شيخ اياز جي شاعريءَ جي ڪتابن تي محمد ابراهيم جويي پاران لکيل مهاڳن جو مطالعو
محمد ابراهيم جويي مختلف سرڪاري نوڪريون به ڪيون جن دوران به هن قلم جي ڪرت جاري رکي. موٽ ۾ کيس اُهنج ايذاءَ به مليا ته پيرسنيءَ ۾ مڃتا ۽ ساراه ملي. انهن ترجمن کانسواءِ، هن ٻيون به انيڪ لکيتون سرڄيون جن کي تمام گهڻو پڙهيو ويو ۽ واکاڻيو ويو.سندس خيال جي چٽائي،روشني ۽ اُڏام انگريزيءَ ۾ لکيل سندس ڪتاب ” سيو سنڌ، سيو دَ ڪنٽينيٽ فرام فيوڊل لارڊس، ڪيپيٽلسٽس اينڊ ديئر ڪميونلزمس“ ۾ پڌري پٽ پسي سگهجي ٿي. انهي ڪتاب کي هاڻي صرف ” سيو سنڌ، سيو ڪانٽيننٽ “ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهي ڪتاب جي عنوان مان ئي “سورن هنئي سنڌ” جي دکن دردن جي ڪهاڻي جهلڪندي نظر اچي ٿي. انهي ڪتاب ۾ سنڌ کي جن بلائن کان بچائڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي، اهي بلائون نه رڳو اڄ به موجود آهن پر پنهنجو وياءُ به وڌائي چُڪيون آهن ۽ سنڌي سماج جو رت ست چوسي، ان جي ترقيءَ جي راه ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بنيل آهن.
اهڙيءَ طرح محمد ابراهيم جويي ٻيا به انيڪ ليک لکيا جن ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکيل سندس مهاڳ جديد سنڌ جو تصور پيش ڪن ٿا ۽ انهن لکيتن جديد سنڌ جي ذهني تشڪيل ۾ پنهنجو ڪردار نباهيو آهي. انهن مهاڳن ۾ فاضل ليکڪ جي نظر ۾ جديد سنڌ جو نيارو تصور آهي، اها سنڌ جيڪا چارلس نيپيئر پاران مقرر ڪري ڏنل سنڌ کان وسيع آهي. هُن سنڌ جي ڏُکن ڏولائن جي ڳالهه ڪندي، خوشحاليءَ ڏانهن وڌڻ جو سڏ ڏنو آهي. هن شيخ اياز جي شاعريءَ جي “فاعلاتن فاعلات” جي ڪتابي قئنچيءَ سان ڪاٽ ڪوٽ ڪرڻ بدران، شاعريءَ ۾ موجود پيغام کي بحث ۾ آندو آهي يا وري ٻوليءَ جهڙي اهم عنصر تي لکيو آهي. هو لکي ٿو،“اياز جي شعر جي فني تجزيئي کان مون هميشه پاڻ کي مجبور پئي سمجهيو آهي ۽ شايد هيءُ ڪم سواءِ خود اياز جي ٻئي ڪنهن نقاد کان پوريءَ طرح نه به ٿي سگهي. خاص طرح اياز جا نظم انهي لحاظ کان مون کي ڏاڍا انوکا پئي معلوم ٿيا آهن. انهن نظمن جو ڪو مُروج روپ نه آهي ۽ ايئن لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي رنگ ڪئنواس تي هاري برش جي زوردار جهٽڪن سان، گهڙيءَ ۾ عجيب غريب نقش ٺاهي ورتا هجن (403...1ڪي جو ٻيجل ٻوليو)
محمد ابراهيم جويي جو قلم شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سنڌ پرستي ۽ انقلابيت کي نروار ڪندو رهيو آهي ۽ هو شيخ اياز کي “ نئين سنڌ جو نئون آواز” ۽ “شيخ اياز سنڌ جو آواز” ڪوٺيندي، سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي پاڻ ڀرائپ ۽ بحاليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ رجعت پرست استحصالي قوتن جو علاج تجويز ڪندي لکي ٿو،“ سندن علاج اهوئي آهي ته سنڌ جا انقلابي محب وطن پنهنجي وطن پرستيءَ جي جذبي کي جيئن پوءِ تيئن وڌائين ۽ تيز کان تيز ڪن”.(ڪي جو ٻيجل ٻوليو 384...1) اهڙي طرح کيس اياز جي شاعريءَ ۾ وطن دوستيءَ ڏانهن وڌڻ جو سڏ نظر ٿو اچي ۽ هو ان سڏ کي ورنائڻ لاءِ تاڪيد ڪري ٿو. حب الوطنيءَ ۾ گهور ٿيڻ ۽ جوش جذبي سان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي محمد ابراهيم جويو لکي ٿو، “اياز جي شعر ۾ به وطن تان سرگهورڻ وارن لاءِ پنهنجي اعلى جذبي ۽ مقدس عمل کي وڌائڻ ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو سڏ موجودآهي.” (384...1) انهن مهاڳن جو تفصيل هن ريت آهي،
1. جل جل مشعل جل (2.5.1967)
2. هي گيت اڃايل مورن جا (19.2.1968)
3. ڪي جو ٻيجل ٻوليو (21.7.1970)
4. وڄون وسڻ آئيون (15.8.1973)
5. راج گهاٽ تي چنڊ (20.11.1987)
6. بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي (12.5.1988)
انهن مڙني مهاڳن ۾ سنڌ جي حالتن جو جائزو ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي اجمالي احوال کي چٽيو ويو آهي ۽ ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته سنڌ جي ليکڪن، شاعرن ۽ دانشورن کي ڪا راه ۽ رهنمائي ملي، جيئن هو پنهنجي ڪيرت کي اڳتي وڌائي. محمد ابراهيم جويي جهڙا دانشمند دانشور قومن لاءِ وڏي وٿ هوندا آهن. سندس لکيتن ۾ ون يونٽ جو لڳڻ ۽ ٽُٽڻ، ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جهڙا موضوع بحث هيٺ رهيا آهن. هو وطن کان انڪار جي فلسفي کي مظلوم قومن لاءِ هرحالت ۾ ذلت ۽ تباهيءَ جو فلسفو ڪوٺي ٿو. (384....1 ڪي جو ٻيجل ٻوليو) انهن لکڻين ۾“ نڪ ۾ پئل غلاميءَ جي ناڪيلي” کان نفرت جو اظهارڪري ٿو ۽ استحصالي طبقن پاران وڇايل ڄار...... جنهن ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي اڪثريت ڦاٿل هوندي آهي....... جو سبب هن ريت ٻُڌائي ٿو،“ڪوبه سندن فرعوني طاقت ۽ قاروني دولت جي قلعي تي هلان ته ڇا، پران ڏانهن اک کڻي به نه ڏسي”.(386...1 ڪي جو ٻيجل ٻوليو) اهي سڀئي سُڳڻيون ۽ سون سريکيون صلاحون ڏيندي، شاعريءَ ۽ ادب جي فڪري بنيادن تي پڻ قلم کڻي ٿو ته تخليق جو جوهر ڪهڙن جزن سان جُڙي راس ٿئي ٿو؟ڪهڙيون ڌارائون ادب جي عمارت اڏڻ ۾ پنهنجو ڪردار نباهين ٿيون. شعور جي ڌارا ۽ جذبي جي ڌارا جو تخليق ۾ ڪهڙو ڪارج آهي؟ هو لکي ٿو،” شعور جي ڌارا وانگر ادب ۽ فن جي ڪاوش ۾ جڏهن اهي ٻه ڌارائون گڏجن ٿيون، يعني جڏهن شعور جي ڌارا کي جذبي جي ڌارا.......اُمنگ،اُتساهه، عشق جي ڌارا..... ميسر اچي ٿي (جنهن کي ٽي ايس ايليٽ “اندر جي ڌُن” ۽ اسان جي لطيف “اندر جي آڳ” چيو آهي) ۽ پوءِ جيتر اهي ٻئي ڌارائون ڪنهن اديب ۽ شاعرسان شامل حال هجن ٿيون تيتر تخليق وجود ۾ اچي ٿي، اُها پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن خاص ڪوشش يا الڳ رٿا جي محتاج نٿي رهي”.
شيخ اياز خود ، محمد ابراهيم جويي بابت انهي راءِ جو آهي ته هو سنڌ جي شعور جو نقيب آهي جنهن پنهنجي تحريرن سان ڪيترن ذهنن کي متاثر ڪيو آهي. سندس تحريرون سنڌ جي شعور ۾ اهميت رکن ٿيون. شيخ اياز لکي ٿو،“ابراهيم جو نئين سنڌ جي شعور ۾ ڪافي هٿ رهيو آهي. پاڻ کان مٿي اُڀري ڪنهن کي ڏسڻ وڏي ڳالهه آهي”.(ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مُسافر 63)
شيخ اياز جي شاعري جيڪا ڪنهن زماني ۾ بنڀٽ بڻجي ڀڙڪي هئي ۽ هرڪنهن جي وات تي سندس بيت ۽ وايون هوندا هئا. سڀني روڪن رنڊڪن کان بالاتر ٿي شيخ اياز شاعري ڪندو رهيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي حدن کي لاحد جي ميدان ۾ موکيندو رهيو.
“اياز پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائي جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي ان کان مٿي اڀري ٿو ” (4-38) سندس تخليقي ڪيفيتن کي متحرڪ ۽ ڦرندڙ گهرندڙ سڏجي ٿو ۽ شعر جي نغمگي ۽ دلبرانه انداز کي واکاڻيندي شيخ اياز جي شاعري ۾ ڪم آيل ننڍڙن ۽ نزاڪت ڀرين وزنن ۽ بحرن توڙي هوا کان هلڪن رديفن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ سندس انوکي ڏات جي فڪري پهلوئن کي وڌيڪ نروار ڪري ٿو ۽ ڪٿي لينن جو حوالو ڏيندي اياز جي هر گيت کي پروپئگنڊا ڪندڙ سڏي ٿو پر اڳتي هلي ان کي پهرين فن سڏي ٿو پوءِ پروپئگنڊا، انهي گڻ کي هو اياز جي ڪلام جي گهرائي ۽ گيرائي جو سبب سڏي ٿو.
شيخ اياز جي شاعري تي لکندي محمد ابراهيم جويو سنڌ جي شعور سان گڏو گڏ جنهن ٻي اهم ڳالهه جي اوک ڊوک ڪري ٿو اها آهي سنڌي ٻولي ۽ شيخ اياز سنڌي ٻولي کي جئين پنهنجي شاعري وسيلي سيراب ڪيو آهي ۽ اتان جي سموري سماج جي شين کي شاعري جو موضوع بنائيندي عوامي روپ ڏنو آهي تنهن سنڌي ٻولي کي سگهارو بنايو آهي، هو لکي ٿو، “اياز پنهنجي ٻولي کي ڪتابي ٻولي مان ڪڍي ۽ عوامي ٻولي سان مالامال ڪري ان کي ايڏي وسعت ۽ تازگي ڏني آهي جو سنڌي شاعري سمورا ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي ۽ ان مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيا هاڻي کٽڻائي ناهن ۽ ان جي فڪر ۽ جذبي جي اجهل پالوٽ هاڻي بيهڻي ئي ناهي ” (1-40)
ائين هُن پاڻ به انهن مهاڳن ۾ انتهائي سلوڻي ۽ شاهوڪار ٻولي ڪم آندي آهي ۽ لِکَ، جيتر، تيتر، مَرڪڻ آجھاپو، ڏڻ، ناڪيلي ۽ آڏ جهڙارسيلا لفظ ڪم آندا آهن جيڪي سندس ٻولي جي پختي شعور جي نشاندهي ڪن ٿا. اهڙي ريت محمد ابراهيم جويي پارا ن لکيل مهاڳ شيخ اياز جي فن ۽ فڪرڪڇ ويئٽ ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌي شعور کي به سيراب ڪن ٿا ۽ سندس خيالن جي اهميت اڄ به اوتري ئي آهي جيتري ليک لکڻ مهل هئي. سيو سنڌ سيو ڪنٽينينٽ اڄ به منڊيءَ تي ٽڪ محسوس ٿو ٿئي. سنڌ ۾ لکين ماڻهو اڄ به استحصالي قپتن جي پنجوڙن ۽ پيڪڙن ۾ پابند آهن۽ اُنهن اسحالي قوتن هاڻي ت هاڻي ته بازار جي قوتن ۾ ۽ مذهب جي ٺيڪيدارن سان گٺ جوڙ ڪري ورتي آهي سنڌ جي حقيقي ترقي جي راه ۾ اڄ به اهي ڌريون وڏي رنڊڪ آهن جيتوڻيڪ هاڻي سنڌ جو نوجوان ڪافي اڳتي نڪري رهيو آهي ۽ پنهجا رستا پاڻ ٺاهي روشن مستقبل ڏانهن روان روان آهي پر پوءِ به انيڪ اٻوجهه غربت جي تحت الثرى سان گڏو گڏ انهي ذهني غلامي ۾ قابو آهن جنهن کي ٽوڙڻ ۽ ان مان اڳتي نڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
ٻيو اهم نڪتو جيڪو اُن تحريرن جو مکيه نڪتو آهي سو آهي ٻولي ۽ ٻولي يقينا ڪنهن به قوم جي اهم ثقافتي اُهڃاڻ آهي، جنهن وسيلي اُها دنيا ۾ پهنجي وجود کي برقرا رکي ٿي ۽ سنڌي ٻولي جي سگھارپ ۽ ترويج لاءِ هن وقت به شعوري ڪوشش ۽ ڪاوش جي ضرورت آهي. محمد ابراهيم جويي جي لفظن ۾ “ قومون جڏهن پاڻ کي سُڃاڻڻ ۽ سمجھڻ چاهينديون آهن تڏهن پهريائين ٻولي کي سڃاڻنديون ۽ سمجهنديون آهن ڇو ته ٻولي ئي سندن سڃاڻپ جي اصل نشاني ٿئي ٿي”.
وڄون وسڻ آئيون .... 1---586
ائين هو عوام کي اياز جو ٻڌندڙ ڪو ٺيندي، سندس شاعري کي سنڌي ٻولي جو ڪرشمو سڏي ٿو.۽ ٻولين جا ڪرشما جُڳن کانپوء ظاهر ٿيڻ جو ذڪر ڪري ٿو. تنهڪري اهڙين مڙني لکتن جي موجوده وقت ۾ به ا‘هائيءَ اهميت ۽ ضرورت آهي جيڪا اڄ کان اڌ صدي اڳ هئي. هِن وقت ميڊيا جو دور آهي جيڪي قومون جيترو ميڊيا تي تُز ۽ تحقيق سان هونديون اوترو سندن مُنهن مرڪندو رهندو نه ته اهڙو وقت به اچي ويندو آهي قومن تي جنهن ۾ اُنهن جون ٻوليون ۽ ثقافتون وقت جون واڳون ڳهي ويندو آهي .محمد ابراهيم جويي پاران لکيل انهن املهه مهاڳن ۾ پيش ڪيل خيال روشن مستقبل جي سُرنگ ۾ نظر ايندڙ روشني آهن. ڌڻي در دُعا آهي ته ٿر تان ڏڪار جي ڏرت ٽري سنڌ سرهي ٿئي سکي ستابي ٿئي ۽ سارو عالم شاد آباد ٿئي شيخ اياز جي لفظن ۾....
ڏٺو ڏيهه آ ڏرت ڏاڍو ڏڪار
ڪرين ماڙ ڪا ئي ته موذي مرن
ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي
ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مُرجهائجن
وسي پٽ تنهنجي ڀلارا سدا
ڀلي ديس پرديس سارا وسن.
***