِ ويلا ڍٽ تي، ڳيرا ڳاڳيءَ وڻ
مارن ڦُوڪي بنسريون، ڪاهيا رڍن ڌڻ
ساٺ ڪيا سانوڻ، وڄيون وريون اوچتو
ڍٽ جو علائقو ٿر جي اُتر اوڀر ۾ آهي ۽ اياز وچينءَ جي ويلي جي ڳالهه ڪندي، ڳيرن کي ڳاڳيءَ تي ويٺل ڏيکاري ٿو. ڳاڳيءَ جو ٻوٽو آهي جيڪو سنهين لڪڻين نما ٽارين تي مشتمل ٿئي پر وڻ نه ــ ڳاڱيءَ ۾ ننڍڙا ننڍڙا خوبصورت ڳاکيا ٿين ٿا جن کي گانگهيٽا به چئبو آهي. ڳيرو امن جو پکي آهي جنهن کي ٿر ۾ ”هولو“ به چوندا آهن. ڌڻوند ماڻهو پنهنجي وندر خاطر بانسري وڃائيندا آهن جنهن جي تانن سان پنهنجي من کي وندرائيندا آهن ۽ بانسري جي پُرسوز آواز جي ڪري اُن کي ”ويراڳڻ“ به چيو ويندو آهي. بانسري ايئن ڇو ڪُوڪي ٿي ڇاڪاڻ ته اُها وڍيل آهي تڏهن وايون ڪري ٿي. تخيلق جو اهڙو درد هر تخليق جي سرجڻ کان اُپجڻ تائين اُن ۾ موجود آهي ــ تڏهن ته رومي هن ريت فرمايو آهي ؛
بشنو از ني چون حڪايت مي ڪند
وز جدائيها شڪايت مي ڪند
انهي خيال جڏهن ڀٽائي جي من کي مهٽو ڏنو ته هن طرح چئي ڏنائين؛
وڍيل ٿي وايون ڪري ڪُٺل ڪوڪاري،
هِن پُڻ پنهنجا ساريا هوءَ هُنن لاءِ هنجون هاري
سانجهي ٽاڻي جي ڳالهه ڪندي، شيخ اياز ولين جي سُڳند موٽڻ جو سنيهو ڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته ٿر جي واري کي ڳاڙهسري آڪاس، پنهنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي ۽ ڏاس اُڻندڙ، ڏيئا ٻاري رهيا آهن ــ ڌيئن جو اُهڃاڻ روشن مستقبل جو مهري آهي پر ڏاس اُڻڻ بدران ڪتبي آهي شاعر ٿر جي رهڻي ڪهڻي ۾ پيهي ويو آهي پر ڪنهن به ثقافت کي سمجهڻ لاءِ ڪي چند ڏهاڙا ڪافي ناهن تنهنڪري هو ڏاس کي ڪتڻ بجاءِ اُڻڻ جي ڳالهه ڪري ويٺو آهي ته ؛
سانجهي ٽاڻي ڍٽ تي، ولين موٽيا واس
رتو آ، هِن ريت کي، ڳاڙهسري آڪاس
هُو جي اُڻن ڏاس، ٻارن پيا ڏيئڙا
وچينءَ جي ويلي کانپوءِ سانجهي ويلا کي ساريندي شاعر رات جي بات ڪندي چُپ چُپات کي ٽوڙيندي، ڏهرن ۾ ڏيئن ٽمڪڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ اهڙي سمي کيس مارن جي سار ستائي ٿي؛
ڪاريون ڪي راتڙيون، تارا ٿا ٽمڪن
ڏهر سڄو ڏيئڙا، چونئرا ٿا چمڪن
روئي رم جهم ڪن، اکيون سانگين سار ۾
سموري مانڍاڻ ۾ شاعر کي انيڪ خطرا نظر اچن ٿا ڇاڪاڻ ته جنهن دور جي پس منظر ۾ هُن اهو سُر سرجيو آهي تنهن دور ۾ اونده انڌوڪار ڇانيل هئي. اهڙي انڌوڪار ۾ شاعر کي سٺ پُرهه اونهن کوهن مان نانگ نڪرندا نظر اچن ٿا ۽ هو پاڻ کي سُجاڳ رکڻ جو ساهس ساهيندي چئي ڏئي ٿو ته انهن نانگن سان گڏ ڪيئي پيئڻون نڪري اينديون آهن جيڪي سُتلن کي زهر ڦوڪي وينديون آهن؛
ويڙهي ويڙهي جهپ، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي
ٻاهر نڪتا رات جو، ساٺيڪن مان سپ
اک نه لائج جهپ، اڳيان ايندءَ پيئڻون
مارئيءَ جي سونهن کي هو ماضيءَ جي تناظر ۾ ڏسندي اهو چوي ٿو سينهوڙيءَ سان ڀڳل چوڙيون به اڏونءَ ۾ ڪريون پيون آهن. ڪالهه جي مارئي چانديءَ جهڙي اڇي انگ سان هتي هئي پر اڄ ان تي ڪوٽ جا ڪڙا آهن. مارئي جي سونهن جي ست جي ڪنهن کئونس ڪئي آهي.ڀڳل چوڙيون انهي ارهه زورائي جي نشاندهي ڪن ٿيون؛
ڏس هي سينهون سنگ، ڀڳل چوڙيون اڏ ۾
ڪالهه هئي هتي مارئي، ڪامڻ روپي رنگ،
اڄ انهي جي انگ، ڪڙاآهن ڪوٽ جا
ڪوٽ جا ڪڙامارئي جي ردعمل کي اجاري اڇو ٿا ڪن. نيئر سندس نينهن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو. مارئي جي ڀڳل گهڙي جا چٽ سندس مزاحمت جو اهڃاڻ آهن. مارئي جا مٽ سدائين مارو آهن اهي ڪڏهن به تبديل نه ٿيندا. عمر تي مارن سان اهڙي ڏاڍڪرڻ جي پٽ آهي ۽ عمر سدائين رسوائي جو مزو چکندو رهندو؛
ڏس هي گهڙي چٽ، ڀڄي جو ڀورا ٿيو
ڪالهه هئي هت مارئي، مارو جنهن جا مٽ
توتي پائر پٽ، سُک نه سمهندين سومرا
سومري جو سُک پائر جي بددعا ختم ڪري ڇڏيو آهي. پائرپارڪر سان لڳندڙ ٿرجو اهو ڀاڱو آهي جتي مارئي جو ڳوٺ هو.انهي علائقي جا رهواسي مالدار۽ حليم طبيعت رکندڙ آهن.پاڻي به ايترو گهڻو اونهو ڪانهي، ملير جو زمينون زرخيز آهي. انهي زرخيزيءَ جي ڪري، هر سائو سرسبز هنڌ ملير سڏجي ٿو.مارئي جي وڃڻ سان مارو لڏي هليا وڃن ٿا ته پائر سُڇو ٿي پوي ٿو. کوهن تي ڪو ڀوڻ جو ڀڻڪو نٿو ٻُڌجي. پائر جي ايئن سُڃي ٿيڻ جي ڪري هاڻي اتي نه مينهن پوي ٿو نه ئي وليون ۽ گاهه ٿين ٿا. پاڻيءَ جون ويريون سُڪي ويون آهن. مارئي ڪوٽ ڪڙن جي وچ ۾ اُڀ ڏانهن ٻانهون کڻي، ٻاڏائي رهي آهي؛
اڄ نه ولين واس، اڄ نه مٽيءَ مينهڙا
سُڪي ويئي ويري آهي اُڃ اداس
تون ئي نانهه نراس، ڇا ٿي اورين اُڀ سان
اهڙي ڏکين حالتن ۾ ماڻهو ڪيئن ٿا حياتي گهارين؟ ڪيئن پنهنجي ضرورتن کي پور و ٿا ڪن؟ ماڻهو هتان هتان ڪمائي ڪري گندي ۽ گراهه جو بندوبست ڪري ٿا وٺن، ماڳ به پنهنجو اٿن پر سندن ڀاڳ آزاديءَ سان نوازيل آهي. آزادي سڀڪجهه آهي. آزاديءَ کانسواءِ سڀ ڪجهه اڪارٿ آهي. انسان جي حقيقي اوسر ۽ واڌويجهه آزاديءَ جي ماحول ۾ ٿيندي آهي. انساني ذهن پنهنجي ارتقائي رخ ۾ اجهل نموني وڌنڌو آهي؛
گندي ۽ گراهه، ماڳ به آهي ماڻهئين
پوءِ به تن جو ساهه، آزاديءَ بن اوپرو
مشڪلاتون زندگيءَ جو سينگار آهن جيڪي انسان کي زندگي جا پختا سبق سيکارينديون آهن. ڳوري پٿرهيٺ جيڪو گاهه اڀڙندو آهي ان کي ڪو غم گوندر نه هوندو آهي. ٿرجا ماڻهو اهڙي طرح اڏول آهن . ڪٺن زندگي کين گهڻو ڪجهه سيکاري ٿي. اهي پچي راس ٿي وڃن ٿا. سندن اندرجي اڇائي کين سندرروپ عطا ڪري ٿي.مارئي پنهنجي سرتين کي ساري ٿي ته اهي پيازي پولڪا پائي ڪيئن لوڏ سان هلن ٿيون. لوئڙياريون لمي لڏي ٽانگر جي ٽور هلن ٿيون. سندن مينڌيءَ رتا هٿڙا اهڙا خوبصورت ۽ ڳاڙها آهن جو انهن مان نور ٽمندو نظراچي ٿو. مرد ماڻهو به ايئن ٿا نظراچن جيئن ڪڪرن جي قطار هجي. ڇاڪاڻ جو سندن اڇا پٽڪا ايترو خوبصورت لڳن ٿا. سندن ڪهاڙين جا ڦر سج وانگر چمڪن ٿا جن ۾ ڳاڙها ڳن پيل آهن. اهي دولهه آهن ديس جا؛
جئن هو ڪڪرن ڪر، پڳون تيئن پنوهارين
ڳاڙها ڳن ڪهاڙيين، سج روپهراڦر
اجهو مون اوڍر، دولهه منهنجي ديس جا
سونهن جو ذڪر ڪندي شاعرٽولن جو ذڪر ڪري ٿو. ٿري عورت پنهنجي مال لاءِ ۽ ڏٿ طور ڀُرٽ چونڊين ٿيون ته سندن نٿون ۽ نموريون تارن وانگر ٽمڪن ٿيون. سندن ٻانهون ٻهه ٻهه ڪن ٿيون. اهڙي ڏونرن واري ڏٿ کي مارئي سڀڪجهه سمجهي ٿي. کيس ڪو ٻيو ملڪ اهڙو ساڻيهه نٿو لڳي؛
تارن جيئن ٽمڪن، تن جون نٿ نموريون
ڀُرٽ ڀريندي جهول ۾، ٻانهون ٻهه ٻهه ڪن
جلوي جهڙپ جهپين، پرديسي پانڌيئڙا
هي جو ڏونرن ڏيهه، مونکي مليو ڏاج ۾،
اهڙو ڪو ساڻيهه، آئون نه ڀانيان ڀونءِ تي
مارئي کي ان نئين انداز سان بيان ڪندي، اياز وحدت الوجوديت کي سنڌ جي وجود سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ هو ڪافي حد تائين ڪامياب ويو آهي. شيخ اياز جي سُر مارئي ۾ مارئي جو ملير سان سٻنڌ ۽ وچن نباه مثالي آهي جنهن جو مٽ دنيا ۾ ناهي. ڀٽائي به مارئي کي حب الوطني ۽ ويڙهيچن سان وچن جو عظيم اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو آهي. شيخ اياز مارئي جي ڪوٽ ڪڙن کي به بيان ڪري ٿو. جتي به وطن سان وچن هوندو آهي اتي ڪوٽ ڪڙن جي چوٽ جو چلامانو هوندو آهي. ڪوٽ ڪڙا ماڻهو جي اڏولتا کي لوڏي نه سگهندا آهن. مارئي ايئن پيرن تي بيهڻ ۽ هيڏانهن هوڏانهن نه ٿيڻ جو عظيم مثال آهي. هن سُر ۾ مارو ماڻهن جي اقتصادي سلامتي جو احوال به آهي ته مارو ماڻهو ڏٿ ڏونرن تي زندگي ڪاٽي به پاڻ کي گهڻي هيراڦيري کان محفوظ رکن ٿا. مارئي پيٽ تي پٽيون ٻڌي ٿي ته پر عمر جي دڙڪن دهمانن ۽ لالچن تي لڏي نٿي ڇاڪاڻ جو سندس ايمان مضبوط آهي. سڀني دنياوي سکن ۽ راحتن کي ٿُڏي هڪ ملير جي چونڊ ڪرڻ سندس اندر جي اجهل انسان جي اها ڪارائتي ڪيفيت آهي جيڪا موجوده دور ۾ به ايتري ئي اهميت رکي ٿي جيترو اڄ کان سوين سان اڳ هئي. اهڙي طرح ڏاڍ کي سامهون سڱ ڀرائي بيهڻ هرماڻهو ۽ قوم جي وس جي ڳالهه ناهي. اهڙي چونڊ يقينن مشڪلاتن ۾ وجهي ٿي پرانهي ۾ تاريخ جي سوڀ پوشيده آهي جيڪا کين ملڪان ملڪ مرڪائي ڇڏي ٿي. سڀني مشڪلاتن کي ريٽي مارئي روشن مستقبل جو سوهڻو ڏسي ٿي ۽ انهي سپني وسيلي هو ءَ پنهنجي مارن جي خوشحاليءَ کي يقيني سمجهي ٿي.خواب ئي آهن جيڪي دنياکي سرهائي ۽ سُک ڏين ٿا. جيڪي قومون خوشحاليءَ جا خواب ڏسن ٿيون ۽ انهن جي تعبيرلاءِ پاڻ پتوڙين ٿيون تن جي ڀاڳ ۾ سڀاڳ سنئون اچي ٿو.مارئي کي به شيخ اياز جي لفظن ۾ اهڙا سپنا آهن جيڪي مارن کي به خوشحال ڪندا ته ملير به مهڪي پوندو. جڏهن سڀئي سرها ٿيندا تڏهن مارئي به مرڪڻ جهڙي ٿيندي؛
ماندي ٿي نه نيٺ، ايندا مينهن ملير تي،
وڄون ورنديون اوچتو، لڳهه لهندا هيٺ
ماروماکي ءَ ميٺ، ملندا توسان مارئي
مارن جو ايئن ملڻ يقيني لڳي ٿو. جڏهن مارو ملندا ته سُک جو واءُ ورندو ۽ ڏکيا ڏينهن، ڏور ڀڄي ويندا. ڏهلاڏينهن ڏيهه تان ٽرندا ته مارن ۾ ۽ ملير ۾ هڪڙي سرهائيءَ جي لهر پيدا ٿيندي. اميد پسندي جي اهڙي ذڪر سان شيخ اياز سُرمارئي کي موجوده حالتن سان به ڳنڍي ڇڏيو آهي ته ماضيءَ جي هڪڙي داستان کي به نواڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.اهڙي اميد پسندي ئي انسان کي اڳتي رهنمائي بخشيندي رهي آهي؛
مارو ڪک به موريا، جڏهن وٺا مينهن،
هي جي ڏکيا ڏينهن رهي رهندا ڪينڪي

***