شاعري

نظمن کي نئون ويس!

شھداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ نوجوان تخليقڪار نادر دايي ھن ڪتاب ۾ اردو ٻوليءَ نامياري شاعرن گلزار. صفي سرحدي. پروين شاڪر. جاويد اختر، ارمان علي، جون ايليا ۽ منير نيازيءَ سميت ڪيترن ئي شاعرن جا نظم سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري شامل ڪيا آھن، جيڪا پڻ سنڌي ادب جي وڏي ڪاميابي آھي. ترجما ڪرڻ ۽ پڙھڻ اھا تحقيق بين الاقوامي سطح تي سنڌي ادب کي ھٿي وٺرائي سگھي ٿي. نادر دايي جا ترجما ڪيل نظم شفاف آئيني جيان آهن جن ۾ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1575
  • 344
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نادر دايو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نظمن کي نئون ويس!

صفي سرحدي جا نظم

صفي سرحدي جا نظم

نامعلوم گھر جي ڳولا

• اڻڄاڻ رستي تي
گاڏيء ڀڄائيندي
اڪثر وچ رستي تي بيھي
مان سوچڻ لڳندو آھيان
مونکي وڃڻو ڪاڏي ھو
۽ مان آيو ڪاٿي آھيان
پاڻ کان فرار ٿيڻ جي لاء
مونکي يوٽرن نه ملي رھيو آهي
ڇا اڻڄاڻ گھٽين ۾
مونکي اڄ ڀي فقط
ان جي گهر جي تلاش آهي
مگر اھو لازمي ته ناهي
جو ان جي گهر ۾ بالڪوني ھجي.

• آخري شام جو رنگ ڪجھ ھلڪو آهي
منهنجي گٽار ۾ جان نه رهي آهي
مان ھاڻي اھو ئي پراڻو گيت
گهڻي دير تائين ڪونه ڳائي سگھندس
جنهن ۾ گارين جو رس مروڙيو ويو آهي
مان پنهنجي ناڪامين ۽ محرومين کي ھڪ ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ کان پوء
ان تي پيشاب ڪرڻ چاھيان ٿو
مان آخري سيٽ جو مسافر آھيان ڇا ٿيو جو مان دروازي کان پري آھيان
ايمرجنسي جو دروازو بغل ۾ آهي
مان آخري وصيت ڀي ساڙي ڇڏيندس
مونکي بعد ۾ ڀي
ڪنهن جي مدد ڪونه کپي
ڇا اھا ڳالھ ايتري مشڪل آهي
جو ڪنهن کي سمجھ ۾ نه اچي
مان سڀن کان مختلف آھيان
اڪيلو مرا ته به ڪنهن کي فرق پوندو
منهنجي حالت
ان شخص کان ته بدتر ناهي
جيڪو پنهنجي زال کي طلاق ڏئي
ننڊ جون گوريون وٺي سمھي ٿو
مان ڀي ته ھاڻي سمھڻ چاھيان ٿو
مان سمھي پيل خدا کي چئي ڇڏيو آهي
مونکي سمھڻ کان پوء ڪونه جاڳائي
مان پھريان ڀي ڏاڍو جاڳي چڪو آھيان

• زندگي جي بس ھر اسٽاپ تي بھي رهي آهي
اسان اڃان ڪيترن ماڻهن کي الوداع چونداسين
اڳتي هلي ڪوئي ڀي
ھي سوچڻ جي لاء تيار ڪونه آهي
اگر ڪنهن اسٽاپ تي اسان کي لاٿو ويو
ته اسان ان نامعلوم اسٽاپ کان
ڪنهن طرف ھلنداسين
اسان جو ٺڪاڻو ڪھڙو ھوندو
ڇا اسان کي ڪوئي ڀي وٺڻ ڪونه آيو هوندو
ڇا اسان کي گڏجي ھلڻو پوندو
ڇا اسان جي منزل گمشده قرار ڏني ويندي
ڇا اسان کي ڪوئي رستي ويندڙ
نه ملندو
جيڪو اسان کي رستو سمجھائي سگهي
يا اتان جي ڪوئي مستقل رھائش
اسان کي پاڻ سان گڏ رھائڻ جي لاء تيار هوندو
مان نٿو ڄاڻيان
جڏهن بس جو ڊرائيور اڪيلو رھجي ويندو
تڏهن ھو پاڻ ڪاڏي ويندو
ان سان گڏ ته ٽائيم پاس ڪرڻ لاء اسان ھياسين.

• ڪائي ڳالھ ناھي
اسان کي اڳتي وڌڻ کان
ھاڻي ڪير روڪي سگھندو
مان ھاڻي روز
توکي ڪونه ڏسي سگھندس
ڪاٿي ڀي تون نظر اچين
ته خاموشي سان گذري ويندس
مان ڪجھ ڪونه چوندس
پر ڪيترا ڏينهن
تون پنهنجي مڙس سان گڏ
موٽر سائيڪل تي
چنبڙي ڪري ويھي سگھندين.

• انقلاب جي ناڪامي واري
رات اسان آخري
دفعو ملي رھيا آھيون
ان جي گود ۾ سر رکي
ريڊيو تي ليڊر جي سرنڊر
ٻڌي مان سمجهي ويس
محبوبا جو بستر
انقلاب کان وڏو آهي.

• مان رات جي تنھائي ۾
اڪثر جاڳي پوندو
آھيان
۽ ڊڄي پوندو آھيان
گهر ۾ ماء پيء نه رهيا
ٻار پنهنجي زالن جا ٿي ويا
زال ويچاري به مري وئي
۽ منهنجون لاچار بيوس
ڌئرون ظالم مڙسن جي قيد ۾ آھن
دوستن کان ڪھڙي غلا ڪيان
مون وانگر انھن جو به اھڙو ئي حال آهي
ھاڻي ته موت کان به اطمينان آهي.

• تون رن زال آهين
پر پوء ڀي مان توکي چاھيندو
آھيان
اھو متان سمجهين ته
تنھنجو ڪوئي نه آهي
تون پريشان نٿي جا
بس سماج کي مرڻ ڏي تڏهن
اسان کي برو ڀلو ڪوئي
چئي نه سگھندو.

• آخري خواهش
مان ڪينسر جي آخري اسٽيج تي آھيان
شروع ۾ جو ڊاڪٽر مسڪرائي
ملندو ھيو
اڄ اھو ڀرسان بيھي نٿو
خاموشي سان اڳيان گذري
وڃي ٿو ۽ وارڊ ۾ برٿي نوان مريض
مونکي ايئن ڏسندا آهن
ڄڻ ته ھاڻي مان لاعلاج ٿي
ويو ھجان
اڄ ان جو مسيج آيو هو
منهنجي آخري خواهش پڇي
رهي ھئي
مان ان کي لکيو توکي ڀاڪر
پائڻو آهي
مان اڄ شام مري ويندس ته
سٺو لڳندو
ان جواب ۾ لکيو آهي
سوري اڄ ڪنهن جي
نڪاح ۾ آھيان.

• مان ڏياٽي کي ڏاج ۾
بنگلو ڏنم
پٽن کي عاليشان فليٽس
ڏنم
مان پاڻ محل جھڙي گهر ۾
رھيم
مان پنهنجي محبوبا کي
سوئمنگ پل وارو فارم ھائوس
ڏنم
پر آخريت واري زندگي
گزارڻ لاء ٻه گز زمين
به خريد ڪو نه ڪري
سگهيس گنجان شھر جي قبرستان
۾ گنجائش بلڪل به
ڪو نه آهي
پر منهنجي پٽن جڳاڙ
ڪري ھڪ مزدور جي قبر
خالي ڪرائي آهي.

• نه پڇ يقين رک
توتي ڪھاڻي لکڻ جي
نوبت ڪو نه ايندي
تون بار بار
بيڪار پڇين ٿي
ڇا تون جدائي چاهين
ٿو
ڪھاڻي ته جدائي
کان پو۽ جنم وٺندي آهي.

• رات گھٽي جي لائيٽ جي
روشني ۾
ھڪ ڪيولي رزق ڳولي
رهي هئي
پر مان فٽ پاٿ تي ويٺو
پني رهيو ھيس