شاعري

نظمن کي نئون ويس!

شھداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ نوجوان تخليقڪار نادر دايي ھن ڪتاب ۾ اردو ٻوليءَ نامياري شاعرن گلزار. صفي سرحدي. پروين شاڪر. جاويد اختر، ارمان علي، جون ايليا ۽ منير نيازيءَ سميت ڪيترن ئي شاعرن جا نظم سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري شامل ڪيا آھن، جيڪا پڻ سنڌي ادب جي وڏي ڪاميابي آھي. ترجما ڪرڻ ۽ پڙھڻ اھا تحقيق بين الاقوامي سطح تي سنڌي ادب کي ھٿي وٺرائي سگھي ٿي. نادر دايي جا ترجما ڪيل نظم شفاف آئيني جيان آهن جن ۾ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1575
  • 344
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نادر دايو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نظمن کي نئون ويس!

مهاڳ: نظمن سان نئون جهان جوڙي سگھجي ٿو !

هن وقت سنڌ اندر شاعري وڏي پئماني تي ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ شاعري جون سڀئي صنفون دل لڀائيندڙ آهن تڏهن به نظم جي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت آهي. جڏهن نظم پڙهيا ويندا آهن يا نظم ٻُڌيا يا ٻُڌايا ويندا آهن ته اُنهي وقت نظم جي هر هڪ سُٽ سان گڏ دل جي دڙڪن هيٺ مٿي ٿيندي آهي ۽ انهي عمل ۾ ئي نظم جي حُسناڪي سمايل آهي. نظم ٻڌندڙ باقي ٻين سڀني معاملن کان بي نياز ٿي ڪري پنهنجي پاڻ کي نظم جي لَهُوراين ۾ ارپي ڇڏيندو آهي ۽ اِها ارپنا سندس روح کي تازگي بخشيندي آهي. اسان جو دوست محترم نادر دايو به اُنهن ئي ماڻهن منجهان هڪ آهي جن پنهنجي پاڻ کي ڪُلي طور نظم ڏانهن ارپي ڇڏيو آهي. نظمن سان سندس اُٿاھ محبت آهي ۽ اِنهي محبت کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ھُو مختلف شاعرن جي نظمن کي نئون ويس پارائيندو رهندو آهي.
سندس ترجما ڪيل نظم شفاف آئيني جيان آهن جن ۾ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگهي ٿو. اهل دل ماڻهن لاءِ هي سڄو سنسار هڪ جهڙو ئي هوندو آهي. سڀئي قومون، ڪٽب توڙي قبلا انهي جا پنهنجا ئي هوندا آهن. سُڄاڻ ذهن نه صرف انسانيت سان پيار ڪندڙ هوندا آهن پر انسانن طرفان جوڙيل هر هڪ شئي سان به پيار ڪندا آهن. انسان ۾ محبت جو جذبو فطري جذبو آهي. انسان جڏهن پنهنجي فطري صلاحيتن کي پرکي ڪري انهن مان ڪم وٺڻ لڳندو آهي ته کيس خوش آئينده نتيجا ملندا آهن. شيخ اياز چواڻي:

مايوس نه ٿي تاريخ ڪَنان جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو،
هي هَٿّ هٿوڙا اَڄُ به اَٿي ۽ دنيا ڏاري ٿي سگهجي.

شاعريءَ جو هي مجموعو جيڪو هن وقت اوهان جي هٿن ۾ آهي، يقينن هڪ وڏي محنت ۽ چاھ کان پوءِ ئي اوهان جي مطالعي جي ميز تائين پهتو آهي. هن مجموعي ۾ جيڪي نظم آهن سي اڙدو مان ترجمو ڪري اوهان جي پڙهڻ لاءِ پنهنجي ئي ٻولي ۾ نئين ويس سان پيش ڪيا ويا آهن. ترجمي نگاري به هڪ فن آهي ۽ سُٺو ترجمو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو آهي جڏهن ماڻهو کي لاڳپيل ٻولي تي سُٺي مهارت حاصل هجي. هي ڪم ٻولي جي بنيادن، اصولن ۽ سهڻي اسلوب کانسواءِ قطعي ممڪن ڪونه آهي. شاعري تي ڪئين ڳالهائجي؟
شاعري تي ڇا لکجي ۽ ڪئين لکجي؟ اِهو ته هڪڙو شاعر ئي بهتر نموني سان ٻڌائي سگهي ٿو ڇو ته شاعري انسان جي جسم ۾ سندس رت سان گڏ گردش ڪندي آهي. سندس ڦڦڙن ۾ ساھ سان گڏ اندر ۽ ٻاهر ٿيندي آهي. سندس اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ ٻاهر جلوه افروز ٿيندي آهي. سرهاڻ ٿي ڪري سندس نڪ وسيلي انسان جي جسم ۾ داخل ٿيندي آهي. ڀلا پاڻ کان شاعري پري ٿي به ڪٿي آهي. ماڻهو ته شاعراڻي انداز ۾ ڳالهائيندا آهن. شاعري کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڪري کيس ڳل ڳراٺيون پائيندا آهن.”پروين شاڪر، خوشبو جهڙي شاعره “ جي عنوان سان مهتاب هنجهڙو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ٿو ته ” پروين شاڪر ارڙهن بهارون پهرين اسلام آباد جي سفاڪ شاهراهه تي هميشه جي لاءِ خوشبو بڻجي ويئي. پر اڄ تائين هُن جي شاعري ياد تازي ڪندي رهي ٿي. تڏهن تڏهن چيو هو ته:

مر ڀي جائون تو ڪهان لوگ ڀُلا ڀي دينگي،
لفظ ميري مري هوني ڪِي گواهي دينگي.

پروين جي شاعري کي هر طبقي جو ريڊر پسند ڪري ٿو، جيئن گهڻن ليکڪن کي صرف ڪو هڪ ڪلاس ئي ڪندو آهي، جيئن جگجيت ٻڌڻ وارن جو ڪلاس الڳ هوندو آهي ته غلام حسين عمراڻي کي ٻڌڻ وارن جو طبقو ئي وري الڳ هوندو آهي، ائين پروين جي شاعري ۾ اها شفا آهي ته هر طبقي جو پڙهندو آهي. رومانيت، جنس ۽ سماجيت جا سمورا پهلو هن جي شاعر جو حصو رهيا آهن، تڏهن ته هُن جي شاعري مان پيار ۽ احساس سان گڏ عجيب لطف اندوزي نظر ايندي آهي. رومانيت جي موضوع تي هن انتها درجي جي شاعري لکي. هيئن به چيو آهي ته:
هوا ني موسم بازارن سي سازشين ڪر لي،
مگر شجر ڪو خبر هي نهين شرارت ڪي.
هن پنهنجي شاعري ۾چئن مردن کي کلي طرح حصو بڻايو آهي، جنهن ۾ ڀاءُ، پٽ ۽ محبوب ۽ والد صاحب شامل آهي، انهن جو روايتي اظهار نه، هُن انهن جي ذات ۾ جيڪو ڪجهه پاتو آهي ان جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ بي هٻڪائي جي ڪري سندس سموري شاعري معتبر آهي جيئن هن پاڻ جيان سندس شاعري خوبصورت هئي/آهي، ائين سندن پڙهڻ جو انداز به فيض احمد فيض جيان ڪمال جو هوندو هو. مان اڪثر يُو ٽيوب تي پروين کي ٻڌندو رهندو آهيان. هُن جو پڙهڻ وارو انداز موسيقي بڻجي ويندو آهي. انهيءَ شيرواني ڪڙتي ۽ کليل وارن واري پروين جا خيال رومانس جي آخري حد تائين ويندا هئا. آخري دور واري شاعري ۾ هُن جي شڪست ۽ بوريت نظر اچي ٿي. جڏهن هُن لکيو هو:

اب ياد نهين ڪي زندگي مين،
مين آخري بار ڪب هنسي ٿِي!

هن جي شاعريءَ جو اصل موضوع پيار، رومانس ۽ احساس رهيو آهي. هن جا ڪتاب انڪار، خود ڪلامي، صد برگ، ماهه تمام ۽ ڪف آئينه بيشڪ ناياب ڪتاب آهن پر ”خوشبو“ سڄي دنيا ۾ خوشبو جيان ڦهلجي ويو هو. انهيءَ مجوعي پروين کي شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪتاب جي پهرئين پيج تي هن پنهنجي محبوب جي لاءِ لکيو آهي:

وه سايه دار شجر،
جو مجهه سي دور، بهت دور هي، مگر اسي ڪي،
لطيف چهاؤن،
سجل، نرم چاندني ڪي طرح،
ميري وجود، ميري شخصيت پي ڇائي هي!
وه مان ڪي باهون مانند مهربان شاخين،
جو هر عذاب مين مجهه ڪو سميٽ ليتي هين،
وه ايڪ مشفق ديرينه ڪي دعا ڪي طرح

محبوب جي پيار کي ماءُ جي شفيق ٻانهن سان ڀيٽو آهي. اها هُن جي بي انتها محبت کي ظاهر ڪري ٿي. هُن ڪنهن کان ڪجهه به لڪايو ناهي. جيڪو هُن محسوس ڪيو آهي اُهو هُن لکيو آهي. فيض احمد فيض ۽ گلزار کان پوءِ پروين شاڪر منهنجي فيورٽ شاعره رهي آهي. پروين پيار جي ترجمان شاعره هُئي، ان جي ڪري سندس ڪتاب ”خوشبو“ پريمي جوڙن ۾ وڏو مشهور ٿيو. نوجوان جوڙا هڪ ٻئي کي گفٽ ۾ ”خوشبو“ ڏئي کلي طرح اظهار ڪري وٺندا آهن ڇو ته ”خوشبو“ مجموعو پيار جي اظهار ۽ اقرار جيان آهي“. هن مجموعي ۾ محترمه پروين شاڪر جا به کوڙ سارا نظم ترجما ڪري شامل ڪيا ويا آهن ۽ اُنهن سان گڏ صفي سرحدي، جاويد اختر سان گڏوگڏ اسان جي سنڌ جي سٻاجهڙي شاعره محترمه خالده منير، محترمه سيما عباسي سميت نئي ٽهي جي نوجوان انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي جا نظم به اوهان کي پڙهڻ لاءِ ملندا. مجموعي طور هن ڪتاب ۾ جيڪي به نظم آهن سي سڀئي شاهاڪار نظم هجڻ سان گڏوگڏ پڙهڻ جهڙا نظم آهن.


[b]يوسف جميل لغاري[/b]