معاشري جو ماريل
آزاد نظم جي صنف کي ساھ ۾ سانڍي مسلسل جدوجھد ڪندڙ ڪيترا ئي اديب ۽ شاعرن طبع آزما ئي ڪري چڪا آھن جديد ادب ۾ ھونء به اڄڪلھ لکڻ ۽ پڙھڻ جو رجحان وڌي رھيو آھي پر بي ترتيبي سان ان ئي سبب جي ڪري سرڪاري سطح تي به ڪا سرگرمي نظر نه ٿي اچي ۽ ان جو اثر بين الاقوامي چٽاڀيٽن يا ايوارڊ پروگرامن ۾ سنڌي ادب گھڻو پو ئتي رھجي ويو آھي. اسان جي سنڌ ۾ ھر اديب شاعر وت وس واھر ذريعا ن ھجڻ ڪري پنھنجي شوق جي شمع کي جلا ئيو اچن ٿا پر ڪيستا ئين ائين ادب ۾ پيدا ٿيندڙ نواڻ کي نت نئين قسم جو موت قسمت ۾ ملندو. اسان جي سنڌ ۾ ھر ھڪ تخليقڪار پنھنجي پنھنجي رستي ادب ۾ ڪم جاري و ساري رکي ٿو الائي ڪيترن اديبن جون تخليقون پليٽ فارم ن ھجڻ ڪري وڃائجي وڃن ٿيون. پر جدوجھد جاري رکڻ سان ئي منزل کي مات ڏئي اصل مقصد حاصل ڪري سگھجي ٿو منزل تائين رسا ئي به صحيح آھي. پر علاما اقبال چيو آھي ته ستارن کان اڳتي به دنيا آھي ته دنيا اڻ کٽ منزل جو ميدان آھي. ان ئي ميدان ۾ آزاد نظم جي سر سبز لاڀ لوڙيندڙ نادر دايو به ھڪ آھي.
نادر دايو سنڌ جي ان شھر سان تعلق رکي ٿو جتي ڪنھن به قسم جي ڪاب سھولت موجود ناھي سڄي زندگي لوڙھڻ سان به ڪابه منزل يا مقصد ناھي ملندو ھن شھر جا ڪيترا ئي فنڪار ھنرمند غربت جي زندگي گھارڻ ڪري پنھنجي فن ۽ فڪر کي فنا ڪري پنھنجي ٻچن جي روزي ۾ مشغول ٿي ويا آھن پر نادر دايي وقت جي مناسبت سان ھڻا وڻان ڪري پنھنجي سر مدد تحت شوق ذوق کي زندھ رکندو آيو آھي مختلف معاملن کي منھن ڏيندي ھن معاشري کي سمجھيو ۽ پروڙيو آھي. ادب ۾ ھن کي ڏھن سالن کان وقت ٽپي ھليو آھي پر ان ئي جاھ و جلال سان محنت ڪندو رھي ٿو شھدادڪوٽ شھر ۾ پيڙاھن جي پختگي ھجڻ ڪري نادر دائي پنھنجي فن کي فنپاري ۾ جوڙڻ چاھيو پر جنھن اديبن سان سڄي زندگي گذاري ڇڏي انھن وٽ ادب جي ڪرت ھجڻ سان گڏ بي ادبي عروج تي ھيئي ساڙ طبقاتي سوچ سان سلھاريل ھجڻ ڪري نادر ڊايي مان ڪم ته ڪڍي ويا پر کيس ادبي گڻ يا سکڻ واري مرحلي مان واقف ڪين ڪرايو جنھن جو ھن معاشري جي ماريل نوجوان ۽ ھڏڏوکي اديب ۽ شاعر کي نقصان پھتو ۽ ان جو ازالو وقت ب ڪون ٿو ڪري سگھي ڇو ت وقت واپس ناھي ورندو ھا اميد وقت جي آسري مرگ جي بستر تي زنده رھڻ جو اجايو اعلان ضرور ڪندي آھي ان ئي اجائي اميد ۾ ھن پنھنجي ادب جي اميد ۾ ساھ گھوري ڇڏيو.
نادر دايي جو ھي ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن پھريون ڪتاب آھي. ان کان اڳ ھن جون ٻن شاعري جي گڏيل ڪتابن ۾ شاعري شامل آھي ۽ ھڪ ڪتاب مرتب پڻ ڪيو آھي ۽ ھي ڪتاب نظمن کي نئون ويس آزاد نظمن جو ھڪ آزاد ۽ مڪمل ڪتاب آھي. جيڪو سنڌ جو ھر اديب سنڌ سلامت ڪتاب گھر تا لاھي پڙھي سگھي ٿو ھن ڪتاب ۾ دنيا جا مختلف سنڌي اردو ۽ انگريزي اديبن جا پنھنجي ٻولين جا نظم سنڌي ٻولي ۾ ترجما ڪيا آھن ـ جيڪا ھڪ سنڌي ادب جي وڏي ڪاميابي آھي آئون يقين سان اھا ڳالھ چوندس ته ترجما ڪرڻ ۽ پڙھڻ اھا تحقيق بين الاقوامي سطح تي سنڌي ادب کي ھٿي وٺرائي سگھي ٿي ڇو ته اسان عالمي ادب کان ڪوھ سون دور آھيو جنھن جو نقصان اڄ جي نوجوان کي ڀوڳڻو پوي ٿو اسان جي پراڻن اديبن ان ڳالھ تي خاص ڌيان ن ڏيڻ سبب سنڌ جو ادب ڪيترن ئي سالن کان ساڳي جڳھ تي موجود آھي. نادر دايي ان عمل کي جاري رکندي سنڌي ادب ۾ ھي ڪتاب شايع ڪرائي ھڪ قيمتي تحفو ڏنو آھي نادر دايي جي نظمن ۾ اصلي نظمن جي گھاريٽي کي پڻ نظر ۾ رکندي انھن جي خيال کي ساڳيو رکي سندس جي ڪلا ئيميڪس کي اثرانداز ڪري نظم جي ميدان جو مجاھد بڻجي چڪو آھي. آئون سندس جي آيل ڪتاب تي نيڪ خواھشن سان گڏ دل سان دعا ٿو ڪيان ت ان ادبي صنف سان گڏ ادب جي ٻين پھلوئن تي پڻ طبع آزمائي ڪرڻ گھرجي.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي
شھدادڪوٽ
03322016227