1. پهريون حصو
انسانن جو اهو هڏ ڏوکي روس جي اشتراڪي انقلاب جو قائد ۽ سڄي دنيا جي پورهيتن ۽ مزدورن جو استاد ۽ اڳواڻ ولادي ميرايليچ اوليانوف (لينن) هو، جيڪو 22اپريل 1870ع تي وانگا نديءَ جي ڪنڌيءُ تي سمبرسڪ شهر ۾ جنهن کي هاڻي لينن جي نالي تي ‘اوليانو نسڪ’ چيو وڃي ٿو. ۾ هڪ وچولي طبقي جي گهراڻي ۾ ڄائو، لينن جو پيءُ ايليا نڪولائي وچ اوليانوف هڪ وچولي گهراڻي سان واسطو رکندو هو، پر پنهنجي محنت ۽ قابليت جي ڪري “ڪازان يونيورسٽيءَ” مان ڊگري وٺي رياضيءَ جو استاد بنجي ويو ۽ پنهنجي محنت جي ڪري معزز ماڻهن جي صفن ۾ داخل ٿي ويو. هو هڪ شفيق، ديانتدار ۽ روشن خيال انسان هو، جنهن جي سڄي زندگي علم جي جستجو ۽ حاصل ڪرڻ ۾ گذري هئي. تنهنڪري هو پنهنجي طبقي جي ٻين ماڻهن کان پنهنجي انسان دوستي ۽ جمهوريت پسنديءَ سبب منفرد هو. لينن جي امڙ ‘ميريا اليڪسانڊرونا” هڪ ڊاڪٽر جي ڌيءَ هئي، جيتوڻيڪ هوءُ اعليٰ تعليم حاصل ڪري نه سگهي هئي، پر پوءِ به کيس ڪيترين ئي زبانن تي عبور هو.
هي گهراڻو، هڪ مثالي گهراڻو هو، مائٽن پنهنجي ڇهن ئي ٻارن اينا، اليڪسانڊر، ولاديمير، اولگا، ديمتري ۽ ماريا کي بهتر کان بهتر تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻارن به پنهنجي مائٽن جي زندگيءَ مان گهڻو ڪجهه سکيو، خاص ڪري پيءُ جي تعليم ۽ تدريس جي ميدان ۾ اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ٻارن کي مستقبل جي عظيم ذميدارن جي لاءِ تيار ڪرڻ ۾ سُٺي نموني جي حيثيت رکندي هئي. پيءُ ۽ پٽ گڏجي اڪثر ان دور جي هڪ روشن خيال شاعر “پليخانوف” جي هڪ شعر جو هي بند ڳائيندا هئا:
“روح جي رشتي سان ڀائرن وانگر قطارن ۾
امن ۽ طوفان ۾ اسين هلندا پيا هلون،
۽ پنهنجي موت تائين ٻئي نفرت ڪنداسين
پنهنجي وطن تي جبر ڪندڙن کان.”
ماءُ پيءُ جي گهڻي ڪوشش اها هوندي هئي ته پنهنجن ٻارن کي ڪم ڪار جو عادي بنائين، تنهن ڪري گرميءَ جي هنڌ ۾ اڪثر هي ٿيندو هو جو هڪ ڇوڪر نل هلائيندو هو ۽ ٻيو بالٽيون ڀري ٽانڪيءَ ۾ ڀريندو هو. يا هي ٿيندو هو جو ڇوڪريون شام جي چانهه ٺاهينديون پيون هونديون هيون ۽ ڇوڪرا ڪرسيون کڻي باغيچي ۾ رکندا هئا. ائين ننڍپڻ ۾ ئي انهن سڀني ۾ گڏيل سهڪار سان ڪم ڪرڻ يعني ڪردار اجتماعيت جو شعور پيدا ٿيو. ۽ اڳيان هلي هي ڇهه ئي ٻار انقلابي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيا ۽ هر ڪنهن سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ ننڍو يا وڏو ڪردار ضرور ادا ڪيو.
ننڍڙو “ولادي مير” جنهن کي اڳتي هلي لينن بنجڻو هو نه فقط شڪل ۽ صورت بلڪه عادتن ۾ به پنهنجي پيءُ جهڙو هو، هو خوش مزاج ۽ ملنسار طبيعت جو مالڪ هو. راند روند جو به شوقين هو، راند ۾ ڪُپت کان ڀڄندو هو ۽ ايمانداريءَ جو قائل هو، گڏوگڏ کيس ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو به ڏاڍو شوق هو. تنهن ڪري هو پنجن سالن جي عمر ۾ ئي سولائيءَ سان لکڻ پڙهڻ سِکي چڪو هو.
9 کان 17 سالن جي عمر جي عرصي دوران ولادي مير “جمنيزيم” يا ائين سمجهو ته “گرامر اسڪول” ۾ تعليم حاصل ڪئي. هو شروع کان ئي نظم ۽ ضبط جو پابند، پنهنجي مدد پاڻ ۽ وقت جي پابنديءَ جو خيال رکندو هو. انهن ئي خوبين جي ڪري هو هر ڪلاس ۾ سُٺي نموني پاس ٿيندو رهيو، گڏوگڏ پاڻي ۾ ترڻ، اسڪيٽنگ ۽ چوپڙ راند ۾ به نمايان رهيو.
اهو زمانو روس جي تاريخ ۾ ڀرپور ظلم ۽ تشدد جو دور هو، رجعت پسند هر هنڌ حاوي هئا، ٿوري به آزاد خيالي ڪنهن شخص کي سزا جو حقدار بنائي ڇڏيندي هئي. پر “ولادي مير” ان لحاظ کان به خوشنصيب هو، جو نه فقط سندس والدين روشن خيال هئا، پر سندس وڏو ڀاءُ اليڪسانڊر هڪ آزاد خيال نوجوان هو، جيڪو نيٺ پنهنجي آزاد خيالي ۽ جمهوريت پسنديءَ جي پاداش ۾ ماريو ويو.
“ولادي مير” تي پنهنجي وڏي ڀاءُ “اليڪسانڊر” جو گهرو اثر هو، هو ننڍپڻ کان ئي زندگيءَجي هر معاملي ۾ پنهنجي ڀاءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو هو، اِهو اليڪسانڊر ئي هو، جنهن جي هٿ ۾ سڀ کان پهرين هن مارڪس جو جڳ مشهور ڪتاب ‘موڙي’ ڏٺو هو. “مان اهو ئي ڪجهه ڪندس جيڪو منهنجو ڀاءُ ڪندو آهي” هو اڪثر چوندو هو، اليڪسانڊر مارچ 1887ع ۾ “سينٽ پيٽرزبرگ” ۾ زار رروس اليڪسانڊر ٻي کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿيو ۽ ساڳئي سال مئي ۾ کيس “شلس برگ” جي قلعي ۾ کي ڦاسي ڏني ويئي. هاڻ “ولادي مير” به پروانن جي اُن قافلي ۾ شامل ٿي چڪو هو، جيڪي قتل گاهن مان علم چونڊي درد جي فاصلن کي گهٽائڻ لاءِ نڪري ايندا آهن. البت هن پنهنجي ڀاءُ جي موت مان هڪ سبق ضرور سکيو، سو هي ته اعليٰ طبقن جي ڪجهه ماڻهن يا هڪ فرد کي قتل ڪرڻ سان تاريخ نه ٿي بدلجي، انسان جي جدوجهد ان نظام ۽ ان طبقي جي خلاف هئڻ گهرجي، جيڪو ظلم ۽ ناانصافيءَ جو بنياد آهي. ائين هن پنهنجي ڀاءُ جي نقش قدم تي جيئن جو تيئن هلڻ بدران پنهنجي لاءِ هڪ ٻيو رستو چونڊيو.
ننڍپڻ ۾ ئي “ولادي مير” ٿيل ڳالهين کي ٿڏي پنهنجي سمجهه موجب زندگيءَ جي معنيٰ کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي هئي. هو مذهبي فڪر کي سوچ ويچار جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پر هڪ ڏينهن عجيب واقعو پيش آيو، ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن هن جي پيءُ پنهنجي هڪ دوست کي ٻڌايو ته : “منهنجا ٻار ديول وڃڻ جي پابندي نه ٿا ڪن.” تنهن تي سندس دوست ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو: “پوءِ ڏنڊي جو استعمال ضروري آهي.” اهو ٻڌي “ولادي مير” کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هو ‘اتان’ اٿي ٻاهر هليو ويو.
زندگيءَ جي مشاهدي مان “ولادي مير” کي ماڻهن جي غربت، ڏک ۽ بدحاليءَ جو چڱي طرح احساس ٿيو. خاص ڪري هارين ۽ مزدورن جي بدحاليءَ هن کي ڏاڍو ڏکارو ڪيو. جيئن ته سندس پيءَ ڳوٺاڻن علائقن ۾ تعليم جي انتظام سان لاڳاپيل هو، ان ڪري “ولادي مير” ڪيترا ڀيرا ماڻهن جي جاهليت ۽ بُک، آفيسرن جي لاپرواهي ۽ جاگيردارن جي ڏاڍ ۽ جبر جون خبرون ٻڌيون هيون. اهڙي طرح هوريان هو ريان کيس زار شاهيءَ جي ظلم ۽ جبر روس جي عوام جي انهن مصيبتن جو احساس ٿيو، جيڪي اڻويهه صديءَ جي آخر ۾ هُنَ سرزمين تي صدين جي بادشاهت جو بڇڙو ورثو بنجي ويون هيون.
ان سلسلي ۾ پڙهائيءَ جي شوق به هن جي ان احساس جي آبياري ڪئي. پشڪن، لرنوتوف، گوگول، ترگنيف، نڪراسوف، ٽالسٽاءِ هُن جا پسنديده ليکڪ هئا. انهن کان سواءِ، هن بلينڪسي، هرزن، دوبرا لسيوف ۽ پاريو جي انقلابي فڪر مان به فائدو حاصل ڪيو، اهي ليکڪ ان وقت روس جي انقلابي جمهوريت پسندن ۾ اهم حيثيت رکندا هئا. جمهوريت پسندن جي اخبار ‘اسڪرا’ يعني “چڻنگ” ۾ انهن ليکڪن جو لکڻيون ڇپجنديون رهنديون هيون.
1886ع ۾ ولادي مير جو پيءُ فوت ٿي ويو، ٻي سال اليڪسانڊر کي ڦاسي ڏني ويئي. انهن ٻنهي واقعن هن تي ڏاڍو گهرو اثر ڇڏيو. پيءُ جي موت کيس بي سهارا ڪري ڇڏي ڏنو هو ۽ کيس زندگيءَ جي عملي جدوجهد جو تجربو ٿيڻ شروع ٿيو. پر ڀاءُ جو موت ان کان به وڌيڪ اهم واقعو هو. هُن جي گرفتار ٿيندي ئي شهر جي آزاد خيال سوسائٽيءَ اوليانوگ گهراڻي سان پنهنجا ناتا ٽوڙي ڇڏيا. گهراڻي جي ڪنهن به فرد کي اليڪسانڊر جي انقلابي سرگرمين جي خبر ڪا نه هئي. کين اها خبر بنهه نه هئي ته ڪو اليڪسانڊر انقلابي نوجوانن جي “اسٽڊي سرڪل” جو ميمبر آهي. هُن جي ڪيس جي ڪارروائي شروع ٿي ته اُن ۾ هن زار شاهيءَ جي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف زور دار تقرير ڪئي ۽ هڪ نئين سماج جي نظام جي اهميت تي پنهنجي پختي يقين جو اعلان ڪيو. “مان حيران ٿي ويس ته هو ڇا سوچيندو رهيو هو” هن جي امڙ پنهنجي پٽ جي ڪيس جي ڪارروائي ٻُڌي چيو: “مان حيران هيس ته هو ايتريون سُٺيون ڳالهيون به ڪري سگهي ٿو؟” اليڪسانڊر جي موت جو “ولادي مير” تي جيڪو اثر ٿيو تنهن کي سندس ڀيڻ اينا ڏاڍي خوبصورتي سان هڪ جملي ۾ هينئن چيو آهي: “اليڪسانڊر اوليانوف هڪ هيري جي موت مئو ۽ سندس شهادت ‘ولادي مير’ جي لاءِ انقلاب جون راهون روشن ڪري ڇڏيون.” ان ڏکاري دور ۾ به هن پنهنجي تعليم جاري رکي ۽ جڏهن هن سون جو تمغو حاصل ڪيو ته اعليٰ عملدارن لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿي پيو ته رياست جي هڪ باغيءَ جي ڀاءُ کي اهو اعزاز ڪيئن ڏنو وڃي. اليڪسانڊر جي ڦاسيءَ کان پوءِ جون کان وٺي آگسٽ تائين اوليانوف گهراڻو ڪازان کان چاليهه ميل پريان هڪ ڳوٺ ۾ رهيو ۽ پوءِ ڪازان منتقل ٿي ويو، جتي “ولادي مير” ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي. يونيورسٽيءَ ۾ جلد ئي هو هڪ بندش پيل “سمبارا” سمبرسڪ ڪلب جو ميمبر بنجي ويو، زار جي حڪومت ۾ شاگردن جي يونين تي پابنديون هيون ۽ ڪنهن به اهڙي يونين جي ميمبري گرفتاري ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ مان نيڪاليءَ جو ڪارڻ بڻجي ويندي هئي. پر ان جي باوجود به روس جي سڀني يونيورسٽين ۾ انقلابي فڪر تيزي سان پکڙجندو پي ويو. 4 ڊسمبر 1887ع تي ‘ڪازان يونيورسٽي’ جو شاگردن هڪ جلسو منعقد ڪيو، جنهن ۾ هنن يونيورسٽيءُ قاعدن جي خاتمي، شاگردن کي يونين سازيءَ جو حق ڏيڻ، ريسٽيڪيٽ ڪيل شاگردن کي ٻيهر داخل ڪرڻ ۽ ان ڪارروائيءَ جي ذميوار ماڻهن کي سزا ڏيڻ جا مطالبا ڪيا، ڪازان جي تعليمي انتظاميه ان سلسلي ۾ تعليم کاتي کي جيڪا رپورٽ موڪلي ان ۾ “ولادي مير” بابت لکيو هو ته: “هو اُن جلسي گاهه ۾ داخل ٿيندڙ پهرينءَ جٿي ۾ شامل هو.” يونيورسٽي انسپيڪٽر جوشيلن رپورٽ ۾ لکي ٿو ته: “هو انتهائي جوشيلن شرڪت ڪندڙن مان هو ۽ اڳين صفن ۾ ويٺل هو ۽ جوش جي ڪري هر هر سندس مٺيون ڀڪوڙجي ٿي ويون. ان جلسي کانپوءِ ولاديمير پهريون شاگرد هو، جنهن پنهنجو تعليمي ڪارڊ واپس ڪندي 5 ڊسمبر تي ريڪٽر جي نالي خط ۾ لکيو: “جيئن ته مان موجوده صورتحال ۾ پنهنجي وڌيڪ تعليم جاري رکڻ ممڪن محسوس نه ٿو ڪريان، ان لاءِ مان سائين جن کي درخواست ٿو ڪريان ته منهنجو نالو ڪازان جي شاهي يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو وڃي.” ظاهر آهي ته هاڻي هن جي گرفتاري جو سمورو سامان تيار ٿي چڪو هو، تنهنڪري ڪازان جي گورنر جي حڪم سان کيس گرفتار ڪيو ويو. جيڪو پوليس انسپيڪٽر کيس گرفتار ڪرڻ آيو هو تنهن همدرديءَ مان “ولادي مير” کي چيو: ‘منهنجا نوجوان دوست بغاوت مان ڪهڙو فائدو؟ تنهنجي راهه ۾ ڏاڍي اوچي ديوار موجود آهي.’
‘هائو! پر اِها ايتري ته پراڻي ٿي چڪي آهي، جو هڪ زوردار ڌڪي سان ڊهي اچي پٽ پوندي.’ هي هو ولادي مير جو جواب. 7 ڊسمبر تي کيس جلاوطن ڪري پنهنجي ڳوٺ ڪوشڪينو (موجوده لينينو) موڪليو ويو. جلاوطنيءَ جي ڏينهن ۾ هو پنهنجي نصابي ڪتابن کان علاوه پنهنجي زماني جي انقلابي مفڪرن جي ڪتابن جو به مطالعو ڪندو رهيو، خاص ڪري کيس چرنيشوسڪي جي لکڻين ان زماني ۾ ڏاڍو متاثر ڪيو. چرنيشوسڪي مادي فيلسوفاڻي فڪر جو پرچارڪ هو، هو ڏاڍ ۽ بربريت جي خلاف هارين جي تحريڪ جو باني هو. سندس ڪمال هي جو هو سنسر ٿيل مضمونن ۾ به انقلابي فڪر جو درس ڏيندو رهندو هو. هن جي ڪتابن مان ‘نيٺ ڇا ڪجي؟’ جيڪو هُن جي ڀاءُ اليڪسانڊر جو پسنديده ڪتاب هو، خاص ڪري نوجوان ولاد مير کي به ڏاڍو وڻندو هو. هڪ سال جي جلاوطنيءَ کان پوءِ 1888ع جي خزان جي موسم ۾ کيس واپس ڪازان اچڻ جي موڪل ملي، پر يونيورسٽيءَ ۾ ٻيهر داخلا جي درخواست تي کيس جواب مليو. ‘ڇاهي انهي اليڪسانڊر اوليانوف جي ڀاءُ ڪونهي؟ هي سمبرسڪ جي جمنيزيم سان واسطو نه ٿو رکي؟ کيس ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر داخلا ڏيئي نه ٿي سگهجي.’ ولادي مير، پرڏيهي ملڪن جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاسپورٽ جي درخواست ڏني، پر اها به رد ڪئي ويئي. پوءِ جلد ئي هو هڪ بندش پيل اڀياسي سٿ ۾ شامل ٿي ويو، جيڪو مارڪس ۽ اينگلس جي فڪر جو مطالعو ڪندو هو. ان زماني ۾ اهڙا “اسٽڊي سرڪل” مختلف هنڌن تي قائم ٿي رهيا هئا، جن ۾ مارڪس ۽ اينگلس جا بندش پيل ڪتاب يا هٿ جا لکيل مسودا پڙهيا ويندا هئا، انهن ۾ پليخانوف ۽ نارود ازم تي به ڊگها ڊگها بحث مباحثا ٿيندا هئا. گهٽ عمر جي ذهنن تي نارود ازم جو چڱو موچارو اثر هو. هي فلسفو ان غلط تصور تي مبني هو ته روس ۾ فقط هارين جي جدوجهد سان سوشلزم جي منزل تائين پهچي سگهجي ٿو. تنهنڪري دهشت پسندي ان مڪتب فڪر وارن جو پسنديده طريقو هو. انقلابي دهشت پسندن جو وڏو قد ۽ همت افزائي ٿي رهي هئي. نارود ازم، جيڪو سڄو فڪر تاريخ جي غلط فهم تي ٻڌل هو. 1861ع کان روس ۾ صنعتي دور شروع ٿي چڪو هو ۽ هاڻي ريلوي لائينن ۽ ڪارخانن جي ڀرپاسي اها قوت جنم وٺي رهي هئي، جنهن کي مستقبل ۾ انقلابي جدوجهد جي هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو هو. اها طاقت صنعتي مزدورن جي طاقت هئي، جيتوڻيڪ کيس اڃان تائين انقلابي اهميت جو احساس نه ٿيو هو، بهرحال! سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ جي خلاف مزدورن ۽ هارين ۾ عام بيزاريءَ جو احساس موجود ضرور هو.
1883ع ۾ پليخانوف جي اڳواڻيءَ ۾ روس جو پهريون مارڪسي گروپ ‘مزدورن جي آزاديءَ جو سرڪل’جي نالي سان ملڪ کان ٻاهر قائم ٿيو، ان گروپ روس ۾ سائنسي سوشلزم جو فڪر پکيڙڻ ۾ وڏو حصو ورتو. هن ناردو ازم جي خلاف به چڱي موچاري جدوجهد ڪئي ۽ پليخانوف جو ڪتاب “سياسي جدوجهد ۽ اسانجا اختلاف” مارڪسي حلقن ۾ ڏاڍي ڌيان سان پڙهيو ويندو هو، لينن جي لفظن ۾ ته: “ان حلقي روس ۾ سماجي جمهوري جدوجهد جو نظرياتي بنياد رکيو ۽ طبقاتي جدوجهد ڏانهن پهريون قدم کنيو.”
ڪازان ۾ رهائش وارو زمانو لينن جي فڪر جي جوڙجڪ ۾ ڏاڍي اهميت رکي ٿو، ان زماني ۾ هن انقلابي فڪر رکندڙ ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪيون. پڙهائيءَ جي ڳجهن اسٽڊي سرڪلن ۾ شريڪ ٿيو ۽ مارڪس جي مشهور ڪتاب “سرمائي” جو تفصيلي مطالعو ڪيو، ان وقت تائين هن جي ملاقات “فيدليسويوف” سان نه ٿي سگهي هئي ۽ نه ئي وري هو ميڪسم گورڪيءَ سان مليو هو، جيڪو پڻ هن جيان هڪ ڳجهي اسٽڊي سرڪل جو ميمبر هو. مئي 1889ع ۾ هو ڪازان کان سمارا جي هڪ ڳوٺ منتقل ٿي ويو ۽ هن جي وڃڻ کان ٿورو عرصو پوءِ پوليس ڪازان ۾ انقلابين کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا، اهڙي طرح ولاديمير خوشقسمتيءَ سان بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
ڪيترين ئي ڪوششن کان پوءِ نيٺ 1890ع ۾ لينن کي باقاعده ليڪچر ٻڌڻ ۽ يونيورسٽيءَ جو امتحان ڏيڻ جي اجازت ملي وئي. هن چئن سالن جو ڪورس پنهنجي يونيورسٽيءَ جي سابق ساٿين سان گڏ ارڙهن مهينن ۾ ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو.
سخت محنت ۽ پڙهائيءَ جي ان زماني ۾ اڪثر هو پنهنجي ڀيڻ اولگا سان گڏجي وائلن تي يازاڪوف جو هي شعر ڳائيندو هو:
“پر لهرون فقط ان کي لوڙهي اڳيان وينديون آهن، جن جون دليون سخت هونديون آهن.
مڙسي ڪر ڀاءُ!
ان طوفان کان اسانجي ٻيڙي
اڳيان ڪڍي وڃڻ ڏي!”
اِهو شعر عمل جي خواهش ۽ اعليٰ آدرشن جو درس ٿو ڏي. “ولادي مير” جيڪو پوءِ عظيم لينن بنيو، ان همت ۽ عمل جي خواهش جو نمونو هو. هڪ ڏينهن وائلن تي! هي ئي ٻول ورجائيندي ولادي مير، اولگا کي انٽرنيشنل يعني عالمي مزدور تحريڪ جو ترانو ڳائڻ جي فرمائش ڪئي، هن تراني جي روس ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي. ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ ڳچ وقت تائين ان جي ڌُن جي مشق ڪئي ۽ پوءِ فرانسيسيءَ ۾ هنن سڄو ترانو ڳايو.
زماني ڀر ۾ توهان ذليل ۽ رسوا آهيو.اٿو اٿو
ڊگهي رات بکون ڪاٽي سمهي رهيا آهيو. اٿو اٿو
مزدورن جي جماعتن ۾ عقل اچي پيو هاڻي
اهو ئي انهن کي هاڻ مرادن جي طرف پيو تاڻي. اٿو اٿو
گذريل قوم جي گندگين کي پري اڇلايو
پڪاري ٿي آزادي ٻڌو غور سان غلامو. اٿو اٿو
اٿلائي ڇڏيو ڌرتيءَ جي دنيا، امير سڀ غريب ٿين
جي سڀني جي پويان هئا انهن کي اڳواڻيون نصيب ٿين
سنڀاليو هٿيار پنهنجا اٿو اٿو. وڌو وڌو
بيٺا آهيو جنگ جي لاءِ اٿو اٿو. وڌو وڌو. اٿو اٿو
اهي ٻيا آهن جي ديوتائن جون خوشامدون ڪن
جي شاهن ۽ قيصرن جي آڙ ڳوليندا وتن، اٿو اٿو
ڪنداسين اسان پنهنجي پاڻ مدد اهو ئي اظهار
اسان ان کي ڪاٽي ڇڏينداسين جا غلامي جي ڄار آهي. اٿو اٿو
جي ڊاڪن ورتو آهي، اهو واپس وٺنداسين اسان
هاڻي هنن کي اُن طرح جو ظلم ڪرڻ نه ڏينداسين... اُٿو اُٿو.
ان تراني بابت روس ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي. ٻيئي ڀاءُ ڀيڻ ڪافي دير تائين ان جي مشق ڪندا رهيا، پوءِ هنن فرانسيسيءَ ۾ سڄو ترانو ڳايو.
1891ع ۾ سينٽ پيٽرز برگ مان قانون جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سڀني ڪمن ۾ ٻين شاگردن کان وڌيڪ مارڪون کنيائين، 1892ع ۾ هو سمارا جي هڪ بار جو ميمبر بنجي پريڪٽس ڪرڻ لڳو، پر ان دوران هن جو گهڻو وقت مارڪسي فلسفي جي مطالعي ۾ گذرندو هو، هو مارڪسي مطالعاتي گروپن ۾ شريڪ ٿيندو هو، جيڪي ان وقت سمبارا ۾ مختلف هنڌن تي قائم هئا. انهن سڀني ۾ نارود ازم جو زور هو. ان زماني ۾ ولادي مير نارود ازم جي علمبردارن کان سندن فلسفو سمجهيو ۽ ان فڪر جي غير سائنسي بنيادن کي وائکو ڪرڻ شروع ڪيو. ان زماني ۾ هن “ڪميونسٽ پڌرنامي” جو جرمنيءَ مان روسي زبان ۾ ترجمو ڪيو.
سمارا ۾ رهڻ دوران هن پهريون مارڪسي سرڪل قائم ڪيو، جنهن ۾ “سرمايو”، انگلستان جي پورهيتن جي حالت ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيا ويندا هئا. ان زماني ۾ نوجوان ولادي مير مارڪسي نظريي تي وڌ ۾ وڌ عبور حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ نارود ازم جي مخالف ۾ سندس پهرين نظرياتي لکڻي “هارين جي زندگيءَ ۾ نيون معاشي تبديليون” هئي، جنهن ۾ هن ٻُڌايو هو ته هن وقت روس ۾ نه فقط سرمائيداري ترقي ڪري رهي آهي، پر هاري به ڪيترن طبقن م ورڇجي رهيا آهن، تنهنڪري امير، غريب ۽ بي زمين هارين جو فرق به پڌرو ٿي رهيو آهي. ان حقيقت جي ظاهر ٿيندي ئي نارود ازم جو اهو جادو ٽٽو، جيڪو هارين جي انقلابي ڪردار جي چوڌاري هڪ دلفريب رومانوي دائري جي شڪل ۾ موجود هو. ان ئي زماني ۾ لينن جي فيڊوسيوف سان لکپڙهه ٿي، جيڪو ان وقت نظربند هو. ڪازان ۽ سمارا جي رهائش جو زمانو ولادي مير جي ذهني ارتقا ۽ انقلابي شعور جي تڪميل ۽ پختگيءَ جو زمانو هو. ان دور مان گذري هو هڪ مارڪسي نوجوان بدران روس جي انقلابي پرولتاريه جو اڳواڻ ۽ ولادي مير اوليانوف بدران “ڪامريڊ لينن” بنجي ويو. ايندڙ صفحن ۾ اسين ان ئي ‘لينن’ جي زندگيءَ جو عڪس پيش ڪنداسين، جيڪو نه رڳو روس پر سڄي دنيا جي انقلابي پرولتاريه جو اڳواڻ هو.
*