هي ڪتاب “لينن : جنهن تقديرون مٽايون” نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ پاران ترجمو ڪيو ويو آهي.
لينن جنهن لفظي طرح نه پر عملي طرح انسان ذات جي تاريخ ۾ هڪ نئين دؤر جي شروعات ڪئي ۽ انساني تاريخ جي قافلي کي سندس گَسن کان واقف ڪيو، جنهن جي ڳولا ۾ وقت جي پيچري تي صدين کان ڌوڙ اُڏي رهي هئي. انسانن جو اهو هڏ ڏوکي روس جي اشتراڪي انقلاب جو قائد ۽ سڄي دنيا جي پورهيتن ۽ مزدورن جو استاد ۽ اڳواڻ ولادي ميرايليچ اوليانوف (لينن) هو.
آگسٽ 1892ع ۾ لينن سمارا کان سينٽ پيٽرز برگ آيو جتي هو سماجي جمهوريت پسند شاگردن ۽ باشعور مزدورن جي هڪ سرڪل سان لاڳاپجي ويو، ان سرڪل ۾ آئي وسي بابوبينڪن به شامل هو. ان زماني ۾ به هن نارود ازم تي تنقيد جو سلسلو جاري رکيو ۽ هڪ ڪتاب ‘عوام دوست ڪير آهن ۽ اهي سماجي جمهوريت پسندن سان ڪيئن ٿا وڙهن؟’ لکيو. هي ڪتاب روس جي پرولتاريه جي انقلابي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ان جي تاريخي ڪردار جي چٽائي ۽ نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو ايندڙ دور ۾ ان طبقي کي سماج جي اڳواڻ انقلابي قوت طور ادا ڪرڻو هو. تنهن کان هڪدم پوءِ هن قانوني مارڪسٽن ۽ نارودنڪ مفڪرن جي فڪر تي تنقيد ‘نارود ازم’ جو معاشي ڍانچو ۽ مسٽر اسٽور جي ڪتاب ۾ ‘ان تي تنقيد’ لکيو. هي ڪتاب نارود ازم کان علاوه نارود ازم جي انهن نقادن تي به تنقيد ڪري ٿو، جيڪي جاگيرداريءَ جي مقابلي ۾ سرمائيداريءَ جي ترقي پسندانه ڪردار تي زور ڏيندي ان حقيقت کي نظرانداز ڪريو ٿا ڇڏين ته سرمائيداري هوريان هوريان پنهنجي ترقي پسند ڪردار کان محروم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ان جي بقا سماج جي ارتقا ۾ هڪ رڪاوٽ بنجندي پئي وڃي. ان ڪتاب ۾ اِها حقيقت به وائکي ڪئي ويئي آهي ته قانوني مارڪسيت بورزوا آزاد خياليءَ کان ڪنهن به طرح منفرد ڪونهي ۽ جاگيرداري جي مقابلي ۾ سرمائيداريءَ جي ترقي پسند ڪردار تي زور ڏيڻ محض بورزوا آزاد خيالن جي طبقاتي ڪردار جو نتيجو آهي، جيڪو مارڪسزم جي هام هڻڻ جي باوجود سرمائيداري نظام کي قائم رکڻ جو خواهشمند آهي. پنهنجي طبقي جي بچاءُ ڪرڻ جي خواهش هيٺ هو مارڪس جي لکڻين کي سندس اصليت کان ڌار ڪري پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪرڻ کي ڪنهن به طرح خراب نه ٿا سمجهن. البت نارواد ازم جي مقابلي ۾ قانوني مارڪسين سان سهڪار کي لينن رد نه ڪيو ۽ نارواد ازم کي نظرياتي شڪست ڏنائين. اڳتي هلي لينن اُن سهڪار جي باري ۾ لکي ٿو ته: “فقط اهي ماڻهو ٻين سان سهڪار کان گهٻرائين ٿا، جيڪي پنهنجو پاڻ تي به ڀروسو نه ٿا ڪن، نه ته ڪا به سياسي جماعت اهڙن ٺاهن کانسواءِ جيئري رهي نه ٿي سگهي.” ايندڙ وقت لينن جي زندگيءَ ۾ ڀرپور سياسي مصروفيت جو زمانو هو، هو مزدورن ۾ انقلابي نظرين جي آبياري ڪندو رهيو، هن سولي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ زبان ۾ کليل لفظن ۾ ٻُڌايو ته روس جو مزدور طبقو پنهنجي حقن کان بلڪل محروم آهي، هو سرمائيدارن جي ڦرلٽ جو شڪار آهي ۽ غريب ۽ بدحاليءَ جي نه ختم ٿيندڙ ڪُنَ ۾ ڦاٿل آهن. پنهنجي محنت ۽ قابليت جي ڪري هو “سينٽ پيٽرز برگ” جي “مارڪسي سرڪل” جو اڳواڻ بنجي ويو، هن جو علم ڪتابي نه پر عملي هو ۽ هن جون تنظيمي صلاحيتون لاثاني هيون. اهو ئي سبب آهي جو هن 1895ع ۾ سينٽ پيٽرزبرگ جي سڀني مارڪسي سرڪلن کي ڪاميابي سان هڪ تنظيم جي لڙيءَ ۾ ڳنڍي ڇڏيو ۽ ائين “پورهيتن کي آزاديءَ ڏيارڻ جي جدوجهد جي تنظيم” وجود ۾ آئي، هيءُ اها ئي تنظيم هئي جنهن جي ڪُک مان اڳتي هلي روس جي پورهيتن جي مارڪسي پارٽي جنم وٺڻ واري هئي. هن تنظيم کي ٺهندي، اڃا ٿورو وقت مس ٿيو هو جو ان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ لينن به شامل هو. گرفتار ڪرڻ کانپوءِ چوڏهن مهينن تائين هن کي “سينٽ پيٽرزبرگ” جي جيل ۾ قيد تنهائيءَ ۾ رکيو ويو، اهو سمورو وقت لينن لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريو، ۽ پوءِ ڪيترا ڪتابڙا جيل جي سيخن مان سمگلنگ ٿي ٻاهر پهتا ۽ مزدورن جي حلقن ۽ تنظيم ۾ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان پڙهيا ويندا هئا.
*