ڪتاب جو نالو: ڪارونجھر تي باهڙي (شيخ اياز شناسي)
مصنف: نور احمد جنجهي
ڇپائيندڙ: سنڌيا پبليڪيشنس
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 10 جنوري 2020 ع
پڙهيو ويو: 882 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 192 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءُ تي لکيل مضمونن ۽ نون لفظن جي معنى بابت آھي جيڪو نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي جو لکيل آھي.
نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ڪارونجهر تي باهڙي، هوءَ ڪنهن دُکائي؟
  • سنڌ سلامت پاران
  • شيخ اياز - حياتي خاڪو
  • شيخ اياز جا ڪتاب
  • خيام جي سرمستيءَ جهڙو شخص .........!!
  • پنهنجي پاران : جاڳَ به تنهنجي جيءَ سان
  • ٿرپارڪر جو مختصر تعارف
  • شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٿر جو ذڪر
  • مون ۾ آهي ملير، آهيان آءُ ملير ۾
  • شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪارونجهرجي ڪور
  • شيخ اياز جو لکيل ”نئون همرچو“
  • شيخ اياز جي شاعريءَ جي ڪتابن تي محمد ابراهيم جويي پاران لکيل مهاڳن جو مطالعو
  • شيخ اياز جو راڳي، صادق فقير
  • The Concept of Poverty in the Poetry of Shaikh Ayaz
  • شيخ اياز جي شاعريءَ جو ترجمو
  • شيخ اياز کي منظوم ڀيٽا
  • اڪن نيراڦليا : نون لفظن جي معنى
  • ڪتابيات

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪارونجھر تي باهڙي
    ] شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءُ تي مضمون ۽ نون لفظن جي معنى [

    ليکڪ : نور احمد جنجهي
    ڇاپو پهريون: مارچ 2016ع
    ڇپائيندڙ: عقيل عباس سومرو، سنڌيا پبليڪيشنس
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com

    قيمت: 200 رپيا


    KAROONJHAR TE BAAHRI
    [Shaikh Ayaz’s poetry about Thar: Articles & Glossary of new words]

    Author: Noor Ahmed Janjhi
    First Edition: 2016
    Printed at : Amjad Printers Karachi

    Price: Rs. -200/-


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ڪارونجهر تي باهڙي، هوءَ ڪنهن دُکائي؟

    ڪارونجهر تي باهڙي، هوءَ ڪنهن دُکائي؟
    آڌيءَ جو آئي، جنهن مان ڄاڻ ڄراٽ جيئن!
    (اياز)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪارونجهر تي باھڙي“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءُ تي لکيل مضمونن ۽ نون لفظن جي معنى بابت آھي جيڪو نامياري ليکڪ نور احمد جنجهي جو لکيل آھي.
    نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
    هي ڪتاب 2016ع ۾ سنڌيا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين نور احمد جنجهي صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    شيخ اياز - حياتي خاڪو

    جنم:2 مارچ 1923ع مطابق 12رجب المرجب 1341هه
    جمعي جو ڏينهن
    ماڳ: شڪارپور
    ڇٺيءَ جو نالو: مبارڪ علي
    والد جو نالو: شيخ غلام حسين
    تعليم: پرائمري - هندو سنڌي ميونسپل اسڪول نمبر 3۽ ورنيڪيلراسڪول 2 شڪارپور
    سيڪنڊري - نيوايراهاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور
    هائر سيڪنڊري - چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج شڪارپور
    بي اي - ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ڪراچي
    ايل ايل بي - سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي
    ملازمت: ڪراچي سيڪريٽريٽ ۾
    وڪالت: 1950ع کان عبدالحئي قريشي، خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان گڏ ڪراچيءَ ۾ ۽ پوءِ سکر ۾ اڪيلي سر وڪالت جي شروعات
    وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 13جنوري 1976ع کان22جنوري 1980ع تائين
    پهرين ادارت: ماهواراڳتي قدم سال 1947ع
    ايڊيٽر روزاني برسات ڪراچي 24فيبروري 1994 کان زندگيءَ جي آخري پل تائين
    گهروزندگي: ٻه شاديون
    1. پهري گهرواري زرينه مان اولاد ٻه پٽ (انيس ۽ سليم) ٽي نياڻيون (ياسمين،روحي ۽ نگهت)
    2. ٻي گهرواري اقبال بيگم مان ٻه پٽ (مونس ۽ سرمد) ۽ هڪ نياڻي وينگس
    سياست ۾ بهرو: بزم صوفياء سنڌ، متحده محاذ ۽ عوامي ليگ
    جيل ياترا: 1965ع ۾ 3 مهينا، ٻيو ڀيرو 1968ع کان ساهيوال جيل ياترا ايوبي آمريت جي آخر تائين ٽيون ڀيرو 5 مئي 1971ع کان ڊسمبر 1971ع تائين
    لکڻ جي شروعات: سلسيوارسُدرشن جنوري فيبروري 1938ع ۾ پهرين شايع ٿيل نثري تحرير“سهڻي سير ۾” ڪهاڻي، ماهوار سنڌو ميان جو ڳوٺ شڪارپور سيپٽمبر 1942ع
    شاعري: سنڌي ۽ اردوءَ ۾
    ٻين ٻولين ۾ ترجما: انگريزي، هندي،اردو، ڪڇي، پنجاپي ۽ سرائڪيءَ ۾
    بندش پيل ڪتاب: ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، ڀونرڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو
    ادبي اعزاز: 1. ماهوارسنڌو پاران اپريل مئي 1947ع جي شهيد نمبر شماري ۾ لکيل “شهادت جو گيت” تي پهريون ادبي انعام
    2. آل پاڪستان رائٽرس گلڊ پاران اردو شاعريءَ تي
    “هم قلم ايوارڊ”
    3. سال 1963ع ۾ ڀونر ڀري آڪاس تي پاڪستان رائٽرس گلڊ پاران روڪ انعام
    4. پاڪستان حڪومت پاران اعلى سول اعزاز
    “ هلالِ امتياز”
    وفات: 28 ڊسمبر 1997ع
    آخري آرامگاه: ڀٽ شاه، ڪراڙ ڊنڍ جي ڪپ تي
    *** 


    شيخ اياز جا ڪتاب

    سنڌي:
    1. سفيد وحشي (ڪهاڻيون)
    2. اسان جي سنڌ (ڪهاڻيون)
    3. پنهل کان پوءِ (ڪهاڻيون)
    4. اڪ جون ڦلڙيون،ڀيڄ ڀني (شاعري)
    5. جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (خط))
    6. بقول اياز (تقريرون)
    7. ڪلهي پاتم ڪينرو (شاعري)
    8. ڪي جو ٻيجل ٻوليو (شاعري)
    9. وڄون وسڻ آئيون (شاعري
    10. ڪپرٿو ڪن ڪري (شاعري)
    11. لڙيو سج لڪن ۾ (شاعري)
    12. پتڻ ٿوپورڪري (شاعري)
    13. ٽڪراٽٽل صليب جا (شاعري)
    14. پن ڇڻ پُڄاڻان (شاعري)
    15. جڳ مڙيوئي سپنو (آتم ڪٿا)
    16. واٽون ڦلن ڇانئيون (شاعري)
    17. چنڊ چنبيليءَ ول (شاعري)
    18. رڻ تي رم جهم (شاعري)
    19. ساهيوال جيل جي ڊائري (جيل ڊائري)
    20. ڀڳت سنگهه کي ڦاهي (شاعري... منظوم ناٽڪ)
    21. خط، انٽرويو ۽ تقريرون
    22. راج گهاٽ تي چنڊ (شاعري)
    23. بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي (شاعري)
    24. اڪن نيراڦليا (شاعري)
    25. ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون (نثر)
    26. جهڙنيڻان نه لهي (شاعري)
    27. اُڀرچنڊ پس پري (شاعري)
    28. هينئڙوڏاڙهونءَ گل جيئن (شاعري)
    29. خط،انٽرويو ۽ تقريرون ڀاڱو 2
    30. ڪتين ڪر موڙياجڏهن (شاعري)
    31. ڪتين ڪر موڙياجڏهن (شاعري)
    32. ننڊوليون (شاعري)
    33. سرلوهيڙاڳڀيا (شاعري)
    34. سورج مکي سانجهه (شاعري)
    35. ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون (شاعري)
    36. هرڻ اکي ڪيڏانهن (شاعري)
    37. جرڏيئا جهمڪن (شاعري)
    38. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا)
    39. تون ڇپر تون ڇانو (دُعائون)
    40. چنڊ ڳليون (شاعري)
    41. گهاٽ مٿان گنگهور گهٽا ۾ (شاعري)
    42. ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا)
    43. سانجهي سمنڊ سپون (شاعري)
    44. ڪتين ڪر موڙيا جڏهن (شاعري)
    45. اُٿي اور الله سان (دُعائون)
    46. ڪونجون ڪرڪن روه تي (شاعري)
    47. ڪاري رات ڪهنگ (شاعري)
    48. مينهن ڪڻيون (شاعري)
    49. جي تند برابر توريان (ڪهاڻيون)
    50. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر 3 (آتم ڪٿا)
    51. ڪٿي به ڀڃبو ٿڪ مسافر 4 (آتم ڪٿا)

    اردو
    52. نيل کنڻهه اور نيم کي پتي (شاعري)
    53. بوئي گل و ناله دل (شاعري)
    54. رساله شاه عبداللطيف ڀٽائي (منظوم اردو ترجمه)


    خيام جي سرمستيءَ جهڙو شخص .........!!

    شيخ اياز سنڌ جو اُهو فڪري سالارآهي جنهن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ عشق هو ۽ هُن ٻنهي سان اهڙو نڀايو جو صدين تائين عشق جو عروج هن کي ٻَک وجهڻ لاءِ آتو رهندو، تيئن ئي هُن سنڌ جي صحرائن کي پوڄيو، پوءِ اُها مٽي ڇو نه سندس ئي شهر جي هجي يا ٿر جي وارياسي پٽن جي . هُن سِر جهڪائي نِمي سلام ڪيو ۽ پنهنجي ڏات وسيلي ان عشق ۽ محبت کي اُچاريو. هن ڪارونجهر جي ڪور جي فطرتي حسن کي ڏسي هن ريت چئي ڏنو؛
    ڪارونجهر تي باهڙي، هوءَ جا ڪنهن دُکائي
    آڌيءَ جو آئي، جنهن مان ڄاڻ ڄراٽ جيئن
    جتي اياز کي ڀٽائي، شيڪسپيئر، خيام جون سِٽون سُجهي اينديون هيون، تن سِٽن کي نواڻ ڏيڻ ۽ ساڳئي تسلسل لاءِ، خالق ڪُل، انهي وارياسي ڀٽن ۾ هڪ اهڙي شخص کي جنم ڏنو جنهن جو ساهه پساهه اُنهن ڀٽن، ريگستانن، ساوڪن، ڏونگرن،ٻولين، سُرن، مطلب ته هر شيءِ ۾ سمايل آهي . ان حساس طبيعت واري شخص کي سڀئي نوراحمد جنجهيءَ جي نالي سان سُڃاڻن ٿا.
    سائين نور احمد ان مهان ڪوي شاعر شيخ اياز جي بيتن ۽ احساسن کي ڪائنات جي وسيع ڪينواس ۾ هڪ خدا جي مصوري ڏسي، سمجهائڻ جي ڪوشش طور مضمونن جي شڪل ڏيڻ لاءِ آتو ٿي پوي ٿو . هي اسان جو سائين نور احمد جنجهي خيام جي سرمستي، شمس تبريز جي حيرت، روميءَ جي رقص، حافظ جي ترنم جهڙو شخص آهي جنهن لاءِ مونکي ايئن محسوس ٿيندو آ ته ڄڻ اياز هي شعر کيس ِ ارپيو هجي .
    پرارتي ڪا پڪار آهي، مگر اڳيان تک تارآهي
    ڪٿي اسان جي اُڪارآهي، ايازڪيڏانهن ناو نيندي
    هي يار هرڻ ۽ هماءَ پکي وانگي بنا ڪنهن لوڀ، لالچ جي مٽيءَ سان سيس سمائڻ لاءِ سرگردان آهي، جنهن لاءِ محترم گُل محمد عمراڻي چيو ته ”نور احمد جڏهن به، جيڪي به، ڪجهه لکي ٿو، تڏهن هن جو قلم نوائي سروش جو ڪم ڪري ٿو“
    سائين نور احمد جنجهي جي انهي قلمداني ۽ علمداني کي نروارڪرڻ ۾ سندس والدين جي اعليٰ تربيت جو اهم ڪردارآهي. سندس والد غلام محمد جنجهي جيڪو خود هڪ وڏي يونيورسٽي جيان هو ، تنهن جو سايو سائين تي سلامت آهي جيڪو هُن کي اهڙي تخيل جي اُڏام ڏيارڻ تي مجبور ڪري ٿو . جڏهن اياز جي ظاهري جسم پويان لڪيل حساسيت جي لباس ۾ ڪارونجهر جون ڪڪريون اياز اياز ڪري پُڪارَ ڪن ٿيون تڏهن هُن جي روح واري راهه ۾ هي سِٽ پڙاڏو بنجي گونجي ٿي .
    اڪن نيرا ڦليا مٿان مينهن وسن
    سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر سان ڪڪريون
    اُنهي ڪارونجهر جي ڪڪرين اياز جي تخليقي سگهه جي سونهن ۽ ساڀيا کي امرتا بخشي هوندي جنهن امرتا کي اڳتي کڻي هلڻ لاءِ وري ڪڏهن هن جَي صدين جي صدا مٽيءَ ۽ ساڻيهه واسين لاءِ هيئن به زبان تي تري اچي ٿي،
    جي تو اڃان نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي
    تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي
    انهي مٽيءَ جي سُرهاڻ کان واسجي پنهنجي ديس جي دانهن کي روح ۾ رَلي، پنهنجي جنم جنم جي جوڳ کي فرض سمجهي سائين نور احمد لفظ لفظ کي احساس جو جذبو ڏئي حساسيت جي حسين پوشاڪ ۾ اياز جي شاهڪار بيتن کي سلوڻي سادي سمجهاڻي جي رنگين چادر اوڍائي ڇڏي ٿو ته اهي املهه ٻول روح جي گهراين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪتاب ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جي لکڻين ۽ شيخ اياز جي بيتن کي پڙهندي لڳو ٿي ڄڻ اياز جو جنم به ٿر جي انهن مهاياتِرا ڀٽن ۾ ئي ٿيو هجي، هن جڏهن ٿر جي وارياسي ريگستانن تي قدم رکيا سا صحرا به اڃان اُڃايل پکي وانگي سرگردان هوندي تنهن جي اُڃ اجهائڻ لاءِ به هي ليک ڪارائتا ثابت ٿيندا .
    سنڌ جي اُنهي سپوت کي هر ماڻهو هر شهر هر ڳوٺ هر اُها ذات جنهن جي تن من ۾ قدرت واري اُهو حسين روح رکيو آ انهن لاءِ هو ”مرشد اياز“ آهي جن جي دماغ مان به دل ٿي ڳالهائي دل مان به دلربائي ٿي چئي شاهه کان پوءِ سنڌ ۾ اي! اياز تنهنجون وايون رهنديون . انهن واين جي ورلاپ کي سائين نوراحمد به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. روح جو هي ريلو.....ڪارونجهر تي باهڙي .........اميد ته باذوق پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ مڃتا ماڻيندو. اسان جي دعا آهي ته سائين جو قلم عِلم جو عَلم بنجي، ٿربر، جهرجهنگ جهولندو رهي ...آمين

    ميرمنصور مڱريو
    شڪارپور هائوس
    آر بي بي ڪالوني، ڄامشورو سنڌ


    پنهنجي پاران : جاڳَ به تنهنجي جيءَ سان

    ڀٽائي سنڌ جو فڪري امام آهي. ان جي سموري خيال ۾ معنى جا موتيءَ ڪڻا آهن جن کي چونڊيندي، ڪافي وقت گذري ويو آهي پر سندس خيال جو ڳجهه اڃا به ڳُجهه ئي آهي. سندس خيال جي اظهار جو طريقو ته انتهائي اثرائتو آهي پر سندس خيال جي ٻهڳڻائپ جا انيڪ تهه آهن. هر تهه کي پنهنجي معنى آهي. هرمعنى کي پنهنجو منڊ آهي. انهي منڊ جو جيترو به جنهن کي ونڊ ملي ٿو، اهو پنهنجي دل جي ڳالهه اوتوروئي اثرائتي نموني ڳرهي ٿو.ڀٽائي جي اهڙي اوت اوتان جي جوت جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي فڪري ميدان ۾ جيڪا ٻي وڏي اُٿل نظراچي ٿي اهو شيخ مبارڪ علي اياز آهي جنهن جي نامکار شيخ اياز جي نالي سان پرکنڊين پڌري آهي. شيخ اياز سنڌ جي انهي فڪري ورثي کي اچي مالامال ڪيو جنهن جي عمارت جو بنياد ڀٽائي ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن ڪيو. موجوده دور جي ذهن کي جيترو شيخ اياز متاثرڪيو آهي اوتروشايد ئي ڪنهن ڪيو هوندو . شيخ اياز تمام گهڻو پڙهيل اهڙو سيبتو شاعر هو جنهن پنهنجي شاعري توڙي نثر وسيلي سنڌ کي تمام گهڻي علم سان مالامال ڪيو ۽ سنڌجي فڪري اظهار ۾ هڪڙي جدت آندي جنهن لکين ذهنن جي سوچ کي متاثرڪيو.انهي سوچ سنڌ جي فڪري اظهارکي نئين سُڃاڻپ ڏني. شيخ اياز جي سُڃاڻپ هڪ وڏي شاعرجي حيثيت سان ٿي پر سندس نثر به اوترو ئي پُراثرآهي جيترو سندس شاعري من کي موهي ٿي. شيخ اياز جي تخليقي اظهار۾ جتي سندس سراڻ چڙهيل ڏات جي بيناه آهي اتي سندس وسيع مطالعو ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي عڪس جو عمل دخل به آهي ته همعصرحالتن ....قومي ۽ بين الاقوامي....... جي جهلڪ به نظراچي ٿي.سندس گهري نظر، وسيع مشاهدي ۽ مطالعي کيس خيال جي اظهارجي ايتري وسعت ڏني جنهن سنڌ کي خصوصن ۽ ننڍي کند کي عمومن کي متاثرڪيو. ڏات جي اهڙي ڏهه رس ڏيا سندس تخليق کي ماڻڪ موتي لال بنائي ڇڏيو جنهن جي اثرمان انيڪ ماڻهوپياليون پي پُرٿيا.مطالعي جي وسعت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. شيخ اياز دنيا جهان جي ادب ۾ غواصي ٽُٻي هڻي جيڪي موتي آڇيا انهن جون مالهائون سنڌجي فڪري مورت جون ڳچيءَ جون ڳانيون آهن. سندس همعصرن سندس تخليق جي اظهارجي ڪنهن نه ڪنهن رڱ روپ کي پنهنجو ڪيو.اهڙي طرح دنياجي علم ۽ فڪرجو سنڌجي علم ۽ فڪر سان ميل ميلاپ ٿيوجنهن سنڌي ادب توڙي علمدانيءَ کي مالامال ڪيو. مصروف هجڻ ۽ نرالي طبيعت هجڻ باوجود شيخ اياز عوامي زندگي جي نت نرالن روپن جو مشاهدو ڪيوڇاڪاڻ ته هو سکرجو مصروف ترين وڪيل هو.وٽس منجهيل مقدما ايندا هئا جن مقدمن مان به هن کي عام جي زندگيءَ جو مشاهدو ٿيندو هو. انهي کانسواءِ شيخ اياز جيڪي سيرسفر ڪيا انهن به سندس ڏات جي ڏيول کي مالامال ڪيو. اهڙن سفرن ۾ سندس ٿرجو مشاهدو سڀني کان مٿاهون نظر اچي ٿو جنهن جو اظهار هن پنهنجي لکتن ۾ جا به جا ڪيو آهي.ٿر جي فطري حسناڪي ۽ ٿري ماڻهوءَ جي زندگيءَ سندس ڏات تي ايترو گهرو اثرڇڏيو جو هن سُر مارئي به لکيو ته لونڍاروٽ همرچو ٻُڌي نئون همرچو به لکيو. پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٿرجو جنهن اُڪنڊ ۽ اُڪيرسان ذڪرڪيو آهي تنهن کي جن پڙهيوهوندو سي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا. ٿر سيمينار لاءِ اُماڻيل پنهنجي پيغام ۾ به هن جيئن ٿربابت اظهاريو آهي ان مان سندس ٿر۾ پيهي وڃڻ محسوس ڪري سگهجي ٿوته هو ڪيئن ٿر جي سماج کي ڏسي ٿو ۽ ان جي ڏکن ڏولائن ڏورڪرڻ سان گڏوگڏ ٿري سماج جي جمالياتي جهتن جو جامع جائزو ڪهڙو نه خوبصورت نموني پيش ڪري ٿو. ان کان به وڌ ته هو پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي جي آڌار تي ”اڪن نيرا ڦُليا“ جهڙو ڪتاب لکي ٿو جنهن ۾ ٿرُ، فطرت جي ڪنهن اهڙي ولهارجوويءُ نظراچي ٿو جنهن جو هرروپ سراپا جمال آهي. هن ڪتاب جوڍاٽڪي ترجمو منهنجي پياري، پياري شواڻي ڪيو آهي. ٿرجي جوهر۽ حسن کي ايئن روپاڙو ڪري پيش ڪرڻ شيخ اياز جي ڏات جوئي ڪمال آهي. شيخ اياز جي مڌ ماتي شاعريءَ کي سنڌ جي اڪثرڳائڻن ڳاتو آهي پر صادق فقيرجنهن من موهنتا سان محفلن ۾ ڳائيندو هو ته سنڌ جا هزارين نوجوان جهومي اُٿندا هئا ۽ پنهنجي ان روشن مستقبل ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا هئا جنهن جو خواب شيخ اياز ڏٺو هو.....
    ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب
    تون ئي آن جواب، صدين جي سوال جو
    صدين جي سوال جو جواب ڳولڻ ۾ شيخ اياز جي شاعري صادق فقيرجي سُريليءَ صدا ۾ نوجوانن کي موهت ڪيو ۽ صادق فقير نوجوانن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو.سڄي سنڌ هند جا ماڻهو کيس چاه سان ٻُڌن ٿا جن ۾ نوجوانن جو تعداد سرس آهي. شيخ اياز جي شاعري توڙي نثر جي ٿرسان اهڙي سٻنڌ کي محسوس ڪندي، شيخ اياز تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو خيال پئداٿيو ڇاڪاڻ ته شيخ اياز کي ننڍڙي عمرکان ئي اسان پڙهڻ شروع ڪيو هو. سندس پابندي پيل ڪتاب به لڪائي سڪائي هٿ ڪري ايندا هئاسين ۽ هٿ سان اتاري پڙهندا هئاسين ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڳوٺن ۾ ڦوٽوڪاپي اتاري جي سهوليت نه ان وقت هوندي هئي نه هينئرآهي. پر هن وقت شهري آبادين ۾ اهي سهوليتون ميسرآهن. شيخ ايازجي ٿر سان انهي نسبت کي ڏسندي، خيال ٿيو ته سندس ڏات جي انهي ڏيک تي لکجي. ايئن هي چند ڳالهيون شيخ اياز جي ٿرسان نسبت واري پاسي متعلق لکيون اٿم جن ۾ سندس شاعري جو ذڪربه آهي ته سندس شعري مجموعي ”اڪن نيراڦُليا“ ۾ ڪم آيل لفظن جي معنى به پيش ڪئي اٿم.هي پيارجي پورهئي جي هڪڙي معمولي پيشڪش آهي جيڪا پڙهندڙن کي پسند ايندي ۽ هي ”رنڍاروڙ“پڙهي سنڌي ادب جا عالم ۽ ڏاها هن موضوع بابت وڌيڪ لکي، ادب جي دنيا کي مالامال ڪندا. هن پورهئي کي توهان تائين پهچائڻ ۾ منهنجي پيارن ميرمنصورمڱرئي ۽ ڊاڪٽرپرديپ گوسوامي جون محنتون شامل آهن جن جي همت افزائي جي ڪري اسان جي سُستيءَ کي مهميز ملي ۽ مواد ڪتابي شڪل اختيار ڪئي . سافٽ صورت جو روپ ۽ پوش ٺاهڻ ۾ نعيم ديسوالي منهنجي مددڪئي ۽ ڪمپيوٽرتي لکڻ ۾ منهنجي پياري پٽ منظوراحمد به هٿ ونڊايو. ٿورائتو آهيان سنڌيا پبليڪيشن جي روح روان ۽ سندم وڙائتي دوست محترم عقيل عباس سومري جو جنهن پيار جي هن پورهئي کي ڪتابي روپ ۾ نروارڪيو.


    نوراحمد جنجهي
    جنجهي هائوس
    مٺي ٿرپارڪر، سنڌ


    ٿرپارڪر جو مختصر تعارف

    ٿرپارڪر ضلعو سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۾ سرحدي ضلعو آهي جنهن جي اولهه ۾ بدين، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اوڀر ۾ هندستان ۽ اُتر ۾ عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ضلعا آهن، هن ضلعي جي مختصر تاريخ ڪجهه هن ريت آهي ته هتي پر مارن، راٺوڙن، سومرن، ٽالپرن وغيره قبيلن جي حڪومت رهي آهي، پرمارن هن علائقي کي آباد ڪيو تنهن کان پوءِ راٺوڙن به هن علائقي تي راڄ ڪيو جنهن وقت وچ وارو سمورو علائقو نوڪوٽي مارواڙ هو . پرمار راڄ ۾ پارڪر به آباد هو ته گڍ امراڻ ۾ به وسندي هُئي. سومرن جي بادشاهي به عمرڪوٽ تي هُئي ته پارڪرتي اُنهن جو صوبو حڪومت ڪندو هو .جڏهن سومرا ڪمزور ٿيا ته سندن اقتدار ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪڙي گادي عمرڪوٽ حوالي ٿي ته مُکيه گادي وڳهه ڪوٽ ۾ قائم ٿي ۽ روپاه ماڙي حڪمرانن جي رهائش جو هنڌ بڻيو .وچ ۾ هڪ ننڍڙي حڪومت ڪيرٽي گڍ تي مڪواڻن جي به هُئي جنهن جو بادشاهه ڪيسر مڪواڻو سومرن سان نه ٺهندو هو ۽ پنهنجي پُٽ کي به وصيت ڪائين ته سومرن کان وير وٺجان. انهي سلسلي ۾ مشهور جنگ لڳي جنهن ۾ ڪيسر جي پُٽ کي شڪست آڻي ۽ هو ڀڄي گجرات ويو. عمرڪوٽ جا سومرا حاڪم به نام ڪٺا ٿي گذريا آهن تنهن کان پوءِ وري سوڍن جي واري اچي ٿي جن وري اچي سومرن کان اقتدار ورتو هو. سوڍن تي ڪلهوڙن به ڪاهون ڪيون پر اُهي ڪو ايترو گهڻُو وقت پنهنجي اقتدار کي قائم رکي نه سگهيا. ڪي مُئا، ڪي ڀڳا ته ڪي قيد ٿيا اهڙي طرح ٿرپارڪر جي ڏاکڻي حصي ۾ سومرن جي طاقت غالب رهي ته اُتر ڀاڱي تي به. پر اترين ڀاڱي واري حڪومت وري سوڍن هٿ ڪئي .ٿر مغلن جيانتظام هيٺ به رهيو ته خلجي لشڪربه ڪاه ڪئي . ٽالپرن به ٿر کي پنهنجي اقتدار جي ڇٽيءَ هيٺ آندو ۽ 10 سال کن راڄ ڪيو پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ ۽ ٽئڪس وصول ڪرڻ لاءِ ٿر ۾ گڍ تعمير ڪرايا جيڪي نئين ڪوٽ کا وٺي کُڏيءَ تائين هڪ سِڌي ليڪ ۾ ٺاهيا ويا ۽ ٿر پارڪر کي دفاعي طور ٻن اڌ گولن ۾ ورهائي، اُن جي انتظام کي هلايو ويو. ٽالپرن کان انگريزن اقتدار ڦري ٿر ۽ پارڪر ضلعن تي پنهنجو سِڪو ڄمايو ۽ ضلعي جو هيڊڪواٽر ڪڇ جي شهر ڀُڄ ۾ رکيو ويو .صرف وسڪاري جي موسم ۾ مِٺيءَ ۾ ڪئمپ آفيس هوندي هئي، هيڊڪوارٽر جي پري هجڻ سببان مشڪلات ٿي ۽ هيڊڪوارٽر تبديل ڪري عمرڪوٽ رکيو ويو انتظامي ڪاموري کي ”پوليٽڪل سُپرنٽينڊنٽ“ جو نالو ڏنو ويو اهڙي طرح اڳتي هلي وري 1906 ۾ هيڊڪوارٽر ميرپورخاص رکيو ويو جيڪو آزاديءَ کان پو ۽ به ساڳيو رهيو ٿر جي ماڻهن کي ميرپورخاص کان پري هجڻ کي نظر ۾ رکندي عوام جي اصرار تي 1990ع ۾ ٿرپارڪر کي الڳ ضلعو قائم ڪري هيڊڪوارٽر”مٺيءَ“۾ رکيو ويو جيڪو مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر تي مشتمل هو. وري ٻه نوان تعلقا اسلام ڪوٽ ۽ ڏاهلي قائم ڪيا ويا اهڙي طرح 19836 چورس ڪ.م تي پکڙيل هيءَ ضلعو اٽڪل 13 لک آباديءَ کي سمائي، پاڪستان جي نقشي تي نمودار ۽ نروار آهي.
    ٿرپارڪر جي ڌرتيءَ کي مٿاڇري جي لحاظ کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اُن کي هِن ريت ورهائي سگهجي ٿو.

    • ٿر يا وارياسو ۽ ڀِٽن وارو ڀاڱو
    • پارڪر يا سنئون سنواٽو مٽيءَ هاڻو ميداني ڀاڱو
    • رڻ يا رڻ جولوڻاٺين ڌٻڻن وارو علائقو
    • ڪارونجهر يا جابلو ڀاڱو
    زمين جا اهي ڀاڱا پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي وسيلن ۽ زرخيزين کي سمائي، سوين سالن کان ٿر جي ماڻهن، جيت جڻن، جانورن، پکي پکڻ ۽ نباتات جي عمدي رهائشگاهه طور ڪم اچي رهيا آهن. انهن ڀاڱن ۾ وري جر جي پاڻي، سماجي حالتن يا ڪن ٻين شين کي نظر ۾ رکندي ٿر کي وڌيڪ طبعي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي جيڪي هِن ريت آهن:

    • ڪَسُ، • مهراڻو، • ونگو، • سامروٽي، • وٽ، • ڪنٺو، • پارڪر، • کائڙ، • ڍٽ، • رِڻ.

    ٿر ۽ سِنڌوءَ جي پيچ وارو علائقو جتي پاڻ ۾ گڏجن ٿا اُها هڪ ڊگهي پٽي آهي ۽ جتان کان سنڌ جي پراڻي وهڪري يا هاڪڙي جو گس آهي جيڪا اُن کي ٿر کان الڳ ڪري بيهاري ٿي، انهيءَ پٽيءَ کي ڪَسُ چوندا آهن ڪَس لفظ جي لفظي معنيٰ آهي ”دنگ جو ليڪو يا نشان“ . ٿر ۽ پَٽَ جو اهو دنگ مٺيءَ پاڻيءَ جو ڪَسُ آهي اِن ڀاڱي ۾ رهندڙ ماڻهو ٿر ۾ رهندا آهن ۽ منجهن ٻنهي ڀاڱن جون خاصيتون موجود آهن بئراجي آبادي به هن خطي ۾ ايندي رهندي آهي خاص ڪري جيئن ئي ڀٽون سايون ٿينديون آهن ته بئراجي ماڻهو به مال ڪاهي اچي سانگي ٿي وهندا آهن.
    ”مهراڻو“ ٻن لفظن جو مجموعو آهي ”مُهر “ جي معنيٰ آهي ”اَڳُ“ ۽ ”آڻو“ معنيٰ ”ايندڙ“. ٿر جي ماڻهوءَ لا هِي ڀاڱو بئراجي خطي کان اڳ ۾ اچي ٿو تنهنڪري هن کي مهراڻو چوندا آهن. هتي ڪُشاديون ۽ ڀليون زرخيز زمينون آهن جن کي تليون سڏيو وڃي ٿو. هتي جر جو پاڻي اونهون ۽ کارو آهي.
    ”ونگو“ لفظ جي جي معنيٰ ”ورُ“ يا وراڪو آهي ۽ ونگ مينهن کي ڏُهڻ وقت هنيل نوڃڻ کي به چيو ويندو آهي ۽ اتي درياهه جي وَهڪ ونگ ڪيو ته اهو خطو ونگو سڏجڻ لڳو ۽ هي ڀاڱو چڱو خاصو آباد ڀاڱو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته درياهه جي وهڪري سبب ”ونگو پتڻ“ هو ۽ اڳتي ٻيو پتڻ ”ڄار جو پتڻ“ هوندوهو . انگريز دور جي ليکڪن به اِن کي ”ونگا بزار“ لکيو آهي.
    سامروٽي مِٺي شهر کان ڏکڻ ڏيپلي تعلقي جو حصو آهي جنهن جو سيمون بهترين ۽ تمام گهڻي وڻراهه آهي، پاڻي به زمين کي ويجهو آهي جنهن ڪري مال ججهو ڌاريو وڃي ٿو. لڪ اوچا آهن جيڪي چڙهڻ ۾ ڏُکيا آهن پر هاڻي پڪن رستن ٺهڻ جي ڪري ڪجهه سهوليت ٿي پئي آهي نه ته ڀُرڀري واريءَ وارن چاڙهيڪن تي چڙهڻ مشڪل هوندو هو.
    وٽ جي معنيٰ به ڪنارو آهي پر مُڙيل ڪنارو، هِيءَ پٽي سامروٽي ۽ رڻ کي پاڻ مان ڌار ڪري ٿي يعني کاري پاڻيءَ جي دنگ کي وٽ سڏيو ويو آهي .هِن پٽيءَ ۾ پاڻي بلڪل زمين کي ويجهو آهي تنهنڪري وڻراهه به تمام ججهي آهي هتان جا ماڻهو مالدار آهن ۽ پنهنجي رويي ۾ انتهائي سادا ۽ سٻاجها آهن.
    لفظ ”ڪنٺي“ جي معنيٰ آهي نِڙي يا گلو هِيءَ ڇا جو ڪنٺو آهي تنهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. مِٺي کان اوڀر وارو ۽ ڇاڇري تعلقي جو اولهه ڏکڻ وارو علائقو ڪنٺو سڏيو ويندو آهي. ڪنٺي ۾ پاڻي اٽڪل 150 فوٽن کان 200 فوٽن تائين آهي آبهوا معتدل آهي وڻ ٽڻ گهاٽا آهن ۽ ٻنيون سُٺيون آهن . هِي ٿر جو مرڪزي ڀاڱو آهي هِتان جا ماڻهو شاڪر ۽ صابر آهن.
    ڪنٺي جي اوڀر ۾ ڍٽ آهي جنهن جي رهاڪن کي ڍاٽي چوندا آهن ڍٽ ۾ ڇاڇري تعلقي جو ڪافي حصو اچي وڃي ٿو هِتي پاڻي اونهو آهي ۽ ماڻهو به محنتي ۽ اورچ آهن.
    کائڙ جو علائقو ڇاڇري جي اُتر ۾ ۽ عمرڪوٽ جي اوڀر اُتر ۾ آهي هِن علائقي ۾ زميني پاڻي تمام اونهو آهي جنهن ڪري هتي وڻ به گهٽ آهن ته اوڀڙ جو اڌيڙ به ٿيندو رهي ٿو. گرمين جي مُند ۾ جرجو پاڻي ڪِن ڪن هنڌن تي ختم ٿي وڃي ٿو. هِن علائقي جا ماڻهو انتهائي اُتساهڪ ۽ دنڌي داڙيءَ جا ڪوڏيا آهن. هندستان پاڪستان جي دنگ تي رهڻ جي ڪري منجهن دنگ وارن ماڻهو وارا گڻ به آهن.
    پارڪر لفظ ٻن لفظن پار+ اُڪرڻ جو مجموعو آهي ڇاڪاڻ ته هن ڀاڱي ۾ پاري نگر جهڙو عظيم بندرگاهه رهيو آهي جتي پهرين صدي عيسويءَ تائين ٻيڙا هلندا هُئا ۽ جهاز راني ٿيندي هُئي ائين سنڌ جي کاري (نار)پار ڪرڻ لاءِ هِيءَ خطو ڪم ايندو هو تنهنڪري مٿس اهو نالو پيو. پارڪر جو علائقو سنئون سنواٽو مٽيهاڻو ميدان آهن جيڪو انتهائي زرخيز آهي منجهس باراني پوک کانسواءِ برساتي پاڻي، کوهن، ۽ ٽيوب ويل تي به پوکي ٿئي ٿي. پارڪر جو علائقو باقي ٿر کان بلڪل نيارو آهي ڇاڪاڻ ته منجهس ڀٽون وغيره ناهن، پاڻي به ڪافي آهي خاص ڪري برساتي پاڻي ايترو گهڻو آهي جو هِن تي سڄو پارڪر آباد ٿي سگهي ٿو.
    رڻ جو ڀاڱو جنهن کي برٽن رڻ ڪڇ جو نالو ڏنو هو جيتوڻيڪ اهو سنڌ جي نار هو ۽ سڪنڊر مقدونيءَ جو ٻيڙو ان کاريءَ تائين پهتو هو جتان واپس موٽائڻ لاءِ سنڌي ملاح ڪم آيا هُئا ڇو ته يو نانين کان پاڻيءَ جو آر مٿاهون هو. رڻ ۾ اندر ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون آهن . هي خطو جيوتي گهڻا گهڻي ۾ مالا مال آهي. چوپايو مال وغيره اُتي چرڻ به ويندو آهي. ظاهر ۾ نظر ايندڙ لوڻاٺي گرڻ ۾ ڪجهه حصا انتهائي ڀلوڙ آهن جتي جيوت جي جوڳي رهائش آهي.
    اهڙي طرح ٿرپارڪر جو هتي ٻهڳڻ علائقو مختلف نالن وارن ڀاڱن سان سُڃاتو وڃي ٿو هتي ڪم ڪندڙ لاءِ ضروري آهي ته اُهي هِن ڀاڱي جي سموري مانڊاڻ کي سمجهن جيئن ڪم ڪار ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.


    شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٿر جو ذڪر

    سنڌ جي تهذيب پنهنجي وجود جي بقا لاءِ هڪ پاڻ هرتو سرشتو نروار ڪيو آهي جنهن ذريعي صدين کان وٺي ان جو وجود ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾، سڀني اهنجن ايذائن، انقلابن، ڏکن ڏولائن باوجود، برقرار رکيو آهي.اهڙي پاڻ هرتي سرشتي جو هڪڙو مک روپ ۽ رخ ٻولي آهي جنهن وسيلي، نج پج خمير جي مافي الضمير جو اظهار ٿيندو رهيو آهي .اهڙي اظهار جي جنهن رنگ جون پاڙون عام ۾ آهن تنهن کي دوام مليو آهي باقي ٻيو سڀ ڪي وقت جي وير جي رک جو بَکُ بنجي تاريخ جي ڪٻاڙخاني جي تهن جي زينت بنجي چڪو آهي. ٻوليءَ جي سڀني روپن ۾ شاعري اهڙو روپ آهي جنهن ٻوليءَ کي قائم دائم رکڻ ۾ تمام اهم ڪردار نباهيو آهي. هن وقت سنڌي ٻولي زبانن جي قطار ۾ جتي بيٺل آهي تنهن جي سانڍ ۽ سوڌ سنوار ۾ سنڌي شاعريءَ جو اهم حصو آهي. شاه لطيف، شاه ڪريم، شاه لطف الله قادري، قاضي قادن، خواجه محمد زمان، سميت سمورن ڪلاسيڪي شاعرن کان وٺي جديد دور جي، شاعرن تائين هڪڙو اهڙو سلسلو آهي جنهن جي مالها جا سمورا موتي اڻ ميا ۽ املهه آهن. جديد دور جي شاعرن ۾ شيخ اياز سنڌي شاعري توڙي نثر جو اهڙو آبائتو اهڃاڻ آهي جنهن جي اُهاءَ ۽ اوجيس تي سندس دور ۽ پونيرنسلن پنهنجي ڏات کي سجهايو، سنواريو ۽ سينگاريو آهي. شيخ اياز جي شاعري توڙي نثر جنهن سطح جا آهن اهي جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ هجن ها ته نوبل انعام جي لائق آهن . شيخ اياز پنهنجي ڏات ڪنهن انعام لاءِ نه پر پنهنجي قوم جي سجاڳيءَ، شعور ۽ سُڌاري لاءِ ڪم آندي آهي . انهي مقصد ۾ هو ڪامياب پڻ ويو آهي. سندس شاعريءَ توڙي نثر ٻنهي جو اثرسنڌي ادب جي لفظ لفظ ۽ سٽ سٽ ۾ ڏسي سهجي ٿو.شيخ اياز جي دبنگ شخصيت سنڌي ادب تي اثرانداز ٿيندي، تمام گهري ڇاپ ڇڏي آهي. سندس تخليق موتي اڻ ميا آهن، جنهجي ڪٿ جو ڪاٿو تاريخ ڪندي رهندي، نسل در نسل ان مان اُتساه ملندو رهندو. هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ لکيو آهي،
    وڃان ٿو وينجهار موتي ڏيئي اڻ ميا
    صديون پيا سونجهبا جن جا ڍير هزار
    ٻڏي سوچ ويچار پرکيندا مون پارکو
    سوچ ويچار ۾ ٻُڏڻ کان پوءِ به شيخ اياز جي شاعريءَ جا ڪيئي پاسا اڻ ڇهيل رهجن ٿا. شيخ اياز پنهنجي وسيع مطالعي ۽ منفرد مشاهدي مان جيڪا مام پروڙي تنهنکي هن جيڪو به لفظن جو روپ ڏنو آهي تنهنجي اثرپذيريءَ کان ڪو پاڳل ئي انڪاري هوندو. هن لکين موضوع سنڌ کي متعارف ڪرايا جن هزارين نجوانن ۾ پڙهڻ جو جذبو پيدا ڪيو.ايئن علميت جي تند تنوار ۾ جيڪو به جمود آيو هو اهو اياز ٽوڙيو ۽ سنڌي ادب وري ڪر کڻي هلڻ جي لائق ٿيو. سندس شاعريءَ جي لهجي جي شدت، جمالياتي اظهار ۽ بين الاقوامي حوالن سندس شاعريءَ کي ڪلا جي ڪائناتي روپ تائين رسايو. سندس شاعريءَ ۾ جتي دنيا جهان جي موضوعن جو ذڪر آهي ته ان ۾ ٿر جي نياري ۽ نرالي علائقي جو به تفصيلي احوال اوريل آهي. شيخ اياز پنهنجي نثر ۾ به ٿر جو ڀلوڙ انداز سان ذڪر ڪيو آهي ته نظم ۾ ته هن هڪ پورو مجموعو “اڪن نيراڦليا” لکي ٿر جي ڏيک ۽ ڏيا جي حسن جو هوڪو ڏنو آهي. ٿر سندس خيال کي تمام گهڻو موهيو آهي جنهن جو هو معترف به آهي. پنهنجي آتم ڪٿا جي پهرئين ڀاڱي ۾ هو ٿر جي سفر جو ذڪر ڪندي ان کي سفر در سفر ڪيفيت سڏي ٿو . هڪ اهڙي ڪيفيت جيڪا کيس زمان ۽ مڪان جون سرحدو ن ٽپائي پرانهين پار اپار وٺي وڃي ٿي. هو اهڙي ڪيفيت مان جڏهن ٽُٻي ڏيئي مٿي اُڀري ٿو ته کيس گوڙي ڏهرن جا کنڊر نظر اچن ٿا. حيدراباد کان مٺي تائين جي واٽ سواٽ کي هو “پٽائون رستو ” سڏي ٿو. هو ٿر جي منظر ڪشي ڪندي آتم ڪٿا ۾ هن ريت اظهاري ٿو، “ٿر خدا جي مصوري آهي. خدا جو عظيم ترين مصور آهي ۽ پوري ڪائنات هن جي ڪئنواس آهي. مون کي سارو ٿر تصوير وانگر نظر آيو جنهن مون تي ۽ منهنجي شاعري۽ تي اَمِٽ ڇاپ ڇڏي آهي.” اهڙي پيهي وڃڻ واري ڪيفيت، ٿر سان سندس ڏات کي اهڙي رشتي ۾ سلهاڙي بيهاريو جهڙو سڱ چڪور ۽ چنڊ ۾ آهي. ٿرجي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر محترم عبدالقادر منگيءَ جڏهن 1992ع ۾ ٿر سيمينار ڪوٺايو ته شيخ اياز ٿر سان محبت کي نباهيندي ان سيمنار لاءِ لکيل پيغام ۾ ٿر سان محبت جو هن ريت اظهار ڪيو آهي، “منهنجي ٿر سان ايئن محبت رهي آهي جيئن نوبل انعام يافته شاعر ڪازان زاڪس جي ڪريٽ سان محبت هئي، توڙي هو يوناني هو، ڪريٽ هن کي ايئن پوئين دم تائين اُتساهيندو رهيو جيئن مون کي ٿر جي ياد اُتساهيندي رهندي آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته چترال لاءِ ته هيلي ڪاپٽر جي سروس آهي، پر ٿر جي لاءِ نه آهي.“ سندس ٿر لاءَ جيڪو جمالياتي تصور هو ان ۾ ڪارونجهر جي ڪور تي ويٺل مورن جا ٽهوڪا به هيا ته گنگهور گهٽائن جي گرج به هئي . هن ساڳي پيغام ۾ اڳتي لکيو آهي، “جڏهن به گنگهور اينديون آهن، ته مون کي خيال ايندو آهي، ته ٿر ۾ مور نچندا هوندا.گهٽائون ۽ مور منهنجي شاعريءَ جي بهترين علامت آهن.” انهي سيمينار جي مقالن جي سهيڙيل ڪتاب ۾ “اياز جي شاعريءَ ۾ ٿر جو پس منظر” پُڻ ڏنو ويو آهي جيڪو شيخ اياز جي امر خيال جو آئينه دار آهي.
    اڪن نيراڦليا ۾ سيخ اياز ٿر جي فطري حسن، ٿر جي ڏُکن ڏوجهرن ۽ ٿر جي ڪلا ونت روپ جو ٻهڳڻ اظهارڪيو آهي جنهن ۾ ٿر جي ڪيترين ئي لڪل وٿن جو وستار سان ذڪر ٿيل آهي. فطرتي روپن جي اُپٽار ڪندي شيخ اياز ٿر جي نرم نظارن جو ذڪر ڪيو آهي . اتي جي فلورا۽ فائونا جو سڙ ڇيڙيو آهي. مروئي جي مهڪار به کيس موهت ڪري ٿي ته ڳاڱيءَ جا ڳاڙها ڳل ڏسي به هو هرکي پوي ٿو ۽ ڳاڱين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ هنڌ “ڪارونجهر جون ڪامڻيون سڏي ٿو. مروئو جنهن کي ناز بو به چوندا آهن اهو سڳنڌ جي ڪري مشهور آهي ۽ ڳاڱي جنهن کي گانگهيٽي به چيو وڃي ٿو سا پنهنجي سون سروپي ڳاڱين جي ڪري مشهور آهي سندس سخت هڏ گڏ هيڪاري ٻين ٻوٽن کان کيس مٿاهون درجو ڏياري ٿو. جڏهن گانگهيٽا پچي راس ٿيندا آهن ته انهن ورن ڪن ڪنوارن ڳلن جو ڏيک ڏيندو آهي.
    مروئي جي مهڪار، اڃا اڱڻ سُپرين،
    اچين جي ٻيهار، مهڪي ساٿ سُڳنڌ سان
    ڪارونجهر تي مينهن جون اورڪون شاعر کي موهين ٿيون پر جوڀن ڏينهڙا تتر تيزاُڏار آهن جن جي وڃڻ سان ماڻهوءَ جي موه جي نوعيت تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ رس مان چس هليو ٿو وڃي. روهيڙي ڦُٽڻ جو ذڪر به شيخ اياز پره جي باک سان ڪري ٿو ۽ روهيڙي کي پنهنجي اڱڻ ۾ ڦٽندو ڏسي ٿو. هو تراين جو ذڪر ڪندي راڻاسر جي ڳالهه ڪري ٿو. راڻاسر جي نالي سان ڪيتريون ئي ترايون ٿر ۾ آهن. راڻو نالو آهي ۽ لقب پڻ. سر برساتي پاڻيءَ جي قدرتي طور گڏ ٿيڻ واري هيٺاهين هنڌ کي چئبو آهي. انهن سرن جي سَٺي سانگ سان ٿر ۾ راجپوت دور ۾ ڳوٺ آباد ٿيا. راڻاسر جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪري ٿو
    اڄ به منهنجي جندڙي، راڻاسر تي رات
    ڪيڏا منهنجي ڏات، تارا، تر، تروڪڻيون
    ٿر جي حسن ۽ اقدار پسنديءَ کي به اياز تمام گهڻو ساراهيو آهي .ان جي سدا ملوڪ نظارن جي واکاڻ ڪئي آهي. ٿرجي ريت جو هرڪڻو رتن آهي جنهن جي جوت ۽ جرڪاءَ جيئن جڳ کي موهيو آهي تيئن اياز به ان تي هرکي پوي ٿو ۽ هن ريت چوي ٿو،
    هوءَ ڊاڳي ۾ ڊيل جيئن، بيٺي آهي ڪير،
    آئي آهي سوير، دلو کڻي چيلهه تي
    شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ ٿر جي ڏکن ڏولائن ۽ اهنجن ايذائن جو به احوال اوريو آهي. ڏيهه جا ڏُک ڏسي هو هنجهون هارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ هرڪنهن هانو کي هيڻو سڏي ٿو. کيس ان ڳالهه جو اونو آهي ته ڪير بنا سَٺي سهاري جي ڪيئن ڪٺن جيون ڪاٽي. انهي ڪيفيت جي شدت هن نموني سندس شاعريءُ ۾ نروار ٿئي ٿي،

    آيل هاريان آنء، هنجهون ڪنهنجي هنج ۾
    دکي سا رو ديس آ هي هرڪنهن هيڻو هانءٌ
    جنهن کي ڏ ڍ نه ڏانءٌ سا ڪيئن ڪاٽي ڏينهڙا
    بک بدحالي جي ڪهاڻي به دنيا جي جڳاندر جهوني ڪهاڻي آهي. ٿر ۾ به انهي بک جو بي رحم راڪاس ڦيرا ڏيندو رهيو آهي. ڪڏهن ڏڪارن جي روپ ۾ ڪڏهن ڪنهن ڌارئي حملي آور حڪمران جي روپ ۾. اهڙي بُک ۽ بدحالي ڪيترين ئي معصوم جانين جو بَکُ وٺي ٿي ڇڏي. اهڙي مصيبت جي مار معصوم ٻارڙن ۽ اٻلا عورتن تي سرس ۽ سوائي پوي ٿي. اهڙي محسوسات کي اياز، نامياري صوفي شاعر “باهوءَ” سان مخاطب ٿيندي هن ريت چوي ٿو،
    باهو اڄ بي موت مرن ٿا، ڇو ماڻهو جا ٻچا هُو
    آئون نه ڄاڻان، ڪهڙا ڪوڙا ڪهڙا آهن سچا هُو
    ٻاهر ماڻهو پٿر جهڙا، اندر ڪاوا ڪچا هُو
    ڪنهن کي ڪوئي چين نه آهي، ملڪ مڙيو ئي ڏچا هُو
    اهڙي بک ماڻهوءَ کي ڏوهه جي ڏيه وٺي وڃي ٿي جتان موٽڻ ڏاڍو شڪل هوندوآهي. پوءِ ڏوهه جي اها دنيا جڏهن وسيع ٿي وڃي ٿي ته پنهنجو پاڻ کي اداري جي صورت ۾ مڃرائي وٺي ٿي. ماڻهو ان کي مثال بنائي ساڳي واٽ تي هلڻ جي ڪن ٿا. اهو عمل دنيا کي دوزخ بنائي ٿو ڇڏي . شيخ اياز چوي ٿو،
    ڪيڏا ڪيس ڪري ٿو باهو،ماڻهو بُک جي وڳهي هُو
    ڊگهي رسي ڏيئي هن کي رب پيو ٿو پسي هُو
    ٿر اهڙيءَ بک ۽ بدحاليءَ باوجود پنهنجي امن کي بچايو آهي.امن نهن لاءِ دنيا آتي آهي. هر هنڌ امن لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن پر امن اڃا پرانهين پار جو ڪو سهانو سپنو لڳي ٿو.ڇاڪاڻ جو دنيا جي امن کي خراب ڪرڻ پويان انسان جي نه کٽندڙ هٻڇ آهي ۽ انهي هٻڇ جو مقصد نفعي جي صورت ۾ مال ميڙڻ آهي جنهن جو ڏس سرمايه واد جي ڪلچر جو “ڪُل” آهي جنهن جو هر جز هٻڇ ۽ منافعي خوريءَ جي ماليخوليا ۾ سڀڪجهه وساري ويهي ٿو. نتيجي ۾ قدرتي وسيلن ۽ انهن جي واهپي جي وچ ۾ جيڪو توازن آهي سو بگڙي پوي ٿو. جڏهن اهو توازن متاثر ٿئي ٿو ته فطرت جو قوتون گردش ۾ اچي ٿيون وڃن ۽ ڌرتيءَ تي وڏيون وڏيون تبديليون اچڻ لڳن ٿيون جن جو ڀئو انسان کي ڀنواٽي ڏيئي ٿو ڇڏي ۽ هو پنهنجي ڪرتوتن ۽ ڪوپن کي ترڪ ڪرڻ بجاءِ، ڪلائميٽ چينج ڳالهه ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ان ۾ به وري دنڌي جو پهلو ڳولي ٿو. اهو ناڪاري رويو انسان ذات کي نه ڄاڻ ڪيڏانهن وٺي ويندو. شيخ اياز به جڏهن غريب بجيرياڻي ءَ جا بيمار ٻار ڏسي ٿو ته تڙپي پوي ٿو ۽ انهني درد ناڪ منظر کي لفظن جو هي ويس ڍڪائي ٿو،
    ساري رات سُکالڙا بجيرياڻي ٻار
    ڪيڏي پگهر لار، منجي آلا رلڪا
    ڏکن ڏوجهرن جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏوگڏ، هو ٿر جي املهه ٽئلنٽ کي به باريڪيءَ سان ڏسي ٿو جنهن جو مٽ دنيا ۾ کيس ڪٿي به نظر نٿو اچي. اهو ٽئلنٽ ۽ هنر ئي آهي جيڪو ٿر کي گل و گلزار بنائي سگهي ٿو .ٿر جي ماضي جي پاري نگر واري دور جي خوشحالي کي موٽائي سگهي ٿو جنهن جو ذڪر سڏيونت سارنگا جي ڪٿا ۾ ٿيل آهي جڏهن ٿر جو سمورو ڏاکڻيون ڀاڱو سامونڊي ڪنارو هوندو هو جنهن ۾ ونگي جي وڻج ڀري بازار کان ويندي راهومڪيءَ بازار تائين ڀريون تريون بازارون هونديون هيون، جن جي ڏکڻ اڀرندئين ڇيڙي تي پاري ننگر جهڙو بندرگاه آباد هو جنهن جي ڪناري تي ناريل جا وڻ هوندا هئا. انهي بندرگاه کي محمد حسين پنهنور 400 ورهيه عيسى ڄم کان اڳ جو ڄاڻايو آهي. پارڪر کان مٿي اها پٽي کاري مٺي پاڻيءَ جو ميلاپ هوندي هئي . انهي پٽيءَ کي هن وقت “وٽ” سڏيو وڃي ٿو. هو مڪي ڀريت ڀريندڙن جي خوبصورت انداز ۾ ڳالهه ڪرڻ سان گڏ سونارن جو تذڪرو به ڪري ٿو ته رڱ ساز ماڻهن جي ڳالهه به کيس متاثر ڪري ٿي. ڀرت ڀرڻ، سون جو ڪم، رڱڻ جو ڪم اهڙيون ڪرتون آهن جيڪي ٿر ۾ نه رڳو سالن کان موجود آهن پر هن وقت به انهن جو واهپو ٿري سماج ۾ ججهو آهي.. جيسلمير جي ٺڪراڻين جي ڳالهه به سندس شاعريءَ ۾ آهي ته ڪاسٻي، ڀالوا، ويراواءِ جو به احوال آهي. اهي سڀئي حوالا اياز جي شاعريءَ کي سُريلو بنائين ٿا ۽ ان جي سيلائي اڃا به وڌي وڃي ٿي جڏهن ٿر جو امر راڳي مرحوم صادق فقير اياز جي راڳيءَ جي روپ ۾ سنڌ جي نوجوان دلين جي ڌڙڪڻ بنجي اُڀري ٿو يا وري ڪريم فقير جڏهن “توکي ڪهڙي ڪل، جيءَ اڇي نه جهل، مونکان سنڌ نه وسري” پنهنجي منفرد انداز ۾ ڳائي ٿو ته صدين جي سُرون جا سيسراٽ نڪري ٿا وڃن ۽ هر دل سنڌ لاءِ ڌڙڪڻ ٿي لڳي. شيخ اياز جي شاعري تي ته ٿر جي حسن جو اثر آهي پر ٿر جي تخليقي ڪئنواس تي اياز جي شاعريءَ جو اثر به آهي. سندس شاعريءَ کي جڏهن پيارو شواڻي “ڍاٽڪي” ويس ڍڪائي ٿو ته اها “ٻاٻيهو ٿو ٻولي” ٿي ٿر ۾ اڃا به نت نئين روپ ۾ نسرڻ لڳي ٿي.
    شيخ اياز ٿر جي امر ڪردار مارئي ءَ کي به نه وساريو آهي. هو مارئي کي دلاسو ڏيندي، اميد پسنديءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ مارن جي ملڻ کي يقيني سمجهي ٿو،
    مانڌي ٿي نه نيٺ ايندا مينهن ملير تي
    وڄون ورنديون اوچتو لڳه لهندا هيٺ
    مارو ماکي ميٺ ملندا توسان مارئي
    ٿر ۾ خوشحالي شيخ اياز جو به اهڙو خواب آهي جهڙو سڀني ٿرين جو يا ٿر دوست ڌُرين جو. تنهنڪري ئي هن ٿر کي پنهنجي تصور جي دنيا ڪري چونڊيو آهي. ٿر جي نانگ بلا جي ڪکجڻ واري مسئلي کان وٺي، ٽرانسپورٽ جي مسئلن تائين سڀني مسئلن کي هن گهرائيءَ سان ڏٺو آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ پلٽيو آهي، جنهن جي تفصيلي اڀياس لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو شيخ اياز جي شاعريءَ جو ميدان به وسيع آهي ته ٿر جي وشال ڌرتي به پنهنجو پاڻ ۾ وڏي وسعت رکي ٿي. اها ئي ڳالهه آهي جو ٿر، هر ماڻهوءَ کي، ٻنهي صورتن ۾ ..... بدحالي ۽ خوشحالي...... پاڻ ڏانهن ڇڪيندو رهيو آهي. اهائي ڪشش هئي جنه اياز جي جمالياتي حس کي ڇيڙيو ۽ هو مٿس موهت ٿي پيو ۽ پنهنجي ئي لفظن ۾ هن ريت چئي ويٺو،
    ساٿي مون دُنيا گهمي، چونڊيو آهي ٿر،
    ڄڻ ڪنهن سُرڳ سمان، آ، واريءَ تي هي گهر،
    سانجهي وير امر، آهي رتيءَ ريت تي
    ***


    مون ۾ آهي ملير، آهيان آءُ ملير ۾

    ”مارو پاڻ املهه، ملير هونئن ٿي مرڪڻو “ جهڙيون سٽون سرجيندڙ، سنڌي سماج جو ناڙي ويڄ سماجياتدان شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي خيال کي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ مختلف ڪهاڻيون ۽ سُورما سورميون نمائندي طور اڳتي ڪندي، پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهي جاکوڙ ۾ شاه لطيف جو پنهنجو نرالو گهاڙيٽو آهي جنهن ۾ هُو انهي آکاڻيءَ جي ڳر کي کڻي پنهنجي مطلب واري تصور کي مهند ڪري ٿو ۽ آکاڻي جي ڊيگهه ۾ نٿو وڃي. ڪبير جي بقول ”ڇاڇ“ سنسار لاءِ ڇڏي مکڻ کائڻ وارو اهو اسٽائيل برک ڍنگ اثرائتو به آهي ته جٽادار پُڻ ـ شاه لطيف جي انهي واٽ تي هلندي سنڌي شاعرن به انهي ميدان ۾ پوکي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙين ڪوششن مان هڪڙي ڀلوڙ ڪوشش شيخ اياز پاران به ڪئي ويئي آهي. جنهن ۾ هُن شاه لطيف پاران کيڏيل ميدان تي شعرن وسيلي پنهنجي خيال جو ٻج هاريندي مارئي، سسئي، گهاتو، سهڻي جا سُر سرجيا جيڪي سندس ڪتاب ڪپر ٿو ڪُن ڪري ۾ پڙهي سگهجن ٿا. اهو ڪتاب برقي ڪتاب جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي به موجود آهي پر اُن ۾ ڪجه غلطيون آهن ڇاڪاڻ ته ڪتاب نئين سِر ڪمپوز ڪري نيٽ تي چاڙهيل آهي جڏهن ته بهتر طريقو اِهو آهي ته اصلي ڪتاب کي اسڪين ڪري پوءِ کڄي سگهڻ جوڳي روپ PDF ۾ مٽائي رکيو وڃي ته ڪتاب جي اصلي صورت بنا ڪنهن ڦيرڦار جي موجود رهندي. اها للڪار سڀني ڪتابن کي آهي جن کي نئين سِر ڪمپوز ڪري رکيو وڃي ٿو اُن ۾ به خاص ڪري اهڙا ڪتاب جن جا ليکڪ دنيا ۾ موجود ناهن ـ ڀٽائي جي رسالي سان به ايئن ئي ٿيو جيترا رسالا آهن اوتريون پڙهڻيون آهن. خير اِهو الڳ موضوع آهي جنهن بابت ڪنهن ٻئي ڀيري ــ هِن وقت شيخ اياز جي سُرن بابت هلي پيئي ۽ شيخ اياز جي لکيل سُرن ۾ سُر مارئي به آهي جنهن کي پڙهڻ سان هُن سُر ۾ شاه لطيف جي شاعري، شيخ اياز پاران ڪيل ٿر جو اڀياس ۽ عصري تڪليفون ليئا پائيندا نظر اچن ٿا ــ شاهه لطيف جو سُر مارئي هِن تخليق جو بنياد آهي جڏهن ته شيخ اياز جي ذهن ۾ همعصر دور جي ڪٺنتا ۽ ڏولائو به آهي ته روشڻ مستقبل جي اُميد پُڻ ـ انهيءَ ڀيٽاڀيٽيءَ کي شاعر پنهنجي ٿر جي اڀياسي مُشاهدي مان قلم ٻوڙي جيڪي املهه رتن آڇيا آهن تن جي اوک ڊوک ضروري آهي جيئن پڙهندڙن کي خاص طور ايندڙ وقت جي پڙهندڙن شاعري جي گوناگو نيت جو پتو پوي ۽ پنهنجي تهذيب تاريخ کي نه رُڳو سمجهن پر پنهنجي اجتماعي وجود کي رسندڙ ناقابلِ تلافي نقصانن ۽ صدين جي صدمن جو علم به رکن ۽ پاڻ اُن کان پاڻ کي بچائين ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي رهنمائي لاءِ ڪا لاٽ ٻاري وڃن ــ شيخ اياز پاڻ انهي تخليقن بابت لکي ٿو ته هن ڀيري مون سنڌ جي ڪهاڻين وارا سڀيئي سُر لکيا آهن ۽ هر سُر ۾ ڪنهن خيال کي اُن جي توڙ تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کان اڳ هر سنڌي شاعر وحدت الوجود جي فلسفي پيش ڪيو آهي پر مون هر سُر ۾ هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي ۽ اُن جو سلسلو قائم رکي اُن کي گُهربل نتيجي تي پهچايو آهي ــ حالانڪه هر شاعر رڳو وحدت الوجود جي ڳالهه نه ڪئي آهي ـ ڀٽائي اهڙي ڏات ڌڻي آهي جنهن وحدت الوجود کانسواءِ پنهنجي بيتن ۽ واين ۾ زندگي جي سڀني انڊلٺي رنگن جي ڏانگڙي جو عڪس پيش ڪيو آهي ۽ سُر مارئي ته هُن علامتي طور جبر ۽ ڏاڍ ۽ هيڻائي جي قوتن جي وچ ۾ حق سچ ۽ ايمان جي لڙاي جو رزميو ڪري پيش ڪيو آهي ـ ڪارا ڪراين ۾ اسان کي سون سوءُ جهڙي سٽ سرجهيندي يقينا ڀٽائي جي نظر اقتصادي، بدحالي تي هُوندي جنهن ۾ صدين کان سماج جو وڏو طبقو پيڙهايو ويو آهي ۽ چند چالاڪ فرد پوءِ گهراڻا دنيا جي وسيلن کي پنهنجي حرفت جي حرامپائي ۽ چالاڪي وسيلي گوڏن هيٺيان ڏيئي پنهنجي کاتي ڪري باقي دنيا جي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي ويهي ٿا رهن. اهو هر دور جو الميو رهندو آيو آهي. ڀٽائيءَ جي سورمي مارئي کي ”سون“ سوءَ محسوس ٿئي ٿو يعني هوءَ زر کي سوگ سمجهي ٿي ــ مارئي وٽ سون سينگار ناهي ــ سندس ڪراين ۾ ڪارا چُوڙا وڌيڪ سونهن ٿاـ شيخ اياز ڀٽائي پاران مارئي ءَ کي ڳائڻ بابت هن راءِ جو آهي ”مان ڀانيان ٿو ته ڀٽائي مارئيءَ کي اهڙي امرتا بخشي آهي جهڙي هومر هيلن کي بخشي آهي“. هو انهيءَ اثر کان متاثر ٿي مارئيءَ جو سُر لکڻ چاهي ٿو ۽ سندس ڳوڙهو مشاهدو ۽ گهرو مطالعو کيس اهو سُر نرالي انداز ۾ لکڻ تي آڀارين ٿا. هُو لکي ٿو ” مان سُر مارئيءَ لاءِ ڇا لکان؟ مان ڀانيان ٿو ته جي مان وحدت الوجود جو روايتي تصور ڦيرائي سگهان ته مان سُر مارئي ٻيهر لکڻ لاءِ وٿي پيدا ڪيان ۽ مارئيءَ کي سنڌ جي حُب الوطني جي مُڪمل نشاني (Symbol) بڻائي ڇڏيان ته منهنجو پورهيو سجايو ٿيندو“. اهڙي طرح اياز سُر مارئيءَ ۾ سنڌ سان وحدت الوجود جي ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ٿر جي نامياري شاعر غلام محمد جنجهي وري مارئي ۽ ٿر کي وحدت الوجود جي سنهيءَ سئيءَ سان سبيو آهي. اِهي باريڪ ۽ نفيس رشتا ناتا اهڙو جوڙ آهن جو توڙ کي سمجهڻ لاءِ ”ابر جي اوصاف“ وانگر ٻيهر ڄاپي ڄاڻڻو پوندو.
    شيخ اياز ڪپر ٿو ڪُن ڪري جي مُهاڳ ۾ اهي سڀ تفصيل لکندي، ٿر جي ڌاڙيل جئمل ڪراڙ کي پنهنجو پورو جُهٽ ڪوٺيو آهي ۽ لونڊار ۾ ليڏاڻ ڪڍندڙ لاسين پاران ڳائجندڙ لوڪ گيت ”همرچي“ جي ڪيفيتن کان متاثر ٿي نئون همرچو لکڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. هُو لکي ٿو ”هڪ ڀيري اسان مٺيءَ شهر کان ننگرپارڪر جيپ ۾ وڃي رهيا هئاسين.لونڊار نالي هڪ ڳوٺ ۾ چانهه جو هوٽل هو، جتي اسان جيپ روڪي ــ اوچتو پريان سُريلو آواز آيو جو منهنجي ڇاتيءَ ۾ ڇُريءَ وانگر پيهي ويو. مُون ڪنائي ڏٺو ته ٻه ٽي فرلانگ پري هاري کيت ۾ ڳائي رهيا هئا. اسان کيڙيءَ مان پنڌ ڪري، اُن کيت وٽ پهتاسين، اُن وقت آڪاش آگميل هو ۽ اُتر اوڀر ۾ ٻڪرال ٻهڪا ٿي ڪيا. کيت ۾ ڪجهه ڀيل ۽ ٺڪر گُڏ ڪري رهيا هئا. وڄ جي چمڪاٽن سان هنن جي ڪنن ۾ پيل گوکرو ۽ مُرڪيون چمڪي رهيون هيون ۽ هو هڪ عجيب سُر ۾ ڳائي رهيا هئا؛
    آڙنگيو آڀي مان،
    اونڏو گجي ٿو گاجڙلو،
    همرچي جو ويلو
    ٿڌي مُند جو وائڙو لڳو
    جنهن وقت هُنن ”همرچي جو ويلو“ لفظ ٿرچيا، تنهن وقت لونءَ لونءَ مان صدين جا سيسراٽ اُڀري وياـ اهو همرچو ٻُڌي ڪهڙو ڪافر چوي ها ته سنڌ جي منفرد ثقافت کي اهميت نه آهي ـ انهي اثر کانئس نئون همرچو به لکرايو.
    شيخ اياز جو سُر مارئي ٿر جي وسيع ۽ خوبصورت ڪينواس جو چٽو منظرنامو پيش ڪري ٿو. هو وڻن ٽڻن، ريتن رسمن ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جو چٽ چٽي ٿو ايئن ٿر جا نظارا گهمائيندي، پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪري ٿو ــ وڻن ٽڻن ۽ مينهن جي ڏيک جي منظر ڪشي ڪندي هن ريت لکي ٿو؛
    ڪنڊيءَ ساري سڱريون، پُسيءَ ڳاڙها گُل
    مٿان وسيون مينهن جون، بوندون مٽيءَ تُل
    ڪهڙا مٽي مُل، گهوري جان ملير تان
    ڪنڊي ٿر جو اهڙو ٻهڳڻ وڻ آهي جيڪو سڀني موسمي جھٽڪن ۽ مُشڪلاتن باوجود پاڻ بچائي، ٿر پٽ ۾ ڪر کڻي بيٺل نظر اچي ٿو. ڪنڊيءَ ۽ ڪاري نانگ جي عمر تمام وڏي ٿئي ٿي. ڪنڊيءَ ۾ پهرين ٻُور لڱي ٿو ۽ اُڻهي ٻُور دوران جيڪڏهن وڻ کرڻ جو اُهڃاڻ ڏئي ٿو ته ڳرنڊو ٿي پون ٿا نه ته اهو ٻُور سنهين ڦرهي نما بناوتن ۾ تبديل ٿئي ٿو جن کي ”ٽويا“ چئبو آهي. ٽوين جي ڀاڄي بهترين ٿئي ٿي. سواد به سرس هوندو اٿس ته تندرستي لاءِ ٽڪ آهي ـ ٽويا وڏا ٿين ته اُنهن کي سڱريون چيو ويندو آهي. سڱريون ٿر ۾ بهترين ڏُٿ آهي. ڏُٿ کاڌي جو اهڙو قسم آهي جو اڪيلي رڇ طور کائي سگهجي ٿو ۽ غذائي ضرورتون پوريون ڪري ٿو. سڱريون ٻڪرين ۽ اُٺن جو به پسنديده کاڌو آهن ــ ماڻهو سڱريون سُڪائي به سُڪائي رکندا آهن جيئن ڪُمندائتو ڪم ڏي. سڱري پچي کوکي ۾ تبديل ٿئي ٿو ۽ کوکو کائڻ ۾ چهرو ٿئي ٿو جنهن کي ٻار ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. ”پُسي“ ڪرڙ جي وڻ جي گُل کي چئبو آهي. اُن جي گلابي رنگت وڏو سُرور بخشي ٿي . ڪرڙ جي وڻن مان به ڏُٿ ملي ٿو . اها پُسي پچي ڏونرا ٿئي ٿي جنهن کي ڀاڄي طور پچائي کاڌو ويندو آهي ته اُنهن جو سانڌاڻو به تيار ڪيو ويندو آهي. ڏونرا به کائڻ ۾ تمام گهڻو لذيذ ٿين ٿا ۽ پيٽ لاءِ اڪسير آهن ــ ڏونرا پچي پڪا ٿين ٿا جن کي ٻار توڙي وڏا شوق سان ميوي طور کائيندا آهن. ايئن ڪنڊيءَ جي سڱرين ۽ پُسيءَ جي پيازي گلن جي ڳاله ڪندي اياز اُنهن تان پوندڙ بوندن جي ڳالهه ڪندي اُنهن کي موتي سمجهي ٿو. اُنهي موسم ۾ ڪا هيڪڙ ٻيڪڙ برسات پوندي آهي ڇاڪاڻ ته اها برسات جي رُت ناهي. انهي منظرنگاري ءَ کان پوءِ هُو ملير تان جند گهورڻ جي آڇ ڪري ٿو.
    وچينءَ جو منظر بيان ڪندي هو ڍٽ جي علائقي ۾ ڌنارن جي ڪرت جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو ته ڪيئن مارو ڌڻُ ڪاهي نڪرن ٿا ۽ پوءِ سندن دعائن ۽ مال جي تانگهه کي ڏسندي سانوڻ به سندن ساٿ ڏئي ٿو؛
    وچينءِ ويلا ڍٽ تي، ڳيرا ڳاڳيءَ وڻ
    مارن ڦُوڪي بنسريون، ڪاهيا رڍن ڌڻ
    ساٺ ڪيا سانوڻ، وڄيون وريون اوچتو
    ڍٽ جو علائقو ٿر جي اُتر اوڀر ۾ آهي ۽ اياز وچينءَ جي ويلي جي ڳالهه ڪندي، ڳيرن کي ڳاڳيءَ تي ويٺل ڏيکاري ٿو. ڳاڳيءَ جو ٻوٽو آهي جيڪو سنهين لڪڻين نما ٽارين تي مشتمل ٿئي پر وڻ نه ــ ڳاڱيءَ ۾ ننڍڙا ننڍڙا خوبصورت ڳاکيا ٿين ٿا جن کي گانگهيٽا به چئبو آهي. ڳيرو امن جو پکي آهي جنهن کي ٿر ۾ ”هولو“ به چوندا آهن. ڌڻوند ماڻهو پنهنجي وندر خاطر بانسري وڃائيندا آهن جنهن جي تانن سان پنهنجي من کي وندرائيندا آهن ۽ بانسري جي پُرسوز آواز جي ڪري اُن کي ”ويراڳڻ“ به چيو ويندو آهي. بانسري ايئن ڇو ڪُوڪي ٿي ڇاڪاڻ ته اُها وڍيل آهي تڏهن وايون ڪري ٿي. تخيلق جو اهڙو درد هر تخليق جي سرجڻ کان اُپجڻ تائين اُن ۾ موجود آهي ــ تڏهن ته رومي هن ريت فرمايو آهي ؛
    بشنو از ني چون حڪايت مي ڪند
    وز جدائيها شڪايت مي ڪند
    انهي خيال جڏهن ڀٽائي جي من کي مهٽو ڏنو ته هن طرح چئي ڏنائين؛
    وڍيل ٿي وايون ڪري ڪُٺل ڪوڪاري،
    هِن پُڻ پنهنجا ساريا هوءَ هُنن لاءِ هنجون هاري
    سانجهي ٽاڻي جي ڳالهه ڪندي، شيخ اياز ولين جي سُڳند موٽڻ جو سنيهو ڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته ٿر جي واري کي ڳاڙهسري آڪاس، پنهنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي ۽ ڏاس اُڻندڙ، ڏيئا ٻاري رهيا آهن ــ ڌيئن جو اُهڃاڻ روشن مستقبل جو مهري آهي پر ڏاس اُڻڻ بدران ڪتبي آهي شاعر ٿر جي رهڻي ڪهڻي ۾ پيهي ويو آهي پر ڪنهن به ثقافت کي سمجهڻ لاءِ ڪي چند ڏهاڙا ڪافي ناهن تنهنڪري هو ڏاس کي ڪتڻ بجاءِ اُڻڻ جي ڳالهه ڪري ويٺو آهي ته ؛
    سانجهي ٽاڻي ڍٽ تي، ولين موٽيا واس
    رتو آ، هِن ريت کي، ڳاڙهسري آڪاس
    هُو جي اُڻن ڏاس، ٻارن پيا ڏيئڙا
    وچينءَ جي ويلي کانپوءِ سانجهي ويلا کي ساريندي شاعر رات جي بات ڪندي چُپ چُپات کي ٽوڙيندي، ڏهرن ۾ ڏيئن ٽمڪڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ اهڙي سمي کيس مارن جي سار ستائي ٿي؛
    ڪاريون ڪي راتڙيون، تارا ٿا ٽمڪن
    ڏهر سڄو ڏيئڙا، چونئرا ٿا چمڪن
    روئي رم جهم ڪن، اکيون سانگين سار ۾
    سموري مانڍاڻ ۾ شاعر کي انيڪ خطرا نظر اچن ٿا ڇاڪاڻ ته جنهن دور جي پس منظر ۾ هُن اهو سُر سرجيو آهي تنهن دور ۾ اونده انڌوڪار ڇانيل هئي. اهڙي انڌوڪار ۾ شاعر کي سٺ پُرهه اونهن کوهن مان نانگ نڪرندا نظر اچن ٿا ۽ هو پاڻ کي سُجاڳ رکڻ جو ساهس ساهيندي چئي ڏئي ٿو ته انهن نانگن سان گڏ ڪيئي پيئڻون نڪري اينديون آهن جيڪي سُتلن کي زهر ڦوڪي وينديون آهن؛
    ويڙهي ويڙهي جهپ، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي
    ٻاهر نڪتا رات جو، ساٺيڪن مان سپ
    اک نه لائج جهپ، اڳيان ايندءَ پيئڻون
    مارئيءَ جي سونهن کي هو ماضيءَ جي تناظر ۾ ڏسندي اهو چوي ٿو سينهوڙيءَ سان ڀڳل چوڙيون به اڏونءَ ۾ ڪريون پيون آهن. ڪالهه جي مارئي چانديءَ جهڙي اڇي انگ سان هتي هئي پر اڄ ان تي ڪوٽ جا ڪڙا آهن. مارئي جي سونهن جي ست جي ڪنهن کئونس ڪئي آهي.ڀڳل چوڙيون انهي ارهه زورائي جي نشاندهي ڪن ٿيون؛
    ڏس هي سينهون سنگ، ڀڳل چوڙيون اڏ ۾
    ڪالهه هئي هتي مارئي، ڪامڻ روپي رنگ،
    اڄ انهي جي انگ، ڪڙاآهن ڪوٽ جا
    ڪوٽ جا ڪڙامارئي جي ردعمل کي اجاري اڇو ٿا ڪن. نيئر سندس نينهن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو. مارئي جي ڀڳل گهڙي جا چٽ سندس مزاحمت جو اهڃاڻ آهن. مارئي جا مٽ سدائين مارو آهن اهي ڪڏهن به تبديل نه ٿيندا. عمر تي مارن سان اهڙي ڏاڍڪرڻ جي پٽ آهي ۽ عمر سدائين رسوائي جو مزو چکندو رهندو؛
    ڏس هي گهڙي چٽ، ڀڄي جو ڀورا ٿيو
    ڪالهه هئي هت مارئي، مارو جنهن جا مٽ
    توتي پائر پٽ، سُک نه سمهندين سومرا
    سومري جو سُک پائر جي بددعا ختم ڪري ڇڏيو آهي. پائرپارڪر سان لڳندڙ ٿرجو اهو ڀاڱو آهي جتي مارئي جو ڳوٺ هو.انهي علائقي جا رهواسي مالدار۽ حليم طبيعت رکندڙ آهن.پاڻي به ايترو گهڻو اونهو ڪانهي، ملير جو زمينون زرخيز آهي. انهي زرخيزيءَ جي ڪري، هر سائو سرسبز هنڌ ملير سڏجي ٿو.مارئي جي وڃڻ سان مارو لڏي هليا وڃن ٿا ته پائر سُڇو ٿي پوي ٿو. کوهن تي ڪو ڀوڻ جو ڀڻڪو نٿو ٻُڌجي. پائر جي ايئن سُڃي ٿيڻ جي ڪري هاڻي اتي نه مينهن پوي ٿو نه ئي وليون ۽ گاهه ٿين ٿا. پاڻيءَ جون ويريون سُڪي ويون آهن. مارئي ڪوٽ ڪڙن جي وچ ۾ اُڀ ڏانهن ٻانهون کڻي، ٻاڏائي رهي آهي؛
    اڄ نه ولين واس، اڄ نه مٽيءَ مينهڙا
    سُڪي ويئي ويري آهي اُڃ اداس
    تون ئي نانهه نراس، ڇا ٿي اورين اُڀ سان
    اهڙي ڏکين حالتن ۾ ماڻهو ڪيئن ٿا حياتي گهارين؟ ڪيئن پنهنجي ضرورتن کي پور و ٿا ڪن؟ ماڻهو هتان هتان ڪمائي ڪري گندي ۽ گراهه جو بندوبست ڪري ٿا وٺن، ماڳ به پنهنجو اٿن پر سندن ڀاڳ آزاديءَ سان نوازيل آهي. آزادي سڀڪجهه آهي. آزاديءَ کانسواءِ سڀ ڪجهه اڪارٿ آهي. انسان جي حقيقي اوسر ۽ واڌويجهه آزاديءَ جي ماحول ۾ ٿيندي آهي. انساني ذهن پنهنجي ارتقائي رخ ۾ اجهل نموني وڌنڌو آهي؛
    گندي ۽ گراهه، ماڳ به آهي ماڻهئين
    پوءِ به تن جو ساهه، آزاديءَ بن اوپرو
    مشڪلاتون زندگيءَ جو سينگار آهن جيڪي انسان کي زندگي جا پختا سبق سيکارينديون آهن. ڳوري پٿرهيٺ جيڪو گاهه اڀڙندو آهي ان کي ڪو غم گوندر نه هوندو آهي. ٿرجا ماڻهو اهڙي طرح اڏول آهن . ڪٺن زندگي کين گهڻو ڪجهه سيکاري ٿي. اهي پچي راس ٿي وڃن ٿا. سندن اندرجي اڇائي کين سندرروپ عطا ڪري ٿي.مارئي پنهنجي سرتين کي ساري ٿي ته اهي پيازي پولڪا پائي ڪيئن لوڏ سان هلن ٿيون. لوئڙياريون لمي لڏي ٽانگر جي ٽور هلن ٿيون. سندن مينڌيءَ رتا هٿڙا اهڙا خوبصورت ۽ ڳاڙها آهن جو انهن مان نور ٽمندو نظراچي ٿو. مرد ماڻهو به ايئن ٿا نظراچن جيئن ڪڪرن جي قطار هجي. ڇاڪاڻ جو سندن اڇا پٽڪا ايترو خوبصورت لڳن ٿا. سندن ڪهاڙين جا ڦر سج وانگر چمڪن ٿا جن ۾ ڳاڙها ڳن پيل آهن. اهي دولهه آهن ديس جا؛
    جئن هو ڪڪرن ڪر، پڳون تيئن پنوهارين
    ڳاڙها ڳن ڪهاڙيين، سج روپهراڦر
    اجهو مون اوڍر، دولهه منهنجي ديس جا
    سونهن جو ذڪر ڪندي شاعرٽولن جو ذڪر ڪري ٿو. ٿري عورت پنهنجي مال لاءِ ۽ ڏٿ طور ڀُرٽ چونڊين ٿيون ته سندن نٿون ۽ نموريون تارن وانگر ٽمڪن ٿيون. سندن ٻانهون ٻهه ٻهه ڪن ٿيون. اهڙي ڏونرن واري ڏٿ کي مارئي سڀڪجهه سمجهي ٿي. کيس ڪو ٻيو ملڪ اهڙو ساڻيهه نٿو لڳي؛
    تارن جيئن ٽمڪن، تن جون نٿ نموريون
    ڀُرٽ ڀريندي جهول ۾، ٻانهون ٻهه ٻهه ڪن
    جلوي جهڙپ جهپين، پرديسي پانڌيئڙا
    هي جو ڏونرن ڏيهه، مونکي مليو ڏاج ۾،
    اهڙو ڪو ساڻيهه، آئون نه ڀانيان ڀونءِ تي
    مارئي کي ان نئين انداز سان بيان ڪندي، اياز وحدت الوجوديت کي سنڌ جي وجود سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ هو ڪافي حد تائين ڪامياب ويو آهي. شيخ اياز جي سُر مارئي ۾ مارئي جو ملير سان سٻنڌ ۽ وچن نباه مثالي آهي جنهن جو مٽ دنيا ۾ ناهي. ڀٽائي به مارئي کي حب الوطني ۽ ويڙهيچن سان وچن جو عظيم اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو آهي. شيخ اياز مارئي جي ڪوٽ ڪڙن کي به بيان ڪري ٿو. جتي به وطن سان وچن هوندو آهي اتي ڪوٽ ڪڙن جي چوٽ جو چلامانو هوندو آهي. ڪوٽ ڪڙا ماڻهو جي اڏولتا کي لوڏي نه سگهندا آهن. مارئي ايئن پيرن تي بيهڻ ۽ هيڏانهن هوڏانهن نه ٿيڻ جو عظيم مثال آهي. هن سُر ۾ مارو ماڻهن جي اقتصادي سلامتي جو احوال به آهي ته مارو ماڻهو ڏٿ ڏونرن تي زندگي ڪاٽي به پاڻ کي گهڻي هيراڦيري کان محفوظ رکن ٿا. مارئي پيٽ تي پٽيون ٻڌي ٿي ته پر عمر جي دڙڪن دهمانن ۽ لالچن تي لڏي نٿي ڇاڪاڻ جو سندس ايمان مضبوط آهي. سڀني دنياوي سکن ۽ راحتن کي ٿُڏي هڪ ملير جي چونڊ ڪرڻ سندس اندر جي اجهل انسان جي اها ڪارائتي ڪيفيت آهي جيڪا موجوده دور ۾ به ايتري ئي اهميت رکي ٿي جيترو اڄ کان سوين سان اڳ هئي. اهڙي طرح ڏاڍ کي سامهون سڱ ڀرائي بيهڻ هرماڻهو ۽ قوم جي وس جي ڳالهه ناهي. اهڙي چونڊ يقينن مشڪلاتن ۾ وجهي ٿي پرانهي ۾ تاريخ جي سوڀ پوشيده آهي جيڪا کين ملڪان ملڪ مرڪائي ڇڏي ٿي. سڀني مشڪلاتن کي ريٽي مارئي روشن مستقبل جو سوهڻو ڏسي ٿي ۽ انهي سپني وسيلي هو ءَ پنهنجي مارن جي خوشحاليءَ کي يقيني سمجهي ٿي.خواب ئي آهن جيڪي دنياکي سرهائي ۽ سُک ڏين ٿا. جيڪي قومون خوشحاليءَ جا خواب ڏسن ٿيون ۽ انهن جي تعبيرلاءِ پاڻ پتوڙين ٿيون تن جي ڀاڳ ۾ سڀاڳ سنئون اچي ٿو.مارئي کي به شيخ اياز جي لفظن ۾ اهڙا سپنا آهن جيڪي مارن کي به خوشحال ڪندا ته ملير به مهڪي پوندو. جڏهن سڀئي سرها ٿيندا تڏهن مارئي به مرڪڻ جهڙي ٿيندي؛
    ماندي ٿي نه نيٺ، ايندا مينهن ملير تي،
    وڄون ورنديون اوچتو، لڳهه لهندا هيٺ
    ماروماکي ءَ ميٺ، ملندا توسان مارئي
    مارن جو ايئن ملڻ يقيني لڳي ٿو. جڏهن مارو ملندا ته سُک جو واءُ ورندو ۽ ڏکيا ڏينهن، ڏور ڀڄي ويندا. ڏهلاڏينهن ڏيهه تان ٽرندا ته مارن ۾ ۽ ملير ۾ هڪڙي سرهائيءَ جي لهر پيدا ٿيندي. اميد پسندي جي اهڙي ذڪر سان شيخ اياز سُرمارئي کي موجوده حالتن سان به ڳنڍي ڇڏيو آهي ته ماضيءَ جي هڪڙي داستان کي به نواڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.اهڙي اميد پسندي ئي انسان کي اڳتي رهنمائي بخشيندي رهي آهي؛
    مارو ڪک به موريا، جڏهن وٺا مينهن،
    هي جي ڏکيا ڏينهن رهي رهندا ڪينڪي

    ***


    شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪارونجهرجي ڪور

    ڪارونجهر ڌرتيءَ جي گولي جو هڪ نيارو ۽ موچارو مظهر آهي جنهن جي جڳاندر جهونيءَ عمر ڪيئي رڱ روپ ڏٺا آهن ۽ زماني جي ڦيرن گهيرن توڙي فطرت جي لاهين چاڙهين کي ڏٺو آهي. ڪارونجهر جي ڪور جي ڇڪ ۽ خوبصورتي ڏسڻ جي ڳالهه آهي.ان کي لفظن جي ڪڙين ۾ قيد ڪري ئي نٿو سگهجي تڏهن ته هڪ ٿري ڏوهي ۾ چيو ويو آهي ته ڪارونجهر جي ڪور مرندي دم تائين نه وسرندي. ڪارونجهر جا ساراروپ سروپ ايتراته سونهن ڀريا ۽ سوڀيا وان آهن جو جيڪو به ان کي هڪ ڀيرو ڏسي ٿو سو ساري عمر فطرت جي هن حسين نظاري کي وساري نٿو سگهي. اهو رڱ روپ جوڙڻهار هن جبل ۾ ايئن رکيو آهي جو هن جو سروپي ڏيک کي وسارڻ ناممڪن آهي. شيخ اياز ڪارونجهر جي قدامت ۽ عظمت کي بهترين لفظن جي ڀيٽا ڏني آهي. هو لکي ٿو؛“يارب! ڪارونجهر جي ڪور تي جڏهن مور ٽهوڪا ڪندوآهي، تڏهن هن کي سانوڻ جا بادل جواب ڏينداآهن. ڇا ڪائي معرفت جي چوٽي ان کان مٿي ٿي سگهي ٿي؟” ڪارونجهر جي ڪور کي شاعراڻي اک سان ڏسندڙ سيخ اياز ٿر بابت پنهنجي آتم ڪٿا، شاعري ۽ ڊائرين ۾ تمام ڳوڙهي نموني لکي ٿو. هو پنهنجو هڪڙو سمورو مجموعو ٿر بابت لکندي ان جو نالو “اڪن نيرا ڦليا” رکي ٿو ته ان بيت ۾ به ڪارونجهر جو ذڪر ڪري ٿو،
    اڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن
    سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر سان ڪڪريون
    اڪن جي نيرن ڦلن جي خوبصورتي ۽ ڪارونجهر تي ڪڪرين جي گسڻ جو منظر جنهن اک به ڏٺو هوندو سواءِ موت جي ٻي ڪاب ڌُر ان اک کان اهو ڏيک ڦرائي نٿي سگهي. ڪارونجهر جي قدامت ته اربين ورهيي آڳاٽي آهي. گرينائيٽ جو هي نهرو پٿرڪيترن ئي رنگن تي مشتمل آهي جنهن جا ويس ورن وڙوڙ جا آهن. ڪارونجهر جي ۾ رهندڙ مرحوم علي نواز کوسو جڏهن ڪارونجهر بابت ڳالهائيندو هو ته سندس اکين ۾ صدين جي چمڪ لي ايندي هئي جنهن مان ڪارونجهر کي محسوس ڪري سگهبو هو. 108 تاريخي اهميت جي ماڳن کي سمائي، سڏيونت سارنگا جي ڪٿا جو شاهد هي جبل، شيخ اياز کي ايترو ته موهت ٿو ڪري جو هو بلائن جي خوف خطرن باوجود هو هن مان پار ويندي چوي ٿو،
    ڪارونجهر ۾ ڪيتريون ڀاري بلائون
    اُنهن مان آئون، وڃان ٿو وترو
    ڪارونجهر ۾ ڪيئي لوڪ رهن ٿا جن جي مڻيا جي موڪ دنيا ۾ پرکنڊين پڌري رهي آهي.ڀرئي گاروڙي جي آکاڻيءَ واري هن ڏونگر ۾ جيني به رهنداهئا ته ريٻاڙي پڻ. جيني ته لڏي، ڪارونجهر کي سُڃو ڪري هليا ويا تڏهن ته سندن ڏهراننڌڻڪا پياآهن. ريٻاڙي اڃا به موجود آهن جن جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي وهڻي نياري ۽ نرالي آهي. ريٻاڙين جو ذڪر ڪندي شيخ اياز هن ريت چوي ٿو،
    ڪارونجهر جي اوٽ ۾، ميٿيءَ جي واڙي
    جنهن ۾ ريٻاڙي، گهلي پيئي گاگهرو
    شيخ اياز کي پونجي واد جا پاپ به نظر ۾ هئا ته ڪارونجهر جي معدني دولت تي ڪنهن جون ڪنهنجون نگاهون آهن. . گرينائيٽ جي ڪڍڻ لاءِ ٿيندڙ ڌ،اڪن ڪيئن هتان جي مور جهڙي پکيءَ سميت سموريءَ ماحوليات کي ڪيئن متاثر ڪيو. سونا چمچا وات ۾ کڻي ڄمندڙ نسل کي غريب تي ڪا ڪهل نه ايندي آهي. هو جڏهن پنهنجا عشرت ڪدا جوڙڻ لڳندو آهي ته ڪيئي غريباڻا اجها به اُجاڙي ڇڏيندو آهي. انهي ڪيفيت کي هن، هنن لفظن جو روپ ڏنو آهي،
    ڪارونجهر جي پٻ، جهور نه تن جون جهوپڙيون
    تن ۾ ڪائي رٻ، هو جي ڏويون ڪاٺ جون
    ڪارونجهر ۾ ڪيئي وڻ ٽڻ ٻوٽا آهن ته جانور پڻ. جن جي جنسار جي ڪهڙي ڪٿا ڪجي. ڪارونجهر ۾ ڪيئي پاڻيءَ نواڻ آهن جيڪي برسات جي پاڻي سان تار ٿي وينداآهن پر انهن چشمن ۾ ٻه نياڻ اهڙا آهن جيڪي ٻاروهي عني سڄو سال وهن پيا. ماڻهن جو سک آهي ته مال لاءِ راحت جو سامن پڻ. مالداري جي ان پهلوءَ تي اظهاريندي شيخ اياز لکي ٿو،
    ڪارونجهر جي پٻ، ڌڻ ڌراڙن جو،
    چِٽ انهي جهڙو، جيڏا ڪونهي جوءِ ۾
    ڪارونجهر تي جڏهن برسات پوي ٿي زمين ۾ ريج ججهو ٿي پوي ٿو پوءِ ته هن ڌرتي تي گاهن جي گلزاري ٿي پوي ٿي.وڻ ٽڻ اهڙا ويس وڳاپهرين ٿا جو سڀڪجهه جانب جو جمال محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. ڪونڀٽ جو وڻ جبل ۾ ججهو ٿئي ٿو ته روهيڙو وري ٿر جي جهنگ جو مور ملوڪ وڻ آهي.ان لقاءَ جي لوڏ کي شيخ اياز هن ريت چٽي ٿو،
    ڪارونجهر ٻيهر، ڪونڀٽ سڀ ساوا ڪيا
    روهيڙي گهر گهر، ڳاڙها ڪيا گلڙا
    ڪارنجهر جي وسعت ۽ عظمت کي نظر ۾ رکندي شيخ اياز ان کي علامتي طور تي سڄي ڌرتيءَ جي نمائندي طور پيش ڪري ٿو. سڄي ءَ ڌرتيءَ تي سک ۽ خوشحالي جي اچڻ کي به هو منفرد نموني پيش ڪري ٿو. کيس ڪارونجهر جي خوشحالي ءَ ۾ ئي دنيا جي خوشحالي نظر اچي ٿي. هتي آزاديءَ جي اها جنگ به لڳي آهي جنهن ۾ سوڍن ۽ سندن سينا جي سورمن گورن جي چئن ڇانوڻين، ..............حيدرآباد، ڪراچي، ڏيسا ۽ احمدآباد........... مان آيل ڪٽڪ سان جهيڙيو هو جنهن ۾ روپي گوهل جهڙا جونجهار سر ڏيئي سرها ٿياهئا. هتي خوارزم شاه به پنهنجا خطرناڪ اراداکڻي آيو هو ته، محمود بيگڙو به هتان گهمرو ڏيئي هليو ويو هو. انهن مڙني معرڪن ڪارونجهر جي وشالتا کي ويتر وشال بنائي ڇڏيو.اهوئي سبب آهي جوشيخ اياز ان پهلوءَ کي نظر ۾ رکندي هن ريت چوي ٿو،
    او شل آزادي اچي، چوڏهينءَ چنڊ جيان
    رهندي رات اڃان، ڪارونجهر تي ڪيترو
    ڪارونجهر تي رهندڙ رات جو جڏهن احساس ٿيندو آهي ته کوسي جهان خان جهڙا پوليس عملداربه انهي ڪاراڻ کي ڪٽڻ لاءِ مسڪين جهان خان جو روپ ڌاري وٺندا آهن ۽ ايئن ڪارونجهر جي ويجهو ڪاسٻي، سابوسڻ، آڌيگام، ڀوڏيسر، پيٿاپور، لاڪڙکڏيئي، سوتلائي، ساميءَ جي ويري جهڙن سوين ڳوٺن جا مسڪين ماڻهو پنهنجو پاڻ کي، سُک ڏانهن وڌندي محسوس ڪنداآهن. اهڙيون روشنيون، ڪارونجهر جي ڪور تي رهندڙ ڪيترن جونجهارن جاڳايون آهن جن جي جوت سان ڪجهه نه ڪجهه انونده گهٽي آهي. شيخ اياز انهن روشنين ۾ وڏي اميد رکندي هن ريت چئي وجهي ٿو،
    ڪارونجهر تي باهڙي، هوءَ ڪنهن دُکائي،
    آڌيءَ جو آئي، جنهن مان ڄاڻ ڄراٽ جيئن
    ڪارونجهر تي باهڙي، وساڻي ناهي
    ڪنهن ڄاتو آهي، ڪڏهن مچ مچي پوي
    ڪارونجهر جي اهڙي، با معنى مظهر کي جڏهن اياز جي اک ڏٺو ته يقينن ان جون ڪيئي معنائون نکري نروار ٿيون هونديون. ڪارونجهر ۾ موجود ندين جو به اياز ذڪر ڪيو آهي. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي ته هن گهمي ڦري ڏٺيون ۽ پنهنجي شعرن ۾ انهن جو ذڪر ڪيو. هونئن ته ڪارونجهر جيڪو هڪڙو ڏونگرنه آهي پر هڪڙو سلسلو آهي ڏهن ڏونگرين جو. ڪارونجهر ۾ گوڙڌري ڀٽياڻي سميت ٻيون به سورنهن کن نديون آهن جيڪي برسات ۾ ارڙاٽا ڪري وهي اُٿي هلنديون آهن. جن مان ڪن ڪن جي پاڻيءَ کي محفوظ ڪري سُڪارج ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا بند به ٻڌاوياآهن پر اڃا به تمام گهڻي ضرورت آهي انهي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ جي. ڪجلاسر، راڻاسر ۽ ڀوڏيسر جهڙا تلاءَ به هتي موجود آهن. ڪارونجهر۾ ڪيترا ئي لقاءَ آهن جي تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. شيخ اياز ڪارونجهر کي هڪڙي سرجڻهار جي اک سان ڏٺو ۽ ان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پلٽيو جيئن پلر جا پياڪ صدين تائين اهو سَسو پلر پيئندارهن ۽ ان مان معنى جا موتي ميڙيندارهن.

    *** 


    شيخ اياز جو لکيل ”نئون همرچو“

    لوڪ ورثواهڙي املهه سماجي لقاءُ آهي جنهن ۾ لوڪ جا سموراٿوڪ سمايل آهن. لوڪ ورثي ۾ جتي نثرجي ناماچاري آهي تتي نظم جا نياڻ به آهن جيڪي پيارجي پورهئي جي پلر جي پالوت سان سدائين تاررهن ٿا۽ انهي مان باذوق اڃاراپرپياليون پي پنهنجي اندرجي اڃ اجهائيندا رهن ٿا. نسل در نسل اهو سلسلو هلندڙ آهي. انساني ذهني اوک ڊوک جي اها منتقلي صدين کان هلندي اچي. لوڪ ادب جي منتقليءَ جو طوطريقو نج فطرتاڻو آهي جنهن وسيلي انهي ۾ سمايل املهه موتين جا واهڙ وهندا رهن ٿا. انهي سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪو تعطل اچي ٿو ته قوم جي ثقافتي زندگي ۾ اهو تعطل تواريخ جو حصو بنجي اهڙو خال ٿي اڀرندو جنهن کي ڪوبه ڀري نه سگهندو. لوڪ ادب جيئن ته مجلسي ادب آهي ۽ ڪچهرين يا زندگيءَ جي معمول مطابق هلندو رهي ٿو۽ عوام ۾ عام ٿيندو رهي ٿو. شادين مرادين ۾ جيڪي ڪچهريون ٿين ٿيون تن ۾ لوڪ ادب جا سموراورونڊياورڇياوينداآهن .انهن ميڙاڪن ۾ ٽي همعصر نسل ويٺل هونداآهن جن ۾ ٻه نسل سرگرمي ۾ سرگرم ٿي حصو وٺنداآهن ۽ ٽيون نسل وري خاموش ٻُڌنڌڙ جي صورت ۾ موجود هوندو آهي . اڳتي هلي انهن مان ڪو اتساهڪ فرد نروار ٿيندوآهي جيڪو انهي الک ثقافتي ورثي کي اڳتي وڌائيندو آهي. جهرجهنگ ۾ هلندڙ ڌنارچنگ وسيلي، بوڙينڊي وسيلي، ويراڳڻ وسيلي جڏهن من ورتيءَ جي مام کي سُرن سان سلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته سمورو جهر جهنگ ٻهڪي اٿي ٿو. انهي درد ڀري واڻيءَ کي جڏهن هرڪو ٻُڌي ٿو ته من ئي من ۾ انهي واڻي کي ورجائڻ ٿو لڳي. اهڙي طرح جڏهن مختلف لوڪ گيت ۽ ڳيچ ڳايا وڃن ٿا ته پنهنجي مخصوص اثر وارو تاثر ڇڏين ٿا ۽ اهڙي ريت اهو سلسلو هلندو رهي ٿو. عورتون، ٻار ۽ مرد ٽيئي ڌريون گڏجي هن سماجي ڪم ڪار کي اڳتي وڌائين ٿيون ۽ اهو سمورو ڪم اهڙو ته غيرمحسوس طريقي سان ٿئي ٿو جو ٿوري ٿوري تبديلي ايئن ايندي وڃي ٿي جو اها جڏهن نروار ٿئي ٿي ته اها اهڙي طرح الک محسوس ٿئي ٿي . ٿر جي لوڪ گيتن ۾ همرچو مشهور لوڪ گيت آهي جيڪو وسڪاري جي موسم ۾ مخلف سرگرمين دوران ڳايو وڃي ٿو جيئن ليڏاڻ يا گُڏ ڪڍڻ دوران ۽ گاه ڪانو گڏ ڪرڻ دوران.
    لوڪ ادب رٿا جي 17 هين ڪتاب “لوڪ گيت ” ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، محترم معمور يوسفاڻيءَ، رائچند هريجن ۽ سوڍي هريسنگهه کان مليل روايتن جي مدد سان همرچي جي اُپٽار ڪئي آهي . ڊاڪٽرڄيٺي لالواڻيءَ “ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت” ۾ به همرچو ڏنو آهي جنهن جو ماخذ به ڊاڪٽربلوچ جو مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب آهي. ڊاڪٽرلالواڻي جي لفظن ۾ “هيءُ گيت ڪُڙمين، هارين نارين جو آهي ۽ اڪثرلاباري وقت ڳائينداآهن. هيءُ گيت وسڪاري جو ماڻهو ٻنين ۾ ڪم ڪندا آهن، تڏهن گڏجي ڳائينداآهن.” همرچي ڳائڻ جي مقصد جي اُپٽار ڪندي ڊاڪٽرلالواڻي لکي ٿو،“ڪم جو تڪڙو اُڪلاءُ ڪرڻ ۽ ڪم کي جلدي نبيرڻ لاءِ هي رس ۽ مٺاس سان ڀرپور گيت ڳائبو آهي. هن گيت جي راڳ ۾ اهڙو جوش ايندو آهي، جو ڪم بلڪل تڪڙو ٿيندو آهي. ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ مطابق، “لفظ “همرچو” هن گيت جي وراڻيءَ ۾ گهڻو ڪم اچي ٿو جنهنڪري هي گيت پڻ انهي نالي سان ئي مشهور ٿيو. مختلف روايتن موجب اهو نالو “همراه اچو” لفظن جي گڏيل صورت آهي جو جهيل سان چوڻ ۽ وري وري چوڻ سبب صورت بدلائي “همرچو” جي تلفظ سان ڪم آيو.“ هن گيت جي اهڙي عوامي من موهنتا ڏسندي شيخ اياز پڻ ”نئون همرچو نالي لوڪ گيت لکيو. جنهن بابت پنهنجي ڪتاب ڪپر ٿو ڪُن ڪري جي 56 ۽ 57 صفحي تي هو پاڻ هن ريت لکي ٿو،””هڪ ڀيري اسان مٺيءَ کان ننگرپارڪرجيپ ۾ وڃي رهيا هئاسين. لونڍار نالي ڳوٺ ۾ هڪ چاءِ جو هوٽل هو، جتي اسان جيپ روڪي اوچتو پرين سُريلو آواز آيو، جو منهنجي ڇاتي ۾ ڇري وانگروانگر پيهي ويو. مون ڪنائي ڏٺو ته ٻه ٽي فرلانگ پري ڪي هاري کيت ۾ ڳائي رهيا هئا. اسان کيڙيءَ مان پنڌ ڪري، ان کيت وٽ پهتاسين. ان وقت آڪاس آگميل هو ۽ اتر اوڀر ۾ ٻڪرال ٻهڪا ٿي ڪيا. کيت ۾ ڪجهه ڀيل ۽ ٺڪر گُڏ ڪري رهيا هئا. وڄ جي چمڪاٽن سان هنن جي ڪنن ۾ پيل گوکرو ۽ مُرڪيون چمڪي رهيون هيون ۽ هو هڪ عجيب سُر ۾ ڳائي رهيا هئا......
    آڙنگيو آڀي مان
    اونڏو گجي ٿو گاجڙلو
    همرچي جو ويلو
    ٿڌي مند جو وائرو لڳو.....
    جنهن وقت هنن همرچي جو ويلو لفظ ٿي چيا تنهن وقت لونءَ لونءَ مان صدين جا سيسراٽ ٿي اُڀري ويا. اهو همرچو ٻُڌي ڪهڙو ڪافر چوي ها ته سنڌ جي منفرد ثقافت کي اهميت نه آهي!
    اڄ مون هڪ لوڪ گيت نئون همرچو لکيو آهي.“
    شيخ اياز جي لکيل همرچي تي به پراڻي همرچي جوئي اثر آهي. هي همرچو هن ريت شروع ٿئي ٿو:
    گرجي گرجي گاجڙلو، لا......
    همرچي جو ويلو ڙي !
    برسي برسي مينهڙلو،لا...
    همرچي جو ويلو ڙي !
    گوڙجي هجگوڙ کانپوءِ مينهن اچي ٿو ۽ انهي مينهن ۾ هو همرچو اچاريندي ان کي همرچي جو ويلو سڏي ٿو. اهڙي ماحول جي منظر ڪشي به ڪري ٿو هيل گهٽا گنگهور آهي جنهن جي ڪري سانوڻ به زوران زور آهي. رات سموري رم رم جهم مينهڙلو وٺو آهي ته پرڀات جو به لهڻ زور آهي ۽ گهنن گهنن گرجي رهيو آهي. اهڙي سمي همرچي جو ويلو آهي.
    هيل گهٽا گنگهور الالا!
    سانوڻ زوران زور الا لا!
    همرچي جو ويلو ڙي !
    رم جهم رم جهم رات الا لا!
    گهنن گهنن پرڀات الالا!
    همرچي جو ويلو ڙي !
    آسمان ۾ آگم آهي. ڪڪرن جون قطارون آهن. واءُ کي وڄن ونگي ڇڏيو آهي. اهڙو ماحول پاڻي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ٿو ڇڏي . اهڙو آگم تراين کي توڙي ٽوڀن کي تارڪري ڀري ٿو ڇڏي. ترائي ۽ ٽوڀو پلرپاڻي گڏ ٿيڻ جا قدرتي هنڌ آهن. جتي برسات جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو.
    آڀي ۾ آڙنگيو ڙي لا!
    واءُ وڄن سان ونگيو ڙي لا!
    همرچي جو ويلو ڙي !
    تل ترايون تار ٿيو لا!
    ٽوڀڙلا ٽمٽار ٿيو لا!
    همرچي جو ويلو ڙي !
    جڏهن تل ترايون تار ٿي پوندا ته پوءِ اهڙو خوبصورت ماحول جُڙندو جنهن جي جمالياتي جهلڪ انسان جي اندر ۾ موجود تخليقي سگهه کي اڀاريندي ۽ هو پوءِ ڪيئي ڳاڄ ڳائڻ لڳندو .وسڪاري جي موسم ۾ ڪارونجهر جي ڪور تي مور جو ٽهوڪڻ سموري ڏونگر کي ڏيئا ڏيئا ڪري ٿو ڇڏي.مور جو جهينگور سان ٻولڻ به هن مند جي مانڊاڻ جو حصو آهي.مينهن لاءِ تاڙو به ٻولي ٿو ۽ تاڙي جي اها تنوارشاعر جي اندر ۾ پرين جي سڪ ۽ اڪنڊ کي وڌائي ٿي ۽ سندس لاڙو اوڏانهن ٿي پوي ٿو.
    برساري ۾ مورالالا!
    ڪارونجهر جي ڪورالالا!
    همرچي جو ويلو ڙي !
    تڙتڙٻولي تاڙيو ڙي لا!
    ڏورپرينءَ ڏي لاڙيو ڙي لا!
    همرچي جو ويلو ڙي !
    سونهن ۽ سندرتاوارو ماحول انهي اندر جي پيڙا کي اتپن ڪري ٿو جيڪا پرين جي ڏور هجڻ جي ڪري پيدا ٿي آهي. ڏوٿي ڏٺي ڏينهن ٿي وياآهن. تنهنڪري سندن سڪ ۽ تانگهه وڌيل آهي. هيل جيڪي مينهن پيا آهن سي ملڻ جا موهري آهن يعني انهن سان پرين جيڪي پرديس آهن سي محبوب ملندا.
    ڀرجي آئي آ پيڙا لا!
    ڏوراسان جا ڏيسيئڙا لا!
    همرچي جو ويلو ڙي !
    ڏوٿي ڏيکي ڏينهن ٿيا!
    هيل ملڻ جا مينهن پيا لا!
    همرچي جو ويلو ڙي !
    همرچي جو ويلوڙي لا!
    ماروئڙن جو ميلو ڙي لا!
    همرچي جو ويلو ڙي !
    ٿري همرچي متاثر ٿي شيخ اياز پاران سرجيل هي نئون همرچو انتهائي ڀلوڙ تجربو آهي جيڪو پنهنجي پر ۾ انوکو خيال آهي. ٿري همرچو گڏيل سرگرمي جو گيت آهي جنهن کي پورهيتن جو ترانو چئي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته انهي کي لاسيا لون ڪانڊاريندڙ انداز ۾ ڳائن ٿا ته صدين جي پيڙااُڀري اچي ٿي. جڳن جا ڏک سورهن گيت جي سورن مان اٻڙڪا ڏيئي نڪرڻ لڳن ٿا. ان سان گڏوگڏ ايندڙ وقت جو اونو به هن گيت مان نروار ٿيندو نظرايندو آهي.
    • همرچي جي ڪڍيل معنائن ۽ گيت جي آهنگ کي ڏسي اها راءِ جُڙي ٿي ته همرچو لفظ ”همه يعني سڀ“ ۽ ”رچڻ يعني ملي هڪ ٿي وڃڻ “ جي ڳنڍجڻ سان ٺهيل آهي، يعني هن سرگرميءَ لاءِ گڏجي هڪ ٿي وڃو جيئن ڪم به جلدي نبري پوي ۽ ڪم جو بار به هلڪو محسوس ٿئي. ”همراه اچو “ واري ڳالهه ۾ ڪو خاص وزن ناهي.
    • شيخ اياز هن گيت ۾ منظر به چٽيا آهن ته ٿري لفظ به استعمال ڪياآهن. ڪارونجهر جي ڪور تي مور جي ٻولڻ جو منظرشيخ اياز کي سدائين متاثر ڪندو رهيو آهي. آڀو، آڙنگ، تاڙو، ڏيسي، ڏوٿي، برسڻ وغيره لفظ هن انتهائي خبرداريءَ سان استعمال ڪيا آهن.
    • شيخ اياز هن گيت کي فطرت جي منظرن، پرينءِ جي اڪنڊ ۽ اڪير، ڏولائي جي ڏينهن ۽ ان کان پوءِ ملڻ جي مينهن جي ڳالهه بيان ڪندي خوب نباهيو آهي ۽ هن قديم الک ثقافتي ورثي کي جديد دورجي خيال جي کُڻ مان کنوائڻ جي ڀلوڙ ڪوشش ڪئي آهي
    • شيخ اياز وانگر اسان جا ٻيا شاعر به هن ريت قديم الک ثقافتي ورثي کي جديد ويس پارائي، موجوده دور جي پيڙا ئن کي پڌرو ڪندا ته سندن شاعريءَ کي وستي واهڻ ۽ ڳوٺن ۾ هرهنڌ مانائتي موٽ ۽ مڃتا ملندي.


    شيخ اياز جي شاعريءَ جي ڪتابن تي محمد ابراهيم جويي پاران لکيل مهاڳن جو مطالعو

    آباد جي ڳوٺ ۾ محترم محمد خان جويي جي گهر ۾ 13 آگسٽ 1915 ع تي جنم وٺندڙ ٻارڙي لاءِ ان وقت جي ڳوٺاڻن شايد اهو سوچيو به نه هجي ته ڪو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ابراهيم اڳتي هلي محمد ابراهيم جويي جي نالي سان ملڪان ملڪ مشهور ٿيندو ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخ ۾ جيئري ئي جٽادار ڇاپ ڇڏيندو. ننڍڙو ابراهيم آباد مان ابتدائي تعليم پرائي ڀر واريءَ بستي تيرٿ لڪي جي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهو تيرٿ لڪي جيڪو اڳتي هلي زماني جي ڦيرگهير جي هوائن سان لڪي شاه صدر بڻجي ويويا رام باغ آرام باغ ٿي ويو. لڪيءَ مان پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ، هن سنڌ مدرسي مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي ۽ سنڌ جي پهرين ڪاليج ”ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج“ مان گريجويشن جي سند ماڻيائين.تنهنکانپوءِ هو بمبئي ويوجتان هن تعليم ۾ گريجويشن ڪئي. موم ٻائيءَ جي شهر مٿس تمام گهري ڇاپ ڇڏي ۽ هو ايم اين راءِ جهڙن نام ڪٺن اڳواڻن سان مليو، جن جي صحبت مٿس تمام اڻ مِٽ اثر ڇڏيو. ان کانسواءِ، محمد ابراهيم جويي سائين جي ايم سيد کي به پنهنجي مربي۽ رهنما ڪوٺيو آهي. هُن دنيا جي نامور ليکڪن جهڙوڪ؛ روسو، پلوٽارج، اسٽيفن زويگ، برٽالٽ بريخت، والٽيئر، فرانسس بيڪن، پائلو فراري، لارڊ بائرن، ٽي ايس ايليٽ، البرٽ ڪامو، جي ليکن کي سنڌي ويس ڍڪائي، سنڌي پڙهندڙن کي علم جا املهه ماڻڪ آڇيا.سياستدانن جي صحبت کيس سياست جي گهٽ ڏانهن به وٺي ويئي، سياست جو گهاٽ جيڪو ان وقت عشق عبادت ۽ خدمت جو منبع هوندو هو ۽ ڪهڙي ڳالهه ڪجي ان ميدان جي جيڪو پيٽ پوڄا ۽ پاپ جو آکاڙو ٿي چُڪو آهي.
    محمد ابراهيم جويي مختلف سرڪاري نوڪريون به ڪيون جن دوران به هن قلم جي ڪرت جاري رکي. موٽ ۾ کيس اُهنج ايذاءَ به مليا ته پيرسنيءَ ۾ مڃتا ۽ ساراه ملي. انهن ترجمن کانسواءِ، هن ٻيون به انيڪ لکيتون سرڄيون جن کي تمام گهڻو پڙهيو ويو ۽ واکاڻيو ويو.سندس خيال جي چٽائي،روشني ۽ اُڏام انگريزيءَ ۾ لکيل سندس ڪتاب ” سيو سنڌ، سيو دَ ڪنٽينيٽ فرام فيوڊل لارڊس، ڪيپيٽلسٽس اينڊ ديئر ڪميونلزمس“ ۾ پڌري پٽ پسي سگهجي ٿي. انهي ڪتاب کي هاڻي صرف ” سيو سنڌ، سيو ڪانٽيننٽ “ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهي ڪتاب جي عنوان مان ئي “سورن هنئي سنڌ” جي دکن دردن جي ڪهاڻي جهلڪندي نظر اچي ٿي. انهي ڪتاب ۾ سنڌ کي جن بلائن کان بچائڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي، اهي بلائون نه رڳو اڄ به موجود آهن پر پنهنجو وياءُ به وڌائي چُڪيون آهن ۽ سنڌي سماج جو رت ست چوسي، ان جي ترقيءَ جي راه ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بنيل آهن.
    اهڙيءَ طرح محمد ابراهيم جويي ٻيا به انيڪ ليک لکيا جن ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکيل سندس مهاڳ جديد سنڌ جو تصور پيش ڪن ٿا ۽ انهن لکيتن جديد سنڌ جي ذهني تشڪيل ۾ پنهنجو ڪردار نباهيو آهي. انهن مهاڳن ۾ فاضل ليکڪ جي نظر ۾ جديد سنڌ جو نيارو تصور آهي، اها سنڌ جيڪا چارلس نيپيئر پاران مقرر ڪري ڏنل سنڌ کان وسيع آهي. هُن سنڌ جي ڏُکن ڏولائن جي ڳالهه ڪندي، خوشحاليءَ ڏانهن وڌڻ جو سڏ ڏنو آهي. هن شيخ اياز جي شاعريءَ جي “فاعلاتن فاعلات” جي ڪتابي قئنچيءَ سان ڪاٽ ڪوٽ ڪرڻ بدران، شاعريءَ ۾ موجود پيغام کي بحث ۾ آندو آهي يا وري ٻوليءَ جهڙي اهم عنصر تي لکيو آهي. هو لکي ٿو،“اياز جي شعر جي فني تجزيئي کان مون هميشه پاڻ کي مجبور پئي سمجهيو آهي ۽ شايد هيءُ ڪم سواءِ خود اياز جي ٻئي ڪنهن نقاد کان پوريءَ طرح نه به ٿي سگهي. خاص طرح اياز جا نظم انهي لحاظ کان مون کي ڏاڍا انوکا پئي معلوم ٿيا آهن. انهن نظمن جو ڪو مُروج روپ نه آهي ۽ ايئن لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي رنگ ڪئنواس تي هاري برش جي زوردار جهٽڪن سان، گهڙيءَ ۾ عجيب غريب نقش ٺاهي ورتا هجن (403...1ڪي جو ٻيجل ٻوليو)
    محمد ابراهيم جويي جو قلم شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سنڌ پرستي ۽ انقلابيت کي نروار ڪندو رهيو آهي ۽ هو شيخ اياز کي “ نئين سنڌ جو نئون آواز” ۽ “شيخ اياز سنڌ جو آواز” ڪوٺيندي، سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي پاڻ ڀرائپ ۽ بحاليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ رجعت پرست استحصالي قوتن جو علاج تجويز ڪندي لکي ٿو،“ سندن علاج اهوئي آهي ته سنڌ جا انقلابي محب وطن پنهنجي وطن پرستيءَ جي جذبي کي جيئن پوءِ تيئن وڌائين ۽ تيز کان تيز ڪن”.(ڪي جو ٻيجل ٻوليو 384...1) اهڙي طرح کيس اياز جي شاعريءَ ۾ وطن دوستيءَ ڏانهن وڌڻ جو سڏ نظر ٿو اچي ۽ هو ان سڏ کي ورنائڻ لاءِ تاڪيد ڪري ٿو. حب الوطنيءَ ۾ گهور ٿيڻ ۽ جوش جذبي سان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي محمد ابراهيم جويو لکي ٿو، “اياز جي شعر ۾ به وطن تان سرگهورڻ وارن لاءِ پنهنجي اعلى جذبي ۽ مقدس عمل کي وڌائڻ ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو سڏ موجودآهي.” (384...1) انهن مهاڳن جو تفصيل هن ريت آهي،
    1. جل جل مشعل جل (2.5.1967)
    2. هي گيت اڃايل مورن جا (19.2.1968)
    3. ڪي جو ٻيجل ٻوليو (21.7.1970)
    4. وڄون وسڻ آئيون (15.8.1973)
    5. راج گهاٽ تي چنڊ (20.11.1987)
    6. بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي (12.5.1988)
    انهن مڙني مهاڳن ۾ سنڌ جي حالتن جو جائزو ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي اجمالي احوال کي چٽيو ويو آهي ۽ ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته سنڌ جي ليکڪن، شاعرن ۽ دانشورن کي ڪا راه ۽ رهنمائي ملي، جيئن هو پنهنجي ڪيرت کي اڳتي وڌائي. محمد ابراهيم جويي جهڙا دانشمند دانشور قومن لاءِ وڏي وٿ هوندا آهن. سندس لکيتن ۾ ون يونٽ جو لڳڻ ۽ ٽُٽڻ، ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جهڙا موضوع بحث هيٺ رهيا آهن. هو وطن کان انڪار جي فلسفي کي مظلوم قومن لاءِ هرحالت ۾ ذلت ۽ تباهيءَ جو فلسفو ڪوٺي ٿو. (384....1 ڪي جو ٻيجل ٻوليو) انهن لکڻين ۾“ نڪ ۾ پئل غلاميءَ جي ناڪيلي” کان نفرت جو اظهارڪري ٿو ۽ استحصالي طبقن پاران وڇايل ڄار...... جنهن ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي اڪثريت ڦاٿل هوندي آهي....... جو سبب هن ريت ٻُڌائي ٿو،“ڪوبه سندن فرعوني طاقت ۽ قاروني دولت جي قلعي تي هلان ته ڇا، پران ڏانهن اک کڻي به نه ڏسي”.(386...1 ڪي جو ٻيجل ٻوليو) اهي سڀئي سُڳڻيون ۽ سون سريکيون صلاحون ڏيندي، شاعريءَ ۽ ادب جي فڪري بنيادن تي پڻ قلم کڻي ٿو ته تخليق جو جوهر ڪهڙن جزن سان جُڙي راس ٿئي ٿو؟ڪهڙيون ڌارائون ادب جي عمارت اڏڻ ۾ پنهنجو ڪردار نباهين ٿيون. شعور جي ڌارا ۽ جذبي جي ڌارا جو تخليق ۾ ڪهڙو ڪارج آهي؟ هو لکي ٿو،” شعور جي ڌارا وانگر ادب ۽ فن جي ڪاوش ۾ جڏهن اهي ٻه ڌارائون گڏجن ٿيون، يعني جڏهن شعور جي ڌارا کي جذبي جي ڌارا.......اُمنگ،اُتساهه، عشق جي ڌارا..... ميسر اچي ٿي (جنهن کي ٽي ايس ايليٽ “اندر جي ڌُن” ۽ اسان جي لطيف “اندر جي آڳ” چيو آهي) ۽ پوءِ جيتر اهي ٻئي ڌارائون ڪنهن اديب ۽ شاعرسان شامل حال هجن ٿيون تيتر تخليق وجود ۾ اچي ٿي، اُها پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن خاص ڪوشش يا الڳ رٿا جي محتاج نٿي رهي”.
    شيخ اياز خود ، محمد ابراهيم جويي بابت انهي راءِ جو آهي ته هو سنڌ جي شعور جو نقيب آهي جنهن پنهنجي تحريرن سان ڪيترن ذهنن کي متاثر ڪيو آهي. سندس تحريرون سنڌ جي شعور ۾ اهميت رکن ٿيون. شيخ اياز لکي ٿو،“ابراهيم جو نئين سنڌ جي شعور ۾ ڪافي هٿ رهيو آهي. پاڻ کان مٿي اُڀري ڪنهن کي ڏسڻ وڏي ڳالهه آهي”.(ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مُسافر 63)
    شيخ اياز جي شاعري جيڪا ڪنهن زماني ۾ بنڀٽ بڻجي ڀڙڪي هئي ۽ هرڪنهن جي وات تي سندس بيت ۽ وايون هوندا هئا. سڀني روڪن رنڊڪن کان بالاتر ٿي شيخ اياز شاعري ڪندو رهيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي حدن کي لاحد جي ميدان ۾ موکيندو رهيو.
    “اياز پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائي جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي ان کان مٿي اڀري ٿو ” (4-38) سندس تخليقي ڪيفيتن کي متحرڪ ۽ ڦرندڙ گهرندڙ سڏجي ٿو ۽ شعر جي نغمگي ۽ دلبرانه انداز کي واکاڻيندي شيخ اياز جي شاعري ۾ ڪم آيل ننڍڙن ۽ نزاڪت ڀرين وزنن ۽ بحرن توڙي هوا کان هلڪن رديفن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ سندس انوکي ڏات جي فڪري پهلوئن کي وڌيڪ نروار ڪري ٿو ۽ ڪٿي لينن جو حوالو ڏيندي اياز جي هر گيت کي پروپئگنڊا ڪندڙ سڏي ٿو پر اڳتي هلي ان کي پهرين فن سڏي ٿو پوءِ پروپئگنڊا، انهي گڻ کي هو اياز جي ڪلام جي گهرائي ۽ گيرائي جو سبب سڏي ٿو.
    شيخ اياز جي شاعري تي لکندي محمد ابراهيم جويو سنڌ جي شعور سان گڏو گڏ جنهن ٻي اهم ڳالهه جي اوک ڊوک ڪري ٿو اها آهي سنڌي ٻولي ۽ شيخ اياز سنڌي ٻولي کي جئين پنهنجي شاعري وسيلي سيراب ڪيو آهي ۽ اتان جي سموري سماج جي شين کي شاعري جو موضوع بنائيندي عوامي روپ ڏنو آهي تنهن سنڌي ٻولي کي سگهارو بنايو آهي، هو لکي ٿو، “اياز پنهنجي ٻولي کي ڪتابي ٻولي مان ڪڍي ۽ عوامي ٻولي سان مالامال ڪري ان کي ايڏي وسعت ۽ تازگي ڏني آهي جو سنڌي شاعري سمورا ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي ۽ ان مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيا هاڻي کٽڻائي ناهن ۽ ان جي فڪر ۽ جذبي جي اجهل پالوٽ هاڻي بيهڻي ئي ناهي ” (1-40)
    ائين هُن پاڻ به انهن مهاڳن ۾ انتهائي سلوڻي ۽ شاهوڪار ٻولي ڪم آندي آهي ۽ لِکَ، جيتر، تيتر، مَرڪڻ آجھاپو، ڏڻ، ناڪيلي ۽ آڏ جهڙارسيلا لفظ ڪم آندا آهن جيڪي سندس ٻولي جي پختي شعور جي نشاندهي ڪن ٿا. اهڙي ريت محمد ابراهيم جويي پارا ن لکيل مهاڳ شيخ اياز جي فن ۽ فڪرڪڇ ويئٽ ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌي شعور کي به سيراب ڪن ٿا ۽ سندس خيالن جي اهميت اڄ به اوتري ئي آهي جيتري ليک لکڻ مهل هئي. سيو سنڌ سيو ڪنٽينينٽ اڄ به منڊيءَ تي ٽڪ محسوس ٿو ٿئي. سنڌ ۾ لکين ماڻهو اڄ به استحصالي قپتن جي پنجوڙن ۽ پيڪڙن ۾ پابند آهن۽ اُنهن اسحالي قوتن هاڻي ت هاڻي ته بازار جي قوتن ۾ ۽ مذهب جي ٺيڪيدارن سان گٺ جوڙ ڪري ورتي آهي سنڌ جي حقيقي ترقي جي راه ۾ اڄ به اهي ڌريون وڏي رنڊڪ آهن جيتوڻيڪ هاڻي سنڌ جو نوجوان ڪافي اڳتي نڪري رهيو آهي ۽ پنهجا رستا پاڻ ٺاهي روشن مستقبل ڏانهن روان روان آهي پر پوءِ به انيڪ اٻوجهه غربت جي تحت الثرى سان گڏو گڏ انهي ذهني غلامي ۾ قابو آهن جنهن کي ٽوڙڻ ۽ ان مان اڳتي نڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
    ٻيو اهم نڪتو جيڪو اُن تحريرن جو مکيه نڪتو آهي سو آهي ٻولي ۽ ٻولي يقينا ڪنهن به قوم جي اهم ثقافتي اُهڃاڻ آهي، جنهن وسيلي اُها دنيا ۾ پهنجي وجود کي برقرا رکي ٿي ۽ سنڌي ٻولي جي سگھارپ ۽ ترويج لاءِ هن وقت به شعوري ڪوشش ۽ ڪاوش جي ضرورت آهي. محمد ابراهيم جويي جي لفظن ۾ “ قومون جڏهن پاڻ کي سُڃاڻڻ ۽ سمجھڻ چاهينديون آهن تڏهن پهريائين ٻولي کي سڃاڻنديون ۽ سمجهنديون آهن ڇو ته ٻولي ئي سندن سڃاڻپ جي اصل نشاني ٿئي ٿي”.
    وڄون وسڻ آئيون .... 1---586
    ائين هو عوام کي اياز جو ٻڌندڙ ڪو ٺيندي، سندس شاعري کي سنڌي ٻولي جو ڪرشمو سڏي ٿو.۽ ٻولين جا ڪرشما جُڳن کانپوء ظاهر ٿيڻ جو ذڪر ڪري ٿو. تنهڪري اهڙين مڙني لکتن جي موجوده وقت ۾ به ا‘هائيءَ اهميت ۽ ضرورت آهي جيڪا اڄ کان اڌ صدي اڳ هئي. هِن وقت ميڊيا جو دور آهي جيڪي قومون جيترو ميڊيا تي تُز ۽ تحقيق سان هونديون اوترو سندن مُنهن مرڪندو رهندو نه ته اهڙو وقت به اچي ويندو آهي قومن تي جنهن ۾ اُنهن جون ٻوليون ۽ ثقافتون وقت جون واڳون ڳهي ويندو آهي .محمد ابراهيم جويي پاران لکيل انهن املهه مهاڳن ۾ پيش ڪيل خيال روشن مستقبل جي سُرنگ ۾ نظر ايندڙ روشني آهن. ڌڻي در دُعا آهي ته ٿر تان ڏڪار جي ڏرت ٽري سنڌ سرهي ٿئي سکي ستابي ٿئي ۽ سارو عالم شاد آباد ٿئي شيخ اياز جي لفظن ۾....
    ڏٺو ڏيهه آ ڏرت ڏاڍو ڏڪار
    ڪرين ماڙ ڪا ئي ته موذي مرن
    ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي
    ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مُرجهائجن
    وسي پٽ تنهنجي ڀلارا سدا
    ڀلي ديس پرديس سارا وسن.

    ***


    شيخ اياز جو راڳي، صادق فقير

    صادق فقير جو منهن موڙڻ هن تکي ۽ ڏکيءَ رُت ۾ جيئن سڀني تي ڪڙڪيو آهي تيئن شال ڪنهن سان به ههڙو ڪِيس نه ٿئي . صادق فقير جي سُرن جون صدائون، ٽهڪن جا ٽهوڪا هر سماعت ۾ سُري ۽ ٻُري رهيا آهن. هُن ايتري چپٽي ڀري هئي جا پوکي، ڏورانهين ڏيهه روانو ٿي ويو جتان ڪو موٽيو ئي ناهي يا ڪا سُڌ سار ۽ سماچار آيو ئي ناهي. صادق فقيرپنهنجو وارو وڄائي، ايترا موتي اڻ ميا ۽ سون سريکيون ساروڻيون ڇڏي ويو آهي جو جُڳن تائين جڳ ۾ سندس نالو ۽ ناماچار هلندو رهندو ۽ سندس هر جهلڪ هنيين ۾ ڀڳي هڏ جيان هُرندي رهندي. سندس زندگيءَ تي سرسري نظر وجهبي ته سندس جنم 20 مارڇ 1964 تي فقير فيض محمد گُڻسار ( مڱڻهارن جي هڪ نُک .... گڻ معنى خوبي يا خاصيت ۽ سارڻ معنى ڳڻڻ يعني ڳڻن جي ڳڻپ ڪندڙ ) جي گهر ڏيپيي ميگهواڙ جي جوڙايل شهر ڏيپلي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڏيپلي ۽ مٺيءَ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ جو امتحان 1981ع ۾ پنهنجي ناناڻڪي شهر ميرواه گورچاڻي مان پاس ڪيائين.سندس مامو حاجي الهڏنو هڪ تجريبيگار ۽ وچن نباه ڪندڙ سياسي ڪارڪن ۽ شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽي جو شيدائي هو. 1982ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران اُستادن جي همٿائڻ تي ” ٻُڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو، آهي بيوفا سارو زمانو “ ڳائي سُر جي سفر جي شروعات ڪئي. 1983ع ۾ سندس والد جو انتقال ٿيو ۽ هو خاندان جي وڏي طور ننڍيءَ عمر ۾ وڏي وزن هيٺ اچي ويو، تنهنڪري هن خانگي نوڪري به ڪئي ته ڪاروبار کولڻ جي ڪوشش به ڪئي پر صادق جي طبيعت انهن خفن کان پري هئي سو کيس راس نه آيا. انهي ڪشمڪش دوران هن 1986 ۾ مٺي ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو. انهن ڏينهن ۾ مٺيءَ ۾ هڪڙو بهترين اسٽيج ڊرامو ” آس نراس“ ٿيو هو جنهن ۾ مٺي جي هڪ ڀلوڙ پر گمنام شاعر ”امولک امر“ جا ٻول ” موهن منهنجا رُسڻ ڇڏي ڏي“ جڏهن صادق فقير جي صدائن ۾ گونجيا ته هر اک آلي ٿي پيئي هئي. 1986ع ۾ صادق فقير ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ” پايل موري رم جهم ۽ رومال مارو رنگيو“ گيت ڳائي ريڊئي جي دنيا ۾ پير پاتو. 1988ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي متعارف ٿيو . انهي سال لوڪ ورثي وارن جي ڪوٺ تي اسلام آباد فن جو مظاهرو ڪرڻ ويو. 1989ع ۾ هو تعليم کاتي ۾ فزيڪل ايڊيو ڪيشن ٽيچر طور داخل ٿيو . سندس پهرين مقري فضل بنڀري اسڪول ۾ ٿي.2002 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فزيڪل ايڊيوڪيشن ۾ گريجويشن ڪيائين . عمري تي وڃڻ کان ڪجهه وقت اڳ ئي هو ٿرپارڪر ۾ ڊائريڪٽر فزيڪل ٽريننگ طور مقرر ٿيو. ان کانسواءِ هن 1993ع ۾ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس پڻ ڪئي. 1992 ع ۾ اسلام ڪوٽ جي تعليم يافته گهراڻي جي استاد حاجي محمد سبحان خميساڻي جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين جنهن مان کيس 4 اولاد ........، هڪ ڌيءَ عظمى ۽ ٽي پٽ نزاڪت علي، علي رضا ۽ راحت علي .... آهي. صادق فقير سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سان واڳيل به رهيو. آخري دم تائين هو سگا شاخ مٺي جو صدر هو. کيس مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران اٽڪل 25 کن ايوارڊ پڻ مليل هئا.
    راڳداريءَ جي دنيا ۾ هو هر طبقي ۾ مقبول هوندو هو پر نوجوانن جي داد ۽ محبتن جو محور هوندو هو. شاعري جي چونڊ ڪرڻ ۾ به هن معيار برقرار رکيو ۽ ٻهڳڻ نئين سنڌي شاعري ڳائي، لکين دلين تي پنهنجي محبوبيت جي مهر ثبت ڪري ڇڏي.
    ثبت است برجريده عالمِ دوام ما (حافظ)
    سڀني کان وڌيڪ جيڪو راڳ جو رنگ ۽ صدا جو سنگ هن جنهن شاعريءَ ۾ ڀريو سا شيخ اياز جي شاعري هئي جنهن جا موضوع عشق محبت ، وطن دوستي ۽ انقلاب هئا. شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته، ”منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي ضرورت هئي اهو صادق فقير جي روپ ۾ مونکي ملي ويو آهي.“ صادق فقير شيخ اياز جا جيڪي به اسم ڳايا تن کي وڏي موٽ ملي. سندس ڳايل ڪجهه مشهور وڙ هي آهن،
    • ديس ڇڏي پرديس رُلي ٿي، دلڙي ٿِي ديواني ڙي.
    • سَکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي،
    • ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، هو پري آ، پري آ،
    • ساوڻ ڪيئن اڪيلو آئين، ساجن کي به ته آڻ،
    • چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو، جر جي ڄر ڪنهن ڄاتي ڪان،
    • مڻهيار آيو مڻهيار ڙي، وڃو ڪنويليو وڃو،
    • صدائون ته هونديون، اوهان جي اکين جو جام مئي مان نهاريو،
    • ٿو موڪلايان الوداع، مون پيار ڪيو، مون پيار ڪيو،
    • ڌرتي توکي منهنجي چمي اڌ ۾ رهجي ويئي
    اهي سڀئي اسم مشهور ۽ مقبول ٿيا پر سکي پيا کي ملين ته چئجان سڀني کان گوءِ کڻي ويو. هر پروگرام ۾ ان ڪلام جي فرمائش ٿيندي هئي. ٻولن جي مقبوليت ڏسي ٻين فنڪارن به اهو ڪلام ڳايو پرکين اها موٽ نه ملي جيڪا صادق جي حصي ۾ آئي. اهو اسم هن ريت آهي،
    سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي
    اچين ته منهنجي اُماس ۾ آءُ، ڇو ته ٻي رات ڪان ايندي
    هنن سٽن ۾ هڪڙو درد جو سنيهو آهي جيڪو سکيءَ جي معرفت شاعر پيا کي ڏيڻ چاهي ٿو ته پيا کي گڏجي ته چئجان توکانسواءِ سُهائي نه ٿيڻي آهي تنهنڪري جيڪڏهن توکي اچڻو آهي ته منهنجي اونداهي ٻاٽ رات ۾ اچ ڇو ته منهنجي جيون ۾ اُماس آهي. اماس ڪاري گگهه اوندهه رات کي چئبو آهي جنهنن ۾ چنڊ هوندو ئي ناهي. عاشق لاءِ چنڊ محبوب آهي. عاشقن جي جيون ۾ چانڊوڪي سندن پرين کانسواءِ ڪاري رات آهي. جيئڻ جاڙ آهي، محبوبن جو مکا ميلو ئي ماڙ آهي. ننڍي کنڊ جي خوبصورت انسان، ذهين صلاحڪار ۽ مهان موسيقار محترم امير خُسرو جو مرشد حضرت نظام الدين اولياءَ جڏهن هتان برقعو مٽايو هو تڏهن هن پنهنجي مرشد کي ڀيٽا ڏيندي اظهار ڪيو هو،
    گوري سوئي سيج پي، مُک پي ڊاري ڪيس،
    چل خُسرو گهر اپني، رين ڀئي اس ديس
    ايئن محبوب سان ئي حياتيءَ ۾ چنڊ به آهي ته چانڊوڪي به آهي. انهي انتظاري، بيقراريءَ جي ڪيفيت کي جڏهن شاعر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ته هو محبوب لاءِ پنهنجا در کولي انتظار ۾ ويهي ٿو ته ڪٿان اها هستي ايندي جنهن لاءِ اکيون آسائتيون ۽ آسرونديون آهن. اکين جي انتظاري جا دروازا هميشه کُليل رهن . اڳين جا ٻه لُڙڪ سدائين، محبوبن جي آڌرڀاءَ ۾ آتا ۽ اُتاولا آهن ته ڪڏهن ٿو من جو ميت اچي. شاعر چوي ٿو،
    ڪڏهن به توتي دوار دل جا نه ٻوٽبا، تون ڀلي هلي آ،
    ٻه لُڙڪ آلا ڪڏهن به هوندا، متان چوين آجيان نه ٿيندي
    لڙڪن ڀري اها آجيان انهي ڪري به سڀني کان وڌيڪ اهم آهي جو اکين جي آب جو ڪو آب مٽ ناهي. اهو آب دلين جا داغ ڌوئي، صاف ڪري ڇڏيندو آهي. اکين ۾ وهارڻ بابت به شاعرن وٽ نيارا تصور موجود آهن. محبوبن کي اکين ۾ وهڻ جي نينڍ ڏني ويئي آهي ته جيئن اهي اچي وهن ته واري ڇپر ڍڪي ڇڏجن، نتيجي ۾ نه ٻئي ڪنهن تي نظر پوي ۽ نه وري ڪو محبوب کي ڏسي . ميران ٻائيءَ انهي خيال کي هن ريت چِٽيو آهي
    نينان انتر آئيو، پلڪ ڍانپ توهي لون،
    نان مين ديکون اورڪو، نا توهي ديکن دون
    اڳئين بند ۾ وري دعا آهي ته هيءُ ڏيئو سدائين روشن رهي ۽ لاٽ ج للاٽ شال جرڪي ڇاڪاڻ ته انهي روشن پيشانيءَ کي ڏسي ڪيترائي من مچن ٿا ۽ جيءَ جهومي اٿن ٿا. جيڪي روشن ڏين ٿا تن تا ن لکين پروانا جانيون گهورين ٿا . انهن جي روشني جڳ کي دڳ ڏيکاري ٿي. صبح نه ڄاڻ ڪڏهن ٿئي، روشن صبح جا اهڃاڻ جڏه ڏس ڏين ٿا ته پره اڃا پري آهي پوءِ ته ان اجري سهائي پرهه جي انتظار ي ۾ زندگي گذارڻي پوي ٿي ۽ اُماوسي رات جو ڏهاڳ ڏسڻو پوي ٿو.
    نه ديپ دونهاٽجي ڪڏهن هي، للاٽ جي لاٽ شال جرڪي
    پرهه پري آ، پتو نه آهي، رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي
    انهي انتظاري ۽ دعائن جي وچ۾ رهندي روشن مستقبل جا خواب ڏسڻا ٿا پون جيسسن ڪٿي ڪو ڪنڌي ڪنارو نظر اچي. باک جي لاک پنهنجي ساک ڏئي تيسين اهو اوسيئڙو رهي ٿو، جيسين رتو راس ٿئي تيسين ڀڳي سان ڀيرڻو ٿو پوي. ماضي به انساني جيون۾ ساهس رهيو آهي ته ان جي اڪنڊ ۽ اُڪير ڪڏهن ڪڏهن گهرا گهرا گهاو به ڏيندي آهي. سر تي جڏهن به پکي ايندا آهن ته اهو سر آباد ٿي پوندو آهي ۽ ان آباديءَ ۾ سڀني لاءِ سرهائي جو پيغام هوندو آهي پر جيڪڏهن پکي سر تي اچڻ بند ٿي وڃن ته سر اُداس ٿي پوندو آهي اهڙي اداسي گهڻن جو جيءُ جهوري ڇڏيندي آهي. وري جڏهن آس پاس ڪٿي مينهن ملهاري ٿيندي آهي ته پوءِ ڪنهن نئين اُ ڏار جو آسرو ٿي پوندو آهي. انهي خيال کي شيخ اياز هي لفظ ڏنا آهن،
    پکي پروڪا اڃا نه آيا، اُڪير تن جي هُري رهي آ
    اُداس سر تي هوا اُٺي جي چئي پئي ڪا اُڏار ايندي.
    اهڙين پراُميد هوائن جي آسري تي ماڻهو به پنهنجي ڏکي زندگي سُکي ڪري گهارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ايندڙ اُڏارن جي آسري تي سر به پنهنجي مايوسي ۽ اُٻاڻڪائي کي اميد ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي ته محبوبن جي انتظار ۾ ويٺل عاشق به وڇوڙي جو قهري وقت ڪٽي ٿا وڃن. اهڙو وقت ڏاڍو آزمائش وارو ۽ ٿڪائيندڙ هوندو آهي. هڪ پاسي پيا جي پياس هوندي آهي ته ٻئي طرف جڳت جي جوت جي ڄيري جون ڄڀيون هونديون آهن ۽ ٻنهي ڄيرن جي وچ ۾ هلڻو پوي ٿو. بقول ڀٽائي،
    ڪي ڌرتتي ماءُ، ڪي ڄر سندي سڄڻين،
    هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾
    حيات جو اهو ڪاروان ايئن هلندو رهي ٿو جنهن ۾ سوين رنگ روپ به آهن ته وري ڪيئي ڪوجهايون، ڪميون ۽ ڪوتاهيون به آهن. هر ڪيفيت جو هڪڙو پنهنجو وقت آهي جنهن جي ٽائم لائن جي ڪنهن کي به ڪا پروڙ ڪانهي جيڪو ڪجهه مليو آهي ان ۾ ڪيتريون ئي غير يقينيءَ واريون ڪيفيتون آهن. هر ايندڙ وک انهي بي خبريءَ ۽ اڄاڻائي ءَ سان ڀري پيئي آهي. رضا جي قضا جي ڪونتل جي ڪا ڪل ڪانهي ته ڪٿي ڪڏي ڪرائيندو يا پرينءَ جي پار پڄائيندو. پرينءَ جو پار جيڪو ويجهن کان ويجهو هوندي پرانهون پار به محسوس ٿئي ٿو ته پريون پار به. همه اوست جي هيڪڙائي به حق آهي ته همه از اوست جي وار ريکا يا ڌار ريکا پڻ حقيقت آهي. انهن سڀني تههن ۽ تهه خانن جي انڌار ڀونرن مان جيڪا غير يقيني ڪيفيت اُڀري ٿي تنهن کي شيخ اياز هي لفظ ڏنا آهن،
    پرار تي ڪا پڪار آهي، مگر اڳيان ته تار آهي،
    ڪٿي اسانجي اُڪار آهي، اياز ڪيڏانهن ناو نيندي
    پرارا جي انهي پوڪار جو ته پتو آهي پر تک تار جو ڀئو ڇڪا ڇڏائي ٿو ڇڏي. وڏن اڪابرن جو عقل اوڇو ٿي بيهي ٿو رهي. اهڙي ڪيفيت مان ئي بي يقيني وارو ادراڪ اڀري ٿو ۽ خبر نٿي پوي ته هي ٻيڙي جيڪا ڪنهن پل ٻُڏي رهي آهي ته ڪنهن پل مٿي اُپڙي رهي آهي، ڪيڏانهن کڻي هلندي. جيڏانهن کڻي ويندي اُن پار جي ٿوري گهڻي پروڙ ۽ پرک هرڪنهن کي حيرت ۾ هڻي ڇڏيو آهي. حسن جانان جي تعريف ممڪن ئي ناهي. نائي نيڻ نهارجن ته اندر ۾ ئي دوست جو ديرو آهي پر ان ديري تائين پهچندي پهچندي جيڪي ڦوڙائي جا ڦيرا ماڻهو ءَ کي ويرا وانگر وڙهن ٿا تن مان ئي ههڙي غير يقينيءَ واري ڪيفيت اُڀري ٿي ۽ انسان کي پيا کانسواءِ سڀڪجهه اُماس نظر ٿو اچي. اها اُماس تڏهن ويندي جڏهن پرينءَ جي پرتوو ڪا چوڏس چانڊاڻ ڪندو. انهن سڀني ڪيفيتن کي صادق فقير جيڪو صدائن جو روپ سروپ ڏنو هو ان ويس ورن اياز جي خيال کي پنهنجي منطقي انجام ڏانهن اُڏار ڪرڻ ۾ مدد ڏني ۽ ٻُڌندڙن اهڙن ٻولن کي صدائن جي ويس ۾ ٻُڌي پنهنجي پنهنجي زندگين ۾ ڪنهن معنى ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن سندن اماس هاڻيون زندگيون، چوڏسا چانڊوڪيون ٿي پون. خيال جي انهي سفر ۾ صادق فقير جو وڏو ڪنٽريبيوشن آهي. اهي سُر ٻُڌي سڀئي ماڻهو خصوصن نوجوان پنهنجي پنهنجي محبوبيت کي من ۾ سانڍي منزل ڏانهن وڌندا رهندا ۽ اهي صدائون منجهن جيڪو ساهس ڀرين ٿيو ن ۽ اُتساه اُڀارين ٿيون سو کين چٽي چانڊاڻ واري ماحول ڏانهن وٺي ويندو. اهو ڏينهن پري نه هوندوجڏهن سندن زندگين مان سمورا اُما سي روپ ڪُروپ ڪَٽجي وندا ۽ سندن جين جرڪي چٽي چانڊاڻ ٿي پوندو.
    ***


    The Concept of Poverty in the Poetry of Shaikh Ayaz

    This universe is known by its diversification and versatility. Almighty Allah has created millions of millions species in the universe. Every creation has its specific characteristics that differentiate it from the other ones. The whole set up is well equipped and well balanced. Human being is the only creature bestowed with the bounty of knowledge, and assigned the reform agenda of this universe through innovative and positive thinking. This thinking process and free will enabled the human being to pilot the process of development throughout world. The history of human being evolution shows so many good developments to the credit of human being.
    Experiencing the evolutionary process, man has developed many systems to live a better life. Thus human being uplifted it from savage and Neanderthal to the modern man equipped with very sophisticated gadgets and devices.
    As the formal society took shape, social interaction started, and that envisaged economic relationships. Commodity for commodity or commodity for service was in vogue under the banner of barter economy. It evolved into cash economy and then shifted into market economy. The market economy focuses on profit and only profit for the sake of profit. This “for profit” race has played havoc with human being, because everything is measured in terms of profit. The natural resources are being utilized extravagantly. It created imbalance and inequality in the world because money is not substitute of those natural resources. It deprived of humanity its well being and pushed most of the population into abyss of the poverty.
    Poverty is the name of that condition which has deprived of those things that determine the quality of life, including food, clothing, shelter and safe drinking water, but also "intangibles" such as the opportunity to learn and to enjoy the respect of fellow citizens.
    Poverty may affect individuals or groups, and is not confined to the developing nations. Poverty in developed countries is manifested in a set of social problems including homelessness and the persistence of "ghetto" housing clusters
    Economic aspects of poverty may focus on material needs, typically including the necessities of daily living, such as food, clothing, shelter, or safe drinking water. Poverty in this sense may be understood as a condition in which a person or community is lacking in the basic needs for a minimum standard of well-being and life, particularly as a result of a persistent lack of income.
    Analysis of social aspects of poverty links conditions of scarcity to aspects of the distribution of resources and power in a society and recognizes that poverty may be a function of the diminished "capability" of people to live the kinds of lives they value.
    The social aspects of poverty may include lack of access to information, education, health care or political power. Poverty may also be understood as an aspect of unequal social status and inequitable social relationships, experienced as social exclusion, dependency, and diminished capacity to participate, or to develop meaningful connections with other people in society.
    Poverty is pervasive and its effects are deep and profound. Most of us have experienced poverty in our lives in one form or the other, for it is difficult to scape its overwhelming presence. The level of deprivation, want and inequality are hard to miss in this deeply divided society. However, it is the vertical division of society which is very cruel and exploitative in nature.
    The poets and writers, in their poetry and writings, have taken serious notice of it and condemned the main agents contributing to poverty. Shah Abdul Latif Bhitai, the greatest poet of the world also expressed his views on poverty and said;
    ڏُڪاريا ڏيهه مان، موذي شال مَرن
    Following the suit, great Sindhi poet of modern times Shaikh Ayaz has took poverty as a subject matter for his poetic expression. His observation in this regard is very sharp and thought provoking.
    Shaikh Ayaz, observes whole country as entrapped with various sorrows and sufferings, where everyone is affected and there is no place to go to.
    آيل هاريان آنء، هنجهون ڪنهنجي هنج ۾
    دکي سا رو ديس آ هي هرڪنهن هيڻو هانءٌ
    جنهن کي ڏ ڍ نه ڏانءٌ سا ڪيئن ڪاٽي ڏينهڙا
    O my beloved mother!, in whose lap I may weep
    The entire country is sorrow-stricken; every heart is drowned deep,
    How pass the day, who has no support to keep
    Observing this grim situation, he asks, Sultan Bahu, a great sufi poet, that why people succumb to death due to hunger in this age of information and technology. Every one is restless. This system has snatched good values and has given begging bowl in the hand of humanity.
    باهو اڄ بي موت مرن ٿا، ڇو ماڻهو جا ٻچا هُو
    آئون نه ڄاڻان، ڪهڙا ڪوڙا ڪهڙا آهن سچا هُو
    ٻاهر ماڻهو پٿر جهڙا، اندر ڪاوا ڪچا هُو
    ڪنهن کي ڪوئي چين نه آهي، ملڪ مڙيو ئي ڏچا هُو
    O Bahu! why people are dying so abundantly,
    I cannot distinguish who tells a lie and who is truly,
    Those seem hard are very brittle innerly,
    None is in satisfaction, everywhere turmoil completely
    This hunger and starvation lead towards crime and world is going to turn into hell. This compulsion urges human being to rob and steal everything that he or she can.
    ڪيڏا ڪيس ڪري ٿو باهو،ماڻهو بُک جي وڳهي هُو
    ڊگهي رسي ڏيئي هن کي رب پيو ٿو پسي هُو
    The man commits many crimes because of hunger,
    The Master is judging them by allocating time longer.
    Allama I.I. Kazi has written that the thought is very beautiful thing but it depends on life. If there is life, there will be thinking. Otherwise no life no thought. Shaikh Ayaz has also discussed this phenomenon in his poetry. He says that life always seeks after food, and there is no sense of beauty without stuffing the belly.
    سدا آهي ساهه کي، ڳڀي جي ڳولا
    ڍئو بنا ڊولا، ناهي ساڃهه سونهن جي
    During his visit to Thar, he observed the poverty of the area. He saw that how the hungry babies sleep and how their bed becomes wet due to severity of the suffering. He says;
    ساري رات سُکالڙا بجيرياڻي ٻار
    ڪيڏي پگهر لار، منجي آلا رلڪا
    This severe poverty of Thar, draws attention of Shaikh Ayaz. He says that the flour pots are waiting for flour and the poor Maru are dying in thatched huts daily.
    ٿر ۾ مٽيءَ ڪونڊيون اٽواٽوڪن
    ماروروز مرن، چونئري چونئري بُک ۾
    This whole scenario makes the poet very sad. The sorrows and sufferings of the poor people make him to weep for the greater relationship of sufferings. He writes;
    ڏسي ڏُکيا ڏيل،ڳوڙها گل ڳڙي پيا
    بُکن بيمارين ۾ آزاريل عليل
    زر ۽ زور ذليل ماڻهوئڙا ڪيا مُلڪ جا
    The drought and famine conditions create so many problems and the people have to sell their assets and ornaments and jewelry to make both ends meet. But the hell of the belly remains unaddressed yet. Nowadays, you see watch or read in media that people are compelled to sell their kids. The poet takes serious notice of the condition and tries to depict the happenings of the whole year. He says;
    سارو سال سٺا، ڏجها هر ڪنهن ڏُرت جا
    وڪڻي گه ڳٽا ڪيسين پالئي پاڻ کي.
    Thar, remained continuously as a backward and drought prone area where people have had a longing for rainfall because it brings prosperity. When there occurs the drought and famine conditions and people face severe food insecurity, then they look everywhere for food and every thing in nature looks like bread. Shaikh Ayaz notices the situation and depicts the feelings of a poor Thari child because children and women are mostly affected stratum of the society against the ruthless influx of poverty. He says;
    آ گدري جي ڦار امان
    اڄ پورو نه آهي چنڊ،
    اسان کي بُک به ڏاڍي آ
    ڏُٿ نه ڏورن ڏار امان
    تون پيهين خالي جنڊ
    اسان کي بک به ڏاڍي آ
    It means Thari child reacts to the beauty of the moon and express about his hunger. Hungry mind becomes angry mind. Hunger generates crime.
    Observing severe poverty and advocating for the cause poor and hungry people, the poet prays for the prosperity of dear homeland as poor Maru may become rich and might not to sell their lovely children due to hunger and poverty. He prays that;
    نه پورهيت ٻڌن پيٽ کي هيئن پٽيون
    نه هاري ڪڏهن رت سان ريج ڪن
    نه گڀي لاءِ ڳولا کٽي ديس جي
    نه لولا لڇيائين نه لوليون لڇن
    Despite the trying conditions, Shaikh Ayaz is very optimistic and prays for the well being and prosperity of dear homeland. He says that Sindh will be prosperous and bounteous rainfall will lead Sindh towards more happy and prosperous future. He says;
    مانڌي ٿي نه نيٺ، ايندا مينهن ملير تي
    وڄون ورنديون اوچتو لڳه لهندا هيٺ
    مارو ماکي ميٺ، ملندا توسان مارئي
    Last but not the least, Shaikh Ayaz believes in bright future because the history will bring forth someone and s/he will rescue the people from the abyss of poverty. Then the poor people will own their resources and land. Consequently there will be prosperity everywhere and everyone will be happy. There will be no despair and dismay in the villages and small hamlets. That message is meant for all the downtrodden and marginalized people of the globe. Shaikh Ayaz says;
    نيٺ ته ايندو، نيٺ ته ايندو
    فصلِ بهاران نيٺ ته ايندو
    ڪنهن چهري تي ياس نه هوندي
    هئين نه عمر ويندي اجائي
    اهڙو امڪان نيٺ ته ايندو
    فضل بهاران نيٺ ته ايندو
    توڙي پاڻ نه هونداسين پر
    پنهنجي ياد ته هوندي ان سان
    اهڙو انسان نيٺ ته ايندو
    فضل بهاران نيٺ ته ايندو
    That is real message for peace and harmony of the World, and we should strive to make it realize the message of Shaikh Ayaz as we can fight, with the dragon poverty, fairly and squarely.
    وڃان ٿو وينجهار موتي ڏيئي اڻ ميا
    صديون پيا سونجبا جن جا ڍير هزار
    ٻڏي سوچ ويچار پرکيندا مون پارکو
    ***


    شيخ اياز جي شاعريءَ جو ترجمو

    Lullaby

    My breast is abounding
    Lulu, lulu, Lullaby!
    Lulu, lulu, lullaby!

    No language matches
    To that for infancy
    Lulu, lulu, lullaby!

    Sindh has unique beauty
    Lovely is our land
    Lulu, lulu, lullaby!

    Any alien shelter
    Is unwanted ever
    Lulu, lulu, lullaby!

    Where is Bhitai’s fragrance
    I feel proud in service
    Lulu, lulu, lullaby!

    My lap is ever loving
    Leading to sound slumbering
    Lulu, lulu, lullaby!

    (Vijoon Vasann Aaiyoon, p.103, 3rd edition 1995,)


    شيخ اياز کي منظوم ڀيٽا

    برصغير جي مهان ڪوي شيخ اياز جي نالي

    شعر ڪري سوسٽون، نڪتا تو مان نانگا
    سر۽ سُک جا سانگا، ڪيا ڪانه ڪوي تو.
    ڪانهي توکي ڪوي، ٻي ڪائي چِت،
    چاهين ٿو ڀت، ڪري من ڪوڙ جي.
    ڪهڙالقب توکي ڏيان، تون ته انوکو اسرار،
    پانڌي تنهنجو پار، ڏسن اکيون اندر يون
    ڏسن اکيون اندريون، سونهن سنوريو ديس،
    شفق جهڙو ويس، آڇي تنهنجي شاعري.
    آڇيئه اسان کي، موتين جون پياليون،
    وايون متواليون،بيت تنهنجا بانورا.
    سونهان تو سنڌ کي، ڏنا ٻول املهه،
    مُڱ مُڱ موتيءَ تُل، سپنو تنهنجي ساه جو.
    سنڌڙي ساريندي، سُڏڪا ڀري “شيخ”
    ڳوڙها ڳاڙيندي، لڏڻ کان پوءِ لالڻا!
    سچي تنهنجي شاعري،اُجرو تنهنجو ايمان،
    ڪوتا تنهنجي ڪان، هنيو ڪاري ڪوڙ ۾.
    (سهڻي شيخ اياز نمبر2 ۾ ڇپيل...1991)
    ***


    اڪن نيراڦليا : نون لفظن جي معنى

    ڏسڻي
    ا : اسم
    ع : عام
    خ : خاص
    مث : مونث
    مذ : مذڪر
    ف : فعل
    مص : مصدر
    و : واحد
    ج : جمع


    • مامَ (ا. مث): ڳُجهه- لڪل ڳالهه
    • آڪاسُ (ا. مذ): اُڀ- آسمان- نڀ- امبر
    • سُرٻاٽُ (ا. مذ. و): جذباتي سُس پُس
    • کڙاهه (ا.مث.و): گھر جي لوڙهي يا مال جي واڙي جي لنگهه جي بند ڪرڻ جو ڪونڀٽ مان ٽارو وڍي ٺاهيل روڪڻو در. ج. کڙاهون
    • مروئو (اسم. مذ.و): ٻوٽي جونالو- نازبو- خوشبودار ٻوٽوج.مروئا
    • ڳڀرو (صفت ): اُڀرندڙ جوان- ڪچو جوان
    • ويري (ا- مث.و): ننڍو کوهه ج.ويرويون
    • ول (ا. مث.و): اوڀڙ جو هڪ ٻوٽو جيڪو مسلسل وڌندو ويندو آهي ۽ ٻيءَ شيءَ جهڙوڪ لوڙهي يا وڻ جو سهارو وٺي چڙهندو ويندو آهي يا وري زمين تي پکڙجندو آهي. ج.وليون
    • آنٻوهيل (صفت): ڪڪوريل- اڌ پڪل
    • گدري (ا- مث.و): هڪ ول ۾ ٿيندڙ ميوو جيڪو وسڪاري جي مند ۾ ٿيندو آهي. ج. گدريون مذ. گدرو
    • ڪارونجهر (ا.مذ.خ): پارڪر ۾ موجود ڏونگرن جي سلسلي جو نالو جنهن جي هنج ۾ ننگرپارڪر جو شهر موجود آهي
    • پيرساهڻ (اصطلاح): ساهي کڻي سگهه جمع ڪرڻ
    • ڪهڻ (ف.مص): ڏاکڙاطئي ڪري اچڻ
    • روهه (ا. مذ): جبل، ڏونگر
    • ٽوڀو (ا.ع.و): برسات جي پاڻي گڏ ٿيڻ جو قدرتي هيٺاهون هنڌ جيڪو ترائيءَ کان ننڍو ٿئي ٿو ج.ٽوڀا
    • ڪوسُ (ا.عام.مذ.و): کوه مان پاڻي ڪڍڻ جو چمڙييا رٻڙمان ٺاهيل ٻوڪو، ج. ڪوسَ
    • ورت (ا.عام.مث.و): کوه مان پاڻي ڪڍڻ جي رسي جيڪا اڳ چمڙي مان به ٺاهي ويندي هئي ج.ورتون
    • پاتارُ (ا.مذ): زمين جي اونهائي جتان پاڻي ملندو آهي. اٿاه اونهائي
    • تَنگُ (ا.عام.مذ.و): گهوڙي ۽ اُٺ تي جنهن پٽي سان سنج يا پلاڻ قابو ڪيا ويندا آهن ج.تنگَ
    • پاکڙو (ا.عام.مذ.و): ڪاٺي جو فريم جيڪو سواري ۽ بار کڻڻ وقت اُٺ تي رکيو ويندو آهي ج. پاکڙا
    • اوڙڪ (ا.مث.و): هڪ وقت ۾ وسندڙ برسات جو ڳپل. ج. اوڙڪون
    • ڌِڱُ (ا- مذ.و): وڏو ڳپل- ٽُڪر- لاش ج.ڌڱَ
    • اَئٽُ (ا.عام. مذ.و): ارٽ، چرخو- ڪتڻ جو هٿرادو اوزار ج.ائٽَ
    • ٻايلَ (ا- تصغير تعريفي): ٻائي- ڀيڻ- عورت
    • روهيڙو (ا.عام. مذ.و): وڻ جو نالو جنهن ۾ رنگبرگي گُل ٿيندا آهن ج.روهيڙا
    • ڊاڳو (ا.عام.مذ.و): مڙهي يانوڻ جي ڇيڙي وٽ نرم زمين ج. ڊاڳا
    • ڊيل (ا.عام. مث.و): مور پکي جي مادي ج. ڊيلون مذ.مورُ
    • نيات (ا- مث): برادري- برادريءَ جو سماجي سرشتو
    • لوئي (ا- مث): اُن مان ٺهندڙ اوڍڻ جو ڪپڙو جيڪو عورتن ۾ استعمال ٿيندو آهي. ج. لويون. مذ. کٿو.
    • ڪانڀا (ا- مذ- ج): پُٺيءَ تي ڪپڙي ۾ ٻڌي کنيل سنگ. و.ڪانڀو
    • لسي (ا- مث): ڄمايل کير ولوڙڻ سان تيار ٿيل ڇڊو مشروب
    • ڳهر (ا- مث): اڌ ننڍ- غنودگي- گھيراٽ
    • وينگس (ا.مث): سهاڳڻ عورت
    • ڦُلڙي (ا.مث.و): نڪ جو زيور جيڪو ناس جي هڪ طرف سوراخ ڪري پاتو ويندو آهي. ج. ڦلڙيون
    • هِنيون (ا. مذ. و): دل- قلب- صدر.ج. هِنيان
    • سُندري (ا- مث. و): سهڻي عورت- ڇوڪري. ج. سُندريون
    • پوتڙو (ا.مذ.و): پائڻ جو ڪپڙو، استعمال هيٺ ڪپڙو ج. پوتڙا
    • ٽونرُ (ا- مذ- و): ريشم يا بانٺ مان گل وانگر ٺاهي گج وغيره ٽانڪيل
    ج. ٽونرَ
    • مُڪو ڀرت (ا- مذ): مڪي سان ڀرت ڀري ٺاهيل- مڪي وارو ڀرت
    • جَھٻو (ا- مذ): پرڻيل ڪولهي عورتن جو قميص وانگر پائڻ جو ڪپڙو.
    ج. جھٻا
    • سوس پلڻ (اصطلاح): آسرو پلڻ- اُميد ختم ڪرڻ
    • پَڙو (ا- مذ- و): عورتن جو هيٺين ڌڙ تي پائڻ وارو ڪپڙو. ج. پَڙا
    • ڪنجرو (ا- مذ- و): پرڻيل عورتن جو مٿئين ڌڙ جو ڀرتيل قميص نما گج. ج. ڪنجرا
    • چُنيون (ا- مث- و): عورتن جي مٿي تان اوڍڻ جو ڪپڙو. ج. چُنيون
    • جيسلمير (ا- مذ): ننڍي کنڊ جو ڀاڱو جيڪو ڀاٽين جي مُک رياست رهيو آهي، هن وقت هندستان جي حصي ۾ آهي.
    • ڪنڪڻي (ا- مث-و): چوٽي- سڳي. ج. ڪنڪڻيون
    • لوئڙياريون (ا- مث- ج): لوئي اوڍيندرعورتون- ڏيهي عورتون. و. لوئڙياري
    • بُولي (ا- مث- و): نَڪ ۾ پائڻ جو زيور. ج. بوليون
    • ڍولڪَ (ا.عام- مث): ننڍڙو دُهل- وڄائڻ جو ساز
    • ڍاٽيئڙو (ا- مذ- خ): ٿري لوڪ گيت جو نالو.
    • هٿ ڪڙوليون (ا- مث- مرڪب): هٿ ۾ پائجندڙ ڳَههُ
    • ڪُڙڪون (ا.عام- مث- ج): ڪنن جو ڳهه. و. ڪُڙڪ
    • ڌاتورو (ا.عام - مذ): هڪ ٻوٽو جنهن ۾ اڇا گُل ٿين ٿا ۽ ڏينن ۾ ٻج ٿئي ٿو هِي ٻوٽو زهريلو ٿيندو آهي- هن کي چرئو ڌاتورو به چوندا آهن.
    • ٿڌڙي (ا- مث- خ): هڪ ڏڻ جنهن دوران چُلهو ٿڌو رکبو آهي يعني جوت نه ٻاربي آهي- اڳين ڏينهن جو تيار ٿيل مٺو کاڌو کاڌو ويندو آهي.
    • راسوڙو (ا.عام- مذ- خ): لوڪ گيت جو قسم جيڪو ڪولهي قبيلي سان لاڳاپيل آهي. راسوڙو ڳائڻ وقت ناچ به ڪيو ويندو آهي.
    • ڏانڊيو (ا- مذ- خ): راند جو قسم جيڪا تلوار بازي سان مشاهبت
    رکندڙ آهي.
    • ڪاوا (ا- مث- ج): ڪٽائي ٿيل پالش ڪيل شيشي جا ٽڪرا جيڪي ڀرت ۾ استعال ٿيندا آهن. و. ڪائو
    • ڪيوٽيون (ا- مث- ج): ڪنن ۾ پائڻ جو مردن جو ڳهه. و. ڪيوٽي
    • سرتي (ا- مث- و): سهيلي- سَکي- جيڏي. ج. سرتيون
    • مَندر: ٻه ڀٽون جيڪڏهن ڪُنڊ وٽ گڏيل هونديون آهن ته گڏيل هنڌ جي هيٺيان زمين کي مندر چئبو آهي.
    • کائڙيا (ا- مذ- خ- ج): کائڙ پرڳڻي جا رهاڪو. و.کائڙيو
    • ويري (ا- مث- و): ننڍو کوهه- تانگھو کوهه. ج. ويريون. مذ. ويرو
    • ساٺيڪا (ا- مذ- ج): سٺ پُرهه اونهائون- 400 فوٽ اونها کوهه.
    و. ساٺيڪو
    • سنگھارَ (ا- مذ- ج): سنگ يا سانگ ڪري رهندڙ مالدار ماڻهو.
    و. سنگھارُ
    • ڪانڪهه وارو لڪ (ا.خ): ڪانڪهه جي وڻن وارو لڪ
    • پٽڪولو(ا.عام): ڏهرن ۾ سخت زمين جتي واري، اڇي ۽ ميرانجھي هوندي آهي.
    • جُتيءَ سڙاڪا (ا- مذ- ج): جتي گھلجڻ سان نڪرندڙ آواز
    • اُڀراڻو (صفت- مذ- و): جنهن کي پيرن ۾ جتي نه هجي.ج.اُڀراڻا مث.اُڀراڻي ج.اُڀراڻيون
    • کُهنبا (ا.عام- مذ- ج): رڱيل ڪپڙي جو هڪ قسم. و. کهنبو.
    مث. کُهنبي
    • ٻيلاسو (صفت): ٻئي ٽنگهون هيٺ ڪري اُٺ تي چڙهڻ- ٻن ڄڻن جي سواري
    • سورانگھي چڙهڻ: هڪ طرف ٻئي ٽنگون ڪري چڙهي ڪرڻ.
    • ڀُونءِ ڀِرڻ (اصطلاح): ڌرتيءَ تي تبديلي اچڻ
    • ٽاري جو وڍو (ا- خ- و): ماڻهن جي جهنگ مان گھڻو هلڻ سان ٺهيل واٽ. ج. ٽاري جا وڍا.
    • مارو (ا- عام): ٿر جا رهواسي، مارواڙ جا رهاڪو
    • مَڃر (ا- عام): ڪنڊين ۾ بيٺل ڪچيون سنهيون سڱريون.
    • ٻرڪڻو (صفت): ٽڙڪڻو، ٽڙڪو ڪري ٽٽندڙ
    • ڪنڊو (ا- ع- مذ- و): ڪنڊيدار وڻ جو نالو جنهن ۾ سنها پن ٿين ٿا. سڱر ٿئي ٿو. (ج): ڪنڊو. (مث): ڪنڊي.
    • سوئيڪا (صفت- ج): سؤ سالن وارو. و. سوئيڪو
    • سمئه انت: وقت جو ڇيهه اچڻ
    • وسرام (ا- مذ): آرام- سُڪون
    • کَٻَڙُ (ا- عام- مذ- و): وڻ جو نالو. ج. کَٻڙَ. مث. کٻڙي.
    • مَنهنُ (ا- ع- مذ- و): ڇَنُو- عارضي ڪکائون اجهو
    • سُرو (ا- عام- مذ. و): سنهو جيت جيڪو اناج کي لڳندو آهي ۽ اندران اندران کائيندو رهندو آهي.
    • وڻراهه (ا-اجتماع- مذ): جھنگ- ٻيلو- گھڻا وڻ.
    • نموري (ا- ع- مث- و): نم جو ميوو. ج. نموريون
    • هُڙيو (ا- ع- مذ- و): پکي جيڪو شوق سان نموريون کائيندو آهي.ج.هُڙيا
    • ڏونگري: ننگرپارڪر کان ڏونگري ڏانهن وڃبو ته رستي تي گھاٽا وڻ ايندا.(اياز)
    • ٻٻر وَڍَ (ا- مرڪب): ٻٻرن جي واڍي- ٻٻرن جو وڍجڻ.
    • گُرس (ا- ع- مث- و): واريءِ يا ڊسڙ ۾ ٺهندڙ پيرن جا نشان جيڪي واريءَ ۾ پير گچڻ ڪري ٺهندا آهن. ج. گُرسون
    • اڪوارو (ا- ع- مذ): اڪ يا کپ جي سُڪل ڪاٺين کي سَٽي اُن مان ڪڍيل تاندورا جيڪي رسي ٺاهڻ ۾ ڪتب ايندا ويندا آهن. آڪارو
    • ٿوهرُ (ا- ع- مذ. و): وڻ جيڪو رڻ پٽن ۽ ٿرن برن ۾ ٿئي ٿو. ج. ٿوهَرَ
    • ڪڪوه (ا- ع- مذ): شراب
    • پانڌيا (ا- عام- مذ.ج): پنڌ ڪندڙ شخص. و. پانڌي
    • چارڻُ (ا- عام- مذ- و): ڳائيندڙ وڄائيندڙ قبيلو- هڪ ذات جو نالو
    • مُرٽ (ا- عام- مث- و): ٿر ۾ ٿيندڙ گاهه جو نالو.ج. مُرٽون
    • ڀُرٽُ (ا- عام- مذ- و): ٿر ۾ ٿيندڙ گاهه جو نالو جنهن ۾ ڪنڊيدار کوٻي ۾ سنهو ٻج ٿئي ٿو. ج. ڀُرٽَ.
    • بلو ڪرڻ (اصطلاح): انتظام ڪرڻ- بندوبست ڪرڻ
    • وهٽُ (ا-عام - مذ- و): جانور- حيوان. ج. وهٽَ
    • ٻردُ (ا-عام - مذ- و): ڍڳو- ٻڙڌ. ج. ٻڙڌَ
    • جھُڙ (ا- مذ): برسات جو قسم جنهن ۾ هلڪيون هلڪيون ڇنڊون پونديون رهنديون آهن يا سنهي ڦوهار مسلسل وسندي رهندي آهي ۽ اُڀ بادلن سان ڇانيل هوندو آهي.
    • چِڀڙُ (ا-عام- مذ- و): ول ۾ ٿيندڙ ميوو جنهن کي ڪچو به کائبو آهي ته بچائي پڻ.
    • نياڻُ (ا-عام- مذ- و): برساتي پاڻي گڏ ٿيڻ جي هنڌ جو عام نالو- “ٽوڀو”“ ترائي” ۽“ ڊهو” نياڻ آهن.
    • ڪُپڙي (ا-عام- مث- و): شيشي- مس رکڻ جي شيشي- ننڍي شيشي. ج. ڪُپڙيون
    • ڏهرُ (ا-عام- مذ- و): سنئين سنواٽي مٿيهائي وسيع ايراضي. ج.ڏهرَ
    • گانءُ (ا-عام- مذ- و): ڳوٺ.
    • مَڌ (ا-ع- مذ): شراب- مٺو شراب
    • ڪلال (ا-عام- مذ): شراب وڪڻندڙ يا شراب جو کپائيندڙ- واپاري
    • اُفق (ا): آسمان ۾ سج اڀرڻ جو هنڌ. (ض): شفق- آسمان ۾ سج لهڻ جو هنڌ.
    • آهه (ا-عام- مذ): اڏون- اواڙو
    • ٿر ٿيلهڻ (اصطلاح): ڏکيو پنڌ ڪاٽڻ- پنڌ ڪرڻ
    • بسنت (ا-): بهار جي مُند- بهار جي مند جو ڏڻ
    • اُٻهريون (صفت- مث- ج): اُتاوليون- اُٻهرائي ڪندڙ. (و): اُٻهري.
    مذ. اُٻهرو
    • پهرُ (ا-ع- مذ- و): رات ۽ ڏينهن جو اٺون حصو يعني 3 ڪلاڪ تي مشمل ايڪو ج .پهرَ
    • پياس (ا- مث): اُڃ
    • رَلي (ا-عام- مث- و): پُراڻن ڪپڙن کي سُڪارج ڪندي ٺاهيل اوڍڻ وڇائڻ جو ڪپڙو. ج. رليون
    • جوڀن (ا- مذ): جواني
    • وَنُ (ا- مذ): رنگ- ڏيک
    • ڪويل (ا-ع- مث- و): پکيءَ جو نالو. ج. ڪوئلون
    • ڄرڪي (ا-ع- مث- و): مڇي جو قسم. ج. ڄرڪيون
    • آڙي (ا-ع- مث- و): پاڻيءَ جو پکي. ج. آڙيون
    • وَههُ (ا- مث): وهڪرو- پاڻي جو هالو.
    • باک (ا- مث): سج جي روشنيءَ جون ڌرتيءَ ۽ اُڀ جي ميلاپ وٽان نروار ٿيڻ
    • ڪڪر ڪنٺ (ا- مرڪب): ڪڪرن جي قطار
    • هَسُ (ا-عام- مذ- و): پکيءَ جو نالو- هنج- هَنسُ . ج. هَنسَ
    • انڊلٺ (ا-عام- مث): برسات ۾ سج جي روشنيءَ جي پاڻيءَ مان گذرڻ سان ٺهندڙ منظر- ڏانگڙو
    • ڪَوي (ا-عام- مذ): ڪوتا چوندڙ- شاعر
    • لٻاڙ (ا-عام- مث- و): اجائي ڳالهه ٻولهه- بڪواس. ج. لٻاڙون
    • سانداري (ا-عام- مث- و): کل رڱي اُن مان پاڻي رکڻ لاءِ ٺاهيل ٿيلهي.
    ج. سانداريون. مُذ. ساندارو
    • آرهڙ (ا- مذ): گرميءَ جي موسم
    • سڱرُ (ا. اجتماع - مذ): ڪنڊيءَ جي وڻ جون ڦرهيون.
    • سانگيا (ا-عام- مذ- ج): سانگ تي ويندڙ- مال سان گڏ لڏپلاڻ ڪندڙ. و. سانگي
    • ڀاٽ (ا- خ. مذ): هڪ ذات جيڪا ڳائڻ ۽ پيڙهيون ياد رکڻ جو ڪم ڪندي آهي
    • ٻير (ا-ع- مث- و): هڪ ڪنڊيدار وڻ جو نالو. ج. ٻيريون- ٻيرون
    • ڄار (ا-ع- مث- و): هڪ وڻ جو نالو. ج. ڄاريون- ڄارون.
    • پاپڙي (ا-ع- مث- و): ڪن جي ڇيڙي وارو حصو جنهن ۾ سوراخ ڪري ڳهه ڳٽا پاتا پاتا ويندا آهن. ج. پاپڙيون.
    • ڏُرگھلا (ا-ع- مذ- ج): ڪنن ۾ پائڻ جو ڳَههُ. و. ڏُرگهلو
    • ناٿ (صفت): ناستڪ- انڪاري- نانهن ڪندڙ
    • راڻاسر (ا- مرڪب- مذ): ٿر ۾ مشهور تراين جو نالو جيئن چيلهار جي ڀر واري ترائي- (راڻي واري ترائي)
    • ساٺيڪا سنجڻ (اصطلاح): اونها کوهه وارڻ- اونهن کوهن مان پاڻي ڪڍڻ.
    • ڀوڻُ (ا-ع- مذ- و): کوهه تي چڙهندڙ چرخي جنهن تان ورت واري ويندي آهي. ج. ڀوڻ. مث. ڀوڻي
    • پرهه (ا- مث): پرڀات- سج اڀرڻ جو ويلو- سحر
    • پاڻيهاريون (ا- مث- ج): پاڻي آڻيندڙ. و. پاڻهياري
    • هيرڻُ (ا- عام- مذ- و): ٻوٽي جو نالو. ج. هيرڻَ
    • ڊَڀُ (ا- عام - مذ- و): گاهه جو نالو. ج. ڊَڀ
    • ڪِرڙ (ا- عام - مذ- و): وڻ جو نالو. ج. ڪرڙ
    • امرت (ا- مذ): آب حيات- حياتي ڏيندڙ پاڻي.
    • يهو واهه (ا.خ): توريت ۾ خدا جو نالو.
    • گوڇارِ (ا- عام- مث): ڀٽ جو اهم پاسو جنهن تي سج جي سڌي روشني نٿي پوي. ض. تڙڪول
    • ٻهڙو (ا- عام- مذ- و): ٻن دِلن جو جوڙو- ٻهلڙو. ج. ٻهڙا
    • پوڇانڊو (ا- عام- مذ- و): ڀٽ جو لاٿ وارو ڇيڙو
    • ڳارو (ا- عام- مذ- و): ڀٽ جو اهو هنڌ جتان ڀٽ تان وهڪري سبب واري ڳري ويئي هجي ۽ وهڪري جو نشان ڇڏي ويئي هجي. ج. ڳارا
    • نوڻ (ا- ع- مث- و): ٻن ڀٽن جي وچ ۾ سوڙهي ايراضي- هيٺاهين لاهي.
    • پاساڙو (ا- عام - مذ- و): ڀٽ جو پاسو. ج. پاساڙا
    • پاڄ (ا- عام - مث- و): پاساڙي ۾ مال جي هلڻ سان ٺهيل ننڍڙا رستا.
    ج. پاڄون ڪن ڀٽن تي سڌو نه چڙهي سگھبو آهي تنهنڪري ڪنهن سهوليت واري هنڌان مٿي چڙهڻ لاءِ واٽ ٺاهبي آهي جنهن کي پاڄ چئبو آهي.(اياز)
    • ٻُڪر واري (ا- عام - مث): ٻني جو نالو
    • لانجھ (ا- عام- مث- و): ڀٽ جو هيٺاهيون هنڌ جتان لنگھ لاءِ واٽ هجي.
    • ائٺڻ جھم (ا- عام- مث): ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ڊسڙ واري زمين جتان ماڻهن ۽ مال جو گذر هجي. (اياز)
    • گانگھيٽا (ا- عام- مذ- ج): هڪ ٻوٽي ۾ ٿيندڙ ٻيرن جهڙا ميوا جيڪي ٿري ٻار کائيندا آهن. ٻوٽي کي گانگھيٽي چئبوآهي. و. گانگھيٽا
    • سِڻُ (ا- عام- مذ- و): ٻوٽي جو نالو. ج. سِڻَ
    • ساريون (ا- عام- مث): فصل جو نالو- چانورن جو فصل
    • توريو (ا- عام- مذ): فصل جو نالو.
    • مُنهنگھڙو (ا- عام- مرڪب- مذ- و): داخل ٿيڻ جو هنڌ. ج. مُنهنگھڙا
    • ڪٺمال (ا- عام- مث- و): ڳچيءَ ۾ پائڻ جو چانڊيءَ جو ڳَههُ- ڪنٺ معنى نڙي- ڳچي ۽ مالها معنى هار
    • انڇر (صفت): تمام گھڻو- اڻ ميو
    • ڪرمين ڀاڳين: قسمت سان- ڀاڳ سان
    • تاڙو (ا- عام- مذ- و): پکيءَ جو نالو جيڪو مينهن کي ساريندو آهي ڇاڪاڻ ته اهو پلر پياڪو پکي آهي. ج. تاڙا
    • ڏيڏرُ (ا- عام- مذ- و): سُڪي ۽ پاڻي جوٽپڪا ڏيئي هلندڙ جانور.
    • جرهيڙي (ا- عام - مث): چنڊ جي پڙ ۾ تجلو
    • ريلي ڀون (صفت. مرڪب): ڀونءِ تي ريلا ڪري وهندڙ- ريلي ڀون مينهن
    • سينڍوڻيون (ا- عام - مث- ج): ڪپڙي مان ٺاهيل سنِهون جيڪا دِلو يا ٻيو بار کڻڻ لاءِ مٿي تي رکبي آهي. و. سينڍوڙي
    • مَتيرا (ا- عام- مذ- ج): ٿُلها متارا چڀڙ- ننڍا گدرا. و. متيرو
    • مِها (ا- عام- مذ- ج): ول ۾ ٿيندڙ ميوو جيڪو ڀاڄيءَ طور استعال ٿئي ٿو. و. مِهو
    • لُري (ا- عام- مُث): سياري ۾ لڳندڙ اڻ وڻندڙٿڌي هوا.
    • ڪونڀٽ (ا- عام- مذ): وڻ جو نالو.
    • راسيون (ا- عام- مث- ج): سج جي ڪرڻن جو ڌارائون- شعاع- لهڻ وقت نظر ايندڙ روشني ڌارائون
    • ڀونتري (ا- عام- مث- و): پکيءَ جو نالو جيڪو ٻاجھر جي فصل مان اوچتو ڀڙڪو ڏيئي اڏامندو آهي.
    • پرو پوڻ (اصطلاح): خبر پوڻ- حد جو اندازو هئڻ- سگھ جو اندازو هئڻ.
    • همرچو (ا- خ- مذ): ٿري لوڪ گيت جيڪو پوک جي مختلف مرحلن دوران ڳائبو آهي.
    • لاسيا (ا- عام - مذ- ج): هڪ ٻئي کي مدد ڪرائڻ لاءِ ٻنيءَ تي آيل همراهه. و. لاسيو
    • ڀئيو (ا- خ- مذ): ٿري لوڪ گيت
    • ترن مُٺيا (ا- عام- مرڪب- مذ): تِرن ۾ ڳُڙ ملائي ٺاهيل لڏون
    • چڙو (ا- عام- مذ- و): وڄت وارو سنڀارُ جيڪو مال ۾ ٻڌبو آهي جيئن سُڃاڻپ به ٿئي ته مال پاڻ ۾ گڏ به هجي. ج. چڙا. مث.چڙي
    • چنگُ (ا- عام- مذ- و): چڙي جو هڪ قسم جيڪو ڪنجھي جو ٺهيل هوندو آهي.
    • چُئاڪا (ا- عام- مذ- ج): سِمي ايندڙ پاڻي. و. چئاڪو
    • توڏڪي (ا- عام - مث- و): اُٺ جو ننڍو ڦر. ج. توڏڪيون. (مذ): توڏو
    • کانڀاڻي (ا- عام- مث- و): جهار هڪلڻ لاءِ ڳوڙهواُڇلائيندڙ رسي ۽ سٽ مان ٺاهيل اوزار.
    • ڍولرُ (ا- عام - مذ- و): پکي جيڪو ٻاجهر ۽ ٻي فصل مان پڪل داڻا کائيندو آهي. ج. ڍولرَ
    • ٻوههُ (ا- عام- مذ- و): ٻوٽي جو نالو. ج. ٻؤههَ
    • ڦرڙا (ا- عام-تصغير. ج): مال جا ننڍڙا ٻچا خصوصن رڍ ٻڪر ٿر جا.
    و. ڦرڙو.
    • ڌونريون (صفت- ج): اڇي رنگ جون- ڍڳين جو رنگ . و. ڌونري
    • پٽوريون (صفت- ج): پٽن واريون- پٽيريون. و. پٽيري
    • جيرويون (ا- عام- مث- ج): زمين تي وڇائڻ جون ڏاس مان ٺاهيل فراسيون. و. جيروئي
    • ڏِڪري (ا- عام- مث- و- ڍاٽڪي): ڌيءَ ج. ڏڪرين
    • اکري کڙڪائڻ (اصطلاح): هڪ سوڻ جيڪو ڌيءَ ڄمڻ وقت ڪيو ويندو آهي.
    • پڻهاري (ا- عام- مث- و): پاڻي آڻيندڙ. ج. پڻهياريون
    • ڪجليو (ا- خ- مذ): لوڪ گيت جو نالو.
    • جوڌاڻو (ا- خ- مذ): لوڪ گيت جو نالو.
    • ڏهوڪو (ا- خ- مذ): لوڪ گيت جو نالو.
    • ليالو (ا- خ- مذ): لوڪ گيت جو نالو.
    • اواڙو (ا- عام- مذ- و): کوهه مان پاڻي ڪڍي مال لاءِ جنهن اَڏ ۾ پاڻي گڏ ڪبو آهي تنهن کي اواڙو چئبو آهي. ج. اواڙا. مث. اواڙي
    • گولاڙو (ا- خ- مذ.و): هڪ ول جو نالو جنهن ۾ رسدار ميوو ٿئي ٿو.
    • موگرول (ا- خ- مث): هڪ ول جو نالو.
    • آرتي (ا.خ- مث): هندو پوڄا جو هڪ منتر
    • آڳانجهه ( ): قدامت- اونهائي.
    • ڏرڙ (ا-عام- مذ): برساتي پاڻيءَ سان ڀٽ ۾ ٿيل ٿاڻ جو رهجي ويل نشان.
    • اجھور (ا- عام- مذ): ڳوٺ يا آباديءَ جي آسپاس وارو هنڌ جيڪو آسائش طور استعمال ٿيندو آهي ۽ سڄي ڳوٺ جي گڏيل ملڪيت هوندو آهي.
    • گؤچرُ (ا- عام - مذ): مال جو وسيع چراگاهه وارو سنئون سنواٽو هنڌ. (گَئو: ڳئون+ چر: چرڻ).
    • نرواڻ (ا- عام- مذ): ڇوٽڪارو- نجات
    • اُڀراڻو (صفت- مُذ- و): بنا جتيءَ جي هلندڙ پانڌي- جنهن جي پير ۾ جتيءَ نه هجي. (مُث): اُڀراڻي. ج. اُڀراڻا.
    • ڪولهي (ا- خ- مذ): هڪ ذات جو نالو.
    • اڪارٿ (صفت): بيڪار- جنهن جو ڪو ڪارج نه هجي.
    • اپلاڻ (صفت): جنهن تي پلاڻ يا پاکڙو نه هجي.
    • ڦوڳ ڦِرڻ: ڦوڳ جي وڻ ۾ پڙالا لڳڻ.
    • ڇڙو (صفت): اڪيلو.
    • ڇاڇرو (ا- خ- مذ): شهر جو نالو جيڪو تعلقي هيڊڪوارٽر به آهي.
    • ٿمجڻ (ف.مص): رُڪجڻ- بيهجي وڃڻ.
    • ڇمرَ (ا- عام- مذ- ج): پاڻيءَ وارا هلڪا هلڪا بادل جيڪي ڌرتيءَ جي ويجھو اُڀ ۾ ترندا رهندا آهن.
    • کروت (ا- عام - مث- و): عارضي مسجد جتي صرف پڙي صاف ڪري نماز پڙهڻ جو هنڌ مقرر ڪيو ويندو آهي.
    • سائون (ا- خ- مذ):گاه جو نالو.
    • وانڍ (ا- عام- مث- و): مال سانگي يا وسڪاري جي موسم ۾ ٻنيءَ تي قائم ڪيل عارضي ڳوٺ/ وسندي. ج. وا نڍيون
    • سُکالڙا (صفت): بيمار- سقيم
    • بجير (ا- خ- مذ): هڪ ذات جو نالو. مث. بجيرياڻي.
    • رٻ (ا- عام - مث): اناج جو ڏارو اُڪاري ٺاهيل پيڄ
    • اونگھه (ا- عام - مث- ڍاٽڪي): ننڊ
    • اَلٿ (ا- عام- مث): ڳهر
    • نساها (صفت): مُئل- جن ۾ ساهه نه هجي.
    • جانکر جھارو (ا- عام- مذ): ڦيڏري يا ڇڊي لسي سان ٿيندڙ ناشتو.
    • ڪيتڪي (ا- عام- مث- و): پکيءَ جو نالو.
    • چڙسي (ا- عام- مث- و- ڍاٽڪي): کوهه مان پاڻي ڪڍڻ جو ننڍڙو ٻوڪو جيڪو چمڙي يا رٻڙ مان ٺاهيو ويندو آهي.
    • واهڙ (ا- عام - مذ): وهندڙ پاڻيءَ وارن هنڌن جو عام نالو.
    • ولوڻو (ا- عام- مذ- و): کير ڄمائي پوءِ اُن کي ولوڙڻ جو عمل ج. ولوڻا
    • گانءِ (ا- ع- مث- ڍاٽڪي): ڍڳي
    • گونگي (صفت): جيڪو ڳالهائي نه سگھي- نه ڳالهائي سگھندڙ.
    ج. گونگيون. (مذ): گونگو
    • پائر (ا- خ- مذ): ٿر جي پارڪر واري علائقي جو نالو.
    • آنڀوميو آهي: اُڀ مستي ۾ آهي.
    • آکاڙ (ا- خ- مذ): مهيني جو نالو.
    • ڏانگڙو (ا- عام- مذ): برسات دوران سج جي روشنيءَ سان ٺهندڙ روشني جي مختلف رنگن وارو گول پٽو- انڊلٺ- قوس قزم
    • ٻائوري (ا- عام- مث): نالو هڪ ٻوٽي جو.
    • آر (ا- عام - مُث- و): هڪ جيت جو نالو جيڪو برسات کي ساري آواز ڪندو رهندو آهي. ج. آرون
    • ڪتين جو اوپار: ڄيٺ ۾ پرهه ڦٽڻ کانپوءِ ڪتيون اُڀرنديون ته انهن کي ڪتين جو اوڀار چئبو آهي اُن کان پوءِ مينهن جي مُند شروع ٿيندي آهي. (اياز)
    • ڄيٺ (ا- خ- مذ): مهيني جو نالو.
    • لُٻرڪا (ا- مذ- ج): زبان جو ٻاهر نڪرڻ اندر پوڻ جو ڏيک
    • واسينگ (ا- عام- مذ): ڪارو نانگ.
    • ڪامهه: ڏکڻ اولهه ڪنڊ جي هوا جا يا ته مينهن کي ٽوڙي ڇڏيندي آهي يا ته ساندهه ڏينهن جا ڏينهن مينهن وسندو رهندو آهي. (اياز)
    • ڇنا وانئر: (ا.مرڪب.مث): آکاڙ جي ڪاڙهي ۾ جڏهن ڪڪر ايندا آهن ته ڪاراڻ ٿي پوندي آهي پوءِ تيز هوا لڳندي آهي جنهن کي وانئر چئبو آهي ۽ ڇنن جا ڪک اُڏامي ويندا آهن.
    • وِٽڙو (صفت): وٽڙيل- بگڙيل- ڇڊو ٿيل.
    • روهي مينهن: گھاٽو مينهن (اياز)
    • راسو مينهن: جنهن جون ڦڙيون ننڍيون ٿينديون آهن. (اياز)
    • ڪاڻيٺا (ا- عام- مذ- ج): نيش- وڏا ۽ تکا ڏند جيڪي باقي ڏنڊن جي وچ تي هوندا آهن.
    • اَسوءَ اوهيرا: اسوءَ جي مهيني ۾ ٽڪرن ٽڪرن پوندڙ مينهن (اياز)
    • ڇانهولو: ڇانو- جا ڪڪر سج جي آڏو اچي ڪندا آهن.
    • ڀيل (ا- خ- مذ): هڪ ذات جو نالو.
    • اسرائيل (ا- خ- مذ): هڪ ملڪ جو نالو.
    • کنو (ا- ع- مذ- و): تلوار. ج. کنا
    • جهارِ (ا- اجتماع): فصل کائيندڙ پکي
    • ڏجھي (ف): دانهون ڪري ڪري- مسلسل ڪوڪڻ.
    • ونگو (ا- خ- مذ): ٿر جي هڪ حصي جو نالو.
    • وٽ (ا- خ- مُث): ٿر جي هڪ حصي جو نالو.
    • سيما (ا- ع- مث- و): سرحد- دنگ. ج. سيمائون
    • پارڪر (ا- خ- مذ): ٿر جو مٽيهاڻو علائقو
    • وئڙٿ وڃڻ (اصطلاح): اجايو وڃڻ- بيڪار وڃڻ.
    • پيهو (ا- ع- مذ- و): جھاز هڪلڻ لاءِ ٺاهيل مٿاهون هنڌ ج. پيها
    • وراڻي (ا- ع- مث- و) گيت جي موٽ يا موٽڻ لاءِ يا متوج ڪرڻ ڪرڻ لاءِ ڳائيندڙ گيت. ج. وراڻيون.
    • توڻ (ا- اجتماع): اناج يا کاڌي جو سامان
    • تونکرو (ا- ع- مذ): ڳڻتي- فڪرمندي- محتاجي.
    • ڦَرُ (ا- ع): مال جي ننڍڙي ٻچي لاءِ ڪم ايندڙ عام لفظ.
    • ڏُهڻ (ف- مص): مال مان کير ڪڍڻ جو عمل
    • چرهو (صفت- مذ- و): چرندڙ- چاروڪ. ج. چرها. مث. چرهي.
    • جھيرڻو (ا- خ- مذ- و): هڪ گاهه جو نالو.
    • ڏاٻورو (ا- ع- مذ- و): داٻلو
    • اوٺاڙي (ا- ع- مذ- و- ڍاٽڪي): اُٺن جو مالڪ- اُٺ پاليندڙ
    • چروڙو (ا- ع- مذ- و- ڍاٽڪي): لوٽو. ج. چروڙو. مث. چروڙي
    • لڳههُ (ا- ع- مذ- و): ڀِنل ڪڪر- پاڻيءَ وارو ڪڪر. ج. لڳههَ
    • پاڃاري (ا- ع- مث): ڍڳن، گڏهن جوٽڻ لاءِ ڪاٺ جو فريم جنهن ۾ ڍڳا/ گڏهه جوٽي کوهه مان پاڻي ڪڍيو ويندو آهي يا هر ڪاهيو ويندو آهي.
    • جوٽجڻ. ف. پاڃاري ۾ ٺهڪي بيهڻ.
    • اوهاڙ ڏيڻ: ڳولڻ- آسپاس ۾ آڏوٺي پيرو يا نشان ڳولڻ.
    • ڪونڀاريو (ا- خ- مذ- و): نانگ جو نالو جيڪو نارنگي رنگ جو ٿئي ٿو. ج. ڪُنڀاريا
    • پيئڻ (ا- خ- مث- و): ٿر ۾ هڪ بلا جو نالو جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته اُها زهر وات ۾ ڦوڪي وڃي ٿي تنهنڪري اُن کي ڦوڪڻي به چون.
    • پيئڻ پيتل: پيئڻ بلا جو ڪکيل
    • ڪاهوءَ جو دڙو (ا- خ- مذ): ميرپورخاص جي ڀر ۾ آثار قديم جو دڙو
    • ريهه هُجڻ (اصطلاح): ڏاڙهي جو ڦٽي نڪرڻ- ڳلن تي سنها وار اچڻ.
    • پانءِ (ا- ع- مث): اُٺ جي هڪ وڄڙندڙ بيماري (اياز)- اُٺ کي ٿيندڙ کاڄيءَ جي بيماري
    • ساندارو (ا- ع- مذ- و): پاڻي وجھڻ لاءِ رڱيل کل جي ٿيلهي مث. سانداري
    • پخال (ا- ع- مث- و): پاڻي وجھڻ لاءِ ڪپڙي، چم يا رٻڙ مان ٺاهيل ٻن کُٿن واري ٿيلهي نما ٿئي جيڪا اُٺ يا گڏهه تي پاڻي کڻڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي.
    • گُگههُ (ا- ع- مذ- و): پکيءَ جو نالو. ج. گُگهه
    • ڪُتِ (ا- ع- مث): سنها مڇر. (مذ): مڇر
    • مُنگھڻ (ا- ع- مذ- و): هڪ جيت جيڪو کٽن ۾ ۽ پلنگن ۾ لڪي ويندو آهي ۽ سمهڻ کانپوءِ چڪ پائيندو آهي.
    • چچڙُ (ا- ع- مذ- و): جيت جو مال کي چُهٽندو آهي. ج. چچڙَ.
    • ڌوڪر (ا- ع- مث): شوڪر جو آواز- نانگ جي جسم گھجڻ سان نڪرندڙ آواز.
    • ڪکجڻ (ف- مام): نانگ جو چڪ لڳڻ لاءِ مام ۾ اِن ريت چئبو آهي.
    • جھاڙو لو(ا- ع- مذ): پيرن کان گوڏن تائين رڍ يا ٻڪريءَ جي کل مان لباس جنهن تي نانگ جو اثر نه پوي (اياز).ج. جهاڙولا
    • گڊو (صفت- مذ- و): نانگ جو رنگ- گڊي رنگ جو نانگ. ج. گڊا.
    • گورهيڙو (صفت مذ.و): گورهيڙي رنگ وارو نانگ. (ج): گورهيڙا
    • پَدمُ (ا- ع- مذ- و): نانگ جو نالو جيڪو هٿ جيترو ٿيندو آهي. ج. پدمَ
    • جھموڙي (ا- ع- مذ): نانگ جو قسم
    • جھوڙ (ا- ع- مذ): نانگ جو قسم
    • سَپ (ا- ع- مذ- ڍاٽڪي): نانگ
    • سراپ (ا- ع): دهشت- ڀؤ
    • ڍُرڪڻ (ف): هيڻو ٿيڻ- هراسجڻ.
    • مورُ (ا- ع- مذ.و): ٿر جو مشهور ۽ خوبصورت پکي ج. مورَمث.ڊيل
    • ڄاهوج ڄاها (ا- ع- مذ): نوريئڙو
    • وِههُ (ا- ع- مذ): زهر
    • سينڍ (ا- ع- مث): چپ گول ڪري ڪڍيل آواز
    • ماکيءَ مانارو(ا.مرڪب): ماکيءَ جي ٺاهڻ جو گھر جنهن ۾ مکيون ماکي ٺاهينديون آهن.
    • اگوندرو (صفت): گوندر کانسواءِ- بي ڊپو- بي غمو
    • ٻوڪجڻ (ف): ڀرجڻ- ڍُڪو ٿيڻ- ٻُورجڻ.
    • گھر ڌڻي (ا- مذ): ڪوئا
    • راڄ مهاڄڻ: وڏيرا- چوڌري- جاگيردار.
    • ڪهه (ا- ع): ماڪڙجا ٽولا (اياز).
    • اسوندرو (ا- ع- مذ- ڍاٽڪي): هڪ ڀاڙت ٻوٽو جيڪو ٻئي وڻ تي چڙهي اُن مان کان و حاصل ڪندو آهي.
    • ڪڙيارا گاگھرا: پٽ جا، نفس پَڙا يا گھاگھرا (اياز)- جن پَڙن ۾ ڪڙيون يا پاٽ جوڙيل هوندا آهن.
    • بنڀرڪو (ا- ع- مذ): هلڪو انڌيرو
    • کڙتال (ا- ع- مث- و): هٿ سان وڄائڻ جو سادو ساز.
    • جھُل (ا- ع- مث- و): اُٺ کي پلائڻ لاءِ مٿي وجھڻ وارو ڪپڙو.
    ج. جھُلون.
    • جھُل وجهڻ: پلائڻ لاءِ وهٽ کي سنبرائڻ
    • وهلور (ا- ع- مذ): پور- خيال- پهه- ڳڻتي.
    • ٻوري (ا- ع- مث- و): ڏاس مان ٺاهيل کاهي. ج. ٻوريون. مذ. ٻورو- ٻورا.
    • کرڙُ (ا- ع- مذ- و): ڏاس مان هيٺ وڇائڻ لاءِ ٺاهيل دري. ج. کرڙَ
    • خُرزين (ا- ع- مُث): گهوڙن تي پئسا کڻڻ جون ٿيلهون. ج. خرزينون
    • رُڃ (ا- ع- مث): سراب
    • سانوڻ ٽيج (ا- خ- مث): هڪ تهوار جو نالو جيڪو سانوڻ ۾ ڪنواريون ڇوڪريون ملهائينديون آهن ۽ هي ڏڻ ٽن ڏينهن تي مشتمل آهي.
    • ڪُوءِ (ا- ع- مث): گلي- گھٽي.
    • اميراڻي ڪوءِ: اميرن جي رهڻ جي گھٽي جتي امير رهندا هجن.
    • ولهارُ (ا- ع- مذ- و): وسيع- سرسبز ۽ خوشحال پَٽ يا ميدان. ج. ولهارَ
    • اُماس (ا- ع- مث): اوندهه ٻاٽ- ڪاري رات- جنهن رات ۾ چنڊ بلڪل نه اُڀري
    • هَنو (ا- ع- مذ- و): گھوڙي جي ساجامن جو هڪ وڙ- هنو گھوڙي تي وجھڻ- گھوڙي کي سفر سواريءَ لاءِ سنبرائڻ.
    • ڪانڪهه (ا- ع- مث): وڻ جو نالو- هِي وڻ هاڻي گھٽجندو وڃي پيو.
    • پنڌ (ا- ع- مذ): مفاصلو.
    • پانڌي (صفت- مذ): پنڌ ڪندڙ- پانڌيئڙو
    • سرمد (ا- خ- مذ): مشهور ابدال صوفي.
    • دارا (ا- خ- مذ): شاهجهان بادشاهه جو وڏو پُٽ داراشڪوه
    • پَسارُ (ا- ع- مذ): گهمڻ يا تفريح لاءِ هلڻ
    • ويسوڙو (صفت مذو): ويساهه ڪندڙ- اعتبار ڪندڙ. ج. ويسوڙا
    • واچوڙو (ا- ع- مذ- و): تيز هوا وارو دز اڏائيندڙ طوفان. ج. واچوڙا.
    • پرڪرتي (ا- ع- مث): ڪائنات (اياز)
    • مَندرُ (ا- ع- مذ- و): هندن جي عبادت جي جاءِ.
    • ڪَلس (ا-ع- مث): ڪونگرو- مندر جو منارو
    • ڌان (ا- ع- مذ): اناج
    • ڌَنُ (ا- اجتماج- مذ): ملڪيت- قيمتي وٿون.
    • گُندي (ا- ع- مث- و): اناج رکڻ لاءِ مٽي جو برتن
    • سپنو (ا- ذ- مذ): خواب- رات جو ننڊ ۾ نظر ايندڙ لقاء. ج. سپنا
    • باهوڙ (ا- مذ): حملو، جُلهه
    • چوٿ جو چنڊ: چوٿين تاريخ جو چنڊ
    • مالهاري (ا- ع- مث): هڪ پکي جنهن جي ٻولڻ مان ڀاڳ نڀاڳ وارا نتيجا ڪڍيا ويندا آهن.
    • ڪوڙڪي (ا- ع- مث- و): ڦاسائڻ جو اوزار جنهن ۾ شڪاري شڪار ڦاسائيندا آهن. ج. ڪوڙڪيون
    • رَٿُ (ا- ع- مذ- و): چڙهيءَ جو تخت جنهن کي گھوڙا يا هاٿي ڇڪيندا هئا. ج. رٿَ
    • ڌيرُ (ا- مذ- و): دلاسو- سهارو
    • اُٻرکو (ا- مرڪب- مذ): هلڪا بادل جن سان آسمان ڇانيل هجي.
    • جھُڙ (ا- ع- مذ): سنهي برسات- هلڪي برسات
    • آدجگاد (ا- مذ): ازل- مُنڍ
    • اوڙاهه (ا- مذ): اونهائي
    • ٽوڻو (ا- ع- مذ- و): جادو يا عمليات جو هڪ روپ
    • ڦيڻو (ا- ع- مذ- و): جادو يا عمليات جو هڪ روپ- دم ڪرڻ.
    • ٽوٽڪو (ا- ع- مذ- و): جادو يا عمليات جو هڪ روپ
    • ايڪ (صفت- مذ): هڪ
    • انيڪ (صفت- مذ): گھڻا- اڪثر
    • گِرڻ (ا- مث): گچڻ وارو هنڌ- ڌُٻڻ- جنهن ۾ گچي وڃجي.
    • روجھ (ا- ع- مث): جانور جو نالو جيڪو ڍڳيءَ جهڙو ٿئي ٿو- نيري ڳئون
    • وسرام (ا- مذ): آرام- ساهي- وسرامي. صفت. آرام ڪندڙ
    • ڳاهه ڳهڻ: ڪنهن عمل کي مسلسل ڪرڻ يا اُن مان مسلسل گُذرڻ
    • انبار (ا- ع- مذ): ڍڳُ- ذخيرو
    • ڀاڳ ڦرڻ: قسمت تبديل ٿيڻ
    • راوي (ا- خ- مث): نديءَ جو نالو.
    • سنڌو (ا- خ- مث): نديءَ جو نالو.
    • مولسري (ا- خ- مث): خوشبودار وڻ.
    • مورکتا (ا- ذ- مث): بيوقوفي
    • فرشتو (ا- ع- مذ- و): ملائڪ. ج. فرشتا
    • واڻڻ (ف- مص): ڳُتڻ- واڻ وجھڻ
    • اڻائو (صفت): اويلو- بي وقتائتو. (ضد): سڻائو
    • سڻائو (صفت): وقتائتو- وقت سر
    • ٻوٿاڙيون (ا- ع- مث- ج): مُنهن تي چڙهيل شئي جيڪا وات جي چرپر کي محدود ڪري
    • ساهس ساهڻ (اصطلاح): همت ڪرڻ- اُتساهه سان وڌڻ.
    • قوس قزح (ا- مذ): انڊلٺ- ڏانگڙو
    • مهتابي (صفت- مذ): خوبصورت- چنڊ جهڙو
    • رُخسار (ا- مذ): ڳُل
    • ڪهڪشان (ا- اجتماع- مث): ستارن جي ميڙاڪن جو منڊل
    • رُويا (ا-ع): خواب
    • موتيو (ا- مذ): گُل جو نالو- اُن گل واري ٻوٽي جو نالو.
    • چنار (ا- مذ): وڻ جو نالو
    • نوورني (صفت- مث): نئين روپ واري
    • رات رمڻ: رات ماڻڻ- رات کيڏڻ
    • ڏهڪاءُ (ا- مذ): دهشت- دٻدٻو- خوف
    • آڌي گام (ا- مذ): ڳوٺ جو نالو جيڪو ننگرپارڪر جي ڀر ۾ آهي.
    • ڪاسٻو (ا- مذ): ڳوٺ جو نالو جيڪو ننگرپارڪر جي ڀر ۾ آهي.
    • سام (ا- مث): پناهه
    • کَلي (ا- ع- مث): رڱيل کل مان پاڻي کڄڻ لاءِ ٺاهيل ٿيلهي.
    • ڪنٺو (ا- خ- مذ): ٿر جو هڪ ڀاڳو
    • فانوس (ا- ع- مذ): روشني ڏيندڙ اوزار- گولو بتي.
    • اُڻ تُڻ (ا- مث): ڳڻتي- بيچيني.
    • مڌ ماتو هجڻ: مست هجڻ.
    • مارڳ (ا- ع- مذ): واٽ- لنگهه
    • ڀن ڀن: الڳ الڳ
    • سيراندي (ظرف): مٿي کان
    • سِر ڪاٽڻ (ف مص): کسڪائڻ- آهستي آهستي ڪا شيءَ هيٺيان ڪڍڻ
    • چارو (ا- ع- مذ- و): رستو- واٽ. ج. چارا
    • ڪبيرا (ا- خ- مذ): او ڪبير- ننڍي کنڊ جي نامياري ڀڳتي شاعر کي مخاطب ٿيل
    • ڪيلاش (ا- خ- مذ): جبل جو نالو.
    • مانسرور (ا- خ- مث): ڍنڍ جو نالو جنهن مان سنڌو ندي نڪري ٿي.
    • وشواس (ا- مذ): ويساهه- ڀروسو- اعتقاد
    • شِوالو (ا- ع- مذ): شو جو مندر يا آستان
    • همالو (ا- خ- مذ): جبل جو نالو جنهن جي چوٽي دنيا جي اُتاهين چوتي آهي
    • کير ٿر (ا- خ- مذ): سنڌ جي هڪ جابلو سلسلي جو نالو
    • ناؤ ۽ نوش: کائڻ پيئڻ- رنگ رليون
    • خرابات: نشو- مستي
    • ڪاروان (ا- مذ): قافلو
    • مماتي (ا- مث): مُئل شيون
    • گيان (ا- مذ): علم- ڄاڻ
    • آتما (ا- مذ): روح
    • روح (ا- مذ): آتما
    • ڪاڪ (ا- خ- مث): نديءَ جو نالو
    • ڪُرلاءُ (ا.مذ) : ڪڻڪڻ جو آواز، ڪونجن جي ٻولي
    • ڪجائو (ا- مذ): ماڻهن کي کڻڻ جو ڪاٺ مان ٺاهيل ڏوليون. ج. ڪجاوا
    • نيئر (ا- ع- مذ): زنجير- قابو ڪندڙ اوزار
    • نيئر ڇنڻ(اصطلاح) : پيڪڙا توڙڻ، آزاد ٿيڻ
    • اورنگي (ا- خ- مث): علائقو- ڪراچيءَ جو هڪ ٽائون
    • کاهي (ا- مث- و): کڏ- کوٽيل هنڌ. ج. کاهيون
    • ورانگهه (ا- مث- و): وک. (ج): ورانگھون
    • تاريلي (صفت- مث): تارن ڀري- تارن واري
    • جر (ا- ع- مذ): پاڻي
    • وترو جر: ججھو پاڻي
    • وهامڻ (ف- مص): گُذرڻ- لنگھي وڃڻ- هليو وڃڻ
    • جٽائون (ا- مث): ڳرنڍيون ٿيل ڊگھا وارا جيڪي سنياسي ۽ جوڳين ۾ عام آهن.
    • لائون (ا- مث): گھوٽ ڪنوار جي مٿن ڇُهائڻ جو عمل
    • پاڳي (ا- مذ- ): پيري
    • پرهه جا پاڳي: پرهه جا پيري
    • کرو ۽ لائو: مظبوط ۽ پختو ۽ لڏندڙ لمندڙ
    • اُفق (ا- ذ- مث): سج اُڀرڻ وارو زمين ۽ آسمان ملڻ جو هنڌ
    • شفق (ا- ذ- مث): سج لهڻ وارو زمين ۽ آسمان ملڻ جو هنڌ
    • سگھيرو (صفت مشابهت): وڌيڪ سگھو- وڌيڪ مضبوط
    • شاهه عنايت (اسم خاص): مشهور انقلابي اڳواڻ
    • جھوڪ (ا- خ- مث): شاهه عنايت جو ماڳ جتي هُن پنهنجو انقلابي ڪم شروع ڪيو.
    • مارئي (ا- خ- مث): ٿر جو حب الوطنيءَ جو نامور ڪردار
    • ولر (اسم- مذ): مال جو ميڙاڪو جيڪو گڏ هلي. تصغير: ولرڙو،ولريو
    • ڪرڙا (صفت): گڊي رنگ وارا- اڇا ڪارا
    • دان (اسم): عطا- ڏات- ڏنل شئي، ڏان
    • کُورو (اسم- مذ): ٿانون ۽ سرن پچائڻ جو هنڌ، جتي باهه ججھي هجي.
    ج. کورا
    • جانڊهه (اسم- ع- مث): جنڊ- پيهندڙ شئي
    • ڍونگ (ا- ع- مذ): بهانو- ڪوڙو سانگ
    • ڳجھ (اسم- ع- مث): هڪ پکي جنهن لاءِ ڊونڍي پسنديده کاڌو آهي. (ج): ڳجھون
    • ڪپار (ا- ع- مذ): پيشاني- مٿان مرڪز وارو هنڌ.
    سج ڪپار اچڻ- سج نيزي تي اچڻ.
    • خمير (ا- ع- مذ): مواد جنهن مان ڪا شئي ٺاهي ويندي هجي.
    • سرير (ا- ع- مذ): جسم ۽ روح- اندر ۽ ٻاهر سمورو
    • وسيهر (صفت- مذ): وهه وارو- زهريلو
    • ڪنٺلا (ا- ع- مذ- خ): ڳچيءَ جا زيور. و. ڪنٺلو. مث. ڪنٺي.
    ج. ڪنٺيون (اياز)
    • گورلا (ا- ع- مذ- خ): ڪراين جا زيور. و. گورلو. (اياز)
    • ڪُرَ (ا- ع- مذ): ڪنن جا زيور (اياز)
    • ڦوڪارو (ا- ع- مذ): ساهي
    • ڪاڇي مينهن: ڏکڻ مينهن (اياز).
    • لُٻرڪا: برسات جو اهو به هڪ اُهڃاڻ آهي ته نانگ ڄڀ ٻاهر ڪڍي لُٻرڪا ڪندو آهي (اياز)
    ڏکڻ مينهن نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي. چوڻي (اياز)
    • ڦونهار: سنهي بُوند (اياز)


    ڪتابيات

    1. ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا) شيخ اياز
    2. اڪن نيراڦليا شيخ اياز
    3. تاريخ ريگستان ٻئي ڀاڱا رائچند هريجن
    4. ڪرونالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ايم ايڇ پنهور
    5. وڄون وسڻ آئيون شاعري شيخ اياز
    6. ڪي جو ٻيجل ٻوليو شاعري شيخ اياز


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 899
    ڪتابن جو مشاهدو: 2758067
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 707494
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ