لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

ھي ڪتاب شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءُ تي لکيل مضمونن ۽ نون لفظن جي معنى بابت آھي جيڪو نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي جو لکيل آھي.
نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
Title Cover of book ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)

پنهنجي پاران : جاڳَ به تنهنجي جيءَ سان

ڀٽائي سنڌ جو فڪري امام آهي. ان جي سموري خيال ۾ معنى جا موتيءَ ڪڻا آهن جن کي چونڊيندي، ڪافي وقت گذري ويو آهي پر سندس خيال جو ڳجهه اڃا به ڳُجهه ئي آهي. سندس خيال جي اظهار جو طريقو ته انتهائي اثرائتو آهي پر سندس خيال جي ٻهڳڻائپ جا انيڪ تهه آهن. هر تهه کي پنهنجي معنى آهي. هرمعنى کي پنهنجو منڊ آهي. انهي منڊ جو جيترو به جنهن کي ونڊ ملي ٿو، اهو پنهنجي دل جي ڳالهه اوتوروئي اثرائتي نموني ڳرهي ٿو.ڀٽائي جي اهڙي اوت اوتان جي جوت جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي فڪري ميدان ۾ جيڪا ٻي وڏي اُٿل نظراچي ٿي اهو شيخ مبارڪ علي اياز آهي جنهن جي نامکار شيخ اياز جي نالي سان پرکنڊين پڌري آهي. شيخ اياز سنڌ جي انهي فڪري ورثي کي اچي مالامال ڪيو جنهن جي عمارت جو بنياد ڀٽائي ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن ڪيو. موجوده دور جي ذهن کي جيترو شيخ اياز متاثرڪيو آهي اوتروشايد ئي ڪنهن ڪيو هوندو . شيخ اياز تمام گهڻو پڙهيل اهڙو سيبتو شاعر هو جنهن پنهنجي شاعري توڙي نثر وسيلي سنڌ کي تمام گهڻي علم سان مالامال ڪيو ۽ سنڌجي فڪري اظهار ۾ هڪڙي جدت آندي جنهن لکين ذهنن جي سوچ کي متاثرڪيو.انهي سوچ سنڌ جي فڪري اظهارکي نئين سُڃاڻپ ڏني. شيخ اياز جي سُڃاڻپ هڪ وڏي شاعرجي حيثيت سان ٿي پر سندس نثر به اوترو ئي پُراثرآهي جيترو سندس شاعري من کي موهي ٿي. شيخ اياز جي تخليقي اظهار۾ جتي سندس سراڻ چڙهيل ڏات جي بيناه آهي اتي سندس وسيع مطالعو ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي عڪس جو عمل دخل به آهي ته همعصرحالتن ....قومي ۽ بين الاقوامي....... جي جهلڪ به نظراچي ٿي.سندس گهري نظر، وسيع مشاهدي ۽ مطالعي کيس خيال جي اظهارجي ايتري وسعت ڏني جنهن سنڌ کي خصوصن ۽ ننڍي کند کي عمومن کي متاثرڪيو. ڏات جي اهڙي ڏهه رس ڏيا سندس تخليق کي ماڻڪ موتي لال بنائي ڇڏيو جنهن جي اثرمان انيڪ ماڻهوپياليون پي پُرٿيا.مطالعي جي وسعت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. شيخ اياز دنيا جهان جي ادب ۾ غواصي ٽُٻي هڻي جيڪي موتي آڇيا انهن جون مالهائون سنڌجي فڪري مورت جون ڳچيءَ جون ڳانيون آهن. سندس همعصرن سندس تخليق جي اظهارجي ڪنهن نه ڪنهن رڱ روپ کي پنهنجو ڪيو.اهڙي طرح دنياجي علم ۽ فڪرجو سنڌجي علم ۽ فڪر سان ميل ميلاپ ٿيوجنهن سنڌي ادب توڙي علمدانيءَ کي مالامال ڪيو. مصروف هجڻ ۽ نرالي طبيعت هجڻ باوجود شيخ اياز عوامي زندگي جي نت نرالن روپن جو مشاهدو ڪيوڇاڪاڻ ته هو سکرجو مصروف ترين وڪيل هو.وٽس منجهيل مقدما ايندا هئا جن مقدمن مان به هن کي عام جي زندگيءَ جو مشاهدو ٿيندو هو. انهي کانسواءِ شيخ اياز جيڪي سيرسفر ڪيا انهن به سندس ڏات جي ڏيول کي مالامال ڪيو. اهڙن سفرن ۾ سندس ٿرجو مشاهدو سڀني کان مٿاهون نظر اچي ٿو جنهن جو اظهار هن پنهنجي لکتن ۾ جا به جا ڪيو آهي.ٿر جي فطري حسناڪي ۽ ٿري ماڻهوءَ جي زندگيءَ سندس ڏات تي ايترو گهرو اثرڇڏيو جو هن سُر مارئي به لکيو ته لونڍاروٽ همرچو ٻُڌي نئون همرچو به لکيو. پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٿرجو جنهن اُڪنڊ ۽ اُڪيرسان ذڪرڪيو آهي تنهن کي جن پڙهيوهوندو سي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا. ٿر سيمينار لاءِ اُماڻيل پنهنجي پيغام ۾ به هن جيئن ٿربابت اظهاريو آهي ان مان سندس ٿر۾ پيهي وڃڻ محسوس ڪري سگهجي ٿوته هو ڪيئن ٿر جي سماج کي ڏسي ٿو ۽ ان جي ڏکن ڏولائن ڏورڪرڻ سان گڏوگڏ ٿري سماج جي جمالياتي جهتن جو جامع جائزو ڪهڙو نه خوبصورت نموني پيش ڪري ٿو. ان کان به وڌ ته هو پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي جي آڌار تي ”اڪن نيرا ڦُليا“ جهڙو ڪتاب لکي ٿو جنهن ۾ ٿرُ، فطرت جي ڪنهن اهڙي ولهارجوويءُ نظراچي ٿو جنهن جو هرروپ سراپا جمال آهي. هن ڪتاب جوڍاٽڪي ترجمو منهنجي پياري، پياري شواڻي ڪيو آهي. ٿرجي جوهر۽ حسن کي ايئن روپاڙو ڪري پيش ڪرڻ شيخ اياز جي ڏات جوئي ڪمال آهي. شيخ اياز جي مڌ ماتي شاعريءَ کي سنڌ جي اڪثرڳائڻن ڳاتو آهي پر صادق فقيرجنهن من موهنتا سان محفلن ۾ ڳائيندو هو ته سنڌ جا هزارين نوجوان جهومي اُٿندا هئا ۽ پنهنجي ان روشن مستقبل ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا هئا جنهن جو خواب شيخ اياز ڏٺو هو.....
ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب
تون ئي آن جواب، صدين جي سوال جو
صدين جي سوال جو جواب ڳولڻ ۾ شيخ اياز جي شاعري صادق فقيرجي سُريليءَ صدا ۾ نوجوانن کي موهت ڪيو ۽ صادق فقير نوجوانن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو.سڄي سنڌ هند جا ماڻهو کيس چاه سان ٻُڌن ٿا جن ۾ نوجوانن جو تعداد سرس آهي. شيخ اياز جي شاعري توڙي نثر جي ٿرسان اهڙي سٻنڌ کي محسوس ڪندي، شيخ اياز تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو خيال پئداٿيو ڇاڪاڻ ته شيخ اياز کي ننڍڙي عمرکان ئي اسان پڙهڻ شروع ڪيو هو. سندس پابندي پيل ڪتاب به لڪائي سڪائي هٿ ڪري ايندا هئاسين ۽ هٿ سان اتاري پڙهندا هئاسين ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڳوٺن ۾ ڦوٽوڪاپي اتاري جي سهوليت نه ان وقت هوندي هئي نه هينئرآهي. پر هن وقت شهري آبادين ۾ اهي سهوليتون ميسرآهن. شيخ ايازجي ٿر سان انهي نسبت کي ڏسندي، خيال ٿيو ته سندس ڏات جي انهي ڏيک تي لکجي. ايئن هي چند ڳالهيون شيخ اياز جي ٿرسان نسبت واري پاسي متعلق لکيون اٿم جن ۾ سندس شاعري جو ذڪربه آهي ته سندس شعري مجموعي ”اڪن نيراڦُليا“ ۾ ڪم آيل لفظن جي معنى به پيش ڪئي اٿم.هي پيارجي پورهئي جي هڪڙي معمولي پيشڪش آهي جيڪا پڙهندڙن کي پسند ايندي ۽ هي ”رنڍاروڙ“پڙهي سنڌي ادب جا عالم ۽ ڏاها هن موضوع بابت وڌيڪ لکي، ادب جي دنيا کي مالامال ڪندا. هن پورهئي کي توهان تائين پهچائڻ ۾ منهنجي پيارن ميرمنصورمڱرئي ۽ ڊاڪٽرپرديپ گوسوامي جون محنتون شامل آهن جن جي همت افزائي جي ڪري اسان جي سُستيءَ کي مهميز ملي ۽ مواد ڪتابي شڪل اختيار ڪئي . سافٽ صورت جو روپ ۽ پوش ٺاهڻ ۾ نعيم ديسوالي منهنجي مددڪئي ۽ ڪمپيوٽرتي لکڻ ۾ منهنجي پياري پٽ منظوراحمد به هٿ ونڊايو. ٿورائتو آهيان سنڌيا پبليڪيشن جي روح روان ۽ سندم وڙائتي دوست محترم عقيل عباس سومري جو جنهن پيار جي هن پورهئي کي ڪتابي روپ ۾ نروارڪيو.


نوراحمد جنجهي
جنجهي هائوس
مٺي ٿرپارڪر، سنڌ