ڪتاب جو نالو: نظمن کي نئون ويس!
مصنف: نادر دايو
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 12 مئي 2020 ع
پڙهيو ويو: 1264 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 261 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شھداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ نوجوان تخليقڪار نادر دايي ھن ڪتاب ۾ اردو ٻوليءَ نامياري شاعرن گلزار. صفي سرحدي. پروين شاڪر. جاويد اختر، ارمان علي، جون ايليا ۽ منير نيازيءَ سميت ڪيترن ئي شاعرن جا نظم سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري شامل ڪيا آھن، جيڪا پڻ سنڌي ادب جي وڏي ڪاميابي آھي. ترجما ڪرڻ ۽ پڙھڻ اھا تحقيق بين الاقوامي سطح تي سنڌي ادب کي ھٿي وٺرائي سگھي ٿي. نادر دايي جا ترجما ڪيل نظم شفاف آئيني جيان آهن جن ۾ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگهي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ: نظمن سان نئون جهان جوڙي سگھجي ٿو !
  • معاشري جو ماريل
  • نادر دايي جو ساراھ جوڳو ڪم
  • نظمن کي نئون ويس پارائي منظر عام تي آڻيندڙ نادر دايو
  • پنهنجي پاران: جڏهن خواهشن کي نئون دڳ مليو هو
  • نظم

  • گلزار جا نظم
  • صفي سرحدي جا نظم
  • پروين شاڪر جا نظم
  • جاويد اختر جا نظم
  • خالده منير جا نظم
  • ارمان علي جو نظم
  • جون ايليا جو نظم
  • منير نيازي جو نظم
  • عارف شفيق جا نظم
  • سعيد احمد جو نظم
  • مشتاق احمد يوسفي جو نظم
  • عبدالحفيظ ڀٽي جو نظم
  • سيما عباسي جو نظم
  • عئشا غازي جو نظم
  • نامعلوم شاعرن جا نظم

  • ارپنا

    انهن تخليقڪارن جي نانءُ،
    جن جي تخليق مون کي متاثر ڪيو
    ۽
    مون نظم ترجما ڪيا


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئو ڪتاب ” نظمن کي نئون ويس“ اوهان اڳيان پيش آهي. اردو ٻوليءَ جي شاھڪار نظمن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪرڻ جو ھي سھرو نادر دايو ڏانھن وڃي ٿو.
    شھداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ نوجوان تخليقڪار نادر دايي ھن ڪتاب ۾ اردو ٻوليءَ نامياري شاعرن گلزار. صفي سرحدي. پروين شاڪر. جاويد اختر، ارمان علي، جون ايليا ۽ منير نيازيءَ سميت ڪيترن ئي شاعرن جا نظم سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري شامل ڪيا آھن، جيڪا پڻ سنڌي ادب جي وڏي ڪاميابي آھي. ترجما ڪرڻ ۽ پڙھڻ اھا تحقيق بين الاقوامي سطح تي سنڌي ادب کي ھٿي وٺرائي سگھي ٿي. نادر دايي جا ترجما ڪيل نظم شفاف آئيني جيان آهن جن ۾ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگهي ٿو.
    نادر دايي جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آن لائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. پيارا نادر سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ اوھان جي لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    Sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ: نظمن سان نئون جهان جوڙي سگھجي ٿو !

    هن وقت سنڌ اندر شاعري وڏي پئماني تي ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ شاعري جون سڀئي صنفون دل لڀائيندڙ آهن تڏهن به نظم جي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت آهي. جڏهن نظم پڙهيا ويندا آهن يا نظم ٻُڌيا يا ٻُڌايا ويندا آهن ته اُنهي وقت نظم جي هر هڪ سُٽ سان گڏ دل جي دڙڪن هيٺ مٿي ٿيندي آهي ۽ انهي عمل ۾ ئي نظم جي حُسناڪي سمايل آهي. نظم ٻڌندڙ باقي ٻين سڀني معاملن کان بي نياز ٿي ڪري پنهنجي پاڻ کي نظم جي لَهُوراين ۾ ارپي ڇڏيندو آهي ۽ اِها ارپنا سندس روح کي تازگي بخشيندي آهي. اسان جو دوست محترم نادر دايو به اُنهن ئي ماڻهن منجهان هڪ آهي جن پنهنجي پاڻ کي ڪُلي طور نظم ڏانهن ارپي ڇڏيو آهي. نظمن سان سندس اُٿاھ محبت آهي ۽ اِنهي محبت کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ھُو مختلف شاعرن جي نظمن کي نئون ويس پارائيندو رهندو آهي.
    سندس ترجما ڪيل نظم شفاف آئيني جيان آهن جن ۾ ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگهي ٿو. اهل دل ماڻهن لاءِ هي سڄو سنسار هڪ جهڙو ئي هوندو آهي. سڀئي قومون، ڪٽب توڙي قبلا انهي جا پنهنجا ئي هوندا آهن. سُڄاڻ ذهن نه صرف انسانيت سان پيار ڪندڙ هوندا آهن پر انسانن طرفان جوڙيل هر هڪ شئي سان به پيار ڪندا آهن. انسان ۾ محبت جو جذبو فطري جذبو آهي. انسان جڏهن پنهنجي فطري صلاحيتن کي پرکي ڪري انهن مان ڪم وٺڻ لڳندو آهي ته کيس خوش آئينده نتيجا ملندا آهن. شيخ اياز چواڻي:

    مايوس نه ٿي تاريخ ڪَنان جو ٿيڻو ئي هو سو ٿي ويو،
    هي هَٿّ هٿوڙا اَڄُ به اَٿي ۽ دنيا ڏاري ٿي سگهجي.

    شاعريءَ جو هي مجموعو جيڪو هن وقت اوهان جي هٿن ۾ آهي، يقينن هڪ وڏي محنت ۽ چاھ کان پوءِ ئي اوهان جي مطالعي جي ميز تائين پهتو آهي. هن مجموعي ۾ جيڪي نظم آهن سي اڙدو مان ترجمو ڪري اوهان جي پڙهڻ لاءِ پنهنجي ئي ٻولي ۾ نئين ويس سان پيش ڪيا ويا آهن. ترجمي نگاري به هڪ فن آهي ۽ سُٺو ترجمو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو آهي جڏهن ماڻهو کي لاڳپيل ٻولي تي سُٺي مهارت حاصل هجي. هي ڪم ٻولي جي بنيادن، اصولن ۽ سهڻي اسلوب کانسواءِ قطعي ممڪن ڪونه آهي. شاعري تي ڪئين ڳالهائجي؟
    شاعري تي ڇا لکجي ۽ ڪئين لکجي؟ اِهو ته هڪڙو شاعر ئي بهتر نموني سان ٻڌائي سگهي ٿو ڇو ته شاعري انسان جي جسم ۾ سندس رت سان گڏ گردش ڪندي آهي. سندس ڦڦڙن ۾ ساھ سان گڏ اندر ۽ ٻاهر ٿيندي آهي. سندس اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ ٻاهر جلوه افروز ٿيندي آهي. سرهاڻ ٿي ڪري سندس نڪ وسيلي انسان جي جسم ۾ داخل ٿيندي آهي. ڀلا پاڻ کان شاعري پري ٿي به ڪٿي آهي. ماڻهو ته شاعراڻي انداز ۾ ڳالهائيندا آهن. شاعري کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڪري کيس ڳل ڳراٺيون پائيندا آهن.”پروين شاڪر، خوشبو جهڙي شاعره “ جي عنوان سان مهتاب هنجهڙو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ٿو ته ” پروين شاڪر ارڙهن بهارون پهرين اسلام آباد جي سفاڪ شاهراهه تي هميشه جي لاءِ خوشبو بڻجي ويئي. پر اڄ تائين هُن جي شاعري ياد تازي ڪندي رهي ٿي. تڏهن تڏهن چيو هو ته:

    مر ڀي جائون تو ڪهان لوگ ڀُلا ڀي دينگي،
    لفظ ميري مري هوني ڪِي گواهي دينگي.

    پروين جي شاعري کي هر طبقي جو ريڊر پسند ڪري ٿو، جيئن گهڻن ليکڪن کي صرف ڪو هڪ ڪلاس ئي ڪندو آهي، جيئن جگجيت ٻڌڻ وارن جو ڪلاس الڳ هوندو آهي ته غلام حسين عمراڻي کي ٻڌڻ وارن جو طبقو ئي وري الڳ هوندو آهي، ائين پروين جي شاعري ۾ اها شفا آهي ته هر طبقي جو پڙهندو آهي. رومانيت، جنس ۽ سماجيت جا سمورا پهلو هن جي شاعر جو حصو رهيا آهن، تڏهن ته هُن جي شاعري مان پيار ۽ احساس سان گڏ عجيب لطف اندوزي نظر ايندي آهي. رومانيت جي موضوع تي هن انتها درجي جي شاعري لکي. هيئن به چيو آهي ته:
    هوا ني موسم بازارن سي سازشين ڪر لي،
    مگر شجر ڪو خبر هي نهين شرارت ڪي.
    هن پنهنجي شاعري ۾چئن مردن کي کلي طرح حصو بڻايو آهي، جنهن ۾ ڀاءُ، پٽ ۽ محبوب ۽ والد صاحب شامل آهي، انهن جو روايتي اظهار نه، هُن انهن جي ذات ۾ جيڪو ڪجهه پاتو آهي ان جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ بي هٻڪائي جي ڪري سندس سموري شاعري معتبر آهي جيئن هن پاڻ جيان سندس شاعري خوبصورت هئي/آهي، ائين سندن پڙهڻ جو انداز به فيض احمد فيض جيان ڪمال جو هوندو هو. مان اڪثر يُو ٽيوب تي پروين کي ٻڌندو رهندو آهيان. هُن جو پڙهڻ وارو انداز موسيقي بڻجي ويندو آهي. انهيءَ شيرواني ڪڙتي ۽ کليل وارن واري پروين جا خيال رومانس جي آخري حد تائين ويندا هئا. آخري دور واري شاعري ۾ هُن جي شڪست ۽ بوريت نظر اچي ٿي. جڏهن هُن لکيو هو:

    اب ياد نهين ڪي زندگي مين،
    مين آخري بار ڪب هنسي ٿِي!

    هن جي شاعريءَ جو اصل موضوع پيار، رومانس ۽ احساس رهيو آهي. هن جا ڪتاب انڪار، خود ڪلامي، صد برگ، ماهه تمام ۽ ڪف آئينه بيشڪ ناياب ڪتاب آهن پر ”خوشبو“ سڄي دنيا ۾ خوشبو جيان ڦهلجي ويو هو. انهيءَ مجوعي پروين کي شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪتاب جي پهرئين پيج تي هن پنهنجي محبوب جي لاءِ لکيو آهي:

    وه سايه دار شجر،
    جو مجهه سي دور، بهت دور هي، مگر اسي ڪي،
    لطيف چهاؤن،
    سجل، نرم چاندني ڪي طرح،
    ميري وجود، ميري شخصيت پي ڇائي هي!
    وه مان ڪي باهون مانند مهربان شاخين،
    جو هر عذاب مين مجهه ڪو سميٽ ليتي هين،
    وه ايڪ مشفق ديرينه ڪي دعا ڪي طرح

    محبوب جي پيار کي ماءُ جي شفيق ٻانهن سان ڀيٽو آهي. اها هُن جي بي انتها محبت کي ظاهر ڪري ٿي. هُن ڪنهن کان ڪجهه به لڪايو ناهي. جيڪو هُن محسوس ڪيو آهي اُهو هُن لکيو آهي. فيض احمد فيض ۽ گلزار کان پوءِ پروين شاڪر منهنجي فيورٽ شاعره رهي آهي. پروين پيار جي ترجمان شاعره هُئي، ان جي ڪري سندس ڪتاب ”خوشبو“ پريمي جوڙن ۾ وڏو مشهور ٿيو. نوجوان جوڙا هڪ ٻئي کي گفٽ ۾ ”خوشبو“ ڏئي کلي طرح اظهار ڪري وٺندا آهن ڇو ته ”خوشبو“ مجموعو پيار جي اظهار ۽ اقرار جيان آهي“. هن مجموعي ۾ محترمه پروين شاڪر جا به کوڙ سارا نظم ترجما ڪري شامل ڪيا ويا آهن ۽ اُنهن سان گڏ صفي سرحدي، جاويد اختر سان گڏوگڏ اسان جي سنڌ جي سٻاجهڙي شاعره محترمه خالده منير، محترمه سيما عباسي سميت نئي ٽهي جي نوجوان انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي جا نظم به اوهان کي پڙهڻ لاءِ ملندا. مجموعي طور هن ڪتاب ۾ جيڪي به نظم آهن سي سڀئي شاهاڪار نظم هجڻ سان گڏوگڏ پڙهڻ جهڙا نظم آهن.


    يوسف جميل لغاري


    معاشري جو ماريل

    سنڌي ادب ۾ آزاد نظم جي صنف اوائلي ادبي دور ۾ داخل ٿي پر ان کان اڳ ان کي ادب ۾ آڻڻ لاء ڪا خاص رٿا بندي نه ٿي ملي ڇاڪاڻ ته پابند نظم ادب جي مضبوط صنف آھي ۽ ان سان گڏ غزل بيت وايون چوسٽا ٽيڙو ھا ئيڪا وغيره شامل ھيا. آزاد نظم ادب جو مرڪز رھيو آھي ڇاڪاڻ ته آزاد نظم کي ھڪ لفظ کان وٺي اڻ کٽ سٽن تائين گھاريٽي ۾ آڻي سگھجي ٿو. اسان جيڪا عام ماحول ۾ ڳالھ ٻولھ ڪندا آھيون سا به ون لائين آزاد نظم آھي ۽ ان سان گڏ موھن جي دڙي ۾ تختين تي لکيل ٻولي به آزاد نظم جي ضمري ۾ اچي سگھي ٿي. باقي رھي ڳالھ ان جي ترجمي جي ان کي سمجھڻ لاء اڃان ڪم باقي آھي. آزاد نظم سھڻي ۽ خوبصورت صنف آھي جيڪا اڄڪلھ ھر اديب ان کي پنھنجي خيالن جي ذريعي ماحول ۾ ٿيندڙ خوشيون تڪليفون ناانصافيون معاشرتي مت ڀيد طبقاتي فڪر کي آزاد نظم ۾ آرام سان سمو ئي سگھجي ٿو پر ان ۾ ڳالھ مقصد واري ۽ ڪلا ئيميڪس اثر انداز ھجڻ شرط آھي.
    آزاد نظم جي صنف کي ساھ ۾ سانڍي مسلسل جدوجھد ڪندڙ ڪيترا ئي اديب ۽ شاعرن طبع آزما ئي ڪري چڪا آھن جديد ادب ۾ ھونء به اڄڪلھ لکڻ ۽ پڙھڻ جو رجحان وڌي رھيو آھي پر بي ترتيبي سان ان ئي سبب جي ڪري سرڪاري سطح تي به ڪا سرگرمي نظر نه ٿي اچي ۽ ان جو اثر بين الاقوامي چٽاڀيٽن يا ايوارڊ پروگرامن ۾ سنڌي ادب گھڻو پو ئتي رھجي ويو آھي. اسان جي سنڌ ۾ ھر اديب شاعر وت وس واھر ذريعا ن ھجڻ ڪري پنھنجي شوق جي شمع کي جلا ئيو اچن ٿا پر ڪيستا ئين ائين ادب ۾ پيدا ٿيندڙ نواڻ کي نت نئين قسم جو موت قسمت ۾ ملندو. اسان جي سنڌ ۾ ھر ھڪ تخليقڪار پنھنجي پنھنجي رستي ادب ۾ ڪم جاري و ساري رکي ٿو الائي ڪيترن اديبن جون تخليقون پليٽ فارم ن ھجڻ ڪري وڃائجي وڃن ٿيون. پر جدوجھد جاري رکڻ سان ئي منزل کي مات ڏئي اصل مقصد حاصل ڪري سگھجي ٿو منزل تائين رسا ئي به صحيح آھي. پر علاما اقبال چيو آھي ته ستارن کان اڳتي به دنيا آھي ته دنيا اڻ کٽ منزل جو ميدان آھي. ان ئي ميدان ۾ آزاد نظم جي سر سبز لاڀ لوڙيندڙ نادر دايو به ھڪ آھي.
    نادر دايو سنڌ جي ان شھر سان تعلق رکي ٿو جتي ڪنھن به قسم جي ڪاب سھولت موجود ناھي سڄي زندگي لوڙھڻ سان به ڪابه منزل يا مقصد ناھي ملندو ھن شھر جا ڪيترا ئي فنڪار ھنرمند غربت جي زندگي گھارڻ ڪري پنھنجي فن ۽ فڪر کي فنا ڪري پنھنجي ٻچن جي روزي ۾ مشغول ٿي ويا آھن پر نادر دايي وقت جي مناسبت سان ھڻا وڻان ڪري پنھنجي سر مدد تحت شوق ذوق کي زندھ رکندو آيو آھي مختلف معاملن کي منھن ڏيندي ھن معاشري کي سمجھيو ۽ پروڙيو آھي. ادب ۾ ھن کي ڏھن سالن کان وقت ٽپي ھليو آھي پر ان ئي جاھ و جلال سان محنت ڪندو رھي ٿو شھدادڪوٽ شھر ۾ پيڙاھن جي پختگي ھجڻ ڪري نادر دائي پنھنجي فن کي فنپاري ۾ جوڙڻ چاھيو پر جنھن اديبن سان سڄي زندگي گذاري ڇڏي انھن وٽ ادب جي ڪرت ھجڻ سان گڏ بي ادبي عروج تي ھيئي ساڙ طبقاتي سوچ سان سلھاريل ھجڻ ڪري نادر ڊايي مان ڪم ته ڪڍي ويا پر کيس ادبي گڻ يا سکڻ واري مرحلي مان واقف ڪين ڪرايو جنھن جو ھن معاشري جي ماريل نوجوان ۽ ھڏڏوکي اديب ۽ شاعر کي نقصان پھتو ۽ ان جو ازالو وقت ب ڪون ٿو ڪري سگھي ڇو ت وقت واپس ناھي ورندو ھا اميد وقت جي آسري مرگ جي بستر تي زنده رھڻ جو اجايو اعلان ضرور ڪندي آھي ان ئي اجائي اميد ۾ ھن پنھنجي ادب جي اميد ۾ ساھ گھوري ڇڏيو.
    نادر دايي جو ھي ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن پھريون ڪتاب آھي. ان کان اڳ ھن جون ٻن شاعري جي گڏيل ڪتابن ۾ شاعري شامل آھي ۽ ھڪ ڪتاب مرتب پڻ ڪيو آھي ۽ ھي ڪتاب نظمن کي نئون ويس آزاد نظمن جو ھڪ آزاد ۽ مڪمل ڪتاب آھي. جيڪو سنڌ جو ھر اديب سنڌ سلامت ڪتاب گھر تا لاھي پڙھي سگھي ٿو ھن ڪتاب ۾ دنيا جا مختلف سنڌي اردو ۽ انگريزي اديبن جا پنھنجي ٻولين جا نظم سنڌي ٻولي ۾ ترجما ڪيا آھن ـ جيڪا ھڪ سنڌي ادب جي وڏي ڪاميابي آھي آئون يقين سان اھا ڳالھ چوندس ته ترجما ڪرڻ ۽ پڙھڻ اھا تحقيق بين الاقوامي سطح تي سنڌي ادب کي ھٿي وٺرائي سگھي ٿي ڇو ته اسان عالمي ادب کان ڪوھ سون دور آھيو جنھن جو نقصان اڄ جي نوجوان کي ڀوڳڻو پوي ٿو اسان جي پراڻن اديبن ان ڳالھ تي خاص ڌيان ن ڏيڻ سبب سنڌ جو ادب ڪيترن ئي سالن کان ساڳي جڳھ تي موجود آھي. نادر دايي ان عمل کي جاري رکندي سنڌي ادب ۾ ھي ڪتاب شايع ڪرائي ھڪ قيمتي تحفو ڏنو آھي نادر دايي جي نظمن ۾ اصلي نظمن جي گھاريٽي کي پڻ نظر ۾ رکندي انھن جي خيال کي ساڳيو رکي سندس جي ڪلا ئيميڪس کي اثرانداز ڪري نظم جي ميدان جو مجاھد بڻجي چڪو آھي. آئون سندس جي آيل ڪتاب تي نيڪ خواھشن سان گڏ دل سان دعا ٿو ڪيان ت ان ادبي صنف سان گڏ ادب جي ٻين پھلوئن تي پڻ طبع آزمائي ڪرڻ گھرجي.

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي
    شھدادڪوٽ
    03322016227


    نادر دايي جو ساراھ جوڳو ڪم

    عرفان لُنڊ ڪهڙي ھنڌ لکيو ھو تہ "ترجمو ڪرڻ پراوا ٻار پالڻ برابر آھي" سو ڪجھ دوستن پراوا ٻار پالي ڪري بہ ذهني ۽ دلي سڪون حاصل ڪندا آھن، اھڙن دوستن ۾ مانوارو نادر دايو پڻ اچي وڃي ٿو. نادر دايو ھن ننڍي ڄمار ۾ جيڪو ترجمن وارو ڪم ڪري رھيو آ، سو ڪم سچ پچ تہ ساراھ جوڳو آھي. نادر دايي جا ترجمو ڪيل نظم مختلف وقتن تي سوشل ميڊيا تي نظرن جو مرڪز ٿيندا رھندا آھن، پر سوشل ميڊيا تي وري ڪافي شيون پڙھڻ کان رهجي ٿيون وڃن، ڇو تہ ھڪ لالوءَ وارو لشڪر آ جيڪو صبح، منجھند، شام ان باڪس، واٽس اپ، ٽيگ توڙي ايس ايم ايس جي صورت ۾ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون وبائون ٿا موڪلين، ان ڪري اھي وبائون پڙھڻ کان اڳي ئي ڊليٽ باڪس جي ور چڙهي وينديون آھن ( ۽ گھڻو ڇتو تہ وري جمعي مبارڪ جو سلام، گڊ مارننگ وارن بہ ڪيو آ ) پر نادر جا ترجمو ڪيل ڪجھ نظم جڏھن انباڪس ۾ ھڪ آچر رات پڙھڻ لاءِ ملن ٿا تہ آئون ننڊ کي پاسيرو رکي ڪري، ترجمو ڪيل نظم تان ننڊ قربان ڪيان ٿو، ۽ نادر جي محنت تي حيران ٿي وڃان ٿو تہ ھن يارڙي کي عشق جو ڌڪ ٺاھوڪو لڳل آھي جو ھُنَ ھي ٺاھوڪي ھٿ ڪري وري انهيءَ ڪليڪشن کي سنڌي ويس پارايو آھي.

    روشن شيخ ـ خيرپور ميرس


    نظمن کي نئون ويس پارائي منظر عام تي آڻيندڙ نادر دايو

    هن وقت جتي ادبي حلقن ۾ نوجوان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، هتي وري نوجوان اوترو ئي تيزي سان پنهنجون ادبي خدمتون سرانجام ڏيندا پيا اچن. ڪجهه وقت کان اُهو تاثر ڏنو پيو وڃي، هيترن سالن ۾ نوجوانن سنڌي ادب کي ڪو سٺو ڪتاب يا ڪا سٺي تخليق ناهن ڏئي سگهيا. آئون سمجهان ٿو اُهو تاثر بلڪل غلط آهي. موجود وقت ۾ نوجوان تمام سٺو، وڏي چاهه، جنون ولولي سان لکي رهيا آهين. اميد آهي ايندڙ وقت نوجوانن جو ھوندو. هي وقت نوجوانن کي اڳتي آڻڻ جو آهي. هر نوجوان ٻئي نوجوان کي اڳتي آڻڻ ۾ همت افزائي ڪري اڃان سٺو لکڻ لاءِ اتساهه ڏي. ڪافي سينيئر دوستن جو اُهو خيال آهي، بلڪه ائين چوندا رهيا آهين، نوجوان گهڻا جذباتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جا باحث آهين. هنن جو اُهو خيال بلڪل صحيح آهي. نوجوان جذباتي آهين.. پر انهن جو اُهو تاثر بلڪل غلط آهي. تہ نوجوانن سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ آندو آهي. آئون انهن اديبن کي چوندس تي منهنجا محترم اديبو اوهان تي نوجوانن نئين ٽهي جي لکندڙ کي ڪو موقعو فراھم ناهي ڪيو. ادبي شاخن کي سياسي استعمال طور هلايو پيو وڃي.. انهي ڳالھ کي گھرائي ڏي وٺي ويندس تي سڀ راز کولي پوندا. انهي لاء آئون ڪجهه لکڻ کان پاسيرو ٿي پياري نادر دايو جي ترجمو ڪيل نثري نظم جي ڪتاب تي پنهنجو تاثر لکندس.
    موجود وقت ۾ احمد شاڪر، رشيد خاصخيلي، يوسف جميل کان ويندي ساقي عالم جان ڪنڀر تائين ڪافي نوجوان اهڙو ته سٺو پيا لکن جنهن جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي نوجوانن جون ادبي خدمتون ڏسي انهي کان پوءِ منهنجا ٿڪ لهي ويندا آهين. هن مهل نادر جو ڪتاب (نظمن کي نئون ويس) پي ڊي ايف ۾ موجود آهي. جنهن جي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ سندس ڪتاب تي ٻہ اکر لکي رهيو آهيان. (نظمن کي نئون ويس) پارائي ڪتابي صورت ۾ آڻيندڙ نوجوان نادر دايو بہ تمام سٺو پيو لکي. سندس ترجمو ڪيل نظم ناليواري شخصيتن جا آهين. جنهن گلزار، صفي سرحدي، پرين شاڪر، جاويد اختر جا چونڊ نظم شامل آهين. سنڌ اندر ڪافي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ٿيا آهين. تن گهڻي ڀاڳي ناول آهن. منهنجي خيال ۾ شاعري جا ڪتاب بہ اڳ ترجمو ٿيا هوندا ڪڏهن منهنجي نظر مان ناهن گذريا باقي مختلف ماڻهن جا هڪ اڌ نظم ترجمو ٿيل ڪٿي ڪٿي پڙهيا آهين.
    منهنجي نظر مان (نظم کي نئون ويس) شاعري جو پهريون ڪتاب آهي جيڪو گڏيل شاعرن جي نظم کي ترجمو ڪري منظر عام تي آندو ويو آهي. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي جڏهن نادر مون ڏي ڪتاب موڪلي چيو پيارا منهنجي ڪتاب تي ٻہ اکر اوھان لکي ڏيو. تڏهن نادر جي ترجما ڪيل نظم پڙهندڙ پڙهندڙ مون کي دلي طور ايتري خوشي ٿي جنهن جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي. مون کي خوشي تاثر لکڻ جي نہ مون کي خوشي انهي ڳالھ تي ٿي تہ نوجوان اڳتي نڪرن پيا نوجوان کي اڳتي اچڻ گهرجي. ڇو جو نوجوان جنهن راھ تي ھموار يا مسافري ڪري رهيا آهين انهي منزل تي ڪاوا، ڪنڊا، ٻيون بہ خبر ناهي ڪيتريون رڪاوٽون موجود آهين.. خير نوجوان کي انهي جي پرواهه نہ ڪرڻ گهرجي اهڙي منزل تان جڏهن گذر ٿيندو آهي، تڏهن تڪليف ضرور ٿيندي آهي.. جنهن کي برداشت ڪرڻو پوندو. هاڻي منزل پري ناهي، اُهو ڏينهن جلد ايندو اسان نوجوان هٿن ۾ هٿ ڏئي سڀ رُڪاوٽون هٽائي پنهنجي منزل تي پهچندا سين. (نطمن کي نئون ويس) ڪتاب ادبي حلقن ۾ پنهنجي هڪ الڳ جاء جوڙيندو.. آئون تمام گهڻو ٿورائتو آهيان پياري نادر دايو صاحب جو جنهن مون کي پنهنجي ڪتاب تي تاثر لکڻ جو موقعو فراھم ڪيو اميد اڳتي بہ نوجوان ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو.


    اظهر امر
    ٽنڊو الهيار
    سنڌ پاڪستان
    03103730010


    پنهنجي پاران: جڏهن خواهشن کي نئون دڳ مليو هو

    زندگيءَ ۾ هڪڙي خواهش هئي ته ڪو شاعري جو ڪتاب ترجمو ڪري منظر عام تي آڻيان. پر هميشہ ڪنهن جو ساٿ نہ ملڻ ڪري منهنجا ارمان پرزا پرزا ٿيندا رهيا. ڪڏهن بہ همت نه هاريم نہ همت هارڻ گهرجي، لکجي، لکڻ گهرجي، هر اُهو نوجوان جيڪو ادبي حلقن ۾ پنهنجون ادبي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. اڄ جڏهن منهنجي ڪتاب "نظمن کي نئون ويس" لاءِ پنهنجي پاران لکي رهيو آهيان تڏهن اکيون آليون ٿي پيون آهين. منهنجون خواهشون ڪنهن ننڍڙي ٻار جي خواهشن جيان پنهنجي پائي تڪميل تي پهچي چڪيون آهين. منهنجو نثر وارو پاسو بلڪل بہ ڪچو آهي، نثر لکڻ لاءِ لفظن جو وسيع سمنڊ گهرجي ٿو. پر آئون جڏهن بہ قلم کڻي لکڻ لاءِ ويهندو آهيان تڏهن لفظ منهنجو ساٿ نٿا ڇڏين. آئون قلم کي پنن مٿان ڦيرائي گيرائي واپس رکي ڇڏيندو آهيان. اڄ جڏهن پنهنجي ترجمو ڪيل ڪتاب "نظمن کي نئون ويس" ۾ لکڻ لاء ويٺو آهيان، تڏهن جنهن هٿ ۾ قلم آهي اُهو هٿ بلڪل ٿڙڪي رهيو آهي. مون کي خوف ٿي رهيو آهي ته ڪٿي ڪا غلطي نہ ڪري وڃان. مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي، مختلف شخصيتن جا نثري نظم سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان. هاڻي فيصلو ادبي ميدان حوالي ڪيان ٿو.
    آئون ٻين تي ته گهڻو ڪجهه لکي سگهان ٿو پر پنهنجي پاڻ تي لفظ بہ نٿو لکي سگهان، پنهنجن پاڻ تي لکڻ وارو ڪم منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. آئون هن ڪتاب کي ترتيب ته ڏئي چڪو هئس پر هن ڪتاب کي ڪمپوز ڪري منظر عام تي آڻڻ منهنجي وس جي ڳالھ ڪونه هئي. هن ڪتاب کي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ سڀ کان پهريان تہ نوجوان ٽهي جي بهترين لکندڙ ادبي حلقن ۾ تمام ننڍڙي عمر ۾ پنهنجو پاڻ مڃائيندڙ اظهر امر جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. جنهن مون کي اتساهه ڏنو. ڪتاب کي ترتيب ڏئي منظر عام تي آڻڻ لاءِ همت افزائي ڏني. تنهن کان سواءِ اظهر امر منهنجي ڪتاب تي تاثر پڻ لکيو. تنهن کان سواءِ کجين جي شهر خيرپور ميرس جي بهترين شاعر دوست روشن شيخ جو بيحد ٿورائتو آهيان. جنهن منهنجي ڪتاب تي خوبصورت تاثرات لکي مون تي وڏي نوازش ڪئي آهي.
    ڪتاب جي ڪمپوزنگ کان ويندي، ڪتاب جي مهاڳ توڙي ڪتاب جي ٽائيٽل تائين، ڪتاب کي پچائي راس ڪندڙ نوجوان يوسف جميل لغاري جو بہ بيحد ٿورائتو آهيان. آئون ٿورائتو آهيان پياري ڀاءُ انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽيءَ جو جيڪو هر وقت مون سان گڏ رهي ڪري ڪتاب بابت آگاهي ڏيندو رهيو آهي. اُن پڻ ڪتاب تي تاثرات لکي ڪري مون تي عنايت ڪري ڇڏي آهي. آئون پنهنجو پهريون ترجمو ڪيل ڪتاب اوهان آڏو آڻي رهيو آهيان. اميد ته هي ڪتاب ادبي حلقي ۾ وڏي چاهه سان پڙهيو ويندو.
    آئون سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ جو پڻ تھ دل سان ٿورائتو آهيان جن جي مدد سان منهنجو هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي.


    نادر دايو
    شهداد ڪوٽ
    03337529059


    نظم

    گلزار جا نظم

    مڪمل نظم

    • نظم وکريل آهن سيني ۾،
    شعر اٽڪيل آهن چپن ۾،
    لفظ ورق تي ويھن ئي ڪونه ٿا،
    اڏرن ٿا پيا پوپٽن وانگي،
    ڪڏهن کان مان ويٺو آھيان جانا،
    سادي ورق تي لکي نالو تنهنجو،
    بس تنهنجو نالو ئي مڪمل آهي،
    ان کان وڌيڪ نظم ڇا ھوندو.


    • ڏس آھستي ھل،
    اڃان ڀي آھستي ھل،
    ڏسجان سوچي سمجهي پير رکجا،
    زور سان وڄي نه پئي پيرن جي آواز ڪاٿي،
    شيشن جا خواب آهن وکريل تنھائي ۾،
    خواب ٽٽيا ته ڪوئي جاڳي نه پئي ڏسجان،
    ڪوئي جاڳيو ته اتي خواب ڀي مري ويندو.


    اسڪيچ

    • ياد اٿئي،
    ھڪ ڏينهن ميز تي ويٺي ويٺي،
    سگريٽ جي دٻي تي تو ننڍي،
    ھڪ ڪونڊي جو اسڪيچ ٺاھيو،
    ھو، اچي ڏس ان ڪونڊي ۾ گل ڦٽيو آهي.

    • ھي رستو ايترو آسان
    ڪونه آهي
    جنهن رستي تان ھٿ ڇڏي ڪري
    تون تنھا اڪيلو نڪري پيو
    آھين
    ان ڀئو ۾ ڪاٿي رستو ڀلجي نه وڃي
    ان موڙ تي مان ھڪ نظم بيھاري ڇڏيو آهي
    اگر ٿڪجي پئين
    ۽ توکي ضرورت پئجي وڃي ته
    ان نظم جي آڱر پڪڙي واپس ھليو اچجان.

    • اڃان به ماچيس رکي ٿو؟
    پھريان ته منهنجي لاء رکندو ھئين __ ھاڻي؟
    "ھاڻي پنهنجي لاء رکندو آھين"
    مطلب سگريٽ پيئڻ شروع ڪري ڇڏيا اٿئي؟
    "نه ٠ تو کان وسارڻ جي عادت ڪونه وئي '
    ۽ مونکان رکڻ جي عادت ڪونه وئي"


    • ھي رستو ايترو آسان
    ڪونه آهي
    جنهن رستي تان ھٿ ڇڏي ڪري
    تون تنھا اڪيلو نڪري پيو
    آھين
    ان ڀئو ۾ ڪاٿي رستو ڀلجي نه وڃي
    ان موڙ تي مان ھڪ نظم بيھاري ڇڏيو آهي
    اگر ٿڪجي پئين
    ۽ توکي ضرورت پئجي وڃي ته
    ان نظم جي آڱر پڪڙي واپس ھليو اچجان.

    • نالو سوچيو نه ھيم ڪڏهن پنهنجو
    جنهن کي به جنهن ئي آيو
    انهن تنهن ئي بس پڪاريو
    تون پاڻ ھڪ موڙ تي اچانڪ جڏهن مونکي گلزار چئي آواز
    ڏنو
    ھڪ سيپي مان کل ويو موتي
    مونکي ھڪ معنيٰ ملي وئي
    جئين ھاڻي منھنجو نالو خوبصورت آهي
    وري ان نالي سان پڪار ته


    صفي سرحدي جا نظم

    صفي سرحدي جا نظم

    نامعلوم گھر جي ڳولا

    • اڻڄاڻ رستي تي
    گاڏيء ڀڄائيندي
    اڪثر وچ رستي تي بيھي
    مان سوچڻ لڳندو آھيان
    مونکي وڃڻو ڪاڏي ھو
    ۽ مان آيو ڪاٿي آھيان
    پاڻ کان فرار ٿيڻ جي لاء
    مونکي يوٽرن نه ملي رھيو آهي
    ڇا اڻڄاڻ گھٽين ۾
    مونکي اڄ ڀي فقط
    ان جي گهر جي تلاش آهي
    مگر اھو لازمي ته ناهي
    جو ان جي گهر ۾ بالڪوني ھجي.

    • آخري شام جو رنگ ڪجھ ھلڪو آهي
    منهنجي گٽار ۾ جان نه رهي آهي
    مان ھاڻي اھو ئي پراڻو گيت
    گهڻي دير تائين ڪونه ڳائي سگھندس
    جنهن ۾ گارين جو رس مروڙيو ويو آهي
    مان پنهنجي ناڪامين ۽ محرومين کي ھڪ ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ کان پوء
    ان تي پيشاب ڪرڻ چاھيان ٿو
    مان آخري سيٽ جو مسافر آھيان ڇا ٿيو جو مان دروازي کان پري آھيان
    ايمرجنسي جو دروازو بغل ۾ آهي
    مان آخري وصيت ڀي ساڙي ڇڏيندس
    مونکي بعد ۾ ڀي
    ڪنهن جي مدد ڪونه کپي
    ڇا اھا ڳالھ ايتري مشڪل آهي
    جو ڪنهن کي سمجھ ۾ نه اچي
    مان سڀن کان مختلف آھيان
    اڪيلو مرا ته به ڪنهن کي فرق پوندو
    منهنجي حالت
    ان شخص کان ته بدتر ناهي
    جيڪو پنهنجي زال کي طلاق ڏئي
    ننڊ جون گوريون وٺي سمھي ٿو
    مان ڀي ته ھاڻي سمھڻ چاھيان ٿو
    مان سمھي پيل خدا کي چئي ڇڏيو آهي
    مونکي سمھڻ کان پوء ڪونه جاڳائي
    مان پھريان ڀي ڏاڍو جاڳي چڪو آھيان

    • زندگي جي بس ھر اسٽاپ تي بھي رهي آهي
    اسان اڃان ڪيترن ماڻهن کي الوداع چونداسين
    اڳتي هلي ڪوئي ڀي
    ھي سوچڻ جي لاء تيار ڪونه آهي
    اگر ڪنهن اسٽاپ تي اسان کي لاٿو ويو
    ته اسان ان نامعلوم اسٽاپ کان
    ڪنهن طرف ھلنداسين
    اسان جو ٺڪاڻو ڪھڙو ھوندو
    ڇا اسان کي ڪوئي ڀي وٺڻ ڪونه آيو هوندو
    ڇا اسان کي گڏجي ھلڻو پوندو
    ڇا اسان جي منزل گمشده قرار ڏني ويندي
    ڇا اسان کي ڪوئي رستي ويندڙ
    نه ملندو
    جيڪو اسان کي رستو سمجھائي سگهي
    يا اتان جي ڪوئي مستقل رھائش
    اسان کي پاڻ سان گڏ رھائڻ جي لاء تيار هوندو
    مان نٿو ڄاڻيان
    جڏهن بس جو ڊرائيور اڪيلو رھجي ويندو
    تڏهن ھو پاڻ ڪاڏي ويندو
    ان سان گڏ ته ٽائيم پاس ڪرڻ لاء اسان ھياسين.

    • ڪائي ڳالھ ناھي
    اسان کي اڳتي وڌڻ کان
    ھاڻي ڪير روڪي سگھندو
    مان ھاڻي روز
    توکي ڪونه ڏسي سگھندس
    ڪاٿي ڀي تون نظر اچين
    ته خاموشي سان گذري ويندس
    مان ڪجھ ڪونه چوندس
    پر ڪيترا ڏينهن
    تون پنهنجي مڙس سان گڏ
    موٽر سائيڪل تي
    چنبڙي ڪري ويھي سگھندين.

    • انقلاب جي ناڪامي واري
    رات اسان آخري
    دفعو ملي رھيا آھيون
    ان جي گود ۾ سر رکي
    ريڊيو تي ليڊر جي سرنڊر
    ٻڌي مان سمجهي ويس
    محبوبا جو بستر
    انقلاب کان وڏو آهي.

    • مان رات جي تنھائي ۾
    اڪثر جاڳي پوندو
    آھيان
    ۽ ڊڄي پوندو آھيان
    گهر ۾ ماء پيء نه رهيا
    ٻار پنهنجي زالن جا ٿي ويا
    زال ويچاري به مري وئي
    ۽ منهنجون لاچار بيوس
    ڌئرون ظالم مڙسن جي قيد ۾ آھن
    دوستن کان ڪھڙي غلا ڪيان
    مون وانگر انھن جو به اھڙو ئي حال آهي
    ھاڻي ته موت کان به اطمينان آهي.

    • تون رن زال آهين
    پر پوء ڀي مان توکي چاھيندو
    آھيان
    اھو متان سمجهين ته
    تنھنجو ڪوئي نه آهي
    تون پريشان نٿي جا
    بس سماج کي مرڻ ڏي تڏهن
    اسان کي برو ڀلو ڪوئي
    چئي نه سگھندو.

    • آخري خواهش
    مان ڪينسر جي آخري اسٽيج تي آھيان
    شروع ۾ جو ڊاڪٽر مسڪرائي
    ملندو ھيو
    اڄ اھو ڀرسان بيھي نٿو
    خاموشي سان اڳيان گذري
    وڃي ٿو ۽ وارڊ ۾ برٿي نوان مريض
    مونکي ايئن ڏسندا آهن
    ڄڻ ته ھاڻي مان لاعلاج ٿي
    ويو ھجان
    اڄ ان جو مسيج آيو هو
    منهنجي آخري خواهش پڇي
    رهي ھئي
    مان ان کي لکيو توکي ڀاڪر
    پائڻو آهي
    مان اڄ شام مري ويندس ته
    سٺو لڳندو
    ان جواب ۾ لکيو آهي
    سوري اڄ ڪنهن جي
    نڪاح ۾ آھيان.

    • مان ڏياٽي کي ڏاج ۾
    بنگلو ڏنم
    پٽن کي عاليشان فليٽس
    ڏنم
    مان پاڻ محل جھڙي گهر ۾
    رھيم
    مان پنهنجي محبوبا کي
    سوئمنگ پل وارو فارم ھائوس
    ڏنم
    پر آخريت واري زندگي
    گزارڻ لاء ٻه گز زمين
    به خريد ڪو نه ڪري
    سگهيس گنجان شھر جي قبرستان
    ۾ گنجائش بلڪل به
    ڪو نه آهي
    پر منهنجي پٽن جڳاڙ
    ڪري ھڪ مزدور جي قبر
    خالي ڪرائي آهي.

    • نه پڇ يقين رک
    توتي ڪھاڻي لکڻ جي
    نوبت ڪو نه ايندي
    تون بار بار
    بيڪار پڇين ٿي
    ڇا تون جدائي چاهين
    ٿو
    ڪھاڻي ته جدائي
    کان پو۽ جنم وٺندي آهي.

    • رات گھٽي جي لائيٽ جي
    روشني ۾
    ھڪ ڪيولي رزق ڳولي
    رهي هئي
    پر مان فٽ پاٿ تي ويٺو
    پني رهيو ھيس


    پروين شاڪر جا نظم

    پروين شاڪر جا نظم

    • تڪليفن جا تمام تير
    منهنجي رڳن ۾ ھڻي
    ھو وڏي چاھ سان پڇي ٿو
    ته
    تنهنجي اکين کي
    ڇا ٿيو آهي؟

    • مان سڄي عمر
    ڪنهن مندر ۾ قدم نه رکيو
    پر جڏهن کان
    تنهنجي دعا ۾
    منهنجو نالو شريڪ ٿيو آهي
    تنهنجي چپن جي حرڪت تي
    منهنجي اندر ۾ اداسي جي سفيد
    بدن ۾
    گھنٽيون وڄنديون رھنديون آهن!

    • مان ڇو ان کي فون ڪيان
    ان جي ڀي ته علم ۾
    ھوندو
    ڪالھ شب موسم جي
    پھرين بارش ھئي

    • ايڏي سٺي موسم ۾
    رسڻ چڱو ناهي
    ھار ۽ جيت جون ڳالهيون
    سڀاڻي تي ٿا
    ڇڏيون
    اچ اسان دوستي ڪيون


    • دعا ته خبر ڪانه
    آهي
    ڪھڙي پيا گھرون
    ذھن ۾ ناھي
    بس ايترو ياد آهي
    ٻئي ھٿ پاڻ ۾
    مليل ھئا
    جنهن ۾ ھڪ ھٿ
    منهنجو ھيو
    ۽ ٻيو
    ھٿ تنهنجو ھيو.


    جاويد اختر جا نظم

    جاويد اختر جا نظم

    • ڏک کپندا آهن
    بازارن ۾
    ڏک ڪافي مھانگا کپندا آهن
    لھجي جي دڪان اگر ھلي پئي ته جذبي جي ڳائيڪ
    ننڊا وڏا ھر ڏک جا رانديڪا
    دل سان لڳل قيمت ۾ خريد ڪيا
    مان
    ھردم پنهنجا ڏک سٺي قيمت کپايا آهن
    پر جيڪي ڏک مونکي اڄ مليا آهن
    ڪنهن به دڪان تي رکڻ جا قابل
    ئي ڪونه آهن
    پھريون دفعو مان شرمندا آھيان
    ھي ڏک کپائي ڪو نه سگھندس.

    • ڏک کپندا آهن
    بازارن ۾
    ڏک ڪافي مھانگا کپندا آهن
    لھجي جي دڪان اگر ھلي پئي ته جذبي جي ڳائيڪ
    ننڊا وڏا ھر ڏک جا رانديڪا
    دل سان لڳل قيمت ۾ خريد ڪيا
    مان
    ھردم پنهنجا ڏک سٺي قيمت کپايا آهن
    پر جيڪي ڏک مونکي اڄ مليا آهن
    ڪنهن به دڪان تي رکڻ جا قابل
    ئي ڪونه آهن
    پھريون دفعو مان شرمندا آھيان
    ھي ڏک کپائي ڪو نه سگھندس.


    خالده منير جا نظم

    خالده منير جا نظم

    • جنهن گهر جو ٿيو آ در بند
    ان گهر جي در ۽ ڀت جي
    وحشت نه پڇ
    جنهن گهر جي ڀت تي
    ٽيڪ ڏئي ڪري ڪيترائي ڪلاڪ
    مستقبل جا سھڻا خواب
    ڏسندي ھيس ڪڏهن
    ان ڀتن جو سور نه پڇ
    جنهن اڳواڙي ۾ کيڏندي کيڏندي
    ماء جي ھنج ۾ لڪندي ھيس
    ان اڳواڙي جي اڪيلائيپ نه پڇ
    کلندي کلندي تنگ زندگي جي
    جيئڻ جو گڻ سيکاريندي ھئي
    اندر ئي اندر ڪيترا درد
    سھندي ھيس نه پڇ
    منھنجي رستي ۾ جيترا ڪنڊا آيا
    مون کان پھريون ئي
    پنهنجا پير ان تي رکندي ھيس
    ان ماء جي وڇڙڻ جو
    دوست ھاڻي ڏک نه پڇ.

    • مون ۾ سڀ رنگ
    تو کي بي ترتيب ملندا
    زندگي جي ڪينواس تي
    وکريل مان اھا تصويرون آھيان
    جيڪي ڪنهن کي به سمجھ ۾ ڪو نه اينديون
    اھڙي گجھارت آھيان
    آء ڪيڏي بيدردي سان جيئندي آھيان
    زندگي مون ۾ دانهيندي آهي
    اندر ۾ ھڪ باھ مچيل آهي
    من ۾ باھ جا ڀڙڪا
    مون ۾ اڀرندا آهن
    مونکي زھر ڏيندي تنهنجا
    ھٿ ڏڪي رھيا آهن
    ھي اھا امرت آهي جنهن تي
    مان ورھين کان زنداھ آھيان
    پڇين ٿو تون ته
    ڪھڙي عورت آھيان ته ٻڌ
    مان تجريدي آرٽ جھڙي عورت آھيان.


    ارمان علي جو نظم

    ارمان علي جو نظم

    • ٻڌ ڪم آهي تو ۾
    ڪاٿي آھين تون؟
    ميسيج جو جواب ته ڏي
    تون اسپتال ۾ ئي آهين نه
    ڪنهن مريض کي انجڪشن ھڻي رھين آھين ڇا
    جو منهنجي مسيج جو جواب نٿي ڏي
    ٻڌ
    مون وٽ اڄ
    بيئر پيئڻ لاء پيسا ڪونه آهن
    ڇا تون پنهنجي اسپتال مان
    منهنجي لاء کنگ جو شربت چورائي کڻي ايندي؟
    مان اڄ رات ان مان ئي ڪم ھلائيندس
    ان بوتل جي بدلي تنهنجي نالي
    ھڪ ٻي نظم لکي ڇڏيندس.


    جون ايليا جو نظم

    جون ايليا جو نظم

    • نشو چانھ جو
    ڪڻيون مينھن جون
    مھينو فيبروري جو
    ٺوڪرون دنيا جون
    ۽ ڏک صرف تنھنجا.


    منير نيازي جو نظم

    منير نيازي جو نظم

    • ڏک ڀي ھيو ان کي
    شادي جو
    خوش ڀي آهي ھو
    ڏسو ڪيتري
    پنهنجي گهر جي صحن
    ۾
    ديوارن تي سر سبز شاخون آهن
    ان جي مٿان
    تارا به آهن
    سڀن کان مٿي کليل آسمان به آهي
    ۽ ان جا نظارا به آهن


    عارف شفيق جا نظم

    عارف شفيق جا نظم

    • اڄ تائين آسمان کان
    زمين تي ڪتاب لٿا آهن
    مان زمين جو شاعر آھيان
    منهنجي خواهش آهي ته
    ھڪ ڪتاب زمين کان
    آسمان تي ڀي لھي
    ڇو ته
    آسمان وارا ڀي سمجهي سگهن ته قيامت کان پھريان
    زمين تي ڪيتري قيامت
    گذري چڪي آهي.

    • پنهنجي ذات
    پنهنجي گهر
    پنهنجي مذهب
    پنهنجي تھزيب
    ۽ پنهنجي قبيلي جون
    ديوارون ايتريون به مٿي نه
    ڪيو
    جو سڄي دنيا کا
    اوھانجو رابطو ڪٽجي وڃي!


    سعيد احمد جو نظم

    سعيد احمد جو نظم

    • ھن آسمان جي طرف ڏيٺو
    ۽ نظرون بدلائي
    چيو؟
    مان نٿو چاھيان ته
    اسان جون نظرون پاڻ ۾ ملن


    مشتاق احمد يوسفي جو نظم

    مشتاق احمد يوسفي جو نظم

    • مرزا چوڻ لڳو "يوسفي! اھو ته ٻڌايو عورت جي ڪشش ۽
    زمين جي ڪشش ۾
    ڪھڙو فرق آهي؟
    عرض ڪيم ڪوئي خاص فرق ڪو نه آهي
    ٻنهي کي خاڪ ۾ ملائيندا آهن


    عبدالحفيظ ڀٽي جو نظم

    عبدالحفيظ ڀٽي جو نظم

    • ڪائنات جو ھر
    ھڪ ذرو رنگين آهي
    پر دل سڀن جي ويران آهي
    ڪاٿي تون ڀي
    اجڙيل چمن جو نواب
    ته نه آھين!


    سيما عباسي جو نظم

    سيما عباسي جو نظم

    • تو کي وسارڻ جي
    ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آ
    مگر تنهنجون يادون ڀي
    تو جيان دغا ڏيڻ ۾
    ماھر ٿي ويون آهن.


    عئشا غازي جو نظم

    عئشا غازي جو نظم

    • مينهن جي سنھڙين ڪڻين
    ۾ ڀڄي اسان
    ان منظر جو حصو تـ
    بڻجي ٿا سگھون
    پر
    ان موسم جو نـه.


    نامعلوم شاعرن جا نظم

    نامعلوم شاعرن جا نظم

    • بليڪ وارنٽ تي سھي
    ڪرڻ کان پوء
    ان کان آخري خواهش پڇي وئي
    ته ان چيو:
    اھا آخري رات
    پنهنجي جلاد سان گڏ جاڳڻ چاھيان ٿو
    فاسي جي گگ انڌاري ۾
    جڏهن ھوا محبت جو قسم کائي
    رھي ھئي
    ۽ پکي پنهنجي نشيمن ۾
    ڏڪي رھيا ھئا
    انڌائي ڪوٺي جو ڏورو دروازو
    کليو
    ۽ ان ۾ محبوبـ داخل ٿي
    ٻئي ڏينهن جلاد جيلر کان اجازت
    ورتي
    چيو:
    صاحب ! اسان ڪيسيتائين
    لاشن کي فاسي ڏيندا
    رھنداسين.

    • تنھنجو خيال آهي
    تون مونکي بي پناھ شدت سان
    چاھين ٿو
    تنهنجي چاھت
    وصال جي آخري حدن تائين
    منهنجي فقط منهنجي نالي ٿيندي
    مونکي يقين آهي مونکي يقين آهي
    پر قسم کڻڻ واري ڇوڪري تنهنجي اکين ۾ ھڪ تر آهي


    • رات جو نائين بجي
    يارنھن آڪٽوبر جي ڏينهن
    ويران رستي جي ڪناري
    ھڪ پوڙھي وڻ
    چيو
    ڪجھ ڳالهيون ڪيو
    تنھائي آهي ۽ خاموشي به
    مون وٽ ڳالهيون ڪرڻ لاء ھيون
    پر وقت نه
    ھڪ موبائيل جي ڪميرا ھئي
    ان تنھائي کي محفوظ ڪيو
    ماڻھن جي تنھائي تائين
    پھچڻ جي لاء



    • منهنجي دل مري وئي آ
    مان دل کي دفنائڻ
    چاھيان ٿو
    پر!
    دل جو قبرستان ڪاٿي
    ھوندو آهي
    دل ته آهي ئي ڪافر
    ان کي ته ساڙيو ويندو
    آهي
    سڙندڙ دل جي دانھ
    نڪرندي
    پر تون ثابت قدم رھجان
    دل کي سڙڻ ڏينجا
    پوء دل جڏهن مڪمل سڙي
    خاڪ ٿي وڃي
    ته!
    تون ان خاڪ کي يار
    جي رستي تي رکي اچجان
    ڇو ته دل جي روح کي
    اتي ئي قرار ملي ويندو





    • جڏهن کان تون ھلي
    وئين آھين
    ڪنهن به مون سان تنهنجي ڳالھ ناھي
    ڪئي
    پر ھوا جڏهن گزري رهي هئي ته مان تنھنجي نالي
    چيو
    ۽ ھڪ شخص مري رھيو
    ھو ان جي سامهون ڀي
    تنهنجو نالو کيون
    منهنجي پياري! اگر تون
    زندا ھوندي ته ڪنهن ڏينهن ھوا جو گذر تنهنجي پاسي کان ٿيندو
    ۽ اگر مري وئي آھين ته
    ان شخص جو روح
    تو کي ٻڌائيندو ته
    مون کي تون اڃان ڀي
    ياد آھين.

    • اڳلي سال جي آخر ۾ ڀي
    حيرت ۾ اسان ٽئي ھياسين
    ھڪ مان ھيس
    ٻي تنھائي ھئي
    ۽ ٽيون بي درد ڊسمبر ھيو

    • ميخاني کان پڇيو؟
    اڄ ايتري خاموشي ڇو آهي
    چيائين صاحب
    رت جو دور آهي
    شراب ڪير ٿو پيئي

    • تنهنجي قبر تي جنهن
    تنهنجو نالو لکيو آهي اھو
    ڪوڙو آهي
    تنهنجي قبر ۾ مان دفن آھيان
    تون مون ۾ زندا آھين
    ڪڏهن ٽائيم ملئي ته فاتحـه پڙهڻ اچجان

    • زندگي ڇاھي
    سمجهڻ لاء
    زنده رھڻ وڏو ضروري آهي
    پر اڄ تائين ڪوئي رھيو ته ناھي.

    • ڪڏهن ٽائيم ڪڍي اچ
    ۽ منهنجي اکين کي غور سان
    ڏس ۽ ٻڌا ته ڇا توکي انھن
    اکين ۾ ڪوئي به
    ڏک نظر نٿو اچي


    • چئو
    اگر ڪنهن ڏينهن مان توکي
    پڪڙيان
    ۽ پوء تنهنجي پيرن جي ترن
    کي چمي ڏيان
    ته ڇا تون ڪجھ دير منڊ ڪائي
    ھلندي
    ڇو ته ڪاٿي منهنجي چمي کي
    ڊاھي نه ڇڏين

    • ايترو مھنگو پڪل آنو
    وڏي ٿڌ اڌ ڪپڙا
    ھڪ غربت جو ماريل ڇوڪرو
    پڪل آنا کپائي رھيو ھو
    ٺٺريل آواز جڏهن ان جي منهنجي ڪار جي اندر آئي
    مان جو وڏي ٿڌ ۾ ڪوٽ پھري پنهنجي ڪار ۾ ھيٽر جي اڳيان ويٺو ھيس
    مان ڀي ھڪ پڪل آنو
    گرم فضا ۾ ويھي کاڌو ھو
    جيڪو اھو پيارو ڇوڪرو
    ٿڌي ھوا ۾ رستي جي ڪناري
    ڏڪندڙ ھٿن سان ڇليو ھيو
    پيسا ڏيندي ڏيندي مان
    ان ڇوڪري کي غور سان ڏٺو
    وڏي ٿڌ اڌ ڪپڙا
    اف
    نيرن چپن وارو ڇڪرو
    ٿڌي ھوا ۾ ڏڪي رھيو ھيو
    مان ان جي حالت ڏٺي
    ۽ چيو ته پٽ تون ڀي
    ھڪ آنو کائي ڇڏ ڇا ٿيندو
    ان چيو ته توبه انڪل
    ويھن روپين جو مھنگو آنو
    مان ڪيئن کائي سگھندس

    • بليڪ وارنٽ تي سھي
    ڪرڻ کان پوء
    ان کان آخري خواهش پڇي وئي
    ته ان چيو:
    اھا آخري رات
    پنهنجي جلاد سان گڏ جاڳڻ چاھيان ٿو
    فاسي جي رات' گگ انڌائي ۾
    جڏهن ھوا محبت جو قسم کائي
    رھي ھئي
    ۽ پکي پنهنجي نشيمن ۾
    ڏڪي رھيا ھئا
    انڌائي ڪوٺي جو ڳورو دروازو
    کليو
    ۽ ان ۾ محبوبـ داخل ٿي
    ٻئي ڏينهن جلاد جيلر کان اجازت
    ورتي
    چيو:
    صاحب ! اسان ڪيسي تائين
    لاشن کي فاسي ڏيندا
    رھنداسين

    • شاعر
    ڪيڏا ڪاريگر آهن
    اميد جي وڻن مان
    لفظ ڪٽيندا آهن ۽ ڏاڪڻيون
    ٺاھيندا آهن
    ڪيڏا ھنر مند آهن ھي
    ڏکن جا ٻج ھوندا آهن
    ۽ دلن ۾ خوشين جون ٻنيون پوکيندا آهن
    ڪيڏا ٺاھيندڙ آهن ھي
    وقت جي سمنڊ ۾ ٻيڙيون ٺاھيندا آهن
    پاڻ ٻڏي ويندا آهن



    • مان جڏهن چوندس ھيس،
    مونکي تو تي ڪوئي به ڪتاب ناهي لکڻو،
    تون ڪاوڙ ۾ چوندي ھئين،
    پوء مون تي لکيل ھي تمام نظم،
    ساڙي ڇو نٿو ڇڏي،
    تون ڪراچي ۾ رھندو آھين نه،
    وڃي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇو نٿو ڇڏي،
    ھي ڊائري ھي ورق،
    ڪنهن گند کڻڻ واري ٻار کي خيرات ڪري ڇڏ،
    مونکي امر نٿو ڪري سگهي تون،
    ڪنهن ٻار جو ڀلو ڪري ڇڏ منهنجي جان !
    تون ايترو جلد باز ڇو آھين،
    تون منهنجي پوري ڳالھ نٿو ٻڌي،
    منهنجي ھي تمام نظمون،
    جيڪي مون تنهنجي نالي لکيون آهن،
    ڪجھ سال بعد،
    محبت جي منڪر قوم ۾،
    مقدس ڪتاب ٺاهي لاٿو ويندو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 982
    ڪتابن جو مشاهدو: 3272040
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 861529
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ