3. ٽيون حصو
29 جنوريءَ 1900ع تي لينن جي جلاوطنيءَ جو خاتمو ٿيو ۽ هو پنهنجي جيون ساٿڻ سميت شوشينسڪو مان ٻاهر نڪتو ئي هو جو زار جي حڪومت مٿس ماسڪو، سينٽ پيٽرزبرگ يا ٻي ڪنهن صنعتي علائقي ۾رهائش تي پابندي وجهي ڇڏي، تنهن ڪري هو ‘پيٽرزبرگ’ جي ويجهو ‘پسڪوف’ نالي هڪ ڳوٺ ۾ وڃي رهيو. اُتي هن اخبار ڪڍڻ جي رٿا تي ڪم شروع ڪيو، پر زار شاهي هن کي ملڪ ۾ رهڻ ۽ کيس ڪم ڪرڻ جي ڇوٽ ڏيڻ لاءِ تيار بلڪل تيار نه هئي، ان ڪري هن محسوس ڪيو ته روس ۾ رهي مزدور طبقي جي ترجمان اخبار شايع ڪرڻ ممڪن ڪونهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جرمني هليو ويو، جتان جولاءِ 1900ع ۾ ‘اسڪرا’ يعني ‘چڻنگ’ اخبار جاري ڪيائين. هيءَ اخبار روس جي انقلابي گروپن وسيلي سمگلنگ ٿي پهچندي هئي. 1902ع ۾ لينن ۽ اخبار جو عملو پهرين لنڊن ۽ پوءِ جينوا منتقل ٿي ويو ۽ اهڙي طرح اخبار ڪڍڻ جو ڪم جاري رهيو. ‘اسڪرا’ هڪ پارٽي ترجمان ئي نه بلڪ پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم وسيلو ثابت ٿيو لينن جا مضمون به هن اخبار ۾ ڇپجندا رهيا هئا، ان زماني ۾ لينن پارٽيءَ جي زرعي پاليسيءَ تي به ڪم شروع ڪري ڏنو، جيئن اُهو پارٽيءَ جي ٻي ڪانگريس ۾ پيش ڪري سگهجي. سندس ڪتاب (To the Rural poor) ‘ڳوٺاڻا غريب’ ان ڪوشش جي ڪڙي آهي. ان ڪتاب ۾ نه رڳو لينن پنهنجي پارٽي جو عمومي پروگرام پيش ڪيو آهي، بلڪ هُن اها ڳالهه به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڳوٺاڻي غريب طبقي يعني هاريءَ کي مزدورن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ۾ حصو وٺڻ کپي. هو لکي ٿو ته:
“اسين هڪ نئون ۽ بهترين سماجي نظام قائم ڪرڻ گهرون ٿا، جنهن ۾ امير ۽ غريب جو ويڇو نه هئڻ گهرجي. پر هر هڪ کي محنت ڪرڻ کپي۽ گڏيل محنت جو ڦل مُٺ جيترن امير ماڻهن بدران سڀني محنت ڪندڙ ماڻهن ۾ هڪجهڙو ورهائڻ کپي. مشينن ۽ جديد پيداواري اوزارن جو مقصد محنت کي سولو بنائڻ هجي نه ڪي هزارن ۽ لکن ماڻهن جي غربت ۽ پريشانيءَ جي قيمت تي ڪجهه مُٺ جيترا ماڻهو امير ٿي وڃن ۽ مزا ماڻيندا رهن. اهڙو نظام ‘سوشلسٽ’ نظام سڏبو آهي ۽ ان جي تعليم سوشلزم جي نالي سان سڏبي آهي.”
“نيٺ ڇا ڪجي؟” 1902ع ۾ عوام آڏو آيو، هي ڪتاب مارڪسي پارٽيءَ جي قيام جي حڪمت عمليءَ ۽ ان جي طريقي ڪار تي ٻڌل آهي، هن ڪتاب مان پتو پوي ٿو ته لينن جي ذهن ۾ ٻين ڪميونسٽ انٽرنيشنل پارٽين کان بلڪل مختلف قسم جي پارٽي ٺاهڻ جو منصوبو هو، مزدورن جي هڪ اهڙي پارٽي جيڪا ان طبقي جي اڳواڻي ڪري زار شاهيءَ جي ظلمن ۽ سرمائيداريءَ جو خاتمو ڪري. مزدور طبقي جي اڳواڻيءَ جو فرض اد اڪرڻ لاءِ ان طبقي کي مارڪسزم جي انقلابي فڪر سان هٿيار بند ڪرڻ پارٽيءَ جي لاءِ ضروري هو ته جيئن تحريڪ ۾ سوشلسٽ شعور پيدا ٿي سگهي.
“انقلابي فڪر کانسواءِ ڪا به انقلابي تحريڪ هلي نه ٿي سگهي.” هُن زور ڏيندي چيو.
هو پارٽيءَ جي ٻي ڪانگريس جي تيارين ۾ رڌل هو، پارٽيءَ جي تنظيمي عمل جو دستور، ڪانگريس جي تنظيمي رٿا ۽ ان ۾ پيش ٿيندڙ قراردادون، انهن سڀني جي جوڙجڪ ۾ هن ڀرپور حصو ورتو.
ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪن موقع پرستن ۽ غير مستقل مزاج انقلابين کانسواءِ جن لينن جي پيش ڪيل پروگرام سان اختلاف ڪيو، پر عملي طور تي گهڻائيءَ ان پروگرام سان سهمت ٿي. ان پروگرام جو سڀ کان اهم نڪتو هي هو ته ان ۾ مزدور طبقي جي آمريت جي قيام کي پارٽيءَ جو اصل مقصد بنايو ويو هو. پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽي ۽ اخبار ‘اسڪرا’ جي ادارتي بورڊ جي چونڊن ۾ لينن جي حامين جي گهڻائي چونڊجي ويئي. روسي زبان ۾ اڪثريت کي “بالشويڪ” سڏبو آهي، تنهن ڪري ان کانپوءِ لينن ۽ سندس هم خيال “بالشويڪ” جي نالي سان مشهور ٿيا. ان جي مقابلي ۾ اقليتي گروهه جو نالو “منشويڪ” مشهور ٿي ويو.
مختصر، اهو ته پارٽيءَ جي ٻي ڪانگريس هڪ بلڪل نئين شڪل جي انقلابي پارٽيءَ کي جنم ڏنو. لينن جو ڪتاب “هڪ قدم اڳيان، ٻه قدم پويان.” ان صورتحال تي بحث ڪري ٿو، جيڪا منشويڪن جي حڪمت عمليءَ جي ڪري پيدا ٿي هئي.
ٻي ڪانگريس کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين “بالشويڪن” ۽ “منشويڪن” ۾ ڇڪتاڻ جاري رهي. منشويڪن جي ڪوشش اِها هئي ته پارٽي هڪ موقعي پرستيءَ واري حڪمت عملي اختيار ڪري، پر لينن جي اڳواڻيءَ ۾ بالشويڪن هنن جي اِها ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي. پارٽين جي ڪميٽين کي هدايتون ۽ اڳواڻي سڌو سنئون لينن وٽان ملنديون هيون ۽ هر گهڙي تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ نئين حڪمت عملي، عمل جي نئين راهه ۽ نئون طريقو سڀني کي واضح ڪرڻ ۾ لينن جو مشورو شامل هوندو هو. پارٽيءَ جون ڪانگريسون ڪوٺائڻ ۽ انهن جي تيارين ۾ به لينن اڳڀرو رهندو هو.
1905ع جي ٽين ڪانگريس، 1906ع جي چوٿين ڪانگريس ۽ 1907ع جي پنجين ڪانگريس جون رپورٽون هُن ئي تيار ڪيون، انهن سڀني رپورٽن ۾ لينن پورهيتن جي عظيم پارٽيءَ کي انهن اختلافن کان واقف ڪيو، جيڪي منشويڪن ۽ بالشويڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيا هئا. ان زماني ۾ لکيل مقالي “جمهوري انقلاب ۾ سماجي جمهوريت پسندن جون ٻه راهون” ۾ لينن پارٽيءَ جي حڪمت عمليءَ کي بحث جو موضوع بنائيندي ڪيترن ئي نون مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. مثلاً: هڪ عبوري انقلابي حڪومت جو قيام ۽ سماجي جمهوريت پسندن جو ان سلسلي ۾ رويو. پرولتاريه ۽ هارين جي انقلابي جمهوري آمريت جو قيام، ۽ ان جون ذميواريون، هٿياربند بغاوت جون تياريون، زرعي جاگيرن جي ضبطگي ۽ زمين جو قومي ملڪيت ۾ وٺڻ وغيره. ان دوران روس جي تاريخ ۾ هڪ بيحد اهم واقعو ٿيو، اهو 1905ع جو ناڪام انقلاب هو، ان انقلاب جي باري ۾ لينن ۽ ٻين بالشويڪن جي راءِ هيءَ هئي ته جنوري 1905ع جي انقلابي جدوجهد بورزوا جمهوري انقلاب جي جدوجهد هئي. ان جو مقصد جاگيرداريءَ جي پراڻي ڍانچي کي ختم ڪرڻ، زار شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪرڻ جمهوري آزاديون حاصل ڪرڻ هو. تنهنڪري ان جي شروعات ٿيندي ئي هو ان جي اڳواڻيءَ جي لاءِ سينٽ پيٽرزبرگ پهتو. لينن پهريون مارڪسي هو، جنهن سامراجيت جي دور ۾ بورزوا جمهوري انقلاب جي اثرن ۽ سببن جو تجزيو ڪيو ۽ ان جي ممڪن نتيجن جو تعين ڪيو. سندس راءِ هئي ته بورزوا انقلاب جي ڪاميابي پرولتاريه جي حق ۾ وڃي ٿي، ڇو ته ان جي نتيجي ۾ سوشلزم جي جدوجهد جو اُڀار اُڀري سامهون آيو ۽ سولوٿيندو پيو وڃي، هو ان نتيجي تي پهتو ته پرولتاري طبقو ئي اهو طبقو آهي، جنهن کي انقلاب جي اصل محرڪ قوت ۽ اڳواڻ بنجڻو آهي ۽ هاري جيڪي جاگيردان کان زمين ڦرڻ ۽ زار شاهيءَ جو خاتمو ڪرڻ چاهين ٿا، سي انقلابي عمل ۾ مزدورن جا بهترين ٻانهن ٻيلي بنجي سگهن ٿا. تنهنڪري انقلاب جي اُمڪان جو دارومدارو انهن ٻنهي جي عملي رويي تي آهي. جيستائين روس جي بورزوا طبقي جو تعلق آهي ته هو زار شاهيءَ جي حق ۾ هو ۽ پنهنجي طبقاتي ڪردار سبب انقلابي نه ٿي پي سگهيو. ضرورت اُن ڳالهه جي هئي ته ان طبقي کي عوام کان بلڪل الڳ ٿلڳ ڪري، ان جي اصليت کي بي نقاب ڪيو وڃي. جيستائين 1905ع جي انقلاب جي محرڪ قوت جو تعلق آهي ته لينن جي خيال ۾ ان جي محرڪ عوامي قوت ۽ ان جي جدوجهد جو طريقو پرولتاري هو، ڇو ته ان جي اڳواڻي مزدور طبقو ڪري رهيو هو ۽ هاري ان جو ٻانهن ٻيلي هو، پر ان جي باوجود به انقلاب ناڪام رهيو، البت ان انقلاب جي تجربي ۽ ان جي لاءِ مزدورن جي سورهيائيءَ واري جدوجهد ايندڙ انقلاب ۾ بالشويڪن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪيتريون ئي راهون آسان ڪري ڇڏيون.
انقلاب جي ناڪاميءَ کان پوءِ لينن کي ٻيهر روس ڇڏڻو پيو، پهرين هو جنيوا آيو ۽ پوءِ پئرس ۾ اچي رهيو، انقلاب جي ناڪامي هن جي عزم ۽ ارادي کي لوڏي نه سگهي، پر هُن ان ناڪاميءَ جي سببن، خامين ۽ کوٽن جو تجزيو ڪيو ۽ ان تجزيي جي روشنيءَ ۾ هن پنهنجي پارٽيءَ جي تنظيم ڪئي ته جيئن ايندڙ انقلاب جي امڪانن جي جاءِ پيداڪري سگهجي، کيس يقين هو ته اِها شسڪست عارضي آهي، ۽ ظلم ۽ ڏاڍ تي نيٺ عوام سوڀارو ٿيڻو آهي.
*