لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

ھي ڪتاب شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءُ تي لکيل مضمونن ۽ نون لفظن جي معنى بابت آھي جيڪو نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي جو لکيل آھي.
نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
Title Cover of book ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪارونجهرجي ڪور

ڪارونجهر ڌرتيءَ جي گولي جو هڪ نيارو ۽ موچارو مظهر آهي جنهن جي جڳاندر جهونيءَ عمر ڪيئي رڱ روپ ڏٺا آهن ۽ زماني جي ڦيرن گهيرن توڙي فطرت جي لاهين چاڙهين کي ڏٺو آهي. ڪارونجهر جي ڪور جي ڇڪ ۽ خوبصورتي ڏسڻ جي ڳالهه آهي.ان کي لفظن جي ڪڙين ۾ قيد ڪري ئي نٿو سگهجي تڏهن ته هڪ ٿري ڏوهي ۾ چيو ويو آهي ته ڪارونجهر جي ڪور مرندي دم تائين نه وسرندي. ڪارونجهر جا ساراروپ سروپ ايتراته سونهن ڀريا ۽ سوڀيا وان آهن جو جيڪو به ان کي هڪ ڀيرو ڏسي ٿو سو ساري عمر فطرت جي هن حسين نظاري کي وساري نٿو سگهي. اهو رڱ روپ جوڙڻهار هن جبل ۾ ايئن رکيو آهي جو هن جو سروپي ڏيک کي وسارڻ ناممڪن آهي. شيخ اياز ڪارونجهر جي قدامت ۽ عظمت کي بهترين لفظن جي ڀيٽا ڏني آهي. هو لکي ٿو؛“يارب! ڪارونجهر جي ڪور تي جڏهن مور ٽهوڪا ڪندوآهي، تڏهن هن کي سانوڻ جا بادل جواب ڏينداآهن. ڇا ڪائي معرفت جي چوٽي ان کان مٿي ٿي سگهي ٿي؟” ڪارونجهر جي ڪور کي شاعراڻي اک سان ڏسندڙ سيخ اياز ٿر بابت پنهنجي آتم ڪٿا، شاعري ۽ ڊائرين ۾ تمام ڳوڙهي نموني لکي ٿو. هو پنهنجو هڪڙو سمورو مجموعو ٿر بابت لکندي ان جو نالو “اڪن نيرا ڦليا” رکي ٿو ته ان بيت ۾ به ڪارونجهر جو ذڪر ڪري ٿو،
اڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن
سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر سان ڪڪريون
اڪن جي نيرن ڦلن جي خوبصورتي ۽ ڪارونجهر تي ڪڪرين جي گسڻ جو منظر جنهن اک به ڏٺو هوندو سواءِ موت جي ٻي ڪاب ڌُر ان اک کان اهو ڏيک ڦرائي نٿي سگهي. ڪارونجهر جي قدامت ته اربين ورهيي آڳاٽي آهي. گرينائيٽ جو هي نهرو پٿرڪيترن ئي رنگن تي مشتمل آهي جنهن جا ويس ورن وڙوڙ جا آهن. ڪارونجهر جي ۾ رهندڙ مرحوم علي نواز کوسو جڏهن ڪارونجهر بابت ڳالهائيندو هو ته سندس اکين ۾ صدين جي چمڪ لي ايندي هئي جنهن مان ڪارونجهر کي محسوس ڪري سگهبو هو. 108 تاريخي اهميت جي ماڳن کي سمائي، سڏيونت سارنگا جي ڪٿا جو شاهد هي جبل، شيخ اياز کي ايترو ته موهت ٿو ڪري جو هو بلائن جي خوف خطرن باوجود هو هن مان پار ويندي چوي ٿو،
ڪارونجهر ۾ ڪيتريون ڀاري بلائون
اُنهن مان آئون، وڃان ٿو وترو
ڪارونجهر ۾ ڪيئي لوڪ رهن ٿا جن جي مڻيا جي موڪ دنيا ۾ پرکنڊين پڌري رهي آهي.ڀرئي گاروڙي جي آکاڻيءَ واري هن ڏونگر ۾ جيني به رهنداهئا ته ريٻاڙي پڻ. جيني ته لڏي، ڪارونجهر کي سُڃو ڪري هليا ويا تڏهن ته سندن ڏهراننڌڻڪا پياآهن. ريٻاڙي اڃا به موجود آهن جن جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي وهڻي نياري ۽ نرالي آهي. ريٻاڙين جو ذڪر ڪندي شيخ اياز هن ريت چوي ٿو،
ڪارونجهر جي اوٽ ۾، ميٿيءَ جي واڙي
جنهن ۾ ريٻاڙي، گهلي پيئي گاگهرو
شيخ اياز کي پونجي واد جا پاپ به نظر ۾ هئا ته ڪارونجهر جي معدني دولت تي ڪنهن جون ڪنهنجون نگاهون آهن. . گرينائيٽ جي ڪڍڻ لاءِ ٿيندڙ ڌ،اڪن ڪيئن هتان جي مور جهڙي پکيءَ سميت سموريءَ ماحوليات کي ڪيئن متاثر ڪيو. سونا چمچا وات ۾ کڻي ڄمندڙ نسل کي غريب تي ڪا ڪهل نه ايندي آهي. هو جڏهن پنهنجا عشرت ڪدا جوڙڻ لڳندو آهي ته ڪيئي غريباڻا اجها به اُجاڙي ڇڏيندو آهي. انهي ڪيفيت کي هن، هنن لفظن جو روپ ڏنو آهي،
ڪارونجهر جي پٻ، جهور نه تن جون جهوپڙيون
تن ۾ ڪائي رٻ، هو جي ڏويون ڪاٺ جون
ڪارونجهر ۾ ڪيئي وڻ ٽڻ ٻوٽا آهن ته جانور پڻ. جن جي جنسار جي ڪهڙي ڪٿا ڪجي. ڪارونجهر ۾ ڪيئي پاڻيءَ نواڻ آهن جيڪي برسات جي پاڻي سان تار ٿي وينداآهن پر انهن چشمن ۾ ٻه نياڻ اهڙا آهن جيڪي ٻاروهي عني سڄو سال وهن پيا. ماڻهن جو سک آهي ته مال لاءِ راحت جو سامن پڻ. مالداري جي ان پهلوءَ تي اظهاريندي شيخ اياز لکي ٿو،
ڪارونجهر جي پٻ، ڌڻ ڌراڙن جو،
چِٽ انهي جهڙو، جيڏا ڪونهي جوءِ ۾
ڪارونجهر تي جڏهن برسات پوي ٿي زمين ۾ ريج ججهو ٿي پوي ٿو پوءِ ته هن ڌرتي تي گاهن جي گلزاري ٿي پوي ٿي.وڻ ٽڻ اهڙا ويس وڳاپهرين ٿا جو سڀڪجهه جانب جو جمال محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. ڪونڀٽ جو وڻ جبل ۾ ججهو ٿئي ٿو ته روهيڙو وري ٿر جي جهنگ جو مور ملوڪ وڻ آهي.ان لقاءَ جي لوڏ کي شيخ اياز هن ريت چٽي ٿو،
ڪارونجهر ٻيهر، ڪونڀٽ سڀ ساوا ڪيا
روهيڙي گهر گهر، ڳاڙها ڪيا گلڙا
ڪارنجهر جي وسعت ۽ عظمت کي نظر ۾ رکندي شيخ اياز ان کي علامتي طور تي سڄي ڌرتيءَ جي نمائندي طور پيش ڪري ٿو. سڄي ءَ ڌرتيءَ تي سک ۽ خوشحالي جي اچڻ کي به هو منفرد نموني پيش ڪري ٿو. کيس ڪارونجهر جي خوشحالي ءَ ۾ ئي دنيا جي خوشحالي نظر اچي ٿي. هتي آزاديءَ جي اها جنگ به لڳي آهي جنهن ۾ سوڍن ۽ سندن سينا جي سورمن گورن جي چئن ڇانوڻين، ..............حيدرآباد، ڪراچي، ڏيسا ۽ احمدآباد........... مان آيل ڪٽڪ سان جهيڙيو هو جنهن ۾ روپي گوهل جهڙا جونجهار سر ڏيئي سرها ٿياهئا. هتي خوارزم شاه به پنهنجا خطرناڪ اراداکڻي آيو هو ته، محمود بيگڙو به هتان گهمرو ڏيئي هليو ويو هو. انهن مڙني معرڪن ڪارونجهر جي وشالتا کي ويتر وشال بنائي ڇڏيو.اهوئي سبب آهي جوشيخ اياز ان پهلوءَ کي نظر ۾ رکندي هن ريت چوي ٿو،
او شل آزادي اچي، چوڏهينءَ چنڊ جيان
رهندي رات اڃان، ڪارونجهر تي ڪيترو
ڪارونجهر تي رهندڙ رات جو جڏهن احساس ٿيندو آهي ته کوسي جهان خان جهڙا پوليس عملداربه انهي ڪاراڻ کي ڪٽڻ لاءِ مسڪين جهان خان جو روپ ڌاري وٺندا آهن ۽ ايئن ڪارونجهر جي ويجهو ڪاسٻي، سابوسڻ، آڌيگام، ڀوڏيسر، پيٿاپور، لاڪڙکڏيئي، سوتلائي، ساميءَ جي ويري جهڙن سوين ڳوٺن جا مسڪين ماڻهو پنهنجو پاڻ کي، سُک ڏانهن وڌندي محسوس ڪنداآهن. اهڙيون روشنيون، ڪارونجهر جي ڪور تي رهندڙ ڪيترن جونجهارن جاڳايون آهن جن جي جوت سان ڪجهه نه ڪجهه انونده گهٽي آهي. شيخ اياز انهن روشنين ۾ وڏي اميد رکندي هن ريت چئي وجهي ٿو،
ڪارونجهر تي باهڙي، هوءَ ڪنهن دُکائي،
آڌيءَ جو آئي، جنهن مان ڄاڻ ڄراٽ جيئن
ڪارونجهر تي باهڙي، وساڻي ناهي
ڪنهن ڄاتو آهي، ڪڏهن مچ مچي پوي
ڪارونجهر جي اهڙي، با معنى مظهر کي جڏهن اياز جي اک ڏٺو ته يقينن ان جون ڪيئي معنائون نکري نروار ٿيون هونديون. ڪارونجهر ۾ موجود ندين جو به اياز ذڪر ڪيو آهي. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي ته هن گهمي ڦري ڏٺيون ۽ پنهنجي شعرن ۾ انهن جو ذڪر ڪيو. هونئن ته ڪارونجهر جيڪو هڪڙو ڏونگرنه آهي پر هڪڙو سلسلو آهي ڏهن ڏونگرين جو. ڪارونجهر ۾ گوڙڌري ڀٽياڻي سميت ٻيون به سورنهن کن نديون آهن جيڪي برسات ۾ ارڙاٽا ڪري وهي اُٿي هلنديون آهن. جن مان ڪن ڪن جي پاڻيءَ کي محفوظ ڪري سُڪارج ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا بند به ٻڌاوياآهن پر اڃا به تمام گهڻي ضرورت آهي انهي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ جي. ڪجلاسر، راڻاسر ۽ ڀوڏيسر جهڙا تلاءَ به هتي موجود آهن. ڪارونجهر۾ ڪيترا ئي لقاءَ آهن جي تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. شيخ اياز ڪارونجهر کي هڪڙي سرجڻهار جي اک سان ڏٺو ۽ ان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پلٽيو جيئن پلر جا پياڪ صدين تائين اهو سَسو پلر پيئندارهن ۽ ان مان معنى جا موتي ميڙيندارهن.

***